سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :6

نظم

”تنوير“ عباسي

موهن جودڙو

 

اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان!

تنهنجي ويرانيءَ ۾، چؤ ايڏي ڪشش آئي ڪٿان؟

تنهنجي برباديءَ تان صدقي، تنهنجي مٽجڻ تان نثار!

تنهنجي بربادي ئي ٿي وئي آهه تنهنجو يادگار-

تنهنجون هي ويران ۽ساڪت گهٽيون، هي رَکَ جا ڍير،

دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير-

بي ڪفن مُردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري،

جنهن ڏني آ سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگي!

تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻا ئي انقلاب،

تنهنجي سيني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب:

تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين،

سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين-

۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهي،

پنهنجي ماضيءَ جي بلنديءَ ڏي وري ايندي رهي،

قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا،

سنڌ جي گلشن ۾ ڪيئي گل نوان کلندا رهيا،

۽ وري ”مهراڻ“ جي مَي ساڻ پـُر پيالا ٿيا،

هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا،

اوچتو ئي اوچتو توکي هي ڪهڙو پور پيو،

جو کڻي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن ڏٺو!

تنهنجي اکين جي انهن ويرانين جو هو اثر،

جو ويا برباد ٿي پل ۾ سوين آباد گهر-

ٿي اکئين سڀڪنهن ڏٺو منزل هئي پنهنجي قريب،

اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب-

وقت جا طوفان اُڪري پنهنجو ٻيڙو پار ٿيو،

پر ڪناري تي اچي ٽڪرائجي پـُرزا ٿيو!

ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا،

خواب هئا، جيڪي ترقيءَ جا، پريشان ٿي ويا:

ڪلهه ڪچهرين جو لڳل رهندو هئو جت چهچٽو،

موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو،

وقت جي ڦيري، هنن باغن کي ڦيري بر ڪيو،

ڪالهه هئا جت هنج، اڄ ڪانوَن اتي آ گهر ڪيو،

هي ڊٺل جايون، ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي،

هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي،

تنهنجي ويراني ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي،

سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي-

جيئن ٻڌون ٿا هاڻ تنهنجي لئه، ته ”تون ڀي ڪجهه هئين“،

وقت ايندو، سنڌ لئه شايد چيو ويندو ائين!

هان، مگر ڏسجي ٿو بس اميد جو هڪ ترورو،

جو هنن اونداهين کي نور ۾ بدلائيندو،

جي ذرو احساس ڀي پيدا اسان جي دل ۾ ٿئي،

فرق پو ڪوئي نه پنهنجي راهه ۽ منزل ۾ ٿئي،

قوم جي دل ۾ اگر ”تنوير“ قوميت اچي،

سنڌ، موهن جي دڙي بنجڻ کان پوءِ شايد بچي!

 

گو و رڌن محبوباڻي ”ڀارتي“ (اجمير)

 

هيءُ نظارو ڳوٺ جو!

 

شام ويلي، راتڙيءَ ۽ ڏينهن جي ڇڪتاڻ ۾،

جئن ٻڏي آڪاس ٿو لوهوُءَ سندي لالاڻ ۾،

تئن اچانڪ کوهه تي ناريون اچن ٿيون ناز سان،

هر طرف هٻڪار ڦهلائي، عجب انداز سان-

پلٽجي پل ۾ پوي ٿو، حسن سارو، ڳوٺ جو،

ڪنهن ڏٺو آهي اکين سان هيءُ نظارو ڳوٺ جو!

چيلهه تي چؤنري، مٿي تي آهه گها گهر يا گهڙو،

ڇير ڇمڪي پير ۾ ۽ مست منهن تي ٽهڪڙو،

خوب جوڀن جي خماري نرگسي نيڻن مٿان،

ناهه سُڌ، ڪيڏا ڪـُسي ويا تن نگاهن جي هٿان-

آهه تيرن کان تکو اهڙو اشارو، ڳوٺ جو:

ڪنهن ڏٺو آهي اکين سان هيءُ نظارو، ڳوٺ جو!

ناز سان نوڙيون کڻي، ٿيون ڏول گرڻين تي ڌرن،

مشڪندي ميٺاج سان، سي کوهه مان پاڻي ڀرن:

پينگههجان تن جي جواني، لوڏ کائي ٿي لُڏي،

۽ ڪمر جي لوچ ۾ جوڀن جي ڪوملنا ڪُڏي-

کوهه آهي ڄڻ بڻيو جمنا ڪنارو، ڳوٺ جو:

ڪنهن ڏٺو آهي اکين سان هيءُ نظارو، ڳوٺ جو!

آهه ڪيڏو رَسُ ڀريل چوڙين سندي جهنڪار ۾،

ڄڻ ته لرزش ٿي اچي ڪنهن سارنگيءَ جي تار ۾،

ڪئن لکان مان دلربائي، ڇير جي آواز جي؟

ٿي سگهي ٿي ڪين اهڙي دل ڪشي ڪنهن ساز جي-

ڪاش! مان بڻجي پوان ڪو شعر وارو، ڳوٺ جو:

ڪنهن ڏٺو آهي اکين سان هيءُ نظارو، ڳوٺ جو!

هاڻ هرڪا چيلهه سان گهاگهر لڳائي ٿي هلي،

ڇُلڪندڙ پاڻيءَ سبب ڇاتي پُسائي ٿي هلي،

دل اندر هر شخص جي هلچل مچائي ٿي هلي،

پاڻ کي چنچل نگاهن کان بچائي ٿي هلي-

هيج مان هر ڪا ڪندي هاڻي پسارو، ڳوٺ جو:

ڪنهن ڏٺو آهي اکين سان هيءُ نظارو، ڳوٺ جو!

 

نياز همايوني

”للڪار“

 

ٻڌو هي آواز، گوشِ دل سان، اسان هي ڪم ڪار ٿا ڪريون اڄ،

ڦُٽي وئي آ پرهه نئين جا، انهيءَ جو سينگار ٿا ڪريون اڄ،

چمن جي رونق، بهار جي خوبين، کي نروار ٿا ڪريون اڄ،

صبا جي رقص ۽ گلن جي رعنائين جو اظهار ٿا ڪريون اڄ،

خزان جي خطري ۽ شام جي غم کي مات، بيڪار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

ڪنواري آهي جا آس دل جي، سهاڳ ان جو بنائيون ٿا،

نڀاڳ آ جنهن نراڙ ۾ اڄ، سڀاڳ ان جو بنائيون ٿا،

بگاڙيل آهه جا به صورت، مُهاڳ ان جو بنائيون ٿا،

منجهائيل آههِ راهه جيڪا، وچاڳ ان جو بنائيون ٿا،

خوشي ۽ اميد جي سهاري، عجيب وستار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

زمانو، جنهن ۾ پيار جون ۽ وفا جون باتيون پـَرايون آهن،

قرار من جو، خوشي نظر جي  ۽ دل جون گهاتيون پـَرايون آهن،

بهار جا ڏينهڙا ۽ چانڊوڪين جون راتيون پـَرايون آهن،

مٺاس ماکيءَ جي، گل جي خوشبو، پکين جون لاتيون پرايون آهن،

انهيءَ کان آهي فرار اسان کي، انهيءَ تي ڦٽڪار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

حسين چهرا نقاب پائي، ڇو بيقراريءَ ۾ ٿا گذارين،

متين مشتاق نيڻ چائي، ڇو انتظاريءَ ۾ ٿا گذارين،

دلين جا رابيل، منهن لڪائي ڇو اشڪباريءَ ۾ ٿا گذارين،

فراق وارا، وصال آئي، ڇو آه و زاريءَ ۾ ٿا گذارين،

اسان جو احساس آههِ بيدار، ان تي ويچار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

خوشيءَ جي پردي ۾ غم ٿو جهلڪي، کلڻ ۾ آهي روئڻ جو ڀاڱو،

حياتي آ موت جي وڪڙ ۾، جيئڻ ۾ آهي مرڻ جو ڀاڱو،

اڳيان آ باهه ۽ پٺيان آ پاڻي، چُرڻ ۾ آهي چلڻ جو ڀاڱو،

مِٺي به ماٺ، اڄ ڪڇڻ ۾ آهي ڏُکڻ جو ڀاڱو،

هيءَ داوري اهر من جي ڇو آهِه، ان کي مسمار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

سوال چَپ تي اچي، ته ڪوئي خيال هڪدم ستائي ڇو ٿو؟

خوشيءَ جي پاسو وٺي، ته گَهرو ملال هڪدم ستائي ڇو ٿو؟

ڪماليت تي رسيا نه آهيون، زوال هڪدم ستائي ڇو ٿو؟

سماج هردم مُسائي ڇو ٿو، و بال هڪدم ستائي ڇو ٿو؟

رئارين ٿا جي رت اسان کي، انهن تي يلغار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

اسان کي اوندهه نه آهِه ڪم ۾، اسان کي چانڊاڻ گهربيل آهي،

بڻانس جا بودلا نه آهيون، مگر ڪا سُرهاڻ گهربيل آهي،

ڦڪا ٿيا آهيون ڦڪي مان، لذيذ لالاڻ گهربيل آهي،

اسان کي ميٺاڻ گهربيل آهي، اسان کي چهراڻ گهربيل آهي،

اجاڙي ويرانين جون وستيون، تيار گلزار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

هو بادل آيا، امنگ هرکيا، هوءَ بوند برسي، قرار اٿليا،

هو ياديون آيون، ڪي نغما اسريا، هو مستي آئي نگار اٿليا،

هو مکڙيون مرڪيون، پکين کي ڏاڍا خمار آيا، بهار اٿليا،

دلين دلين تي محبت اڀري، اکين اکين ۾ پيار اٿليا،

بنايون جهنگل ۾ ٿا ڪو منگل، مزي جي جهونگار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

امنگ شعر ۽ خيال اڀاريا، گهٽائون گهنگهور آيون آهن،

اميدَ، جوش ۽ جلال اڀاريا، فضائون چت چور آيون آهن،

خوشيءَ، جواب ۽ سوال اڀاريا، ادائون من مور آيون آهن،

سجاڳ ٿي من، لهڻ اسان جون مرادون پر گهرو آيون آهن،

لطيف پر ڪيف لمحا آيا، بسنت – گونجار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

اداس عشق ۽ نراس حسن اڄ ملڻ سان ٿيندا نوان ۽ تازا،

ادب جا رومان رنگ سڀ، زندگيءَ سان هوندا نوان ۽ تازا،

”نياز“ ۽ ناز جا ترانا زمانا ٻڌندا، نوان ۽ تازا،

اسان جو فن، ۽ اسان جون ڳالهيون، هميشه هوندا، نوان ۽ تازا،

فسانا سڀ دوستيءَ جا آهن، وفا جا اذڪار ٿا ڪريون اڄ:

-  اسان هيءَ للڪار ٿا ڪريون اڄ!

 

عبدالڪريم ”گدائي“

ڪجهه منهنجي به سڻ

گهٽجي من دل جي بيتابي،

ڀل رات ائين گذري پنهنجي ،

ڪر ماٺ نه مٺڙا، ڳالهيون ڪر،

سڀ دل جا بار لهي ويندا،

ٻيءَ وار ملڻ مشڪل ڏاڍو،

ڏس ڄاڻ اجهو هوءَ پرهه ڦٽي،

سنسار جي ڏک جي، ڳالهه نه ڪر،

تقدير پري ڀرڪي ويندي،

هيءَ زور ظلم جي اونداهي،

ڏس امن جي آهي باک ڦٽي،

ڏس تخت ڪريا! ڏس تاج لٿا،

جمهور جي قسمت آ جاڳي،

ڏس چين اٿيو! ڏس روس اٿيو!

ايران به آرس آهه ڀڳي!

انسان جي عظمت جي آڏو،

ڪنهن جي به نه هتڙي دال ڳري،

جمهور جي طوفان جي سامهون،

هٽلر جي نشاني ڪا نه ملي،

اڄ امن جي فوجن آهه ڪئي،

هيءَ فتح و ظفر جي آهه گهڙي،

انسان جي عظمت جي سامهون،

انسان جي عظمت لافاني.

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

دل هلڪي ٿيندي، ڳالهين سان،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

وڃ ڪين، گهَڙي اڌ ويهه سڄڻ،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

هيءَ رات، اسان جي پنهنجي آه،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

مهمان اٿئي هڪ ساعت جي،

ڪجهه پنهنجي به چئول، ڪجهه منهنجي به سڻ!

ڪهرام متا محلاتن ۾،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ،

ٽيونس ۽ ملايا موراڪو!

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

ايئورسٽ، هماليه، شرمندا،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

جو آيو سو اڏري ويندو،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

يلغار امن جي دشمن تي،

ڪجهه پنهنجي به چئو، ڪجهه منهنجي به سڻ!

آڪاش ۽ ڌرتي، ويچارا!

ڪجهه پنهنجي به، ڪجهه منهنجي به سڻ!

 

گوبند ڀاٽيه

 

ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل

ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل،

هردي ۾ ڄڻ آهي هلچل!

مان جهنگل جو رهواسي،

منگل ۾ ڀي مان نرواسي،

منهنجو جبلن تي استان اٽل- ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

منهنجي باغن منجهه سواري،

ڦول هُيا منهنجا پٽ- ڌاري،

منهنجو ساٿي سيتل بادل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

منهنجي نيلي نهر سهيلي،

لهرن واري جي البيلي،

منهنجو دلبر ساگر چنچل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

هيءُ سج، چنڊ، ستارن وارو،

منهنجو هوآڪاس پيارو،

منهنجي ڊونڊيءَ جو هو ساحل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

هي برساتي بوندون رم جهم،

منهنجو ٺارينديون هيون سڀ غم،

اندر – ڌنش، اوجل، دُک – نرمل- ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

هيءُ پکڙين جو اڏندڙ ميڙو،

مون کي ڀي ته اڏائيندو هو،

ڏيندو هو آنند اجهل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

ڪوتا جون خاموش ادائون،

ڦهلائي سي سنيه ڀـُڄائون،

ڏينديون هيون وسرام وصل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

ڪئين سنگيت سـُرن واريون،

پياريون تارو – رس ميه ڌارون،

جاڳائينديون هيون من مرجهل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

مون لئه پر اڄ ناهه بهاري،

مان ٿي پيو آهيان سنساري،

اُمنگن جي اڄ ناهه اُڇل – ڳوليان ٿو مان پاڻ وڃايل!

مان آهيان مرجهايل ڌمڪايل،

حاسد جڳ جو مان هيسايل،

هاڻي ٽوڙي ٻنڌن پر ٻل – ڳوليندس مان پاڻ وڃايل!

 

***

 

هاڻي ڀي ڪا دير نه آهي، گذرئي کي تون ڇڏ سهسائي،

سورج استن ويو ٿي، ليڪن، اڀرڻ جو انجام ٻڌائي!

 

عبدالقيوم ”صائب“

 

محسوسات

هِي عشق وڃي اڄ ڪيڏي ٿو؟

ڇا، حسن ڪا بازي کيڏي ٿو!

پنهنجو پنهنجو مقصد – ٿورو ڪير ٿو ڪنهن کي لائي!

پر ڪاڪ محل جي ماڙين ۾ پير سنڀالي پائي،

هن عقل و خرد جي بازيءَ ۾ ٿيڙ نه ڪوئي کائي،

ڪنهن هوش سنڀاليو آهي!

پاڻيءَ تي اڄ هرڻيون آيون،

ٽلنديون ٽپنديون ڪي تاساريون!

چشمي جي چوڌاري ماريءَ دام وڇايو ٺاهي!

سڀڪا سوچي سمجهي آئي چشم زدن ۾ آهي،

ڇاتي ٺوڪي چونديون آيون پاڻ ۾ سينو ساهي،

”هي  دام   ڀڃڻ  ۾  ڇاهي!“

ڪنهن هوش سنڀاليو آهي!

رڻ جون نياڻيون افتان خيزان،

شادان شادان، نازان نازان!

ڪم ڪار ۾ آهن ديوانيون مست نگر جون راڻيون،

ٻاليون ڀوليون ڏسجن پيون، آهن ڏاڍيون سياڻيون،

جن پير سنڀاليا اهڙا، تن ڄاڻ مرادون ماڻيون،

پوءِ ڇو نه هلن سڀ ڪاهي!

ڪنهن هوش سنڀاليوآهي!

ٿيو سست نه ساٿي ڪنهن ٽاڻي،

هي رنگ متان ڪو رنگ آڻي،

ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، ڪر موڙي نه وهي ڪو ظالم،

ٿي شور نه پئي برپا، آشوب فضا ٿئي قائم،

شوريده سرن کي ڏسندي، رهجي نه وڃي خود ناظم،

هي  وقت  سمهڻ جو ناهي!

ڪنهن هوش سنڀاليو آهي!

پرڀات کي تارن جاڳائي،

ماحول ڇڏيو ڄڻ بدلائي،

احساسِ حوادث جي تيرن، ڏيل ڏکايا آهن،

حساس دلين ۾ قهري ڪان چڀايا آهن،

هن ظلم و ستم جي دنيا، ڪي خان کپايا آهن:

سر   ساه   جو  سانگو   لاهي

ڪنهن هوش سنڀاليو آهي!

هڪ طرف زماني ۾ چرپر،

ٻئي طرف دلين ۾ ٿي هُر کـُر:

ڏسجي ته ٿئي ڇا ٿو ۽ ڪهڙو ٿو نتيجو نڪري

پرويز ٿو هارائي يا فرهاد کي فن ٿو وسري!

يا بطن ۾ گيتيءَ جي ماڳهين ماده نو ٿو نسري!

ان    فڪر   ۾    عالم   آهي.

ڪنهن هوش سنڀاليو آهي!


 

محمد عثمان غلام حسين (مجروح) ڏيپلائي

 

آڳ اجهامي ڪين اندر جي

(ڪبير شاهه  ۽شيخ ابراهيم کان متاثر ٿي)

آڳ اُجهامي ڪين اندر جي، ٻاروچل جا ٻاري هئي؛

اُٺن اوٺيڳن، ڏاڍن ڏيرن، ڏونگر تنهن ڏهڪاري هئي؛

هاڙهي، وندر، پٻ پٿون ڪيا، پوءِ نه ورڻ واري هئي؛

سهڪي، سهڪي، پيئي سرڪي، سڪ سڄڻ جي ساري هئي؛

ڪـُوڪٽ لـُولٽ هر هڪ ور وٽ، لـَڪن سا  لهڪاري هئي؛

رَٽن پٽن، گهٽن گهيڙن، کڏن کوٻن کينڪاري هئي؛

ڪنڊن، لـُنڊن، ٿوٻين ٿوهرين لاڻين سا للڪاري هئي؛

ڀـُرٽن مـُرٽن، چنبڙ ٻـُوٽن، ڪِرسِين ڪئي تنهن ڪاري هئي؛

لـُڪن لهسن ڪاڙهن تتن، اڃ اُساٽ اساري هئي؛

ٻٻرن ٻيرين، ٿوهر ٿميچين، روهن تنهن روئاري هئي؛

گدڙن، بگهڙن، ارڙن، چيتن، ڏر تنِي جي ڏاري هئي؛

اِڇي ڏٺي ٿي اپڇر اهڙي، پهنور تنهن پڪاري هئي؛

د ُز ُ ڏسي، سا دهڪي دل ۾، زائفان ڪئي زر زاري هئي؛

قادر پنهنجو ڪرم ڪيئڙو،جنهن سان ڌرتيءَ ڪئي دلداري هئي؛

پلئه رهي ويو پوئتي پٽ ۾، چُني جا چلڪاري هئي؛

ڌنار بنيو دربان انهيءَ تي، چوڪي تنهن چوڌاري هئي؛

مطلوب لٿي جڏ مد هوشي، جنهن پوءِ تي ڪئي پوئواري هئي؛

خان آئي خوشبوءِ پرين جي، تنهن هنڌ مٿي هوشياري هئي؛

سُرهي بوءِ تنهن ساهه سيباڻي، واسي جنهن سان واري هي؛

بيٺو بر ۾ برو ڏٺائين، تنهن اهڙي ڪئي اقراري هئي؛

آئي اپڇر انهن لڪن مان، سـُهڻي سونهن سونهاري هئي؛

مون ڀانيو مقبول دعا ٿي جا امڙ سدائين اچاري هئي؛

ڪاهي رسيس ڪنوار سمجهي، پر نينگر سا ته نياري هئي؛

ظاهر ويئي زمين اندر سا، تنهن ڏسندي ڌرتي ڏاري هئي؛

سڻي ماهيت مذڪورُ اهوئي، عاشق آهه اچاري هئي؛

ڀون ڦٽي ڏون ڦارون ٿي، سا حڪم حق هڪواري هئي؛

گهوٽ گهڙي ويو انهيءَ گهڙيءَ ۾ دري جا دل واري هئي؛

حق مليو حق ساڻ هميشه آخر لٿي انتظاري هئي؛

”عثمان“ مليا احسان ٿيا، در داور جي ديداري هئي؛

سچي سڪ سندي سرداري هئي، تڏهه طالب مليو مطلوب مٺي سان!

 

ارجن ڊيٽارام (سڪايل) سڌو جائي – مقيم نظام آباد (دکن)

سنڌ، مادرِ وطن کي ڇڏئي ته اٺ سال ٿيا پر رفيقن جا محبت ناما،

اڄ به پيا اچن – هڪڙي اهڙي تازي خط لرزش ۾ آڻي ڇڏيو ۽ لکيم:

 

وطن جي ياد ۾

خط پڙهيم تنهنجو، ته منهنجا نيڻ ٿي ويا اَشڪبار،

ڪي گهڙيون نيڻن وهايا نير جا ٿي نار نار.

ڳوٺ جون ڳالهيون نئين سر ياد ڇو ڏياريئه مون کي،

تن ڪهاڻين جي تَهن ۾ آ لڪل جهونو پيار.

ڪين ٿي وسريا وسارڻ جي ڪيم ڪوشش پئي،

اڄ وري زخمن کي کوليو آهه تو هڪ وار يار.

کيت ڪڻڪن جا، ٻنيون ٻارا وري آيا تري،

ڳوٺ جي ٻاهر کڏون پاڻيءَ سان وهنديون تار تار.

صوفي ٻيرن جي وڻن هيٺان لڪياسين باغ ۾،

سي اکين آڏو ڦري آيا وڻن جا ڏار ڏار.

اڄ وري پيارا پکا پنهنجا پراڻا ياد پيا،

جن ڪنان زوريءَ جدا ٿي ٿو گذاريان ڌار ڌار.

چؤ ته ”سعدي پير“ جو ميلو لڳي ٿو مؤج سان؟

ٿا وڄن مَٽڪا ۽ صوفي ٿا ملائن تار تار؟

نياز استادن اڳيان آداب مجلس ۾ ڏجو،

وصل جون دُعائون ڪجو، ٻڌندو کڻي پروردگار.

التجا آهي ”سڪايل“ خاص ڪا درگاهه ۾،

ڪاش! مان هيڪر ڏسان سي سنڌ جا دلدار يار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com