سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :2

ڪشنچند ”بيوس“

 

پکيءَ جي پڪار

 

تازو تـَري اچي ٿو دل تي اُهو زمانو،

جنهن ۾ اَڏيو اَجهو مون، آزاد آشيانو،

لامُن تي لوڏَ منهنجي، شاخن تي شادمانو،

غُنچن گـُلن ڦـُلن تي، منهنجو هو خاص گانو،

موجود ۽ مُيسر هو سيرُ آسماني،

چهري تي ٿي خوشيءَ جي نروار ٿِي نشاني.

 

سهڻو صبح سَمو مون گلزار ۾ گذاريو،

مُکڙين کي هير ايندي ٿي ننڊ مان اُٿاريو،

نازڪ گلن ڦلن کي مُنهن ماڪ ٿي ڌئاريو،

ڌرتيءَ جي فرش کي ٿي سبزيءَ کُلي سنواريو،

منهنجو اٿڻ، اڏڻ هو پنهنجي وڏي ولر سان،

خوش هوس پنهنجي پر ۾ گَد گَد گذاري گهر سان.

 

ڪافي، قوت منهنجو ٿورن ڪچن ڪڻن تي،

آزاد ٿي وڃي جي ويهي رهان وڻن تي،

چوڳي لئه چهنب منهنجي شايد پوي مڻن تي،

خوراڪ آهه خاصي گهاٽن ڇُڳن گهڻن تي،

وٺندو وتان خوشيءَ سان مٺڙي هوا چمن جي،

مون کي پَڻي پياري پنهنجي پرين وطن جي.

 

وڇڙي وطن وَلَر کان هي حال ٿي رهيو آ،

دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو آ،

جيڪس هي جسم جنسي بي جان جي رهيو آ،

هيڻن هڏن بنا ٻيو باقي نه ڪي رهيو آ،

پڃري جو پيد مون لئه موجن جو ماڳ ناهي،

هيءَ دانهن آهي دردي، آلاپ راڳ ناهي.

 

آجو رهي ٿو ماري ڪيئن پاڻ موج ماڻي،

ليڪن نه مون پکيءَ تي ٿو ترس ڪو به آڻي،

آزاد جنهن گذاريو سو قيد مان نه ڄاڻي،

بانديءَ جي حال دل جو باندي رڳو پڇائي،

آزاد مون کي ڪر تون او قيد ڪندڙ سائين!

مون بي زبان جي ”بيوس“ آسيس کٽ سدا ئين!

��

 

جِڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جوٺا ڏٺا جيڏيين،

کِلَن سڀ مَٿام، ساهيڙيون ۽ سَرَتيون.

 

ٿِڙڪي، پسِي ٿوُڪ، تِرِڪي، تَڪَبر ۾ پئي،

اَچئو اَچئو، ”آڳلي“، چئي ليلا کي لوڪ ُ،

اَندَرُ اوڀالن سين، ساڙي ڪيانُئسِ سوڪ ُ،

ٻالان پَڻَ جو ٻوڪ ُ، وئو ويچاري وِسَرِي.

 

هُيسِ هندورن ۾، پييم ڪانه پَروُڙ،

مڻيي سندي مامري، ڪوجهي وڌيس ڪـُوڙَ،

سامُها ٿيم سـُورَ، وِئو وِلُٽِي وَلَهو!

(شاهه)

��

 

شاعري

 

”جيڪا قوم پنهنجي شاعرن کي پوري ٻـُڌڻ لاءِ تيار نه آهي، سا نه فقط ڪنن کان ٻوڙي آهي، پر خود سندس زندگي عظيم خطري ۾ آهي. ڪوئل جي ”ڪوڪو“ برابر اُن جي گذري وڃڻ کان پوءِ به فضائن ۾ گونجندي رهندي آهي، پر جيڪو روحاني امنگ اسان کي اها ”ڪوڪو“ ٻڌرائي ٿو، ان جي سهاري ته اسين جيون ٿا! پوءِ، دلين ۾ اهو امنگ مري ويو ته زندگي موت سمان نه ٿي ته ٻيو ڇا ٿيو؟“

    (گمنام)

 

بيت

 

شيخ اياز

جاڳ ڀٽائي گهوٽَ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،

مَرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ:

اَچُ ته تنهنجي اوٽَ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون.

 ڏيهي پرڏيهي ٿيا، پرڏيهي ڏيهي،

آيا گهر ۾ اوپرا، نڪري ويا نيهي،

پراوا پيهي، والاري ويا سنڌڙي.

جيئون تنهنجي جند سان، مرون توسان ماءُ!

ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ!

ڄرڪن پيون ڄندڙيون، تن من آهي تاءُ،

لونءَ لونءَ منجهه لڳاءُ، سڀ کي آ ساڻيهه جو.

 

لطف الله بدوي

رندن جي ياد

مهيسر جي مٽ تي، لڳي ڌم ڌمال،

سڏي ٿو سورهين کي، ڪيفي مرد ڪلال،

هليا اچو مَند تي، هتي قرب ڪمال،

ڇڏي قيل مقال، حاصل ڪيو حال کي.

وَٽي وِهه گاڏئين، ٿو ساقي وراهي،

آهي ڪو آهي، جوڏيئي سر سودو ڪري!

ويا سي سرويچ، جن سودو ڪيو ٿي سچ جو،

انهن ڀيڻين سُڃ ٿي، اڄ مرد نه لڀي ڪو،

راتيان ڏينهان رو، ساري سورهيه مرد سي!

ماڻهو انهيءَ ساٿ جا، مُئا مرد مٿير،

انهن واٽهڙين جا، اڄ به سَرها سَير،

دانَهَه ۽ دلير، آجا هئا اَير کان.

تن سامين سڳورن سان، هو سدا ”سنڌ“ سڀاڳ ُ،

اَڌوتن اندر ۾، هُئو و رهه جو ويراڳ ُ،

ڏنو ٿي منگتن کي، تن لائق ڀريو لاڳ ُ،

پلئه تنهن جي آهه پيو، اچي ڏک ڏهاڳ ُ،

محبت وارن ماڳُ، الا اڄ نه لڀي هڪڙو!

 

ميوو خان ”موج“ لغاري

پروڪا پيرون

 

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي اباڻا،

آهن اباڻن جا، ٿرن ۾ ٿاڻا،

ڀٽن تي ڀاڻا، ونهين ويڙهيچن جا.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي سڄڻ سيڻ،

ڪين ڪٽينديس ڪوٽ ۾، من نه منهنجو ميڻ،

ڀائو ڀانئج ڀيڻ، مدي رک نه من ۾.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي سيڻ سڄڻ،

راتو ڏينهان روح ۾، ويڙهيچا ۽ وڻ،

جهانگيئڙا ۽ جهڻ، ڪڏهن وسرن ڪينڪي.

 

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي منهنجا مِٽَ،

پنهنواريون پهريو پَوَن، ٻڪرارن سان ٻِٽ،

ڀٽاريون ۽ ڀٽ، ڪڏهن وسرن ڪينڪي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي رس رهاڻ،

وسنهن کي ويجها ڪيا، ويڙهيچن وٿاڻ،

ڀٽاريون ۽ ڀاڻ، ڪڏهن وسرن ڪينڪي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي ڍاٽي ڍول،

ڪوٽين رهنديس ڪينڪي، ڀڃي ڇڏ سي ڀول،

ٻاروتڻ کان ٻول، منهنجا ماروئڙن سين.

جتي پر پيرون هئا، اڄ منهنجا ات مارو،

پهرائين پرهه جو، پٽ ۾ بهارو،

وچين جو وارو، ويڙهيچا وٿاڻ ڏي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي مارو مور،

ڪڏهن وسرن ڪينڪي، اباڻا اتور،

هردم هينئين هور، مون کي ماروئڙن جي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اُتي مارو مير،

ڪن ڪچهريون پاڻ ۾، ويڙهيچا سي وير،

ويٺي پوڄان پير، ملان ماروئڙن کي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي مارن ماڳ،

کائن کاڄ خوشيءَ مان، سانگي سنڱر ساڳ،

واري منهنجي واڳ، مولا ملڪ ملير ڏي.

 

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي ڏونرا ڏٿ،

سڪا وڻ ساوا ٿيا، موريا ٻوڙا ٻٿ،

الله ڪارڻ اٿ، ڪڍ بندياڻي بند مان.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي ڏٿ ڏؤنرا،

ماڙيچون ميڙين ٿيون، چاهه منجهان چؤنرا،

کائن ڌڱ ڌؤنرا، ويڙهيچا ولهار ۾.

جتي پر پيرون هئا، اڄ پڪا اُت پيرون،

لڳو واءُ واهوند جو، ٻهڪن ٿيون ٻيرون،

ڇنن ۾ ڇيرون، وڄن ويڙهيچن جون.

جتي پر پيرون هئا، اڄ آهن پيرون اُت،

لڳو واءُ واهوند جو، روح ريجهائي رُت،

وڏي مان مهت، موڪل ڏي موٽي وڃان.

جتي پر پيرون هئا، اڄ وڳي ات واهوند،

بر ۾ بهاريون ڪيون، برسيءَ برسيءَ بوند،

هاڻي گهڙي هوند، هتي هڏ نه گهاريان!

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي ساوا سِڻ،

مندائتي مينهن جا، آهن ٽاڻا ٽڻ،

راجا ڪري رڻ، کڻي آئين کوهه تان!

 

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي لس لاڻا،

پڪا، پيرون جام ٿيا، ماڳين منڌاڻا،

وتن وڳاڻا، مون ري مارو ماڳ ۾.

 

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي لاڻا لس،

کِنوَن پيون کنوڻيون، ٿي ويڙهيچن تي وَس،

ڪن رهاڻيون رس، ماڙيچا ملير ۾.

جتي پر پيرون هئا، اڄ آهن اتي ٻير،

موڪل ڏي موٽي وڃان، ڪوٽن گهاري ڪير،

عمر اير نه ڀير، منهنجو محلاتن سين.

جتي پر پيرون هئا، اڄ آهن اتي گاهه،

بدن منهنجو بند ۾، ٿيو پَچي رَجهي پاهه،

عمر مون کي آهه، اڻ تُڻ اباڻن جي.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي ڳم ڳنڍير،

مون جيڏيون ملير ۾، کليو پيئن کير،

ويٺي واهيان نير، سرتين خاطر سومرا.

جتي پر پيرون هئا، اڄ  اتي ٻڪر ٻيڪ،

ڌرارن ڌڻ ڇيڙيا، ڇنن پاسي ڇيڪ،

هاڻي گهڙي هيڪ، هتي هڏ نه گهاريان.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي ڌڻ ڌرار،

وٺا مينهن مندائتا، ڪڪر ڪارونڀار،

سٻاجها ستار، ڪاٽين ڪڙا ڪوٽ جا.

جتي پر پيرون هئا، اڄ اتي مارن مال،

وٺا مينهن مندائتا، لٿا قحط ڪال،

سانگيئڙن سان شال، کلي کاهڙ ۾ ملان!


 

پير شاهنواز عارف الموليٰ

سرتيون منهنجي ساهه ۾، گوندر ڪا گلزار،

کستوري خوشبوءِ جي، هِردي ٿي هٻڪار،

خزان منجهان کلي پئي، بيشڪ بوءِ بهار،

مهر ڪئي منٺار، شائق ”شاهنواز“ تي.

سرتيون منهنجي ساهه ۾، گوندر ڪيڙا گل،

سرسي تن سرهاڻ ڪئي، ڦلاريا سَوَ ڦـُل،

هليا حـُسن حبيب جا، هر هنڌ هاڪون هـُل،

”عارف“ کي اَمـُل، مليا محبوبن وٽان.

ناسيندي ئي نيڻ پهرين کڻج پرينءَ ڏي،

سڄڻ سٻاجها گهڻو، سهڻا منهنجا سيڻ،

وڻن وه وا ويڻ، ”عارف“ عجيبن جا.

 

امداد عباس ”فدا“ قادري

راتيون روئي سرتيون، سڪندي سج ويا،

اڇائين اکين مان، لرزي لڙڪ لڙيا،

ڪيئن وساريان سي پرين، جي اچي چت چڙهيا،

گوندر گس گهڙيا، ”فدا“ منجهه فراق جا.

اکيون رت روئن، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي،

اُداسي عجيب جون، ٻيءَ پر ڪين پسن،

هئي هئي پنهنجي حالَ تي، وارا ڪيو وسن،

”فدا“ ڦٽ فراق جا، سوين سوُر سهن،

ڪُٺيون ڪين ڪڇن، پاريندي پريتڻون.

برهه بکارڻ آهيان، سک ٿي سمهان ڪيئن؟

سڪ سمهڻ ڇا لڳي، ننڊ وڃائي نينهن،

تاڙو تنواري تيئن، ”فدا“ ائين فراق ۾.

سڄڻ سلامت هون، جُڳان جُڳِ جيئن،

اکين اُڃايون ارتيون، ڦڙا رت رئن،

پلپل پور پونِ ”فدا“ پنهنجي پرينءَ جا.

 

اسدالله شاهه ”اسد“

ساريم ساري رات، اديون عجيب کي،

ريءَ پچار، پرين جي، وائي نه هيڙم وات،

لنوي شل ڪا لات، ڪانگو قريبن جي.

الله اچي شال، ڪانگو قريبن جو،

سوين ٿيڙم سال، ساري پرين کي.

رڙهان ۽ روئان، ساجن تو ساري،

اچان شال ”اسد“ چئي، اهنجي اوتاري،

ماريو ٿو ماري، وِرهه تنهنجو ولِـَها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com