سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

مضمون

صفحو :29

 (6) مير صوبدار خان

مير فتح علي خان 10 محرم 1217هه جو انتقال ڪيو. جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري ٿي، مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اها نويد کيس ملي ۽ شهزادو گهرائي ڏٺائين – بوسو ڏئي، دعا گهري، پوءِ پاڻ دم ڏنائين.

مير صوبدار خان جي زندگيءَ جا اهم واقعات مٿي ڏئي چڪا آهيون – هتي زياده تفصيل جي ضرورت نه آهي. پاڻ جڏهن سنڌ کان ٻاهر فرنگين جي بندي خاني ۾ هو، ان زماني ۾ ”جدائي نامي“ جي عنوان سان هڪ نهايت ئي دردناڪ، الم انگيز ۽ غريب الوطنيءَ جي جذبات سان ڀرپور هڪ عظيم الشان مثنوي تصنيف ڪيائين.

1263هه 1846ع) جو مير صاحب جلاوطنيءَ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش اتان کڻي، اچي پراڻي خداآباد ۾ مير فتح علي خان سان گڏ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

اسان جيڪا مهر هتي پيش ڪري رهيا آهيون، سا، 1258هه جي آهي، ۽ ان تي هيءَ سجع اڪريل آهي:

”صوبدارم من از نبي وولي – 1258هه“

مير حسين علي خان به سڀني ٽالپرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ جلاوطن هو، ۽ جڏهن سنڌ موٽڻ جي سڀن کي موڪل ملي، تڏهن شعبان 1275هه (مارچ 1859) جو وطن واپس آيو. جتي 26 ربيع الاول 1295هه جو آچر ڏينهن 7-بجي شام رب ڏانهن راهي ٿيو. ٽالپرن جي هديري ۾ مير مراد علي خان ۽ مير علي بخش خان مرحوم جي وچ ۾ دفن ٿيل آهي. هيٺيون ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي:

”حضرت بند گان، سرکار دولت مدار مير صاحب

مير محمد حسين علي خان ٽالپور عليـﮣ رحمـﺒ والغفران

تاريخ بيست و ششم ماه ربيع الاول 1295هه، شب يکشنبه بوقت هفت کلاک.“

”هست روشن زفيض لم بزلي

آفتاب جهان حسين علي – 1271هه“

”زنورِ محمد بود منجلي

چراغِ مرايءَ حسين علي  1271هه“

سرکار دولتمدار عالي تبار امير صاحب

ميرميان محمد حسين علي خان ٽالپر بلوچ

حمزوي العلوي القرشي – 1271هه“

هڪ ٻي به مهر آهي، جنهن تي لکيل آهي-

”ادرکني يا حسين – 1277هه“

اسان سمجهون ٿا ته اها به مير صاحب جي ئي آهي.

(9) حسن علي خان بن مير نصير خان

مير حسن علي خان مير نصير خان جو فرزند هو. سندس ٻه مهرون پيش ڪجن ٿيون.

آسوده بر سرير امارت بخوشدلي

فخر الملوک ظل الاهي حسن علي- 1254هه.“

”محمد حسن علي – 1273هه.“

(10) امير محمد علي خان ٽالپر

هڪ مهر مٿئين نالي سان ڏني وڃي ٿي، جنهن تي هيٺين اڪر آهي:

”امير محمد علي خان ٽالپر- 1244هه.“      

 

مير محمد علي خان مير صوبدار خان جو فرزند هو، جنهنجي ولادت 4 صفر 1243هه جو ٿي. جنهن صورت ۾ مهر جو سال 1244 هه آهي،تنهنڪري اها مهر ڪنهن ٻئي هم نام ٽالپر جي آهي، جنهن کان اسان واقف ٿي نه سگهياسين

ادبي خط

شيخ حفيظ                                                           

............. ڀائو! تتي تاوَ پيو جواب ڏيانءِ- رهي ڪين سگهيس.

تو منهنجي دوستيءَ جي ڀيٽ ٻين جي دوستيءَ سان ڪئي آهي. واقعي اسان ٻنهي جي دوستي دنيا جي دوستين کان نرالي رهي آهي- ور ور ڪري وڙهيا آهيون. ڪنڌ ورائي ماضي جي پيچرن تي نظر ٿو ڪيان ته انيڪ ننڍڙا ننڍڙا جهيڙا کنڊڙيا پياآهن- ڪڏهن ”ڪلفٽن“ جي ڪناري تي هڪ ٻئي کي واريءَ ۾ دسي ويٺا آهيون، ڪڏهن ڪراچيءَ جي فلئٽن ۾ٺونشي بازيءَ جي مشق پياپچايون. الجهي الجهي وڇڙي ويا آهيون ۽ وري اهو ”تون“، اهو ”مان“، اهي ڀاڪر، اهي ڳراٽڙيون!

اڄ دل تي هڪ احساس طاري آهي ته تنهنجي منهنجي دوستي هميشه محض ائين ئي رهي آهي- انهيءَ دوستيءَ جو ڪو مقصد نه رهيو آ- ڪا مدعا ڪا نه هئي. اها دوستي هئي به، ۽ ڪا نه به هئي؛ ڄڻ ٻه روح هئا، ٻه غبار جا ٽڪر هئا، يا جهڙ جا ڪڪر هئا- ويجهو اچي ٽڪريا ٿي- هڪ ٻئي ۾ مدغم ٿي وڃڻ لاءِ ۽ پوءِ کنوڻيون هڻندا ڌار ٿِي ٿي ويا. ڪهڙو نه عجيب هو زمانو! پر افسوس، گذري ويو.

آءٌ خمارن غبارن جي دنيا جو رهواسي، اڳ توکي به پيچن ۾ اٽڪائي، فضائن ۾ اڏائي کڻي ويندو هوس؛ پر هاڻي انهيءَ دنيا ۾، تنهنجو ڇڪجي هلڻ، تولاءِ نه رڳو ڪٺن آهي، پر نقصان ڪار به آهي. آءٌ ادب جي تخيلاتي دنيا ۾ رهان ٿو، انهيءَ دنيا ۾ منهنجي دماغ تي هميشه خمار طاري رهن ٿا ۽ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءٌ ڪنهن ڪبوتر جيان فضا جي ڇولين تي ڇلڪي رهيو آهيان. تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر کي هوا جي ڇولين تي ڇلڪندو ڏٺو به آهي، الاجي ڪين – پر آءٌ ڏسي چڪو آهيان.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي، ته آءٌ هٿين خالي پينو فقير آهيان. مون وٽ دنيا جو ڌن دولت ڪين آهي، پر پنهنجي دنيا ۾ آءٌ پاڻ کي تونگر سمجهندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پڙ ڪڍي بيهندو آهي، ته آءٌ ايئن جـُهرڻ لڳندو آهيان جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾، هري هري حل ٿي، جهڄندي وڃي. ۽ پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ حلاوت مان منهنجي افساني جو ڪردار ڪر موڙي، آرس ڀڃي، ائين اٿندو آهي، جيئن ڪو سَلوڪنهن شاداب زمين مان  اسرندو هجي يا ڪا نرتڪي نيهن مان اٿي جهومڻ ڳائڻ لڳي وڃي ۽ جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارڻ لڳندو آهي ته آءٌ سمجهندو آهيان ته آءٌ خود خدا آهيان- خالق جو هوندو آهيان هڪ ڪردار جو.

تون چوندين: ”اڄ هن مست کي وري ڪا مفت جي مَي ملي آهي.“ پر جي سچ پڇين ته مون تي بنا پيتي به کيپ چڙهي لڪ آهن. مون لاءِ ڪنهن شيءِ جو تصور به ڪافي ٿيو پوي. تون ان ڳالهه کي سمجهي ئي ڪين سگهندين. زندگيءَ جا لطف ڀل تو مون کان وڌيڪ ماڻيا هجن، پر جيڪي مزا مون کي منهنجي موهه ماڻايا، سي تنهنجي وس کان ٻاهر آهن. انساني زندگي لڙڪ مرڪ جي کچڻي آهي- توکي کلندي نير هارڻا پيا هوندا ۽ رئندي ٽهڪ ڏنا هوندءِ- پر منهنجي جندڙي ئي نرالي آهي.

پهرن جا پهر ڪنهن دلبر جي چاهه جي چکيا تي چڙهي، آءٌ کامندو پچندو رهندو آهيان؛ پر انهيءَ جهوريءَ جُهرڻ جي لطف تي، لالَ، آءٌ هوند ڪائنات قربان ڪري ڇڏيان! چانڊوڪي رات ۾ ساگر جي ڪناري ڪنهن پرينءَ سان پرت ڀرين ڳالهڙين جوتصور، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پوريءَ فضا تي بهار ڇانيل آهي، ۽ ڪو ديوانو پنهنجو تنبورو کڻي فضا ۾ گيت پيو پوکي- مڌر مٺڙيون راڳڻيون.

مون کي دنيا جي مالڪ جي ٺاهيل بي بقا مورتين سان هڪ طرف نفرت ٿي وئي آهي. ڪمبخت ڪر موڙي اٿنديون مس، ته ائين پسرڻ شروع ڪنديون، ڄڻ آيون ئي من ۾ چوچڙي لڳائڻ، باهه بکائڻ، ۽ وري وڃڻ لاءِ هيون. انهن جي ڀيٽ ۾ منهنجي من جي مورتين کي ڏس! مون پنهنجي مورتين کي قوس قزح جي رنگن سان رڱيو آهي. هڪ رنگ ٻيو وڌو اٿم، نالو اٿس ”بقا“. دنيا جي خالق جي تصويرن ۾ بقا جو رنگ آهي ئي ڪين- سڀ بي بقا آهن.

هيءَ هير گهلي، هيءَ رت بدلي؛

گل گل جي منهن تي مرڪ ملي-

افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي، جا

نه کڙي نه ٽڙي، نه کِلي نه کُلي!

مون کي ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ آءٌ ۽ الله ٻه بتگر آهيون. هيو به بت ٿو ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان. حسن ڪمال هن جي تمنا- حسن ڪمال منهنجي آرزو. مون شايد هيءَ ڏات، هيءَ تات وٽانئس ئي چورائي آهي؛ ڇو ته هو ازل کان آهي، ابد تائين هوندو ۽ آءٌ فاني آهيان- فنا ٿي ويندس. هوبه بت ٿو ٺاهي، آءٌ به بت ٿو ٺاهيان؛ هو به مصور، آءٌ به مصور؛ هو به خالق، آءٌ به خالق! البت- هن جا بت فاني، منهنجا بت لافاني؛ هنجا بت پريشان، منهنجا بت خندان؛ هن جا بت نياز ڪيش وارا، منهنجا بت بي نياز؛ هن جا بت تند خو، منهنجا سادا سٻاجهڙا!

ڏس اسان ٻن بت گرن جي ڪلا ۾ ڪيڏو نه فرق آهي!

بقا ۽ فن جا جي ٻن رنگن ڪيڏو نه هل هلاچو مچايو آهي!

صدين کان انسان ائين الجهندو رهيو آهي. فنا جو رنگ هر شيءِ تي حاوي ۽ طاري آهي. انسان خود به فاني آهي، پر تنهن هوندي به بقا جا عڪس پيو لوچي.

۽ آءٌ انسان آهيان.......... فاني انسان، خدا جو شاهڪار.

منهنجي فطرت ۾ بقا جي تلاش جو رنگ ڀريل آهي. ۽ مون ساهه جون سٽون ڏئي بقا حاصل ڪئي آهي. اها بقا مون ڏاتار بڻجي، پنهنجي نقشن کي عطا ڪئي آهي.

قدرت عظيم آهي. آءٌ- سندس نقش ڪمال آهيان، ۽ منهنجو نقش،حدِ ڪمال آهي. الاجي، تون منهنجي روح جي رباب جا هي سر سمجهي به سگهندين ڪي ڪين. ازل کان منصور سوريءَ کي سيج چئي، سر ڏئي، سردار ٿيو آهي. تون به شايد مون کي گهوگهو ڏئي، پوءِ منهنجي مزار تي مجاور بڻجي وهين!

مٺ جيترين ساعتن جي مهلت جيڪا جڳ ڏاتار مون کي ڏني آهي، تنهن ۾ مون کي پنهنجي نقشن کي سينگارڻو آهي، منجهن رنگ ڀرڻا آهن، ۽ سڀ کان وڌيڪ منجهن بقا جو ناياب رنگ ڀرڻو آهي.

تون منهنجي دنيا جي پيچيدگين کي نه ڪڏهن سمجهي سگهيو آهين ۽ نه سمجهي سگهندين. هي ازلي راز جيڪي منهنجي سيني ۾ سمايل آهن، آءٌ جي چاهيان، ته به توکي ڪين ٻڌائي سگهندس. ازل ڇاهي، ابد ڇاهي ۽ ڏاتار جي ڏات ڇا هي – سي سڀ اهڙا ته پيچيدا مسئلا آهن، جو منهنجي سمجهائي به تون شايد سمجهي ڪين سگهندين. مون کي ان دوست جي سمجهه تي رشڪ ايندو آهي، جنهن هڪ خط ۾ لکيو: ”وهمن وسوسن ۾ ويڙهيل مذهب، منهنجي لاءِ من گهڙت، جڙتو ڪهاڻيون آهن. فرقي بنديون ۽ ظاهر داريون مون لاءِ خود فريبي ۽ خدا فريبيءَ کان گهٽ ڪين آهي. خشڪ اخلاقيات جي ڳالهه منهنجي چپن تي هڪ شرارت ڀري مرڪ آڻيندي آهي. بهشت، دوزخ، گناهه ثواب، حرام حلال جي بحث تي ئي مون کي کل ايندي آهي- کل، جا مرڪ ۾ اسرندي، ٽهڪ ۾ ڦهلندي ۽ ساري ڪائنات کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وچڙي ويندي آهي؛ ۽ پوءِ ڪائنات جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين گونجندي رهندي آهي. منهنجا ٽهڪ زمان ۽ مڪان جي سرحدن تي وڃي پڄندا آهن.“  انهيءَ دوست جيان آءٌ پڻ انهن سوالن تي کلي کيرو ٿي پوندو آهيان، ۽ راز ازل مون لاءِ ائين ظاهر ٿي پوندو آهي جيئن ڪا مهه وش حسينا پنهنجي عاشق جي آواز تي رخ تان نقاب لاهي وٺي- شرمائيندي، لڄائيندي، هزار ناز و ادا سان.

اڄوڪي محفل ۾ توسان انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي رهاڻ رهان. چنڊ لڙي اچي منهنجي دريءَ مان جهاتي پائڻ بيٺو آهي. آڪاس تي هلڪيون هلڪيون ڪڪريون اک ٻوٽ م جچائي بيٺيون آهن. منهنجي نيڻن ۾ ننڊ جا کيپ آهن، ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته جهٽ پل لاءِ اکيون ٻوٽي، ڪنهن پرينءَ کي ساري، نندرا ديويءَ جي گداز گود ۾ پئجي رهان.- منهنجو ٿڪل روح قرار لاءِ بيقرار آهي. تنهنجو – جهڙو به تون ڀائين.............

 

2

رسول بخش پليجو

سائين، ڏسندو آهيان ته لکندڙ اڪثر پڙهندڙن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا آهن. چي: ”عام ماڻهن کي فن جي اسرارن ۽ نزاڪتن جي ڪهڙي خبر ؟“ تنهنڪري پڙهندڙن جي وجود کي پنهنجي اديبن وٽ تسليم ڪرائڻ لاءِ ”مهراڻ“ جي سرءِ واري پرچي تي هڪ سرسري نظر وجهي، هڪ پڙهندڙ جا تاثرات پيش ڪريان ٿو. آخر پڙهندڙن جي وات ۾ به ته زبان آهي!

مون کي الائي ڇو، اخبار يا رسالي ۾ ايڊيٽوريل نوٽ پڙهڻ تي دل نه ٿيندي آهي- شايد ان ڪري، جو ڪڏهن آءُ به اهي نوٽ لکندو هوس. هونئن به آءٌ ايڊيٽرن کي نجي ادبي خيال کان ڪجهه مڙيئي ”ايئن“ سمجهندو آهيان. سو هن دفعي جو اتفاق سان ”مهراڻ“ جي ”گذارش“ نظر مان ڪڍيم ته وڻندڙ حيرت لڳيم. لکندڙ جو تنقيد ڏانهن هڪ پاسي ۽ ٻوليءَ ۽ فن ڏانهن ٻئي طرف ڪهڙو رويو هئڻ کپي، تنهن تي ڪهڙي نه سهڻي ۽ ذهن نشين نموني روشني وڌي اٿوَ!

شيخ ”اياز“ جا من موهيندڙ دل ڌاتاريندڙپيارا بيت پڙهي، روح کي راحت آئي. اياز جي شاعري سنڌي ادب جي هن دور جي هڪ مکيه خصوصيت آهي. هو بنيادي طرح هڪ رومانوي شاعر آهي. سندس شعر جا موضوع به گهڻو ڪري روايتي آهن: محبوب جي فراق ۾ لڇڻ، سندس حسن جا گيت ڳائڻ، پنهنجي محبت جون ساکون ڏيڻ، کيس پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺهرائڻ، وغيره. هن جو محبوب جيڪڏهن ايراني ۽ اردو شاعريءَ کان اڌارو ورتل ڪونهي، ته سنڌي به ڪو نه ٿو لڳي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جو جيڪو ماحول ملي ٿو، سو سنڌ ۾ اڻ لڀ آهي. هن جي شاعريءَ جي دنيا گهڻوتڻو هڪ خيالي، تصور جي دنيا آهي.

پر اها اسان جي آسپاس واري دنيا نه هوندي به، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. ان ۾ اسان کي پنهنجي دٻيل ۽ اڻ لکن امنگن ۽ جذبن جو تعبير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ماحول جيڪڏهن پنهنجو ڪونهي، ته صفا اوپرو به ڪونهي.

شيخ ”اياز“ جي شاعريءَ جي جان سندس موضوع نه پر فن آهي. اها سراسر سونهن رس ۾ رچيل آهي. هن جي لفظن ۾ جادو ۽ طلسم ڀريل آهي: هن جو تخيل گوناگون ۽ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان بي نياز آهي. سندس جذبن ۾ مٺو مٺو سيڪ، اسرار ڀريو سوز، اٿاهه گهرائي ۽ بي پناهه خلوص آهي. سندس شاعري دل ۾ زندهه رهڻ جي هڪ بي پناهه تڙپ پيدا ڪري ٿي. ڪير هي وجد آڻيندڙ سٽون پڙهي بي اختيار ”واهه! واهه!“ چئي نه اٿندو!

پيڻ ۽ جيڻ، متو متوالن جو.

...

نهارن پيا نيڻ، سڄڻ جا سنسار مان.

...

پرينءَ کي پائڻ، رلندي پنهنجي راڳ ۾.

...

الا وقت اجهل! لتاڙيئي لک عاشقيون.

...

پرين سارو پٽ، ڇُهي ڇُهان ڪيترو!

...

او اڻ ڄاتل آءٌ، ڄاڻو منهنجي ڄاڻ جا!

”گدائيءَ“ جا بيت سنڌي عوام جي دردناڪ زندگيءَ جو چڀندڙ نقشو آهن-

آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي،

سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي،

اڄ به هيڻن سان هلن ڏاڍا ڏاڍائي،

نڌڻڪين سان نت ڪرن عمر ارڏائي،

سڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾!

ڪافين جو حصو هن دفعي ڪمزور آهي. اڳين جي وکر ۾ پير خدا ڏني ۽ صاحبڏني شاهه جون ڪافيون البت وڻندڙ آهن. اڄوڪن استادن ۾ ”غني“ ۽ گرامي“ ته، موضوعن جي ڳولا ۾، مڻئي جي موهه ۽ ڏونگر جي ڏاڍاين ۾ اڙجي ويا آهن. ”فائق“ ۽ ”برده“ جون ڪافيون چڱيون، ۽ ”رضا“ ۽ ”پنوهر“ جون موچاريون آهن. ”برده“ جي ڪافيءَ ۾ ”مخفف“ ”مشرف“، ”قلزم“ ۽ ”حزن“ جهڙا دير هضم لفظ کٽڪن ٿا.

گيتن ۽ نظمن جو حصو رسالي کي کڻيو بيٺو آهي. ”برده“ جي ”توکي ساهه سنڀاري“ ۾ بلا جو سوز ۽ شوخي ۽ اٿاهه رواني ۽ نغمگي آهي. منظرنگاريءَ سان ته حد ڪري ڇڏي اٿس. شيخ ”اياز“ جو ”تنهنجي تات تنوار“، ”خليل“ جو ”ڪيئن گذري هيءَ رات“، ”عارف الموليٰ“ جو ”اجهي ڄاڻ مسافر آيا“، ۽ ”صائب“ جو ”موٽ مسافر سپرين“، سڪ، اداسيءَ ۽ پياس جا دل ۾ چڀندڙ ورلاپ آهن. ”تنوير“ جو ”پيار جو سمنڊ اجهاڳ“ پيار جي بيخوديءَ ۽ سپردگي جي تصوير آهي. گوورڌن جي ”اوسيڙو“ جو اونهو درد ۽ سوز ۽ بي انت اداسي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي نه ٿا ملن.

پمو مل  ”پياسي“ ۽ ”فائق“ جا سنڌيءَ جي شان ۾ قصيدا عمدا آهن. ٽيئي نظم شاندار آهن. غزلن ۾ شيخ ”اياز“، جو غزل لاجواب آهي. مهرچنداڻي ”مهر“ ۽ نعيم صديقيءَ جا غزل ۽ ٻين غزلن جا ڪي بند وڻندڙ آهن. ٻئي آزاد نظم سهڻا آهن، خاص ڪري ”برده“ جي ”هيڪلي ڪڪري“.

شيخ ”اياز“ جا خط نثر ۾ شاعري آهن. ادب لطيف واقعي انهيءَ کي چئجي.

مضمونن مان هر هڪ اسان جي ادبي خزاني جي سوني ڪنجي آهي. منهنجي خيال ۾ انهن مضمونن کي جيتري جاءِ ملي ٿي، سا بلڪل سجائي آهي ۽ مضمون نگارن جو جيترو احسان مڃجي سو ٿورو. البت فارسي شعرن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا خوش نصيب لطف وٺي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري نموني طور ٿورا شعر ڏيئي انهن جو ترجمو پيش ڪرڻ کپي، ته جئن اسان جهڙا فارسيءَ کان ڪورا به ڪجهه پلئه پائين.

پڙهندڙن جي پيغامن ۾ بشير مورياڻيءَ جو پنهنجي باري ۾ لکيل مضمون انهيءَ هنڌ مناسب نه ٿو لڳي. شيخ حفيظ جو خط، آءٌ ڀانيان ٿو، ته شيخ اياز جي خطن سان وڃي ٿو ڪلهو هڻي. ههڙا خط اسان جي ادب ۾ هڪ حسين اضافو آهن. عمدين تجويزن جي خيال کان مينڌري سعادتيءَ جو پيغام گوءِ کڻيو بيٺو آهي.

آخر ۾- ۽ سڀ کان وڌيڪ افسانن بابت ٻٽي ڳالهيون چوڻ جي اجازت ڏيوم.

ربانيءَ جو ”بري هن ڀنڀور ۾ ههڙا هاڃا ٿين“ هن اشاعت جو بهترين افسانو آهي. گذريل ٻوڏن جي ڊرامائي پس منظر ۾ ڏاڍن پاڻ وهيڻن جي هيڻن سان هلت جي هڪ ڪڏهن به نه وسرندڙ جهلڪ ڏيکاري ويئي آهي. قدرتي آفتون، جن ۾ خود شيطان جي دل به ويچاري انسان جي دردناڪ حالت ڏسي پگهرجي ويندي هوندي، جڏهن هڪ جهڙي مصيبت بظاهر ڏاڍي ۽ هيڻي، وڏي ۽ ننڍي، امير ۽ غريب جا فرق ۽ ويڇا ڪکن مٺ وانگر  اڏايو ڇڏي، تڏهن به انسان ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني پنهنجي هم جنس کي ستائڻ جي وندر جاري رکڻ جا رستا ڳوليو وٺي- اهو ڏسڻو هجي ته هيءَ ڪهاڻي پڙهجي. افساني ۾ ٻوڏ جي راڱن جون تصويرون دل ڏاريندڙ آهن.

”.............. اٿل به اٿلن جهڙي! ميربحرن چيو ”اڇيون ڏاڙهيون انهن ڊونڊين ڊوڙائيندي ڪيوسين، پر ههڙو پاڻي اسان جي اکين نه ڏٺو! مالڪ مهر ڪري، باقي هيل خير ڪونهي“!

”........ رات ٿي، ته پاڻيءَ اچي ٺهڪو ڪيو نولکيءَ تي......... ورهين جا ڪاٻلي ٻٻر پاڙئون ڪڍي ڇڏيائين. چوڌاري گوگاءِ پيو ٿو ٿئي. چئه ڪو جهاج (جهاز) ٿو هوا ۾ گهوگهٽ ڪندو اچي!“

”چوطرف فضا ۾ پاڻيءَ جو ڪڙڪو لڳو پيو هو. ڇولين جو سٽڪو، مرن جو ٻهڪارون ۽ هڏڪارون!- سندس اکين ۾ خوف ڀرجي ويو! سامهون نولکيءَ جي ڪپر جو ڪو نالو نشان به ڪو نه هو! پاڻيءَ الاجي ڪيڏيءَ مهل ڪپر ڪڍي ڇڏيو!“

گفتگو به بلڪل قدرتي، سادي ۽ موادي آهي-

”پوءِ عيسيٰ تون ڪئن ڪندين؟ نولکيءَ جو ڪپر ڪندو ڪو جهالو، ڪي سٽ ئي ڪو نه جهليندو؟ ڊپ ڊاءُ هجيئي ته زوراور هلي آءُ پڪي تي. ٻه چار ڏهاڙا اچي هتي رهه- جيسين پاڻي موٽي ڪري ۽ سو ڪهڙو ٿئي.“

”وڏيرو آهي مڙيئي ارڏو ماڻهو. هيڻن تي ڪهل ڪبي آهي سائين.......! غريبن تي مڙيئي سدائين ڪٽڪي هوندي اٿس. بي شڪ به ڪجانءِ سائين، توسان اٿس گهڻي گهڻائي........ اميد هيم ته حاڪم جو در آهي....... ڇهين ڏهاڙي تي وڃي ٻڌايو مانس ته ڪم پورو ٿيو. تڏهن چيائين ته ”چڱو ٿيو. خوش هوندين، هاڻي ڀلي وڃ، توکي موڪل آهي.، منهنجي ته ڏند چپن سان لڳي ويا؛.... مسڪين ماڻهو!....... ڪٽنب ڀاتين جو....... هئن جي مفت ۾ مزوري ڪندا وتون ته ٻچن ٻارن جو واهي الله!“

افساني جي شروعات توڙي پڇاڙيءَ جا جملا دل ۾ کپي وڃن ٿا.

شروعات- ”بروهين واري ٻيلي جي چور پهي ۾، پراڻي نولکي واهه جي ڪڙ تي سندس چونرو هو.......“

پڄاڻي؛ ”........ ۽ پوءِ پاڻيءَ جي وڌندڙ ڇولين ۾، مٿان ڪرندڙ مينهن جي ڦڙن سان گڏ، عيسيٰ جي اکين مان ڳوڙها وسڻ لڳا.“

ابن الياس جو ”اختيار“ هڪ بدنصيب ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي. جنهن کي دولتمند پيءَ جي غرور ۽ گهمنڊ جي قربانگاهه تي پنهنجي عصمت ۽ زندگيءَ جي قرباني ڪرڻي پئي ٿي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ فطري ۽ اعتبار ۾ ايندڙ آهي. بيان ۾  هلڪي، اڻ لکي طنز ڪهاڻيءَ جي نتيجي کي وڌيڪ دردناڪ بڻائي ٿي. دولتمند ٿيڻ تي صوبيدار صاحب کي اڳيان سمورا ناتا وسريو وڃن- ڌيءَ جي سـڱ جو به!

”زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ اڃا پاڻ اهڙو چڙهيل ڪين هو... ڪڪيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي اچي وڏي ڀاءُ کي هنج ۾ ڏنو هئائين: چي، ”ادا، ڀائرن جون ونڊيون ڀائر کائيندا!“ مگر هاڻ ”هڪ سج ٻه پاڇا آهي، جيڪو جڏهن چڙهي سو تڏهن سوار“-وڏو ڀاءُ مقاطعن ۾ ترين ڀر وڃي ڪريو، پر صوبيدار صاحب پاڻ بالا ٿي اپت مان سڻڀو ٿي پيو هو، ۽ هاڻي اڳين ڳالهه رڳو ٻڌڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو.“

”ٻيا به ڪئين، سکر سڱ گهرڻ لڳا پر صوبيدار صاحب کي منجهن ڪو به پنهنجو ثاني شريڪ نظر نه آيو، هر ڪنهن ۾ ڪو نه ڪو نقص ڳولي ورتائين. سندس انهيءَ هوڏ ۾ خوبي ڏسڻ وارن جي کوٽ ڪا نه هئي.“

”هائو امان، ڏهن هزارن حق مهر کي ڇا ڪبو؟..... وڏي ڳالهه آهي انسان جي عزت.“ – تان جو نيٺ‎ سندس وفات کان پوءِ اها ”انسان جي عزت“ جنازي جي صورت ۾ وڃي قبر داخل ٿي-

”غلام فاطمـﮣ......... کي ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ ڪو پيٽ ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو..... (کيس) رکي رکي اهو ئي خيال پئي آيو ته جيڪر ڪيڏانهن هلي وڃان ۽ ........ آجي ٿي اچان!......... اٿي ماٺ ماٺ ڪري شيشي ڪڍيائين........ (۽) يڪ ساهيءَ پي ويئي.“ ولو، جنهن جي ڪرتوتن، صوبيدار صاحب جي عزت جو جنازو ڪڍيو، سو ڇو غلام فاطمـﮣ جهڙي سڻڀي گراهه کي ڇڏي هليو ويو- سو ڪهاڻيءَ ۾ صاف ڪونهي. نه وري غلام فاطـﮣ جي ڪردار کي سڌيءَ  طرح اڀاريو ويو آهي. پر انهيءَ هوندي به ”اختيار“ هڪ بهترين معياري افسانو لڳي ٿو.

ابن حيات پنهور جو ”واهه وڏيرا“ انساني نفسيات جي هڪڙي اهم  ۽ دلچسپ پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انسان ٿورڙيءَ خوشامد ۽ڪوڙيءَ همدرديءَ جي اثر هيٺ اچي اهو ڪجهه ڪري وجهندو آهي، جيڪو هو جيڪر لکها روپين جي لالچ تي به هرگز نه ڪري ها. شمن خان ماڇي پاڙي جي وڏيري جي ڌيءَ ڀڄائي ويو. وڏيري کيس ختم ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. پر پنهنجي سر ڏيڻ لاءِ به تيار ڪو نه هو. تنهنڪري پنهنجي هڪ اٻوجهه ۽ ايماندار هاريءَ کي استعمال ڪرڻ جوخيال ڪيائين. وڏيري ۽ سندس ڪمدار جي چتر زبانيءَ ۾ اچي، گلڻ وسهڻ لڳو ته هو کيس پنهنجودل گهريو دوست ۽ مڙس ماڻهو ڪري ٿا سمجهن. انهيءَ خوش فهميءَ جي نشي ۾ هو آخر شمن کي خون ڪري وجهي ٿو ۽ وڏيرو گهر ويٺي پنهنجو ڪڌو مطلب حاصل ڪري ويو. ”واهه وڏيرا“ جي پلاٽ جي رٿا قابليت واري ۽ ان جي تڪميل عمدي آهي. بيان ۾ اڇاترائي ۽ ٺهر پڙهندڙ تي اثر ڪري ٿي. گلڻ کي ڦاسائڻ لاءِ وڏيري ۽ ڪمدار جي چالين کي بيحد نفاست ۽ نرالي هنرمنديءَ سان پيش ڪيو ويو آهي.

اياز قادريءَ جو ”فرشتو“ هڪ ماءُ لاءِ سندس پٽ جي محبت جي دردناڪ آکاڻي آهي. ماءُ ۽ اولاد جو رشتو سڀني رشتن کان وڌيڪ گهرو، پيارو ۽ لافاني آهي. جيجل جنهن جي پيرن هيٺ جنت چئي وڃي ٿي، جنهن جي خوشيءَ لاءِ لائق اولاد پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ فخر سمجهندو آهي، سا جڏهن موت جي بستري تي آخري پساهه کڻي رهي هجي، تڏهن ڪهڙو پٿر دل پٽ هوندو، جو سندس خواهش کي پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري- ۽ سو به تڏهن جڏهن اها خواهش رڳو ٻٽن آنن جي دوا لاءِ هجي؟ ليڪن هڪ اهڙو به مصيبت جو ماريل بدنصيب پٽ آهي، جو مٺڙيءَ ماءُ کي دوا جي ڍڪ وٺي ڏيڻ جي سر ٽوڙ ڪوشش ۾ ناڪام ٿي، آخر دوا بدران کيس هڪ ٻيءَ شي جو ڍڪ آڻي پياري ٿو- زهر جو ڍڪ! ويچاري بي خبر ماءُ دعائون ڏيڻ لڳي ٿي. چي: ”ابا، تون ته ڪو فرشتو آهين!“ ”فرشتو“ اسان  جي سماجي نظام جي ٻاهرئين ڏيکاءَ جي ملمعي هيٺ لڪل هيبت ناڪ ۽ تلخ حقيقتن جو پردو چاڪ ڪري ڏيکاري ٿو، ته بک ۽ بيروزگاريءَ جون وبائون ڪيئن نه انسان جي گهرن، نازڪ ۽ نفيس جذبن ۽ خون جي لاڳاپن کي بي رحميءَ سان ٽوڙي ڇڏڻ جي پويان پيل آهن.

مرزا مراد عليءَ جو ”سوال“ به ساڳئي موضوع تي هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي.

ڪنهن ڪهاڻيءَ پويان زبردستيءَ ڪنهن خاص نتيجي ڳنڍڻ جو حرص ڪئن هڪ بهترين ڪهاڻي جو اثر ڪمزور ڪريو ڇڏي- سو ڏسڻو هجي ته شيخ حفيظ جو افسانو”مبارڪون“ پڙهجي. هن نوجوان افسانه نگار جي ڪهاڻين ۾ سنڌي عوام جي روزمره جي ٻول چال ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ انساني سڀاءُ جي تاڃي پيٽي جي جيتري ڄاڻ ۽ انساني جذبن جو جيترو گهرو ۽ نازڪ احساس ملندو، سو ٻين ٿورن وٽ ملي ٿو. مثلاً ”مبارڪون“ جا هي فقرا افسانه نگار جي گهري مشاهدي، حساس طبعي ۽ رنگين بيانيءَ جا ڪيڏا نه لاجواب ثبوت آهن-

نئينءَ ڪنوار کي ماءُ جي نصيحت: ”امڙ، لڄ رکجانءِ! مڙس جئن پڪو تئن سچو! عمر ۾ چڙهيل آ ته ڇا ٿيو؟.... گهر ۾ گهوٽئن کان سواءِ پهرئي ڪانهي. راڻي ٿي راڄ ڪندينءَ ..... دل نه لوڙهه.“

ڄڃ جو گهوٽيتن ۾ اچڻ: ”گاڏين جو رونگٽ شرناين ۽ دهل جي آواز ۾ دٻجي ويو..... زالن لهڻ شروع ڪيو. ننڍڙا ٻار.... جاڳي پيا ۽ شرناين  جي آواز ۾ سر ملائي روئڻ لڳي ويا..... ”اڙي ادي، منهنجو رئو ڪاڏي ويو؟...“ ”اڙي هي گلوءَ جو چولو ڪاڏي ويو؟ هت جو رکم“.... ؟امان! اچي هي جُتيءَ جوپادر لڌم“... ”مائي شڪر ٿيو جولڌو. منهنجو ته هانءُ کاڄي ويو“!

پوڙهو گهوٽ ۽ نوجوان ڪنوار، شاديءَ جي رات: ”هن جو گهوٽ ڄاڃين کي روانو ڪري اندر پيهي آيو. ”سمهين پئينءَ ڇا؟ ٿڪجي پيئي هوندينءَ؛ ٺهيو ننڊ ڪر!“

ٻيءَ رات: ”..... هن پنهنجي گهوٽ جي شڪل چڱيءَ پر ڏٺي ۽ هن جي خوابن جو محل قلابازيون کائيندو اچي پٽ تي پيو. سٺ ورهين جو پوڙهو، هن جي پيءَ کان به وڏو، موت ۽ حيات جي جنگ جو نقشو سندس گهوٽ هو. هن جي دماغ ۾ سندس ماءُ جا لفظ وڄي رهيا هئا. ’اسان توکي سڱ سڃاڻي ڏنو آهي!’“

شاديءَ کان پوءِ: ”رتيون بدليون- اونهاري پٺيان سرءُ آئي، ڪڍ سيارو ۽ نيٺ بهار به آيو. ڳوٺ جي چوڌاري ٻنين ۾ پوکيل سرنهن گل ڪيا ۽ سڄي فضا ڀنل ڀنل خوشبوءِ سان رچي وئي.... سهاڳڻيون پنهنجي گهوٽن سان خوشيءَ سان گيت جهونگارڻ لڳي ويون. ۽ ڳوٺ جي پوري فضا هڪ مزي ۾ مٽجي پئي. ها البت هوءَ- هن جو وجود، انهيءَ مرڪ تي هڪ ٽهڪ هو. هن جي جوان مکڙي تي سدائين هڪ اداسي ڇانيل هوندي هئي.... ڳائينديون، کلنديون، الهڙ نينگريون هن کي ڏسي خاموش ٿي وينديون هيون.“

ڳوٺاڻي محبت: ”ڳوٺ جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ پيار محبت جي ڪمي ڪا نه هئي... شام جو کوهن تي، واٽر جي تڙن تي ۽ راهه رند ائين ٻنين ۾ محبت پنهنجا گس ڳولي لهندي هئي. مگر.... هوءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زال هئي ۽ بس.“

پرڻيل عورت جي پهرين محبت: ”ڏينهن گذريا، هوءَ تڙپندي رهي.... پوءِ نيٺ لابارن پئي، هن جي به دعا قبول پيئي- هن جي منهن تي به هلڪي هلڪي، ڊنل ڊنل مرڪ تري آئي. هن جي دنيا ۾ به ڪنهن پير پاتو.“

زال هٿان زهر: ”هڪ رات جو جانل جي مڙس کي پيٽ ۾ اچي سور پيو؛ صبح جو نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. جانل رنڙ ٿي پيئي. ڳوٺ جو چڱو مڙس مري ويو. ختما درود ٿيا. ڪنهن چئي ڪڍيو ته مڙس کي زهر مليل آهي!“

”مبارڪون“ چڀندڙ سچائي، گهري سوز، ۽ بي انت خلوص سان دولت جي لالچ ۾ نوجوان ڇوڪرين کي پوڙهن پڃرن جي حوالي ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ڪري ٿو. ليڪن افساني جي آخر ۾ جانل ۽ گلڻ کي وڏيري جي خون ۾ آيل ڦاسيءَ خلاف ڪيل اپيل جي فتويٰ ٻڌڻ لاءِ چيف ڪورٽ ويندي واٽ تي ويٽنگ روم ۾ ويهارڻ، ۽ آخر ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي گلڻ کي جانل ڏانهن پوليس وارو موڪلي، سندس حمل سان ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌي خوشيءَ ۾ جهومندو ۽ فتحياب ٿيندو ڏيکاري، هڪ دردناڪ ۽ همدردي پيدا ڪندڙ داستان کي جذبات جي وهڪري ۾ وهي، زبردستيءَ ڪامياب ۽ پسنديءَ جهڙيءَ پڄاڻيءَ تي آڻڻ جي افسوسناڪ ۽ ناڪام ڪوشش ڪري، افساني جي مجموعي تاثير کي ضربيو ويو آهي. مزي جي ڳالهه آهي ته اهو پويون واقعو هڪ غلط واقفيت تي ٻڌل آهي. حقيقت ۾ اپيل جي فيصلي وقت جوابدارن کي ڪورٽ ۾ گهرائبو ئي ڪونهي. قانوني دستور کان انهيءَ ناواقفيت ۾ ڪا به ايڏي اربع خطا ڪانهي، پر جنهن نموني افساني جي پڄاڻي ڪئي ويئي آهي، تنهن  جو اثر اهو ٿو وهي، ڄڻ ته نوجوان ڇوڪرين کي جيڪڏهن پوڙهن سان پلئه ٽاڪي پوي، ته ان جو فڪر ڪونهي، جو سولو علاج پيو اهو آهي ته مڙسن کي زهر ڏيئي، پاڻ مزي سان وڃي يارن سان گڏ ڦاهيءَ چڙهن- رڳو ايتري پڪائي سا ڪري ڇڏين، جو پويان ڪا نشاني ضرور ڇڏي وڃن، جئن سندن ڪارناما هميشه ياد رهن! بهرحال پڇاڙيءَ ۾ بري ٺوڪر کائڻ جي باوجود ”مبارڪون،“ هڪ بيحد دلچسپ ۽ اوچي تخليق آهي.

ناٽڪ ”نجومي“ اڳ ڇپيل ۽ پڙهيل هجڻ جي باوجود ڪافي سوادي ۽ مزيدار ٿو لڳي. ٻين ٻولين جي شاهڪارن بابت ڪجهه چوڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻو آهي- البت انتخاب ۽ ترجمي جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.

اوهانجو...........

 

3

ادا سائين،مون پنهنجو ”پشو“ اوهان طرف موڪليو آهي. اميد ته پهتو هوندو. مون”پشو“، ”بلو دادا“ ۽”شيدو ڌاڙيل“ کان متاثر ٿي لکيو، ڇو ته انسان جو مقام منهنجي نظر ۾ نهايت بلند آهي. منهنجو ”پشو“ نه ڌاڙيل آهي نه داداگير، پر هڪ سڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽سيٺ به انهيءَ ماحول جي پيدائش آهن. پوءِ انهن کي ولين (Villian) ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ کپي! اسين ته منجهي ٿا پئون! ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي تنهنڪري ۽ صرف تنهنڪري، هو رحم جي لائق آهي ڇا؟ منهنجي دل اها ڳالهه نه ٿي مڃي.

مان ڀانيا ٿو ته انسان کي ”رحم جوڳو“ ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي توهين آهي- انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت بلند ۽ بالا آهي. هو”ويچارو“ ۽ ”ڪين جهڙو“ نه آهي. مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي. انسان جيڪڏهن ڪنڊن ۾ اوٻاسيون ڏئي، شوڪارا ڀري ڇڙهيون هڻي مري وڃي ته چئبو ته منجهائنس انسانيت ڪڏهوڪومري چڪي هئي.

انسان اهو جومفلسي، بيماري، بي علمي ۽ ظلم جي حملن جي باوجود اڳتي وڌي. ڏسڻو آهي ته اهي رنڊڪون سندس ”انسانيت“ کي ڪيترو جرڪائين ٿيون. پوءِ انسانيت جي واڌاري جي راهه ۾ جيڪي اهڙيون رنڊڪون آهن، تن کي پاڙئون پٽيندي ڪو خون ڏيئي مئو، ته شهيد ٿيو: پر جي ڪو صرف اکين مان پاڻي هاري مئو، ته ٻين کي به دلشڪستو ڪري مئو- انسانيت کي بدنام ڪري مئو- هوته مرڻ کان اڳي ئي مري چڪو هو! جو مڙيو سو به مئو ۽ پڻ کريو. مون انهيءَ ڪري ”پشو“ پيش ڪيو. خبر نه آهي ته ڪيتر قدر موضوع کي نباهي سگهيو آهيان. اسين اڃا سکون پيا. چئي نه ٿو سگهجي ته اهو موضوع ڪيتري قدري صحيح آهي، يا منجهس ڪيتري قدر سڌاري جي گنجائش آهي.

ائين نه آهي ته ”شيدو“، ۽ ”بلو دادا“ ڪو گهٽ آهن- سنڌي افسانوي دنيا جا شاهڪار آهن. ”شيدو“ ۽ سندس ماحول جو نقش نهايت فنڪارانه طرز تي پيش ڪيو ويو آهي. لکندڙجي زنده دلي ۽ احساس جو ثبوت آهي. ٻولي ته لاجواب آهي. پر افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کِلي رهي آهي. شايد آءٌ غلط هجان. ڏسجي ٿو ته هي هڪ اختلافي مسئلو آهي...

 جمال ابڙو، لاڙڪاڻو سنڌ.

]ڀاءُ جمال، ..... ”بلودادا“ ۽ ”شيدو ڌاڙيل“ جي باري ۾ جيڪي نڪتا اوهان ظاهر ڪيا آهن،انهن جو تت اوهان جي هن جملي ۾ اچي وڃي ٿو ته ”افساني پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو ڀانئجي ته انسانيت سڪرات ۾ آهي ۽ حيوانيت کلي رهي آهي.“ اوهان انهن افسانن مان، جيڪڏهن اهو تاثر  ورتو آهي ته اوهان برابر ٿي سگهو ٿا. پر منهنجي خيال موجب، افسانن جي جملي تاثر جو فقط اهو هڪڙو پهلو آهي. ٻئي ڪندي، اسان جي هن سماج ۾ حقيقت به  اها آهي ته انسانيت تي حيوانيت جو غلبو آهي- پوءِ انهيءَ حقيقت جو اظهار جيڪڏهن افساني نگار، فني نقطي نگاهه کان ڪاميابيءَ سان پيش ڪري، ته اهو افسانو منهنجي خيال ۾ هر طرح ڪامياب افسانو چئي سگهجي ٿو. مختصر افساني جي هڪ خصوصيت آءٌ سمجهان ٿو ته اها به آهي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪو به هڪ پهلو، ڪا به هڪ حيثيت پيش ڪئي وڃي، ۽ ان ۾ سماجي ڪيفيتن ۽ پس منظر کان اثرائتي انداز ۾ اڀاري، پڙهندڙن جو ڌيان ان جي اصلي حقيقت ڏانهن ڇڪايو وڃي.  ڪامياب افساني جي هروڀرو اها خصوصيت ڪانهي ته ان ۾ ڀيري ڀيري سان انسان جو اعليٰ مقام پڙهندڙن وٽ ثابت ڪيو وڃي؛ يا نتيجي طور ان ۾ انسانيت ۽ نيڪيءَ جي فتح، ۽ حيوانيت ۽ بديءَ جي شڪست ئي ڏيکاري وڃي. اهڙي قسم جا افسانا ته شايد فني نقطي نگاهه کان ٿورا به ڪمزور ٿيا، ته مٿن تبليغي افسانن،يا قديم ناصحانه آکاڻين هئڻ جو الزام  مڙهجي ويندو. حيوانيت جو کلڻ ۽ انسانيت جو روئڻ، اڄوڪي سماج جون تلخ حقيقتون آهن. جيڪڏهن انهن حقيقتن کي پيش ڪندي، پڙهندڙ جي دل ۾ حيوانيت ڏانهن نفرت، ۽ انسانيت لاءِ عزت ۽ محبت جو رد عمل هڪ افساني نگار پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ کي جيڪڏهن انهيءَ الٽي گنگا جي اصلي حقيقت ۽ ماهيت، يعني ان جا ڪهڙا سبب آهي، ۽ زندگيءَ جي اها مخصوص حيثيت،جنهن کي چٽيو ويو آهن، تنهن جي سچي سماجي پس منظر ۾، اصل جڳهه ڪهڙي آهي. جيڪڏهن انهن ڳالهين تي افساني نگار روشني وڌي آهي، ته منهنجي نظر ۾ اهڙن افسانن کي ڪامياب افسانا چئي سگهجي ٿو.

] ”مهراڻ“ ۾ اوهان صلاح ڏني آهي ته مضمونن- خاص طرح افسانن جي منڍ ۾ مختصر طور صحتمند تنقيد جا ٻه چار جملا لکيا وڃن. منهنجي راءِ آهي، ته هر پرچي ۾ گذريل پرچي جي ڪنهن چڱي مضمون يا افساني تي اوهان ۽ اوهان جهڙا اهل قلم ۽ ڪامياب افساني نگار دوست مفصل تنقيد لکن، ۽ اها اسين شايع ڪريون ته ان طرح لکندڙ دوستن کي وڌيڪ رهنمائي ملندي ۽ انهيءَ نموني تنقيد جو موضوع به ”مهراڻ“ ۾ پيش ٿيندو رهندو.

اوهان جو، محمد ابراهيم جويو[

ادا سائين، اوهان جو خط مليم

افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪ ”ماحول“ ٻيو ”ڪردار“. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پر ڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهراً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کِل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي، ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪا نه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي- انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي.

پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ”ماحول“ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهڻو کائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون- کين مبارڪ هجي.

جڏهن ”ڪردار“ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شي کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو چريو ٿيڻ، ڌڪار ۽ نفرت جو اڀرڻ يا وري پچڻ ۽ جرڪڻ، نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اسان جو ”ڪردار“ ڊهي ٿو پوي، سن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، ادا سائين، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار ميِڪ ميِڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي، جو پيار ۽ محبت، پورهيو ۽محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو. انسانيت زنده رهندي.

وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيڦي ماحول جي اڍ ۾ اها باد  ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي، من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين.

ها ائين آهي ته ائين ڪرڻ لاءِ فني پختگي کپي. پر ڳو فني پختگيءَ لاءِ منزل ته ڪا نه وڃائبي. اهو وري هر ڪنهن ليکڪ تي مدار آهي. اسين سڀ پانڌيئڙا آهيون، ڪچا آهيون. پر نيٺ انهيءَ پختگيءَ کي ڳٿڙ کان جهلينداسين. اڄ نه، ته سڀاڻي. اسين نه، ته ٻيا.

انهيءَ ڏس ۾ ”پشو“ منهنجي پهرين ڪوشش آهي. مڃان ٿو ته منجهس اها پختگي ڪانهي. شايد ڪجهه مصنوعي به لڳندو هجي. پر اميد اٿم ته هوريان هوريان مان ۽ منهنجا ٻيا هم سفر سڌرندا وينداسون.

لکڻ کان معذور آهيان. ساڄڙ هوندي، کٻي سان پيو لکان. ان ڪري افسانا موڪلي نه سگهيو آهيان.

اوهان جو، جمال ابڙو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com