جهرڪ شهرجي ساڳئي ڏکڻ اولهه طرف ميل کن جي مفاصلي تي ”ميران
پير“ جو قبوآهي. قبي اندر مزار وغيره نه آهي.
عقيدو آهي ته ”انهيءَ هنڌ بادشاهه پير پنهنجا قدم
مبارڪ رکيا هئا ۽انهن
قدمن مٿان ئي قبو جوڙايو ويو آهي.“ قبي اندر گهڙڻ
سان ڏسبو ته وچ ۾ هڪ تڏو پيل آهي ۽ تڏي مٿان ڦيس
جو ٺهيل هڪ مصلور کيل آهي. سال بسال ميلو لڳندو
آهي. ڏکڻ طرف ”سبحان شاهه“ جي مزار آهي. جا ٽڪر جي
دامن ۾ هڪ چبوتري ۾ آهي. هي صاحب به ولي الله ٿي
گذريو آهي. سندس حياتيءَ جواحوال معلوم ٿي نه
سگهيو آهي. سال بسال ميلو لڳندو آهي. ساڳئي طرف
ساپاهه واهه آهي، جوصرف آبڪلاڻيءَ ۾ وهندو آهي.
اٽڪل ڏيڍ ميل کن پنڌ تي ”گوهر خان جماريءَ“ جو ڳوٺ
آهي. اتي ”جماري“[1]
ذات وارا رهندا آهن. شهر جي آدمشماري پاڪستان کان
اڳ اٽڪل 1200 کن هئي، مگر هن وقت اٽڪل 500 کن آهي.
ماڻهن ۾ تعليم گهٽ آهي. هي شهر هڪ دريائي بندر
آهي. اڳي وڻج واپار ۽ مسافري ۽ ٻيڙين ۽ اٺن ذريعي
ٿيندي هئي. ۽ هاڻ ٻيڙين ۽ لارين ۽ ڍڳن گاڏين ذريعي
مسافري ۽ واپار هلندو آهي. هاڻي، شهر کي ويجهي ۾
ويجهي اسٽيشن ”ميٽنگ“ آهي، جا اٽڪل ٻارهن ميل پري
اتر اولهه طرف آهي. هاڻي لارين جي سهوليت ڪري
”ميٽنگ“ اسٽيشن ماڻهن جي دل تان ئي مٽجي ويئي آهي.
آس پاس وارو ملڪ غريب آهي. ماڻهن جو مکيه ڌنڌو کيتي آهي. مڱ،
مٽر، ڄانڀي ۽ آرڻ چا چيٽي فصل سٺا ۽ جهجهي انداز ۾
ٿين ٿا. مينهن پوي ۽ پاڻي گهڻو چڙهي، ته ماڻهو خوش
۽ سکيا ۽ نه ته ڍورن جو گاهه به مشڪل ملي، آبادي
به گهٽ ٿئي ۽ ذري گهٽ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿيو
وڃن.
شهر جي اتر اولهه طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي ”ڪوٽڙي بئراج“ جو
واهه لنگهي ٿو، جو اڃا ٺهي رهيو آهي. ماڻهن جون
اکيون انهيءَ ۾ کتل آهن. شايد وري به جهرڪ هڪ
سرسبز ۽ شاداب ملڪ بڻجي پوي.
اصل انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر س . پ . ڇٻلاڻيءَ جو
سنڌيڪار: سراج الحق
سنڌ جي اقتصادي تاريخ
(قسط ٻي: پهرينءَ قسط لاءِ ”مهراڻ“ نمبر 3، 1955ع کي پڙهڻ
گهرجي)
3- تاريخي پس منظر
تمهيد
موهن جي دڙي ۽ هاڙپا ۾ تازيون کوجنائون ڪيون ويون آهن، تن مان
پتو پوي ٿو ته اڄ کان پنجن هزارن سالن کان به گهڻو
عرصو اڳ، سنڌ پنهنجي هنج ۾ هڪ اهڙي قديم تهذيب کي
پرورش ٿي ڏني، جا گهڻين ئي ڳالهين ۾، پنهنجي
برادريءَ وارين مصري ۽ عراقي تهذيبن جي ڀيٽ ۾،
رونق ۽ زيب زينت جي لحاظ کان، جي وڌيڪ نه هئي ته
به انهن جهڙي ضرور هئي. انهيءَ کانپوءِ، سموري
هندستان جي تاريخ وانگر سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ وڏو
خال نظر اچي ٿو ۽ اٽڪل ٽن هزار ورهين جي عرصي لاءِ
تاريخ جي شاگرد جي رهبريءَ واسطي ڪو به مواد ڪو نه
ٿو ملي. کالبت جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ حقيقتون تاريخي
روزنامچن مان ملن ٿيو، سي ايترو سو ٻڌائين ٿيون ته
ان تاريخي دور ۾ به سنڌ ڪيترن ئي قومي ۽ سياسي
حملن جي آماجگاهه پئي رهي آهي. اتر ۽ اولهه کان
حملي آور قومون درياءَ جي لهرن جيان هڪ ٻئي پٺيان
ڌوڪينديون سنڌ ۾ آيون، ايڪيمينئنس،سڪندر اعظم،
سئڪاس، ڪوسنس ۽ هن لوڪ سنڌ ۾ داخل ٿيا، ۽ نيٺ اهي
لشڪرن پٺيان لشڪر مختلف جاتين ۽ قبيلن جا سنڌ ۾
داخل ٿيا، جن جي زبانن تي اسلام جو نالو هو، ۽ جن
جي هٿن ۾ تلوار هئي.[2]
اٺين صديءَ جي اوائل کان وٺي پوءِ جي عرصي لاءِ اسان وٽ سنڌ جي
تاريخ جولاڳيتو رڪارڊ موجود آهي. 712ع ۾ عربن سنڌ
تي ڪاهه ڪئي. سنڌ ئي پهريون صوبو هو، جنهن تي
پهريون اسلامي حملو ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اهي
حلي آور عرب رڳو ڍل وصول ڪندڙ بڻجي ويا، ۽ حڪومت
جون واڳون سنڌ جي مقامي حاڪمن کي سونپي ڇڏيائيون[3]
تاريخ ۾ ان حقيقت لاءِ دليل موجود آهن ته ان وقت
به ايشيا ۾ خراسان، سيستان، زابلستان، ملبار، سلون
۽ چين سان سنڌ جو تمام گهڻو واپار هلندو هو.[4]
سنڌ جي سياسي تاريخ ڏاڍي منجهيل ۽ پيچدار آهي. هندستان جي ٻئي
ڪنهن صوبي جي تاريخ شايد ئي ايتري منجهيل هوندي هڪ
پاسي سنڌ تي ڌارين قومن جون ڪاهون پئي ٿيون، ته
ٻئي طرف سنڌ جو سنڌ اندر هڪڙن گهراڻن زور ٿي ورتو،
ته ٻيا ڊهي پٽ پوندا ٿي رهيا- تان جو 1843ع ۾،
انگريزن اچي ملڪ فتح ڪيو. 1026ع ۾ سلطان محمود
غزنويءَ سنڌ تي ڪاهيو ۽ پنهنجي بادشاهت سان ملائي
ڇڏيائينس؛ پر غزنوي طاقت گهڻو وقت پير کوڙي نه
سگهي، ۽ 1053ع ۾ سنڌ جي هيٺئين حصي جي هڪ راجپوت
قبيلي، سومرن، لاڙ جي اڀرندي واري ٽڪر تي پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي.[5]
اٽڪل ٽي صديون پوءِ، 1333ع ۾، ٻئي هڪ مقامي راجپوت قبيلي (سما)
سومرن جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي[6]
پر سمن جي حڪومت کي اڃا ڪي سال مس ٿيا ته 1351ع ۾
هندستان جي مت موڙهل بادشاهه محمد شاهه تغلق سنڌ
تي حملو ڪيو[7]
پر سنڌ کي پنهنجي شهنشاهت سان ملائڻ ۾ ڪامياب ڪون
ٿيو، ۽ چون ٿا ته اتي ئي سنڌو درياهه جي ڪناري تي
ٺٽي جي ويجهو وفات ڪيائين. ڪجهه سالن کان پوءِ
(1362ع ۾) سندس جاءِ نشين بادشاهه، فيرزو شاهه،
سنڌ صوبي کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سنڌ دهلي
شهنشاهت جوحصو بڻجي وئي[8]،
پر جلد ئي سما ٻيهر زور وٺي ويا ۽ وري سڄي صوبي
جي حڪومت هٿ ڪري ورتائون. سمن ڏاڍي سياڻپ سان ۽
سهڻي نموني حڪومت هلائي ۽ مجموعي طرح ڏسجي ٿو ته
هنن جي حڪومت نهايت ڪارائتي حڪومت هئي. هنن
کيتيءَ، ڪارخانن ۽ واپار جي همت افزائي ڪري صوبي
کي ڪافي ترقي ڏياري، ڪيترائي نوان شهر ٻڌايائون، ۽
هنن جي راڄ ۾ ملڪ ايترو ته سکيو ۽آسودو هو، جو
انهيءَ دور کي سنڌ جي مقامي راڄ جي تاريخ ۾
”سونهري دور“ سڏيو ويندو آهي[9]
1521ع ۾ قنڌار جي هڪ پٺاڻ قبيلي (ارغونن) سمن کي جيتي، پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي. هنن جو راڄ به گهڻو وقت جالي نه
سگهيو، ۽ کانئن، 1554ع ۾، سندن برادريءَ جي ئي هڪ
قبيلي (ترخانن) حڪومت هٿ ڪئي[10]
انهيءَ کان هڪ سال پوءِ، پورچوگيزن جي هڪ فوجي
دستي ”پيڊرو بئريٽو رولم“ جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺٽي تي
حملو ڪيو ۽ ٻن لکن پائونڊن کان به وڌيڪ ملهه جي
مال ملڪيتن کي باهيون ڏيئي تباهه ڪري ڇڏيائون.
پورچوگيز پاڻ سان ايترو ته مال غنيمت کڻي ويا، جو
ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن قوم کي ايترو مال غنيمت هٿ
آيو هجي.[11]
مغلن کان ٽالپرن تائين (1592ع-1843ع)
مغل
1592ع ۾، اڪبر اعظم سنڌ کي دهلي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو-سنڌ،
ملتان صوبي جو هڪ ضلعو بڻجي ويئي. سنڌ کي ٻن
”سرڪارين“ ۾ ورهايو ويو، مٿينءَ سرڪار جي گاديءَ
جو هنڌ ”بکر“ هو ۽ هيٺين جو ”ٺٽو“ ٻنهي تي جدا جدا
خودمختيار گورنر مقرر ٿيل هوندا هئا، جن کي
هندستان مان ئي مقرر ڪري اماڻيو ويندو هو.مغلن جي
انهيءَ اوج واري زماني ۾ سندن سموريءَ شهنشاهت
وانگر، سنڌ ۾ به امن امان قائم هو. هڪ سو سالن جي
عرصي تائين سنڌ هر قسم جي سياسي بدامنيءَ کان
محفوظ رهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي ڪارخانن ڏاڍي
ترقي ڪئي، ۽ سندس واپار سڄي دنيا جي ملڪن سان
هلندو هو. ٺٽو ته بين الاقوامي واپار جو مرڪز بڻجي
ويو، ۽ ان جا واپاري ۽ تاجر صوبي جون بهترين چيزون
پاڻ سان ڏيساور کڻي ويندا هئا. ائين ٿو ڀائنجي ته
خود مغلن به انهيءَ واپار ۾ دلچسپي ورتي؛ ۽ هنن جي
ئي حڪومت جي دور اندر مکيه يورپي واپارين
پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن صوبي ۾ پنهنجا ”ڪارخانا“
قائم ڪيا[12]
سنڌ 1739ع تائين مغلن جي قبضي ۾ رهي- ۽ جڏهن نادرشاهه دهلي تي
ڪاهي مغل شهنشاهت کي قريب قريب تباهه ڪري ڇڏيو،
تڏهن محمد شاهه مغل بادشاهه سان ٿيل عهدنامي موجب
سنڌونديءَ جي اولهه وارا سمورا پرڳڻا هن ايراني
بادشاهه جي قبضي ۾ اچي ويا.انهيءَ طرح سنڌ به
ايراني شهنشاهت جو حصو بڻجي ويئي[13].
اورنگزيب جي وفات کان وٺي نادرشاهه جي ڪاهه تائين، ٽيهن سالن جي
عرصي ۾، مغل شهنشاهت جئن پوءِ تيئن پٽ پوندي
ويئي. اهو ڏسي نيٺ سنڌ جي هڪ مقامي طاقور قبيلي
ڪلهوڙن پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو[14].
انهيءَ طرح هندستان مان مقرر ٿي ايندڙ گورنرن جي
بدران مقامي حاڪم سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. پر انهن
حاڪمن جي طاقت ۽ خودمختياريءَ جو دارومدار هندستان
جي بادشاهه تي هوندو هو. جي ڪو بادشاهه مضبوط ۽
طاقتور هوندو هو ته سنڌ جا حاڪم مجبوراً هن جا
مطيع ٿي گذاريندا هئا، ۽ جي ڪو ڪمزور بادشاهه
ڏسندا هئا ته هڪدم خودمختياريءَ جو اعلان ڪندا
هئا. سنڌي حاڪم اهڙيءَ طرح پنهنجي گهر جا گويا اڌو
گابرو مالڪ هئا؛ هڪ طرف، کين وقت بوقت پنهنجي مٿين
حاڪمن کي ڍلن طور ڳريون رقمون ادا ڪرڻيون پونديون
هيون: ٻئي طرف جڏهن به ڏسندا هئا ته دشمن جي خطري
کان ڪجهه محفوظ آهن ته ڍلن ڏيڻ کان هڪدم پڙ ڪڍي
بيهي رهندا هئا.(:)
دائود پوٽا
جنهن عرصي اندر اڪبر پنهنجي شهنشاهت کي ٺاهيو ۽ مضبوط ڪيو- ۽
نادر شاهه وري انهيءَ شهنشاهت کي پرزا پرزا ڪري
ڇڏيو، ان عرصي اندر دائود پوٽن جو هڪ مقامي قبيلو
اتر سنڌ ۾ زور وٺندو رهيو. هنن جو ڌنڌو ته اڻڻ ۽
رلڻ هو، پر جنهن عقلمنديءَ سان هنن تلوار کي
استعمال ڪيو،تنهن جو داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي.
1617ع ۾ شڪارپور شهر جو بنياد وڌائون، جو اڻويهين
صديءَ ۾ بکر کان به گوءِ کڻي ويو ۽ اتر هندستان ۽
وچ ايشيا جي ملڪن سان سنڌ جي واپار جو مکيه مرڪز
بڻجي ويو.
ڪلهوڙا
سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ دائود پوٽن سان گڏوگڏ اتر سنڌ ۾
ڪلهوڙن به زور ورتو. هنن جو ڌنڌو فقيري هو - ۽
ٿوري ئي وقت ۾ چڱا پوئلڳ گڏ ڪري ورتائون؛ ۽ پوءِ
مغلن حاڪمن سان دوبدو چوٽون کائيندا رهيا. 1658ع ۾
شاهي فوجن سان مقابلي ۾ فتح حاصل ٿين ۽ سندن حڪومت
جو باقاعدي بنياد ٻڌجي ويو[15].
آخر 1701ع ۾ يارمحمد ڪلهوڙي کي مغل شهنشاهه کان
سند ۽ مختيار نامو عطا ٿيو. هن جي حڪومت ارڙهن سال
هلي، جن مان پهريان نوَ سال ته رڳو جنگين ۽ لڙاين
۾ گذاريائين، پر انهن جنگين پاڻ هن جي طاقت ۽
حڪومت ۾ اضافو آندو[16].
باقي پويان نو سال پنهنجي حڪومت کي پختو ۽ مضبوط
بنائڻ ۾ صرف ڪيائين. انهيءَ دور ۾، سنڌ ۾ ڪافي امن
امان ۽ آسودگي ڦهلجي ويئي. 1719ع ڌاري ميان يار
محمد وفات ڪئي ۽ ساڳئي ئي سال پٽس نور محمد کي مغل
شهنشاهه، محمد شاهه، سندس جاءِ نشين تسليم ڪيو ۽
سندس ساڳيا لقب ۽ سندون به عطا ڪيائينس. نور محمد
ڪيترائي ڀيرا دائود پوٽن جي زور ڀڃڻ لاءِ مٿن
حملا ڪيا[17].
نيٺ هنن کي آڻ مڃائڻ ۾ ڪاميابي ٿيس. ٻه دفعا هن
قلات جي بروهين تي حملا ڪيا، ۽ ٻنهي ۾ خاطر خواهه
ڪاميابي نصيب ٿيس. 1736ع ۾ بکر جو قلعو ۽
پسگردائيءَ وارا ٽڪرا به سندس حوالي ڪيا ويا، ۽ ان
کان پوءِ ٻئي سال، کيس ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو[18].
انهيءَ طرح سڄي سنڌ سندس قبضي ۾ اچي ويئي ۽ هو
حقيقي طرح سنڌ جو خودمختار حاڪم بڻجي ويو.
جڏهن محمد شاهه عهد نامي ماتحت سنڌ نادر شاهه جي حوالي ڪئي،
تڏهن اها ڳالهه نورمحمد کي ڪا نه وڻي، ۽ انهيءَ
فيصلي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين. نادر
شاهه کي ڪابل ۾ جو انهيءَ بغاوت جون خبرون پهتيون،
سو هڪدم وڏي ڪٽڪ سان سنڌ تي چڙهي آيو. نور محمد
ڪروڙها روپين جو خزانو ساڻ ڪري رڻ ئي رڻ ۾ عمرڪوٽ
جي قلعي ۾ وڃي لڪو. نادرشاهه به پويان لڳس ۽ هن جي
فوجن نيٺ هن ڪلهوڙي سردار کي جئرو گرفتار ڪيو. هن
کي نه رڳو پنهنجي خزاني تان هٿ ڌوئڻا پيا، پر سندس
راڄ جو اتر اولهه وارو ٽڪر قلات جي حاڪم کي ڏنو
ويو ۽ شڪارپور جو شهر دائود پوٽن کي واپس مليو.
ايترو ملڪ وڃائڻ کان سواءِ اٽڪل 20 لکن روپين جي
سالياني ڍل به ڀرڻي پيس[19].
نادر شاهه 1747ع ۾ قتل ٿي ويو ۽ سندس سموري حڪومت احمد شاهه
ابداليءَ جي ور چڙهي ويئي. سنڌ جي حڪومت به احمد
شاهه جي قبضي ۾ آئي. ڪجهه سالن لاءِ ته احمد شاهه
پنهنجي ملڪي معاملن ۾ ايترو رڌل هو، جو سنڌ تي
ڌيان ڏيڻ جي وار کائي ڪا نه مليس. نور محمد انهيءَ
موقعي جو فائدو وٺي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. نتيجو اهو
ٿيو جو ڍل جي بقايا وصول ڪرڻ لاءِ احمد شاهه پاڻ
سنڌ تي ڪاهي آيو. نور محمد ڀڄي وڃي جيسلمير ۾ لڪو
۽ اتي ئي 1755ع ۾ وفات ڪيائين.
مجموعي طرح سان ڏسبو ته پهرين ٻن ڪلهوڙن يار محمد ۽ سندس پٽ نور
محمد، حڪومت ڏاڍيءَ سياڻپ ۽ دورانديشيءَ سان
هلائي. ٻئي زبردست جنگي جوڌا هئا، پر ان سان گڏ
امن قائم ڪرڻ جي به منجهن بيحد صلاحيت هئي. ميان
نور محمد سنڌ ۾ واهن جي ذريعي پوک ڪرڻ جي سرشتي کي
زبردست ترقي ڏياري. جهڙي هيس جنگ جي ميدان ۾
بهادري، زرعي ڪمن ۾ به اوتري ئي قابليت جو مالڪ
هو. هن جي حڪومت جو دور ۾ سنڌ جي زرعي پيداوار
چوٽيءَ تي پهچي ويئي.
نور محمد ڪلهوڙي کان پوءِ سندس وڏي پٽ مرادياب تخت سنڀاليو؛ پر
ٽن سالن جي مختصر حڪومت کانپوءِ ڀاڻس غلام شاهه
کيس تخت تان لاهي، پاڻ حڪومت هٿ ڪئي. غلام شاهه جي
خلاف وري سندس ٻين ٻن ڀائرن، عطر خان ۽ احمد يار،
بغاوت ڪئي. ڪيترو عرصو ته هنن جو اهو تنازعو پئي
هليو؛ پر نيٺ غلام شاهه مٿن غالب پيو، ۽کيس 1761ع
۾ سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ويو[20].
انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته غلام شاهه زبردست حاڪم هو، پر هن جي حڪومت
جي دور ۾ ملڪ لڙاين ۽ جنگين ۾ گهيرجي ويو. هن جون
سوڀون به ملڪ کي ڏاڍيون مهانگيون پيون. هو ڪڇ تي
ڪاهي ويو، ۽ اتي جي حاڪم کان ”بستا“ ۽ ”لکپت“ جا
بندر ڇڏايائين[21].
هن جي حڪومت جي اوائلي دور۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني
سنڌ ۾ پنهنجو ٻيو ”ڪارخانو“ قائم ڪيو، پر سترهن
ورهين کان پوءِ يعني 1775ع ۾ ملڪ جي بدامني جي
حالتن ۽ ميان سرفراز خان، غلام شاهه جي پٽ ۽ جاءِ
نشين، سان اڻبڻت ٿي پوڻ ڪري ڪارخانو بند ڪرڻو پين.
سرفراز خان اٻهرو، ”ظالم ۽ خونخوار“ حاڪم هو. هو اڳرائي ڪري ڪڇ
تي ڪاهي ويو. اتان ڪاميابي حاصل ڪري، وري انهن
ڏانهن ڌيان ڏنائين، جن مان پنهنجي مفاد لاءِ خطرو
ٿي محسوس ڪيائين. ڪيترن بلوچ سردارن کي بي درديءَ
سان قتل ڪرائي ڇڏيائين، پر انهيءَ ظلم جي قيمت
پنهنجي حڪومت جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پيس[22].
ان کان پوءِ ڪيتريون ئي تبديليون آيون. ۽ نيٺ
1777ع ۾ سندس چاچي غلام نبيءَ کي حڪومت جون واڳون
سپرد ڪيون ويون. پر هڪ بلوچ سردار مير بجار خان هن
جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ گهمسان جي لڙائيءَ ۾ غلام نبي
مارجي ويو[23].
سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي مير بجار سان صلحنامو
ڪيو، ۽ سنڌ جي تخت تي ويٺو. 1781ع ۾ افغانن جو هڪ
وڏو لشڪر قنڌار کان ڪاهي آيو. مير بجار خان انهيءَ
لشڪر کي شڪارپور ويجهو زبردست شڪست ڏني. ميان
عبدالنبي، مير بجار جي طاقت جو سمورو لقاءُ ويٺي
ڏٺو، سو اچي کيس وهمن ورايو ۽ نيٺ هن کي منصوبو
سٽي مارائي ڇڏيائين. مير بجار جي مرڻ کان پوءِ،
سندس پٽ عبدالله خان ڪلهوڙن جو تخت پنهنجي قبضي ۾
آندو. آخري ڪلهوڙو حاڪم مقابلي جي همت نه ساري ڀڄي
وڃي قلات کان نڪتو. اتان هو بروهين جو هڪ وڏو لشڪر
سنڀرائي پاڻ سان وٺي آيو، پر وري به شڪست کاڌائين.
اقتدار ۽ طاقت جي انهيءَ جنگ سڄي ملڪ کي بدامنيءَ
۽ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو؛ نتيجو اهو ٿيو جو
افغان بادشاهه تيمور شاهه کي دخل ڏيڻو پيو. تيمور
شاهه، مدد علي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي
چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ڪلهوڙي حاڪم کي پنهنجي
حڪومت واپس وٺي ڏئي. مدد علي خان سنڌ ۾ طوفان بڻجي
آيو۽ جيڪي ٿي آڏو آيس، تنهن کي ڪکن وانگر ٻهاريندو
ويو. شهرن کي لٽي، ڳوٺن کي جلائي تباهه ڪري
ڇڏيائين. بيشمار ماڻهن کي موت جي اوڙاهه ۾ اڇلي
چوڌاري ڏهڪاءُ مچائي ڇڏيائين. هن جي تباهين ملڪ ۾
ڏڦيڙ ۽ ڏڪار وجهي ڇڏيو،جن ملڪ جي غريب عوام کي
تنهان ئي وڌيڪ تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو[24].
انهن ڳالهين کان پوءِ به ڪلهوڙن جي طاقت ۾ ڪا
پائداري پيدا ڪا نه ٿي. وقت گذرڻ تي ٽالپرن وري
زور وٺڻ شروع ڪيو، ۽ نيٺ 1783ع ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو
خاتموآيو[25].
ميان غلام شاهه ۽ سندس جا نشين، جن کي هن ڪتاب ۾ آئنده آخري
ڪلهوڙا حاڪم جي نالي سان بيان ڪيو ويندو، ملڪ کي
تباهه ڪن جنگين ۾ اڙائي ڇڏيو هو. انهن جنگين ۾
کوسن، دائود پوٽن، بروهين، ڪڇين ۽ ٽالپرن سان
چوٽون کاڌائون[26].
غلام شاهه جي طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ اٽڪل 30 سالن
لاءِ بدامني، گهرو لڙاين ۽ ٻاهرين حملن جي ڪري سنڌ
جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي ٿي ويئي هئي، ۽ انهيءَ حالت
۾ ملڪ ٽالپرن جي قبضي ۾ آيو.
ٽالپر
1783ع ۾ ٽالپر قوم جي سردار مير فتح علي خان، افغان بادشاهه
زمان شاه کان ”فرمان“ حاصل ڪيو ۽ سنڌ جو رئيس، يا
حاڪم بڻجي ويو، ۽ حيدرآباد کي پنهنجي گاديءَ جو
هنڌ بنايائين[27].
هنن جي گهراڻي ۾ ڦوٽ پوڻ ڪري صوبو ٽن خود مختار
حڪومتن ۾ ورهائجي ويو. سڀني ۾ مکيه خاندان
حيدرآبادي (شهدادپوري) ٽالپرن جو هو، جنهن جي
حڪومت وچولي تي هئي. ٻيو خاندان (سهراباڻي خاندان)
مير فتح علي خان جي ڀائٽي مير سهراب جي اولاد هو.
اهو خاندان خيرپور تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ٽئين خاندان
جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ميرپور هو (هي خاندان
ماڻڪاڻي سڏبو هو- ۽ مير سهراب جي پٽ مير ٺاري خان
جو اولاد هو). حڪومت جي انهيءَ ورهاست ٽالپر
گهراڻي جي تاريخ کي ڏاڍو منجهائي وڌو آهي. جڏهن
حيدرآباد واري ٽالپر خاندان جي سردار مير فتح علي
خان ملڪ جي حڪومت ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن- غلام علي،
ڪرم علي، مراد علي – کي به ڀائيوار ڪيو، تڏهن ته
معاملا هيڪاري بگڙي ويا. اهي چار ڀائر تاريخ جي
نظر ۾ ”چار يار“ ٿا سڏجن. مير فتح عليءَ کي اچي
خيال ٿيو ته ڪراچي ۽ عمر ڪوٽ واپس هٿ ڪجن. نيٺ
1792ع ۾ قلات جي حاڪم کان ڪراچي واپس ورتائين، ۽
جوڌپور جي راجا کان 1813ع ۾ عمر ڪوٽ ڇڏايائين.
1801ع ۾ مير فتح علي پنهنجي پٺيان هڪڙو پٽ صوبدار نالي ڇڏي، مري
ويو. ۽ پنهنجي حڪومت باقي ٽن ڀائرن جي سپرد ڪري
ويو. ان هوندي به باقي بچيل ٻه ڀائر، ڪرم علي ۽
مراد علي، سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا. 1828ع ۾ ڪرم
علي بي اولاد مري ويو، ۽ مراد عليءَ ٻه پٽ،
نورمحمد ۽ نصير خان، ڇڏي وفات ڪئي، 1840ع تائين
انهن ٻن ميرن پنهنجي سوٽن، صوبدار ۽ مير محمد، سان
گڏجي حيدرآباد تي حڪومت ڪئي. 1841ع ۾ مير نور محمد
حيدرآباد جو حاڪم به گذاري ويو ۽ حڪومت سندس ٻن
پٽن ۽ سندن چاچي نصير خان جي هٿ آئي.
انهيءَ طرح سنڌ جا ٽالپر حاڪم وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويا. ۽ ملڪ جو
اتحاد پڻ انهيءَ سبب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هنن جي
حڪومت جي دوران ۾، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته امن
امان هو، پر اهڙو امن، جنهن ۾ ملڪ لاءِ ڪا آسودگي
ڪا نه هئي؛ حڪومت ته هئي، پر بنا ڪنهن قانون قاعدي
جي. ٽالپر بي پرواهه ۽ عياش حاڪم هئا. هنن جو
سمورو شوق شيل شڪار تي هوندو هو. پاٽنجر اسان کي
انهن اميرن بابت ٻڌائي ٿو: ”جنهن ملڪ تي هنن جي
حڪومت آهي، ان جي انتظام تي هوڪو توجهه ڪو نه ٿا
ڏين. نه ڏوهاري کي سزا ٿي ملي، نڪي ڪنهن مظلوم کي
انصاف ٿو ملي[28].
هن وقت ائين کڻي چئجي ته هن ملڪ ۾ ڪا حڪومت آهي ئي
ڪا نه؛ ڇو ته هنن بلوچ سردارن کي رڳو پنهنجي ئي
کاسارن جي لڳل آهي. عام رعيت جو الله واهي آهي[29].
هنن حڪومت ايتري ته بي پرواهيءَ ۽ جابرانه طريقي
سان ڪئي ۽ غريبن ويچارن ايتريون ته سختيون اهنج ۽
ايذاء ٿي سٺا، جو ملڪ سچ پچ ته انتهائي بي وسيءَ ۽
ڏتڙيل حالت کي وڃي پهتو.
اوڻويهين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ دنيا جي سياسي سيلاب ۾ گهيرجي
ويئي- ۽ انگريزن لاءِ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ هڪ سياسي
ضرورت بڻجي ويئي. ايران ۾ نيپولين بونا پارٽ جي
منصوبه بازين، انگريزن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو.
1809ع ۾ انگريزن سنڌ جي حاڪمن سان، جو دوستيءَ جو
عهدنامو ڪيو، سو محض انهيءَ لاءِ ته فرينچ سنڌ ۾
قدم نه ڄمائي سگهن[30].
1820ع ۾ سرحدي تنازعن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ٻيو
عهدنامو ٿيو[31].
1836ع ۾ ”پنجاب جي شير مرد“ راڻي رنجيت سنگ سنڌ تي
ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. 1828ع ۾ انگريزن جو لشڪر
پهرين افعان لڙائيءَ ۾ حصي وٺڻ لاءِ عهدنامي جي
شرطن جي خلاف ورزي ڪندي، سنڌو دريا منجهان پنهنجا
جنگي ٻيڙا هاڪاري وڃي مٿي چڙهيو. انهيءَ تان سنڌ
جي ٽالپر حاڪمن ۽ انگريزن جي وچ ۾ سخت
تنازعا ٿي پيا، ۽ نيٺ 1843ع ۾ هنن سنڌ کي به پنهنجي
برٽش شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو. اها حقيقت آهي ته
انهيءَ لاءِ هنن کي ڪو به اخلاقي جواز ڪو نه هو.
سرچارلس نيپيئر پاڻ قبول ٿو ڪري ته ”اسان کي سنڌ
تي قبضي ڄمائڻ جو ڪو حق ڪونهي، پر ان هوندي به
اسين قبضو ته ضرور ڪنداسين- ۽ سچ پچ ته اسان جو
اهو قدم تمام فائديمند- ۽ ڪارائتي ڪميڻپ ۽ بدمعاشي
ٿيندي!“[32].
انهيءَ طرح سموري سنڌ (خيرپور کان سواءِ، جنهن جي
حاڪم پوري پوري وقت تي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين
انگريزن کي ڏياريو)، 1843ع ۾ انگريزن جي هٿن ۾ اچي
ويئي.
|