جمال ابڙو
پشو ُ پاشا
رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شهر کان پري
ٽڪريءَ جي مٿان، اڏول ٿيون بيٺيون هيون. عمارت جون
ڊگهيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا، ۽ وڏا
شاهي در، ٺهرائيندڙ جي ارادن ۽منصوبن جو پورو پورو
نقشو چٽي رهيا هئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي
رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻِٽ ٿي،
ڄاڻي واڻي، هن انصاف جي گهر کي عام بستيءَ کان ڇني
ڌار ڪري رهيون هيون. ويتر ڪارو لوهي ڪڙن وارو غير
ملڪي جهنگلو ڄڻ مڪون اُلاري دڙڪا ڏيئي رهيو هو.
هن عدالتِ عاليه ۾ ملڪ جي قانون جي ڀڃ گهڙ ڪري، چٻي چٿي،
فتوائون صادر ڪيون وينديون هيون. هت قانون جي
تشريح ٿيندي هئي. قانون کي وٽ وڪڙ ۽ ور ڏنا ويندا
هئا. اهي چٻيل چٿيل ۽ مروٽيل سروٽيل قانون معصوم
شهرين جي مٿان پنجوڙ وانگر اڇلايا ويندا هئا. لوهي
جهنگلي ۾ جڪڙيل ۽پٿر جي ديوارين ۾ بند ٿيل دماغن
جا گول مول جملا ڳوٺڙن، ماٿرين ۽ چراگاهن جي کليل
هوائن ۾ ڏنڊي جي زور سان هلايا ويندا هئا. عدالتِ
عاليه جي چوٽين مان اهي قانونن جا زنجير نڪري، وڃي
ملڪ جي سرحدن ۾ کپندا هئا، ۽ سڄو ملڪ زنجيرن جي
ڪڙن ۾ جڪڙجي لوهه ٿي ويندو هو.
اڄوڪي ڏينهن عدالت عاليه جي ٻاهران حشام ماڻهن جا اچي گڏ ٿيا
هئا. ڊگهين ڏاڙهين ۽ ڊگهن وارن وارا ٽاڪرو جوان،
ڄڻ ته الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيا هئا. گرم هوا ۽ لُڪَ
جي ڪري سڀني جون ٻٽون ٻڌل هيون. سندن اکيون
ڳاڙهيون ۽ سندن زبانون خاموش هيون. سندن اندر ۾
اڌما هئا. ڪوسي جهولي ور ور ڪري عدالتِ عاليه جي
ڀتين سان ٽڪر پئي کاڌا.
ان ڏينهن ”جابلو شينهن“ تي ڪيس هلڻو هو. هو سچ پچ به شينهن جهڙو
مڙس هو. ڊگهو ۽ قداور، لڱ مروڙ، رڪ جهڙو چيڙهالو.
سندس ڏاڙهي، مٿي۽ مڇن جا وار ڪڪا هئا. سندس سڄي
بدن تي ڀوري بَجِ هئي. مائٽن سندس نالو ”پشو“ رکيو
هو، پر جابلو ماڻهو کيس ”پشو پاشا“ ڪري سڏيندا
هئا. سندس ڇاتي ويڪري، ٻانهون مضبوط ۽ ڳچي ڀريل
هئي، ٽنگون جهڙا پيل پاوا، سندس ڪارين اکين مان
شوخي، ضد، ارڏائي، صاف گوئي ۽ لاپرواهي ظاهر ظهور
ڇلڪي رهيون هيون.
عدالت ۾ غير معمولي چر پر هئي. سپاهين جي اچ وڃ، هٿيارن جي ڇڻ
ڇڻ، قانوندانن جا ڪارا جبا ۽ اڇا ڪالر – ڀوتن
وانگر اچ وڃ لڳي پيئي هئي. پوليس عملدار، شاهدن کي
وري وري سمجهائي ۽ سيکاري رهيا هئا. عدالت جي ڀتين
جي اوٽ ۾ سڀني جي سامهون، کليو کلايو، دڙڪن ۽دٻاون
جي ڌم ۽ اکرن جي ڀڃ ڊاهه ٿي رهي هئي. ڏٺو وائٺو
ثابتيون ٺاهيون ۽بنايون ٿي ويئون. قانون جا رکپال
قانون کي مروڙي ۽ گهٽي رهيا هئا. ائين ٿي ڏٺو ته
عدالتي مشينريءَ جي هڙني پرزن انصاف کي ڪهڻ لاءِ
ٻڌي ڪئي هئي.
جج صاحب واري ٿلهي تي، وڏي گنبذ هيٺان، هڪ وڏي اڌ گول ميز رکيل
هئي. ان جي پٺيان، هڪ ڊگهي، ٽيڪ واري ڪرسي، جنهن
جي مٿان فضيلت ماب جو فوٽو ٽنگيل هو. ميز تي وڏن
وڏن ٿلهن ڪتابن جون ڍڳيون ۽ ڀر وارن ڪٻٽن ۾ اڪيچار
ڪتابن جون قطارون هيون. اوچتو چوبدار ”خبردار“
پڪاريو ۽ هڪ ننڍڙو سنهڙو جج هڪ ننڍڙي بند دروازي
مان نڪري، وڃي ڪرسيءَ ۾ پيو، ڄڻ ته ڪرسيءَ ۽ ڪتابن
۾ گچي ويو. رڳو سندس سوڙهي کاڏي ۽ وڏو مٿو ميز جي
پويان نظر پئي آيا، ڄڻ ته ڪرسي ۽ ميز سندس بدن کي
ڳڙڪائي ويون هيون، ۽ ڪتابن کڻي ڳِٿر کان جهليو
هئس. هن اکيون مچڪائي، هيڏي هوڏي نهاريو، ڪجهه
ڪاغذ اٿلايا ۽ ”پشوءَ“ کي مخاطب ٿيو: ”ڇا، توسان
ناحق آهي؟ ڇا توکي ڦاسايو ويو آهي؟“ پشوءَ کي ڄڻ
ته باهه وٺي ويئي. ٽپو ڏيئي اٿيو – چي، ”ناحق آهي
توسان – ڦاٿل آهين تون!“ جج صاحب کان ڌرڙي نڪري
ويئي، ڄڻ ته سندس راز فاش ٿي پيو هو. وائڙو ٿي
جوابدار ڏانهن ڏٺائين، ڪتابن ڏانهن ڏٺائين، فضيلت
ماب جي فوٽي ڏانهن ڏٺائين، عدالت جي ڊگهين ديوارن
ڏانهن ڏٺائين، ۽ ان ننڍڙي دروازي ڏانهن ڏٺائين
جتان پاڻ ڪُئي وانگر نڪتو هو.
پشوءَ جي اها ننڍي هوندي کان ئي عادت هئي: جيڪي چئبو هوس، سو
وري ڦهڪائي ڏيندو هو ۽ وري ان جي ابتڙ ڪري
ڏيکاريندو. ننڍي هوندي کيس چوندا هئا ”تون شڪر گنج
واريءَ چوٽيءَ تي اصل ڪو نه چڙهي سگهندين“ بس پشو
چڻنگ ٿي ويندو: چي، ”تون ڪو نه چڙهي سگهندين!“
پوءِ ته سڀني جي ڏٺي، ڇلانگ ڏيندو، ريڙهيون
پائيندو، لٽڪندو، وڃي چوٽيءَ تي پهچندو هو.وري
سهڪندو لهندو، لهڻ سان لـُوه ڪيو، ان ماڻهوءَ تي
ڪاهيو ايندو، ڀائيندو ته کيس دسي، ڪيرائي گهٽا
ڏيئي، چوي ته ”ڏٺءِ! تون ڪو نه چڙهي سگهندين.“
سندس اٿڻ ويهڻ، کائڻ پهرڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ سڀ کهرو هو. جيڪي
آيس، منهن تي وهائي ڏيندو. مڙڻ وارو مڙس ئي نه هو.
هڪ دفعي، هتو تتو، رئيس گل خان جي اوطاق وٽان
لنگهيو، اڃ. کان ساهه ٿي ويس. نه ڪيائين هَم نه
تَم، سڌو وڃي رئيس جو گلاس کنيائين. سڀني گهڻو ئي
”متان متان“ ڪيس، پر هيءُ يار ٻه ٽي گلاس چاڙهي
ويو. اتي ئي گلاس اونڌو ڪري چيائين ته ”ادا ڇو، ڪو
چُهڙي جو گلاس هو ڇا؟“
پشو قدرت جي هڪ اڻ گهڙيل تخليق هو. ننڍي هوندي کان ئي ڇيڳرو،
الڙ ۽ ارڏو هوندو هو. هو پهاڙن ۾ ڄائو ۽ پهاڙن ۾
پليو: بس پهاڙ هئا، پٿر هئا، ۽ پشو هو اُڀا اُڀا
جيئرا جاڳندا پهڻ. رڍون ۽ پشو به ڄڻ ته چرندڙ
پرندڙ پهڻ هئا. پهڻن جي پيٽ مان نڪتل تازا ٻچڙا!
پهڻن جي اوٽ ۾ ۽ پهڻن جي مٿان وتندا هئا ڊوڙندا ۽
ٽپندا. ائين ٿي معلوم ٿيو ته پهڻ، پشو ۽ رڍون هڪ
ئي شي هئا، هڪ ئي هوا هئي، هڪ ئي زمين ۽ هڪ ئي
پاڻي، جنهن هزارن ورهين کان هن ماٿريءَ ۾ ماڻهو،
مال ۽ اَنُ پئِي پيدا ڪيا.
پشو ائين پئي وڌيو جيئن ڪو خشڪ جابلو ٻوٽو پٿرن مان ڦاٽي نڪتو
هجي. ڳاڙهو پٿريلو رنگ، ڀورا جهنڊولا وار- گليليءَ
سان وتندو هو پٿر چٽيندو ۽ ٻٽير ماريندو. هڪ جيڏن
سان وڙهندو لٽيندو، ليٿڙندو ڀڄندو ۽ ڊوڙندو. ڏسندي
ڏسندي، جوان ٿي ويو – ته به جهڙو ٻار!
پشوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا هئا. اصل ماٺ
ڪري نه وهندو. ڪنهن کي چڪ، ڪنهن کي چهنڊڙي، ڪنهن
کي رهڙ، ڪنهن کي چهڙ پيو اڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو.
سندس اکيون پيئون چمڪنديون هيون. پورهئي مان مزو
پيو ايندو هوس.
رحمدل به هڪڙو ئي هو. پاڻ ڏي مهڙ هونديس ته جهٽ پشيمان ٿيندو.
هڪ ڏينهن ماءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائين. پوءِ ته ڳوٺ
ڇڏي ڀڄي ويو. سڄو ڏينهن گهر نه آيو. وتيو لڪن ۽
ٽڪرن ۾ هلندو. لڙيءَ اڌ رات جو گهر آيو. ماڻس
اوسيڙي ۾ چلهه تي ويٺي هئي. چلم ٺري ويئي هئي. پشو
ماٺ ماٺ ۾ چلم تيار ڪري، نڙ آڻي ماءُ کي ڏنو ۽ ڀر
۾ ويهي رهيس. ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي
۽پشو سندس پاسي ۾ سمهي پيو.
پشوءَ پيار به ڪيو. رئيس جي نياڻيءَ گلناز سان. اکيون چار ٿي
ويس. سندس لڱن ۾ سيسراٽ پئجي ويا. ڳلن ۾ ڪوساڻ ۽
وار وار ۾ لهس. بت بڻجي ويو. زندگيءَ جو وهڪرو جو
سندس لڱن ۾ پيو سرڪندو هو. يڪا يڪ بند ٿي ويو. هن
جي طبيعت جو وٺ پڪڙ وارو طوفان ويڙهجي سيڙهجي،
ننڍڙو ٿي، وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪو. ڏينهن جا ڏينهن،
اڪيلو ئي اڪيلو، بستيءَ کان ٻاهر سڪل وڻن هيٺيان
خشڪ گاهه لتاڙيندو ورتيو. سياري جون ٿڌيون هوائون
۽ اجڙيل کيت کيس همدرد هم خيال معلوم ٿيا.
هڪ ئي ڌڪ سان جبلن جي چوٽين کان ٿيندو، تارن جي دنيا ۾ اڏامڻ
لڳو. ڄڻ ته ڪو ازل جو آواز کيس اڃا به اڳڀرو سڏي
رهيو هو. ماٿري ۽ نهر ۽کيت ۽ خود پشو سڀ هيٺ پٿرن
۾ ئي اٽڪيا رهيا. سندس ٻيو ڪجهه، هوائن ۽آسمانن ۾،
ستارن کان ٿيندو، مٿي ئي مٿي، اڏامندڙ رابيل
وانگر، حسن جي طرف، بنا اٽڪ، لس ئي لس، ترندو ويو.
پشوءَ جي هن اڏند کٽوليءَ کي سندس سنگتين ڇڪي هيٺ
آڻي، حقيقت جي ڪنڊن سان زمين جي تهه تي جڪڙي ڇڏيو.
کيس ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيائون. چي، ”گندي اوڍي وڃي
گهر ويهه.“ پشوءَ جا نشا ئي ٽٽي ويا. ڳهر لهي ويس.
ڪاوڙ مان وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو، اچي رئيس
جي حويليءَ وٽ نڪتو. وجهه وٺي گلناز جون ٻئي
ٻانهون کڻي جهليائين – چي، ”تون منهنجي آهين“.
گلناز جون پياسي اکيون، ڊگها ڊگها ساهه ۽ ڍرو ڍرو
بدن، پشوءَ جي هر سوال جو وڻندڙ جواب هئا. پشوءَ
جي آسماني پيار واري اڏامندڙ رابيل پويان پير ڪيا.
سندس سڳنڌ، هوا ٿيندي ويئي. سندس نرم ۽ نازڪ پکڙا
ڪومائجي ڇڻندا ويا. باقي سڪل ڏانڊي اچي پٿرن ۾
پيئي، جنهن کي وقت جي ڳوري ۽ کهري چڪيءَ پيهي ماري
دنيا جي ذرن ۾ڳوهي ۽ڳاري ڇڏيو. پشوءَ جي پٿريلي
طبيعت وري اوج تي اچي ويئي. گلناز وٽان موٽي، ڪنهن
جون ٻانهون مروٽيائين، ڪنهن کي جهلي ڌونڌاڙيائين ۽
ڪنهن کي ڪلهي تي کڻي ڦيريون پارايائين. پنهنجي
سنگت سان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليو، سندس هڪ هڪ ٽهڪ
سان ڄڻ ته غم جو هڪ ڄميل ٽڪرو اندر مان نڪري، ڦهڪو
ڪري، وڃي ٿي پٽ ٿي پيو.
رئيس جي، شروع کان وٺي، پشوءَ سان نه پيئي هئي. پشو هر وقت پيو
پنهنجين سنهڙين ڀورين مڇن کي وٽيندو هو. رئيس کي
ڏاڍا جڪ ايندا هئا. چي، ”ڀاڙي – بيڪار، تون ڪهڙي
لاٽ جو پٽ آهين، جو وتين ٿو مڇون وٽيندو!“ پشو
ڀڙڪو ڏيئي اٿيو – چي، ”ڀاڙي آهين تون! بيڪار آهين
تون!“ پوءِ ته هنگامو مچي ويو، پشوءَ تي چڙهي ويا.
پشو به ٻن چئن کي سٽيندو ڪٽيندو نڪري ويو.
رئيس هاڻي ڦوڪون ڏيڻ ۽ ڏنگ هڻڻ لڳو. ڪنهن کي ٻڌائڻ، ڪنهن کي
مارائڻ ۽ ڪنهن کي لڏائڻ، آزار مچي ويو. صدين جي
بيٺل سماجڪ پاڻيءَ ۾ رئيس جي ٿاڦوڙن ڌپ مچائي ڏني.
پشوءَ پنهنجي ساٿين کي انهيءَ ڍونڍ کان ڪڍي ٻاهر
ڪيو. چي، ”هڏ هڻون اسين، پٺيءَ اگهاڙا رهون اسين،
پوءِ به اسين ڪميڻا ۽ رئيس چڱو مڙس؟ چڱا مڙس اسين
آهيون، رئيس ناهي.“ پشو نه ڊڄڻُو هو، نه سست. رئيس
جيستائين سنڀري ئي سنڀري تيستائين پشوءَ ڪيترائي
اڙٻنگ جوان پنهنجي پاسي ڪري ورتا. نئون خون ۽نوان
امنگ! چي، ”کيت اسان جا آهن، ڪاريز اسان جا آهن،
اسين سڀڪجهه آهيون. اسان جي آڏو ڪو نه اچي“.
رئيس باهه ٿي ويو. پوڙهاپوڙها وائڙا ٿي ويا. هٿ ٺوڪي پئنچات گڏ
ٿي. ملا فتويٰ ڏني- چي، ”اوهين ڪافر آهيو. توهان
جي جنازي نماز جائز ناهي. توهان کي غسل ڏيڻ روا
ناهي.“ نوجوان سڀ اٿي کڙا ٿيا – چي، ”ڪافر تون
آهين، غسل توکي نه ايندو.“ وڏيرڪي پئنچات پتن جي
ماڙيءَ وانگر ڊهي، وڃي پٽ پيئي.
رئيس باهه ٻاري ڏني. اناج کڄي ويا. گهر سڙي ويا. کيت اجاڙ ٿي
ويا. مائرون ۽ ٿيندڙ مائرون ٿڌيءَ ڇانوَ مان ڪڍي،
لُڪَ ۽لوءَ جي حوالي ڪيون ويون. بس ائين ئي ”نظام
حيات“ کي اکوڙيندڙ، پنهنجي اکوڙڻ جو سامان پيدا
ڪيو. انڌا ڌنڌ، تڪڙو تڪڙو وڏي بي چينيءَ سان.
پوڙهن، پشوءَ کي ٺاهه لاءِ سمجهايو. پشو خفي ٿي،
ٻئي هٿ کڻي کوليا. چي، ”اڃا به ٿا چئو ته رئيس چڱو
مڙس آهي؟ ڪنهن سان ٺاهه ڪجي! ڇا تي ٺاهه ڪجي!“
پشوءَ حڪومت جو سهارو وٺڻ چاهيو. سوچيائين ته ڪا انڌير ننگري ته
ڪانهي! نيٺ به ته ملڪ ۾ قانون آهي. کيس اميد جو
ڪرڻو نظر آيو. هن شهر وڃڻ جي پڪي ڪئي.
پشو پهريائين سڌو لالي محمد دين وٽ ويو. هو حاجي هو ۽ حافظ هو.
ڳوٺ وارن کان پيشگيءَ تي اناج ۽ مکڻ وٺندو هو.
پشوءَ کانئس قرض گهريو. پر لالو صفا چڙي ويو. چي،
”اوهين لاهي پاهي بي حياءَ ٿي بيٺا آهيو. نه ننڍ
وڏائيءَ جو ادب، نه چڱي مڙس جو لحاظ. رڳو ڏنڊي جي
زور تي ليڪو لنگهي ويا آهيو. ڪير اوهان چورن
ڌاڙيلن کي پئسو ڏيندو!“ پشوءَ جا تاڪ لڳي ويا.
اندر ئي سڙي ويس. ڏند ڪرٽي، لوڙهه کڻي اڀي ڪيائين.
چيائين ته ”چور! ڌاڙيل! بي حياءَ، تون جڏهن هتي
آيو هئين تڏهن تو وٽ ڇا هو؟“ لالو ڏڪڻ لڳو. جهٽ
ڏهين ڏهين جا ٻه نوٽ ڪڍي کڻي پشوءَ جي هٿ ۾
ڏنائين. پشوءَ نوٽن کي مروڙي سروڙي کڻي لالي جي
منهن ۾ هنيو، ۽ پويان پير ڪيائين. سوچيائين ته هن
ڪم ۾ پئسا پنهجن کان ئي وٺبا، نه ٻين کان. هڪدم
ٻه چار رڍون ڪاهي شهر روانو ٿيو.
پشو اتي پهتو جتي گند جا ڍير، ڪارخانا ۽ دونهان، شور ۽ غل لڳو
پيو هو. گهٽيون ۽ رستا ايترا، جو پتو ئي نه پوي ته
ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا. نه وري ڪو پورو ڏس ئي ڏئي.
هرڪو پنهنجي شخصيت ۾ ئي وچڙيو پيو هو. سڀڪو وٺ پڪڙ
۽ ڀڄ ڀڄان ۾ پورو. ائين ٿي ڏٺو ته ڪنهن وڏي مڪار ۽
چالاڪ کيڏاريءَ ڪنهن خاص ۽ناپاڪ مطلب ڪاڻ، ان سڄي
شهر کي، انجڻ وانگر ٿي هلايو، جنهن انجڻ جا پرزا
۽ڪلون، هي موڳا ۽ بي جان ماڻهو هئا. انجڻ جي رٽ ۽
کٽ کٽ ۾ ڦري، جڏهن هي انساني نٽ ۽ بولٽ، طاقت ڇڏي،
گهرگهلا ٿي ٿي ويا، ته مشين جي تيز رفتار مان ٽٽي،
زور سان وڃي ٿي پٽ تي ڦهڪو ڪيائيون. جتي چٻا ٿي
ڪٽجي ڪنا ٿي ٿي ويا..........
پشو اچي هڪ نام ڪٺئي ليڊر وٽ نڪتو. کاڌيءَ جا ڪپڙا، کاڌيءَ جي
صدري، ڪاري عينڪ ۽ لڪڻ هٿ ۾. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، ڄڻ
ته سرٽيفڪيٽ تي مهر. مٿان ڪڇ ٿيلهو، ڄڻ منڊيءَ تي
ٽڪ. ڪمرو سهڻو سينگاريل ۽ در تي ٽانگو هڪيو حاضر.
پشوءَ ڀانيو ڪنهن غلط هنڌ اچي نڪتو آهيان. اڃا
اڳڀرو وڌيو ته ليڊر صاحب واڪو ڪري کيس ٻاهر ترسڻ
لاءِ چيو. نيٺ کيس اندر گهرايائين. حال احوال وٺي،
کيس لمبو ليڪچر ڏنائين. چي، ”ميمبر ٿيو. شاخ قائم
ڪيو. چندو گڏ ڪيو. ننڍن کاتيدارن سان ٺهي هلو. ڏسو
نه، اوهين سڃا آهيو، اڻ ڄاڻ آهيو. بکيا آهيو، بي
وس آهيو........“ ۽ الائي ڇا ڇا چئي ويو. پشو ڪجهه
نه سمجهي سگهيو. نيٺ ليڊر صاحب کين دلداري ڏيئي،
ٻاهر ترسايو. چي، درخواست لکائي وٺ، مڙيئي چڱي
ٿيندي “ پشو اڃا ٻاهر ئي ويٺو هو، ته رئيس گل خان
اچي ٺڪاءُ ڪيو. بنا هٽڪ سڌو اندر هليو ويو. ليڊر
صاحب کيس کلي کيڪر ڪئي. ياراڻا ٽهڪ ڏنائون. رئيس
سئو روپيه چندو ڏنو، جو ليڊر صاحب جي صدريءَ ۾
غائب ٿي ويو. پشو سٽ ڏيئي اٿيو، ڏند ئي ڀڪوڙجي
ويس. چيائين ”ڀاڙي! سڃو! بکيو! بي ايمان!“
پشو هڪ وڪيل وٽ ويو. وڪيل صاحب ننڍو نيٽو جوانڙو هو. پئي مشڪيو.
چي، ”يار اسين ته پيٽ جا پوڄاري آهيون. اميرن مان
ٽڪا ڪو نه وٽينداسون. اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ئي اسان
جو شڪار آهن. هي گلم ۽ غاليچا سڀ ٺڳيءَ جو ٺاهه
اٿئي. ملڪ جي قاعدي موجب تنهنجي ڪا به مدد ڪا نه
ٿي سگهندي. في ڏين ته ڪوڙو ڪيس ٺاهي ڏيانءِ – پوءِ
کٽي تنهنجي قسمت. اوهان جي مصيبت، اسان جي ڪمائي.
ٻي مدد مون وٽ ڪا نه اٿئي. نڪو مان واندو آهيان“.
ڪيڏي نه مڪاري هئي هن جي صاف گوئيءَ ۾! خود
فريبيءَ جي انتها! جهل جو ڇيهه! پشو چپ چاپ اٿي
کڙو ٿيو.
بي دليو، ڍرڪندو، رڙهندو اچي هڪ ٻئي وڪيل وٽ نڪتو. وڪيل صاحب
اڌيڙ عمر جو هو. سندس ڪٻٽن ۾ قانون جي ڪتابن کان
وڌيڪ مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب هئا، فلسفي ۽ ادب جي
ڪتابن جا ڍير. هن جا ڀرون البت مٿڀرو ڇڪيل هئا.
سندس نرڙ ۾ هر هر گهنج پئي پيا. سندس مٿو اڌ تائين
گنجوهو. هو سنهو سڪڙو هو. ڳالهايائين ٿي، ته نظرون
هيٺ ٿي ڪيائين. هر هر هٿ پئِي مهٽائين. اندر جي اڻ
تڻ ماس ئي ڪوري ويئي هيس. سندس ٿڪل ۽گهنجيل اکيون
نااميديءَ، بي وسيءَ ۽ مونجهاري جا دُٻا هئا.
پشوءَ جي ڳالهه ٻڌي، ڄڻ ته خفي ٿي ويو. ڊگهيون
سنهيون ٻانهون ڪري ميز تي رکيائين. ٻنهي هٿن کي
موڙي، واڇن کي هيٺ ڀرو ڍرڪائي. کڻي سوال ڪيائين:
”پوءِ ڇا ڪجي؟“ گهڙي کن وات کليل ئي ڇڏي ڏنائين.
پوءِ گهڻو ئي ڪجهه چئي ويو- چي، ”اوهين اڻ پڙهيل
آهيو. اڻ ڄاڻ آهيو، ڪجهه نه ٿا ڄاڻو. ڪجهه نه ٿا
ڪيو. پڙهڻ کان سواءِ ڇا ٿيندو؟ اوهين ناسمجهه
آهيو. اوهان تي ظلم ٿيندو رهندو. امير جو غريب تي،
ڏاڍي جو هيڻي تي. هيءَ قاعدو آهي. اوهين مظلوم
آهيو، چريا آهيو، هيڻا آهيو........“ پشو، ٽپ ڏيئي
اٿي کڙو ٿيو. سندس اکين ۾ شرارت ڀرجي آئي. ٻئي
تريون ميز تي کوڙي، ديوَ وانگر وڪيل صاحب جي مٿان
ٿي بيٺو. وڪيل صاحب هيسجي ڪرسيءَ ۾ جهڪي ويو.
اکيون مچڪائي پشوءَ ڏانهن ڏٺائين. پشوءَ ساڻس
اکيون ملائي چيو ته ”چريو آهين تون! هيڻوآهين تون!
ظلم آهي توسان!“ اديب صاحب جي ٺوڙهه ۾ ڄڻ ته ڪنهن
مترڪا هڻي ڪڍيا- هڪ ........ ٻه..... ٽي. هو
ڪرسيءَ ۾ ڍرڪندو ويو. ڪنڌ لوڏي لوڏي ڪتابن کي
ڏٺائين. ڏانڊيءَ جهڙين رڳن سڄيل ٻانهن ڏانهن
ڏٺائين. ڄڻ ته خاطري ٿي ڪيائين. پوءِ اڃا به
ڪرسيءَ ۾جهڪي ويو.
پشوءَ کي ڏاڍي بڇان آئي. هيانوَ تي تور ٿي پيس، ڄڻ ته الٽي پئي
آيس. گهڙيءَ کن لاءِ دل شڪستو ٿي پيو. خيال ڪيائين
ته هي ليڊر، وڪيل ۽آفيسر سڀ رئيس سان ملت آهن،
دانهن ڪنهن کي ڏبي؟ سوچيائين ته ”ٻين تي ڀاڙي اسين
ته پاڻ تي ظلم پيا ڪيون – ظالم اسين پاڻ
آهيون.........“ پشو اهو سوچي ڏاڍو خوش ٿيو. ڄڻ ته
ڪو سچو هيرو لڌو هئائين. سندس دماغ تڪڙو تڪڙو ڪم
ڪرڻ لڳو. ”هي رئيس ۽ ليڊر ته رحم جوڳا آهن، پنهنجي
کڏ پاڻ پيا کوٽين.“ پشو سوچيندي، سوچيندي، شهر جي
ٻاهرئين حصي ۾ اچي نڪتو، جتي رڳو ڪارخانا هئا. هن
سور ٻڌو، ڏٺائين ته هزارين غريب اٿي کڙا ٿيا هئا،
سندن هٿن ۾ جهنڊا هئا، مترڪا هئا ۽ انا. هو نعرا
هڻي رهيا هئا. سندن اڳواڻ هڪ ٿڳڙي پوش هو. هو بلند
آواز سان چئي رهيو هو: ”هنن ڪلن جوساهه اسين
آهيون، هنن ڪارخانن جو روح اسين آهيون، اسان جو
پگهر موتي ٿو ٺاهي. اسان جو پورهيو املهه جنس آهي.
موڙي آهي، سرمايو آهي. اسان جي گڏيل طاقت اَڻ کُٽ
آهي، ڪا ڪِنَ ڪچري ۽ اڻ پوريءَ ورهاست کي لوڙهي ۽
ٻوڙي ڇڏيندي..........“
پشوءَ جي ڇاتي ڦوڪجي ويئي. سندس نسون ڦنڊجي وئيون. سندس اکيون
چمڪڻ لڳيون. ڄڻ ته ڪو نئون ٿڌو نوراني ڪرڻو سندس
بدن ۾ پِهندو جذب ٿيندو ويو. پشو اتي ڏينهن جا
ڏينهن رهي پيو. نون اميدن ۽نون امنگن سان ٽمٽار
ٿي، هو ڳوٺ ڏانهن واپس وريو.
پويون سج پٿرن، کيتن ۽ڳوٺن کي ڳاڙهو ڪري رهيو هو. پشو هڪ ڇپ تي
چڙهي بيٺو. ڳوٺاڻن جا ڊنب سندس چوگرد بيٺا هئا.
پشوءَ جو وار وار کڙو هو. چوڌاري ڦري ڏٺائين. سندس
هٿ ۾ لٺ هئي. وٺي جو ان کي زور ڏنائين، ته اڌ مان
ڀڄي پيئي. ڄڻ ته اڏوهي کاڌل پراڻو نظام ٽڙڪو ڏيئي
ٽٽي پيو. پشوءَ ٻئي مُٺيون مٿي کنيون- ”ڇا اوهين
هيڻا آهيو؟ چريا آهيو، بکيا آهيو، بيڪار آهيو؟ ياد
رکو اوهين انسان آهيو. اوهان درياه موڙي ڇڏيا.
اوهان ٽَڪَر ٽاڪي ڇڏيا. اوهان پٿرن مان اَن پيدا
ڪيو. اوهان ٺوٺ زمين کي اکيڙي، کانئس زوريءَ گل ۽
ٻوٽا ڄڻايا. اوهان جبلن جي پيٽ مان پاڻي ڊوهي
ڪڍيو. اوهان جنهن تي وار ڪيو تنهن ڪنڌ نوايو.
فرشتن اوهان کي سجدو ڪيو. قدرت اوهان جي ٻانهي
آهي. اوهان پورهيت آهيو، پيدا ڪندڙ آهيو. پورهيو
بادشاهه آهي. اٿو ته اسين واڳون وٺون. اٿو ته اسين
ونڊ ورڇ ڪريون. اچو ته سڀني کي خوشحال ڪريون. اچو
ته ٺار ۽ ٿڌڪار پيدا ڪريون. اچو ته اَن ۽ ميوي جا
انبار لڳايون. اچو ته مائرن ۽ سندن ٻچن کي بي اونو
ڪريون. اچو ته انسانيت جي وڌاري جي دڳ کي صاف
ڪيون، ڪنڊا ۽ ڪرڙ پٽي اڇلايون. اسان جي آڏو ڪو نه
ايندو. جيڪو ايندو ڪک پن ٿي ويندو، لڙهي ويندو.
اسين ڪڏهن نه هٽنداسون. اسين ڪڏهن نه مرنداسون –
ڇو ته اسين ماڻهو آهيون. پورهيت آهيون!“
ڳوٺاڻن ۾ سيءُ پئجي ويو، سندن رت ۾ ولولو هو. پشوءَ جو هڪ هڪ
جملو سندن بدن ۾ نئين نئين خون جي پچڪاري هڻي رهيو
هو. ڪيترائي اڙٻنگ جوان اچي پشوءَ جا ٻانهن ٻيلي
ٿيا. پشوءَ جي آڏو راهون کلي پيئون. هيءَ نئين
چڻنگ واچوڙي وانگر وچڙندي ويئي. جابلو جوانن جا
جٿا پشوءَ سان ملندا ويا. غارن ۽ چُرن ۾ هٿيارن جي
جهنڪار لڳي ويئي.
هڪ اونداهيءَ رات جو، ڊگهي ۽ ور وڪڙ غار ۾ ساٿين صلاحون ڪيون.
منجهائن هڪ الڙ جوان هو، جنهن کي مس مڇن جي ساول ۽
ڏاڙهيءَ جي ريهه لٿي هئي. سندس هٿ ۾ گراٺ ڦر واري
چمڪندڙ ڪهاڙي هئي. ڪنڌ هيٺ ڪيو، هڪ ڀُتيءَ ڪاٺيءَ
جون ڇيتيون پئي لاٿائين. ٽيڏيءَ اک سان نهاري
چيائين ته ”دير ڇا جي آهي؟ رئيس جي
سسي..........!“ ائين چئي ڪاٺي ڪپي ٻه اڌ ڪيائين.
چي، ”گهر ۽گدام، رڳو هڪ تيليءَ جو کاڄ آهن“. سڀني
وٺي واه واه ڪئي. پشوءَ جي نرالي طبيعت کي اها
ڳالهه اصل نه وڻي. چهڙ ڏيئي سڀني کي چپ ڪرايائين.
ڪڙڪو ڪري چيائين ته ”ڇا اسين به رئيس آهيون، جو
کيت ساڙيون ۽ ماڻهو ماريون؟ اسين نه خوني آهيون،
نه ڌاڙيل آهيون. ڇو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو
هڻون؟“
پشو آرام سان ماڻهو گڏ ڪندو رهيو ۽ طاقت وٺندو رهندو. کين
سمجهائيندو ۽ سيکاريندو رهيو. جدا جدا ماٿرين جا
جوان پشوءَ وٽ ايندا رهيا ۽ نوان امنگ ۽نوان خيال
کڻي پکڙندا رهيا.
گلناز ڀانيو هو ته پشو بس سندس ئي پوڄا ڪندو، پر ويچاري تڙپندي
رهي. ڏينهن جو اميد ۽ رات جو انتظار. هن پشوءَ تي
حق ٿي ڀانيو. هن ئي ته پشوءَ جي ٺوٺ دل ۾ پيار
پيدا ڪيو هو! هن نٿي ڄاتو ته اهو پيار وڌي هڪ چشمو
بڻجي چڪو هو، جنهن مان ڪيترن ئي اجڙيل غنچن سرڪيون
ٿي ڀريون. ويچاري نياپا موڪلي موڪلي ٿڪجي پيئي.
پشو نه اچڻو هو، سو نه آيو. کيس پشوءَ جا اکر ياد
پيا. ”نازو، اچ ته دنيا کي پيار ڪرڻ سيکاريون.“
اهي اکر سندس ڪنن ۾ وڄڻ لڳا ”نازو اچ ته دنيا کي
پيار ڪرڻ سيکاريون!“ نازو بيتاب ٿي، اٿي. واقعي
ضرورت هئي دنيا کي پيار سيکارڻ جي! هوءَ وڃي پشوءَ
۽ سندس ساٿين سان ملي.
پشو ۽ نازو، عورتون ۽ مرد، اتساهه ۽ امنگ سان، ماٿرين ۽ گهرن کي
گلزار ڪرڻ لڳا. گڏجي اپائڻ لڳا ۽ گڏجي کپائڻ لڳا.
وڏيرپ ۽ وڏائي واءُ ٿي ويئي. پورهيتن جي پئنچات
اڳتي وڌڻ لڳي. پئنچاتي دڪان ۽ پئنچاتي اسڪول کلي
ويا. ڪٻٽي ۽ ڪشتي، ملهه ۽ ونجهوٽيءَ جا مقابلا ٿيڻ
لڳا. سندن چهرا چمڪڻ لڳا. ٻارڙا کلڻ ۽کيڏڻ لڳا.
سادن سودن ماڻهن جي هڪ سادي سودي اڏاوت کڙي ٿي
ويئي. پورهيتن وڏي اتساهه سان هيءَ اڏاوت جوڙي
هئي، جنهن ۾ ٿڌيون هيرون ٿي لڳيون ۽ کنڊون ۽ کير
ٿي ورهايا. هنن پنهنجن شخصي نفعن کي ڪُٽي، ڌمڪ
هڻي، هن اڏاوت جي پيڙهه کي پڪو ۽پختو ڪيو هو. ان
جو گارو، پگهر ۽پيار سان ٺاهيو هو. انساني محبت ۽
ٻڌيءَ جي هن سادي سهڻي ڪوٽ سان رئيس گهڻائي ٽڪر
هنيا، پر ڳوٺاڻا پنهنجي هن تخليق جي بچاءُ ۾ سر
ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سچ ته تخليق مئي ته خالق مئو –
نقش ويو ته نقاش جي ڇا ڪندو؟ گهر ڊٺو ته سرون ۽
سروٽا ڪيئن رهندا- رهي ڇا ڪندا؟
حيوانيت ڦٿڪڻ ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳي- وڏيرن ۽ وياج خورن، نانگن ۽
سانڊن وانگر ڳوٺاڻن جي ٻڌل ڪوٽ ۾ ڏرڙ ۽کوٻڙا کوٽڻ
گهريا، پر پشو ۽ پئنچات سندن ڏند ٽوڙي ڇڏيا ۽ چنبا
ڀڃي وڌا. ڀلا ڪير پنهنجي بهشت مان نڪري پرائي دوزخ
۾ ويندو! رئيسن هٿ پير هلائي ڇيهه ڪيو، ۽ نيٺ وڃي
شهرن ۾ پناهه ورتائون. پشوءَ جي طاقت ويئي وڌندي
۽ڳوٺن جا ڳوٺ ويا سندس پيار ڀرئي پيغام جي لپيٽ ۾
ايندا. ماٿريون سبز ۽ سايون ٿي ويئون. اناج ۽ ميوا
جام ٿي ويا. پيار ۽ امن جون هيرون ٿي لڳيون.
انسانيت ٽڙندي رهي.
اخبارن وڏيون وڏيون سرخيون ڏنيون. ماڻهن ”جابلو شينهن“ جا
ڪارناما وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا. اديب ۽ عوامي
ليڊر کيس ”هيرو“ سڏڻ لڳا. رئيسن، سيٺين ۽ سندن
حڪومتي ٻالڪن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. چي، ”پشو“ باغي
آهي، چور آهي، ڌاڙيل آهي، ڪافر آهي!“ رياست جو
جاسوسي کاتو وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويو. ائين اچي مڙيا،
جئين مکيون ڍونڍ تي. نوس نوس شروع ٿي ويئي- هر
خوشبوءِ کي خطرناڪ سڏيو ويو. ڪوڙيون رپورٽون
موڪليون ويئون. ويچارا رپيو روز کڻندڙ سپاهي ڀلا
ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيا، ڇا ٿي ڏسي سگهيا. ڪاغذي
رپورٽن جي ڍڳين مان هڪ وڏو خيالي بدبدو ٺاهي، منهن
بنائي، فوجي ڪارروائيءَ جو حڪم ڪيو ويو. مڪار ۽
ڪانئر نوابن پيار ۽ محبت جي ڪوٽ کي ڪيرڻ لاءِ
ڀائرن کي ڀائرن سان ويڙهايو. پنهنجا پنهنجن سان
ٽڪرايا. وطن جا فوجي ڀائر هڪ هم وطن ڳوٺاڻي تي
پلٽجي پيا. بي ضمير اخبارن وري به وڏيون سرخيون
ڏنيون ۽ فوجي ڪارنامن جي ساراهه ڪئي.
پشو بي خبر نه هو. هن کيت ۽ گهر ساڙائڻ نه ٿي گهريا. هو کيتن جو
۽ ڦلن جو، مائرن جو ۽ سندن ٻچن جو رکپال هو. هن
ڳوٺ وڃي مٿي لاهن تي ٻڌايا. ۽ پوءِ پنهنجا ساٿي
وٺي اڳڀرو وڃي لَڪَ جهلي بيٺو. رات جو وڳڙو، ڪاري
ٻاٽ اوندهه، پهاڙ ۽ پهڻ، پشو ۽ڳوٺاڻا، صدين جا
ساٿي ۽ پراڻا حال ڀائي، هڪ ٻئي جو ڏڍ ۽ اجهو ٿي هڪ
ئي دشمن جي مقابلي لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. جبلن
۽ ماٿرين جا اپايل جوان، رائيفلون کڻي پهڻن کي ڍال
بنائي ڇپي ويهي رهيا.
آڌيءَ رات جو رياستي فوج اچي لانگهائو ٿي. جابلو جوانن ڌوڙيو
لائي ڏنو. انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر ٿيڻو هو سو ٿي
ويو. صدين جا خشڪ پٿر رنڱجي لعل ٿي ويا. فوج ۾
ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. هو ڀڳڙن وانگر ڀڄڻ لڳا.
انسانيت اڏول، بلند ۽ مٿاهين رهي. خريد ڪيل جسم،
”جسم“ جي ئي بچاءَ ۾ محو رهيا. لڪي ڇپي، پهڻن کي
آڏ بنائي، سر جو سانگو رکي، جوابي حملو ڪري
ڏنائون. ڇتي ويڙهه ڇڙي ويئي. فوجي بم پٿرن کي پٿون
ڪري رهيا هئا. گولين جي بوڇاڙ ۽ دونهين جا ڪڪر
هئا.
ڳوٺاڻي نازو، پاڻيءَ جي کلي ۽ باروت جو ٿيلهو کنيو، پٿرن ۽ پهڻن
تي ڊوڙندي ٿي رهي. هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، هر هر ڦري
پشوءَ وٽ ٿي آئي ۽ وري ڪنهن زخميل جي دانهن تي ڀڳي
ٿي ويئي. گولين جي مينهن ۾ سندس همت ۽ همدردي،
سادگي ۽ سونهن پيار ۽ فرض، کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي
رهيا هئا.
گهمسان جي لڙائي هلي رهي هئي. پويون پهر ٿي چڪو هو. پورهيت
پورهيتن سان وڙهي رهيا هئا. مزورن جو ٺاهيل بارود
مزورن کي ساڙي رهيو هو. سندن مشترڪ دشمن ڪارو۽
ڪوجهو، وڏين ڏاٺن وارو، شيطان مثل، دونهي جي ڪڪرن
۾، کڳيون هڻي رهيو هو. نٿي ڄاتائين. ته ”کارائيندڙ
۽ ڍڪائيندڙ“ هٿ کي، نانگ وانگر ڏنگي رهيو هو.
پشوءَ پنهنجو بارود خلاص ٿيندو ڏٺو. هن پنهنجا مٺ جيترا ماڻهو.
مرندا ڏٺا. کيس کيت بچائڻا هئا. مائرون ۽ آئندي
جون اميدون بچائڻيون هيون .انسانيت جو جهنڊو اوچو
رکڻو هو. نئون نياپو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻو هو
.انسانيت جا پيغمبر سلامت رکڻا هئا ۽ جنگ جاري
رکڻي هئي. سڀ ڳالهيون ڳڻي، هن هٽڻ جو حڪم ڏنو. رڳو
ٿورڙا ساٿي پري پري ڪري بيهاريائين، جي رائيفلون
ڇوڙيندا رهيا. جئن دشمن دوکي ۾ رهي. ٻيا ساٿي،
خاموشيءَ سان، زخميلن کي کڻندا، غارن ۽ چرن ڏانهن
روانا ٿي ويا. هاڻي اٺَ نو جانباز وڃي بچيا. پشو
اشاري سان هڪ هڪ کي واپس موڪليندو رهيو. نيٺ وڃي
ٽي ڄڻا رهيا. پشو، نازو ۽ سندن هڪ ويجهو دوست
شيرل. ٽيئي ساٿي لاڳيتو جدا جدا هنڌن تان گوليون
ڇوڙيندا رهيا.
رات دونهون ۽ بارود جي باه! ٿَڪ، زخم ۽ اُڃ! پشو، نازو ۽ شيرل
وڙهندا رهيا ۽ هٽندا رهيا. اوچتو بارود ڦاٽو،
چمڪاٽ ٿيو، ۽ پشو بولاٽي کائي ڪريو. نازو ۽ شيرل
ڀڄندا ويا. سندن گوليون ڇٽڻ بند ٿي ويئون. فوجي
سپاهي زور ۽ شور سان وڌڻ لڳا. پشوءَ جي زخمن مان
رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو. نازو وائڙن وانگر هيڏي
هوڏي ڏسڻ لڳي. آڱرين سان وهندڙ رت کي روڪڻ لڳي.
وقت تيزيءَ سان سُسي رهيو هو. پشو ٽيڪون ڏيئي اٿي
ويٺو. هن آخرين نياپو ڏنو چي”جنگ جاري رکجو،
ڪارخاني وارن سان ضرور ملجو، فوجن ۾ پنهنجو پيغام
موڪلجو!“ فوجي سپاهي مٿي چڙهي رهيا هئا. باهه جو
درياهه وهي رهيو هو. پشوءَ نستن هٿن سان بندوق کڻي
پٿرجي ٽيڪ تي رکي. هو مشڪيو – چي ”نازو تون وڃ!“
نازوءَ جي زبان بند ۽ نڙي خشڪ هئي. سندس اکيون
ڦاٽل ۽ چپ ٿورا کليل هئا. هوءَ پئي سهڪي. ڪنڌ سان
تڪڙو تڪڙو ”نه نه“ ڪيائين پشوءَ رائفل کڻي ٺڪاءُ
ڪيو. چي ”مان به اچان ٿو“. هو وري مشڪيو ۽شيرل کي
آڱر سان اشارو ڪيائين. شيرل، نازوءَ کي ڪرائيءَ
کان جهلي، مٿي جبل جي چوٽيءَ ڏانهن ڀڳو. پشوءَ جي
روح کي جهٻي اچي وئي. ڀايانئين ته سڏ ڪري نازوءَ
کي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري. نازو پٿرن تي گهلبي ۽
رهڙبي ويئي. سندس ڪنڌ پٺتي هو ۽ اکيون پشوءَ ۾
هيون. وڃي چوٽيءَ تي پهتا. پشو پهڻ جي اوٽ ۾
گوليون ڇوڙي رهيو هو. فوج کيس وڪوڙي ويئي هئي.
سپاهي مٿس چڙهي ويا. نازوءَ هنيانو ڦاڙي دانهن
ڪئي....... ”پشو!“..... ڄڻ ته آسمان ڏري پيو. جبل
ڦاٽي پيا ۽ مائرن ڪيهون ڪيون. نازو سٽ ڏيئي پوئتي
ڀڳي. پر شيرل جو مڙداڻو هٿ کيس جبل جي ٻئي پاسي
گهلي ويو. ڪنهن اونهي کوهه ۾، پشوءَ کان ڌار،
اوندهه ۽ انڌڪار ۾. پٿرن ۽ پهڻن، گلن ۽ ٻوٽن،
مائرن ۽ ٻچن هڪ گنڀير ۽ خاموش ماتم ڪيو. سون
پگهرندو رهيو ۽ مَٺُ اڀامندو رهيو. فوج دمبهو
هنيو ”يا علي!“ زخميل پشوءَ کي ڪنداقن سان ڪٽيو
ويو. گهٽيل ۽ ٻوساٽيل پشوءَ پنهنجي آخرين چال
کيڏي، چي ”منهنجا سڀ ساٿي مارجي ويا.“ فوج پنهنجي
فتح تي ناز ڪندي، دڦ وڄائيندي، پشوءَ کي گرفتا ڪري
موٽڻ لڳي. وڏا وڏا ڀيانڪ پربت هزارن ۽ ڪروڙن سالن
جي باهه ۽ ٻاڦ کي وڌيڪ سانڍي نه سگهيا. ڏند ڪرٽي
اکيون ڦوٽاري فوجي دڦ ۽ دمبهي جي هر هڪ آواز جو
جواب، وڏي سڏ، زور زور سان چار چار پنج پنج دفعا
ڏيڻ لڳا. غوغاءُ مچائي ڏنائون. سندن گجگوڙ ماٿرين
۽ غارن ۾ ڳوٺن ۽بستين ۾ زلزلا پيدا ڪري وڌا.
رياستي فوج زلزلن کان بي خبر، ٽانءِ ڦونڊ ۾ ڀرجي، وڏي ٺاٺ ۽
اڊمبر سان اچي شهر پهتي. اخبارن وري به وڏيون
وڏيون سرخيون ڏنيون. فوج ۾ انعام ورهايا ويا.
پشوءَ جي جسم کي قابو ڪري، ڄاتو ٿي ويو ته سندس
لڳايل چڻنگ اجهامي ويندي. پر اها ته لٻاڙ هئي، لاف
هئي، خود فريبي هئي، چريائي هئي.
بس کرکني ٿيل سماج جي ڌڏندڙ ٿوڻيءَ کي چار ڏينهن جيئدان مليو اڄ
نه ڪري سڀان ڪري!
پشوءَ کي ڦاسائڻ لاءِ خاص جج ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا. ڪيني جو
ناٽڪ هلي پورو ٿيو. ڪارن جُبن وارن پنهنجون
تقريرون ڪيون. جج صاحب وڏي ڪرسيءَ ۾ ڪٽهڙي جي
پٺيان وڏين ڊگهين ڀتين جي وچ ۾ ويٺو هو. سندس
چوڌاري ڪتابن جون ٿهيون هيون. چوبدار سندس مٿان
بيٺو هو. هو اکيون مچڪائيندو رهيو. هن گهوريندڙ
ڪتابن ڏانهن ڏٺو، ڪارن جبن وارن ڏانهن ڏٺو، پوليس
ڏانهن ڏٺو، ۽ ڪورٽ جي ڊگهن وڏن ساڳ جي درن ڏانهن
ڏٺو. هن مجرم وانگر اکيون جهڪايون ۽ فتويٰ ڏني.
”تون ڏوهي آهين – توکي ڦاسي ڏني ويندي!“
پشو ذرو به نه لڏيو. شينهن جهڙو مڙس اٿي بيهي رهيو. ڏاڍي
ٿڌائيءَ ۽ وڏي يقين سان چيائين ته ”ڏوهي تون آهين،
ڦاسي توکي ايندي: مان ڪڏهين نه مرندس.“
ٻاهران وڏي زور سان نعرو لڳو ”پشو پاشا زنده باد“ عدالت عاليه
جو لوهي جهنگلو ڄڻ ته ٽڙڪو ڪري ٽٽي پيو. سندس وڏو
شاهي گنبذ ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پيو. ان جي چوٽيءَ مان
نڪرندڙ ڪڙا ۽ زنجير ڇڄي مٽيءَ ۾ ملي ويا. انساني
جوش جو اڀرندڙ سمند وڏا ڪَرَ کڻي، ٽڪر هڻندو،
عدالت عاليه جي کنڊرن مٿان ورائجي ويو.
ڦاسي گهاٽ مان سوين ۽ هزارين پشو اڏامندا نظر آيا. سندن سر
تريءَ تي هئا. سندن ڪپڙا رڱجي لعل ٿي ويا هئا.
ويا گڏ ٿيندا. ڪارخانن ۾، فوجن ۾، کيتن ۾ ۽ جبلن
جي ماٿرين ۾، ۽ غارن ۾. سندن هٿيارن جي جهڻڪار ۽
نازوءَ جا آلاپ هوائڻ ۾ واچوڙا پيدا ڪري رهيا هئا.
تکا ۽ تيز واچوڙا، جن هر ڀـُتي اڏاوت کي اکوڙي ٿي
وڌو: وڏا ۽ اوچا واچوڙا، جن زمين جي ذرن کي آسمانن
تائين ٿي پهچايو. |