گوورڌن محبوباڻي
انسان ........ حيوان
قهر جا ڪارا ڪڪر، گجگوڙ سان گهمسان سان،
ٿا اڏامن اڄ تباهيءَ جي تکي طوفان سان،
خون جي برسات ٿي پرڀات ۾ لالي ڀري،
آسمان ۾ بس! تباهي ۽ تباهي ٿي تري،
آههَ مان اڀري اٿيو طوفان آ، طوفان آ:
هاءِ! اڄ انسان ڀِي حيوان آ.
ظلم، زوري، خون، چوريءَ جي گرم بازار ۾،
مبتلا اڄ منش آهي، لوٽ ۽ ڦر مار ۾،
تيز آ دولاب، دوکي ۽ دغا جو دور ڇو؟
اف! شرارت جو فضا ۾ گونججي ٿو شور ڇو؟
بس! جهان بي ڌرم ۽ بي دين، بي ايمان آ:
هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ.
صلح جا سالڪ بڻيا ڇو صلح جا ويري وڏا،
ٿا اڏن سي هاءِ! اتيا چار جا اونها اڏا،
اهنسا جي اوٽ ۾ حيوانيت جو راڄ ڇو؟
ٿو بڻي انسان اڄ انسان جو ئي کاڄ ڇو؟
بيگناهن لئه سڄو عالم بڻيو شمشان آ:
هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ.
جو جڳت جي قوت ڪارڻ سخت سردي ٿو سهي،
گهور ساوڻ جي گهٽائن کان نه ڀلجي ٿو ٽهي،
ڄيٺ جي لـُساٽ ۾ جو ساهسي سورهيه سڙي،
هاءِ! سو هاري هميشه ٿو ڪڻي ڪارڻ رڙي:
هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ.
تياڳ جي تصوير جا سنسار جو سينگار آ،
هر گهڙيءَ جنهن مرد تي پنهنجو وسايو پيار آ،
زندگيءَ ۾ ڀيڻ، ڀاڀي، پريم پتني، ماءُ ٿي،
جنهن ڪيو سنسار سک – مئه مرد سان همراهه ٿي،
اُنَ نماڻيءَ نار جو هن جڳ ڪيو اپمان آ:
هاءِ! اڄ انسان ڀي حيوان آ.
درد واري دل ڪٿي؟ ميٺاج وارو من ڪٿي؟
صاف، اوجل ۽ ديا وارو ڀلا دامن ڪٿي؟
شرم واريون، مرم واريون، سي نگاهون اڄ ڪٿي؟
هاءِ ڙي! همدرد دل جون سي دعائون اڄ ڪٿي؟
”ڀارتيءَ“ جي دل اندر ساٿي! اهو ارمان آ،
هاءِ ! اڄ انسان ڀي حيوان آ.
نيون طرزون
هري درياني ”دلگير“
”ترائيل“
”ترائيل“ فرانس جي مشهور نغمي جو قسم آهي، ائين، جيئن انگريزيءَ
۾ ”سانيٽ“ لکيو ويندوآهي- هيٺيان ٻه نظم ترائيل جي
نموني لکيا ويا آهن.
اهو ساز
اڄ ته هي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس
ڪَلَ اَٿي، سازُ اهو اڄ نه سڀاڻي ٽٽندو!
ساهه وجهه صحرا ۾، نغمن جون ڪليون ٽيڙي ڏس
اڄ ته هي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس.
جا بجا سُر ٿي پکيڙيل، سي هنئر ميڙي ڏس
پنهنجو آواز اهو اڄ نه سڀاڻي ٽٽندو.
اڄ ته هي ساز کڻي، گيت ٻه ٽي ڇيڙي ڏس
ڪَلَ اٿي، ساز اهو اڄ نه سڀاڻي ٽٽندو!
حسين موت
قبر منهنجي تي رکي ڦول، ڏيا ٻارين ٿي
بي غرض پيار جي پاڪيزه وفا تان صدقي!
زندگيءَ کان به حسين موت آ، سيکارين ٿي
قبر منهنجيءَ تي رکي ڦول، ڏيا ٻارين ٿي.
جي اُٿان ٿو، جي گهڙيون مون سان ٻه ٽي گهارين ٿي
سسڪندڙ سونهن جي معصوم ادا تان صدقي!
قبر منهنجي تي رکي ڦول، ڏيا ٻارين ٿي-
بي غرض پيار جي پاڪيزه وفا تان صدقي!
تنوير عباسي
”سانيٽ“
اس ۽ مکڙيون
هڪڙي خاموشي ۽ ٿڌيريءَ رات
هو ڏنو چند مکڙين کي جنم،
ڄڻ لهي ويو هو ڪائنات جو غم،
مکڙيون مرڪيون جڏهن به ٿي پرڀات،
هير جيئن جيئن سحر جو لهرائي،
ماڪ مکڙين جو منهنجو چمڻ آئي!
جڏهن روشن ٿيو صبح جو آڪاس!
ڪرڻا مکڙين جو هار بنجي پيا،
ڄڻڪ سونهري ڄار بنجي پيا،
ٿي وئي ساري ڪائنات اداس،
مکڙين جو گلو گهٽيو ڪرڻن،
تن کي مـُرجهائي ٿي ڇڏيو ڪرڻن!
ba
غزل
علامه اسدالله شاهه ”فدا“ ٽکڙائي مرحوم
صرف ٿي وئي عمر منهنجي درميان ڪوي دوست،
بس ٿيو مانوس خاطر آستان ڪوي دوست.
روضهء رضوان ۾ ناهي، ڪجهه نشان ڪوي دوست،
لامڪان جي شان سان مَٽُ آهه شان ڪوي دوست.
قبر ۾ ڪفن شهيد ناز، خون آلوده آهه،
ٿيو مٿم تا حشر آ باقي نشان ڪوي دوست.
بي مدد دلبر، اچي هت رشڪ جنت ۾ ٿو ڪير؟
خضر پڻ هڪ آهه ٿيو گم گشتگان ڪوي دوست.
هن سبب کان ٿي زبان بلبل سندي آهي فصيح،
روز شب جو ان ڪئي وصف بيان ڪوي دوست.
ڇا رضا اي سوخته دل، قطرهء مَي واسطي،
ساغرِ خون ٿا وٺن هي ساقيان، ڪوي دوست.
پيرهن قاتل جو رنگين ٿيو، نشانِ خون کان،
جي وري هن کان پياسين، ڪشتگان ڪوي دوست.
ڪين هت ڪجهه ٿا رکن ڀي ڪا بها يوسف جمال،
مصر جي بازار کان وڌ ٿيو دڪانِ ڪوي دوست.
غ ـ جنت همسريءَ جي ان سان دعويٰ ڪيئن ڪري،
ڪي منقش آهه ڪجهه خون مقتلانِ ڪوي دوست!
ريش تيغ ناز تي ٿيو مرهم نمڪين خنده،
زير بار احسان ٿيا، سڀ عاشقانِ ڪوي دوست.
ڪشتهء ناز آهيان، تڏهين اچن ٿا بار بار،
لطف سان مون ڏي ”فدا“ ڪاهيو سگانِ ڪوي دوست.
مخدوم محمد ابراهيم ”صوفي“ مرحوم
اچي ميخاني ۾ مئي نوش پيا مخمور مستيءَ ۾،
نه آهن نيستيءَ ۾، ۽ نه آهن هاڻ هستيءَ ۾.
گهڻي گهريءَ منجهان گهاٽيءَ پيالا جام پُر پيتئون،
ڪُڏي پيا ڪوڏ ۾ ڪاهي تڏهن توبهه شڪستيءَ ۾.
ڪلالن جي اڳيان ڪاٽي، مٿا موکن رکيا پنهنجا،
مزي تنهن ميٺ ماريا، سري جن سُرڪ سَستيءَ ۾.
ٿيا دانا به ديوانا دنيا جي دور گردش کان،
مزا ڏاڍا ڏٺاسين مفلسي ۽ تنگدستيءَ ۾.
حرم ۽ دير مان هرگز نه ٿيندو هيج ڪو حاصل،
اگر ممڪن رهڻ ناهي برهه وارن جي بستيءَ ۾؟
ادا، او آسمان عشق جو معراج ڪيئن ماڻي،
رهيو جو واديءَ وحشت جي پُر آزار پستيءَ ۾.
پڇاڙيءَ ۾ وري ڇا مسلمان، ٿينداسين اي ”صوفي“،
وڃائي عمر مون پنهنجي سموري بت پرستيءَ ۾.
شيخ مراد علي ”ڪاظم“ مرحوم
نت نيڻ فصل گل ۾ جو اشڪبار آهن،
ابرِ بهار آهن، يا آبشار آهن.
حسن نصيب ان جو، طرزِ ستم تي جنهن جي،
قربان هزار آهن، صدها نثار آهن.
برق آهه باهه منهنجي، دامان آسمان ۾،
بادل فلڪ تي، منهنجي دل جا بخار آهن.
افلاس و اشڪباري، حسرت ۽ نامرادي،
مون سان رهيا هميشه، همدم هي چار آهن.
هڪ دل هزار ٽڪرا، هڪ جان بلب رسيده،
اي عشق! تنهنجا مون وٽ هي يادگار آهن.
ڪنهن جو نه ڪنهن سان مطلب، مطلب سان آهه مطلب،
مطلب جي آهه دنيا، مطلب جا يار آهن.
جرم وفا تي آهن، گو مستحق سزا جا،
گندا تڏهن به بندا، تنهنجا ئي يار آهن.
دنيا جي ڪج رويءَ تي، گهٽ ٿي ملول ”ڪاظم“،
تو جهڙا ڀي هزارين، بدتر هزار آهن.
بشير مورياڻي
ڇڏ ننڊ، سجاڳي ڌار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
ٿيو صبح اجهو بيدار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
ڏس رات لڙي، خاموش فضا ۾ پکين پهرين لات لنئي،
ڪجهه وقت ته رهه هشيار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
باغن ۾ هيو جت ڦولن تي، ڪجهه دير انڌيري جو پهري،
اُت ماڪ جي ٿي وسڪار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
جنهن دور ۾ زور نه هوندو ڪو، هڪ انسان تي ٻئي انسان جو،
اُن دور جي جئه جئه ڪار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
ڄاڻان ٿو اسان جي چوڌاري، آ محرومي ئي محرومي،
پر همت! لڙڪ نه هار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
هن نظم حياتيءَ جي سڀ کي هڪ گهري نفرت سيکاري،
هر دل ۾ وسندو پيار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
هر چيز ۾ ڦيرو ايندو، ٿو محسوس ڪجي اي ”بشير“ اڄڪلهه،
اُٿ، ڦڙتي ڪجهه ڏيکار، اي ساٿي، وقت جون واڳون ڄاڻ وريون!
”تنوير“ عباسي
روح ريجهي ويو اٿم جن ساڻ،
اي خدا! منهنجي گهر انهن کي آڻ.
مون ئي توکي هي رنگ بخشيو آهه،
اک پٽي ڏس، اي گل! تون مون کي سڃاڻ.
راهبر! توکي خوب ٿو ڄاڻان!
ماڳ تي پهچندس مان پنهنجو پاڻ
بس ڪڇڻ کان، رڳو لڇڻ ئي لُڇڻ،
مون کي ڀي لهر جان، اي ساٿي، ڄاڻ!
شال هڪ پل جي لئه ليئو پائي،
عمر کان منتظر مان جنهن جي ڪاڻ!
بزمِ دنيا ۾ ڪنهن جي سڏ کان سوا،
مان هلي آيو آهيان پنهنجو پاڻ.
اي بهار! اچ ڀلي، تون مون ڏي هلي،
پر خزائن کي نه پاڻ سان گڏ آڻ!
لڙڪ ائين ڇوهه مان پيا ڇلڪي،
جيئن سانوڻ ۾ اٿلي پئي مهراڻ.
ان گهڙيءَ تان سموري عمر نثار،
جنهن ۾ توسان ٿي منهنجي روح رهاڻ.
منهنجي لهرن سان لنؤ لڳل آهي،
تون ئي، اي ناخدا! ڪنارا ماڻ.
وار تنهنجا جئين اماس جي رات،
تنهنجو منهن ڄڻڪ چنڊ جي چانڊاڻ.
صبح ٿيندي ئي ٿيو گلن جو خون،
ڪا خبر ناهه، ٿيندو ٻيو ڇا هاڻ؟
رات ڪاريءَ جو هي ڪفن ڦاڙي،
ڄاڻ ظاهر ٿيا صبح جا اهڃاڻ.
گلرخن جو ٿيو ذڪر جي ”تنوير“،
ساري محفل ۾ ٿي وئي سرهاڻ.
شيخ عبدالحليم ”جوش“
وطن جي خاڪ سان ٿئي خاڪ مشتِ استخوان پنهنجي،
وطن تان ٿي وڃي قربان جانِ ناتوان پنهنجي.
بلندي عرش جي، صحرا جي وسعت، زينت گلشن،
مرڪب ٺاهجي تن جو ته ٿئي سنڌي زبان پنهنجي!
ترقيءَ تي هجي، ويجهي وڌي، سرسبز ٿئي هردم،
زبان سان گڏ وطن پنهنجو، وطن سان گڏ زبان پنهنجي!
الاهي! دل جي دنيا ڀي عجب پر لطف دنيا آ،
زمانو شادمان آهي، جي دل آ شادمان پنهنجي.
زمين آسمان ڪيڏي نه آهي سخت اي همدم!
مٿا مونا هڻي ناڪام موٽي آ فغان پنهنجي.
ٿيندي برق سان، سيماب سان، دريا جي لهرن سان،
مثالِ زلف سان ٿيندي پريشاني بيان پنهنجي.
نه ٿيندو ٺاهه، جيسين پنهنجي پنهنجي ضد تي هوندا،
ڪري زاهد ٿو پنهنجي ۽ ڪري پير مغان پنهنجي.
بڻايم گلستان اي ”جوش“! پنهنجي دشتِ ويران کي،
ڪرشمه ساز آ ڪيڏي نه چشمِ خونفشان پنهنجي!
نارائڻ ”شيام“
ايڏي روشن هجر جي رات!
ڪير ڏسيندو راز جي بات؟
اڳ نه هُئي ڪا دل کي تات
نالو آهي پاڻيءَ جو پَر
ڪوئل ڪاري ڪارا نيڻ
عشق اها شطرنج بڻيو
موت مفت ۾ ٿيو بدنام
وڌندڙ اوندهه ڏئي ٿي ساک
آس جهلڪ ٿي ائين ڏيکاري
جيون منهنجو، منهنجو ساز
ڪنڊا ڪيئن نه لڳندا ”شيام“ |
هاڻ ته هڪ ئي وائي وات!
ٻارڻ ٻاري ٿي برسات!
نگه نگه ڄڻ مٺڙي لات!
جيت به جنهن ۾ آهي مات!
جنهن کي ماريو ماريو حيات!
ٿيندي ڄاڻ اجهو پرڀات!
ڪوئي ٻار ڪري جئن هات!
منهنجا گيت هي ڏينهن ۽ رات!
گلاب جو گل آهه حيات! |
حيدربخش جتوئي
ٿي ڀلي اها ئي قسمت، نه سهي وصال ٿئي ها!
منهنجي لاش تنهنجي در جي اڳيان پائمال ٿئي ها!
ڪيو انتظار جانان تنهنجو وعدو آبِ حيوان:
جي نه اعتبار ٿي ها ڪيئن لحظه سال ٿئي ها!
تنهنجو وار وار پردي ۾ رهي ها هر نظر کان:
نه بغير جسم جانان جي سندن خيال ٿئي ها!
ڪو اُڀاري پنهنجو جوڀن، ڇو ٿو ڳاري منهنجو تن من:
هيءَ جواني سخت پٿر نه الاهي شال ٿئي ها!
ڪيو ڪيڏو شور برپا آ جهان ۾ تنهنجي تصوير:
هاءِ هر طرف نه مائل نگـﮧ جمال ٿئي ها!
توکي اصل کان هو آدم کي خراب خوار ڪرڻو:
نه ته هڪ مَلَڪ کي مالڪ نه اها مجال ٿئي ها!
ڇو رُئان ها تنهنجي صنعت تي الاهي روز محشر:
نه منکان سندم گناهن جو اگر سوال ٿئي ها!
هو خدا جو پير هرجا، وڃان ڪاٿي ها، عزيزا!
جتي پنهنجي خون سوا ڪجهه نه ٻيو حلال ٿئي ها!
ڪيو ڪفر گم نه ايمان ته ڪٿي رهيو مسلمان:
جي دوئي شمار ٿئي ها ڪٿي ذوالجلال ٿئي ها!
ٿئي ڪيئن قيد قابو نظر ۽ خيال ۾ هُو:
نه خدا خدا ئي ٿئي ها جي سندس مثال ٿئي ها!
هي مسائل تصوف، هي بيان تنهنجو ”حيدر“:
نه رکين ها عشق ڪافر ته زهي ڪمال ٿئي ها!
هري درياني ”دلگير“
کـُٽڻ جا ڪو نه ها جيڪي، سي ميخانا ڪٿي آهن!
لٽيندا دُنگ ها جيڪي، سي ديوانا ڪٿي آهن!
هينئر ڀي مي ملي ٿي، پر ڪٿي سا موج مدهوشي،
اُهي ساقي ڪٿي آهن سي مستانا ڪٿي آهن؟
پيالا پُر ڪري اڄ ڀي پيون ٿا، پر پرين پيارا!
پياريئه پاڻ ٿي جيڪي، سي پيمانا ڪٿي آهن!
ڪٿي سي، رات ساري جن سان ڳالهائي نه ٿڪبو هو،
کـُٽڻ جا جي نه ها هرگز، سي افسانا ڪٿي آهن!
مڙن ٿيون محفلون اڄ ڀي، مگر ڪٿي سي ڪٿي ماڻهو!
جلي ٿي شمع اڄ ڀي، ليڪ پروانا ڪٿي آهن!
هلي انعام لئه ٿو سونهن جي سرڪار ڏي هرڪو،
مگر جي جان جا ڏيندا ها نذرانا، ڪٿي آهن!
اُهي جايون، اهي جڳهون، اهي وڻ ٽڻ وٿاڻا سڀ،
مگر جن کان منور ها هي ڪاشانا، ڪٿي آهن!
هتي اڳ ها گلستان جا جهڳٽا، ڍير گلڙن جا،
سنڀالي هل دلِ نادان! هي ويرانا ڪٿي آهن!
جواني اڄ به جهومي ٿي، مگر ”دلگير“ مجبوري،
اُهي سهڻا ڪٿي ۽ سي صنم خانا ڪٿي آهن!
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“
مٺي منٺار جي خاطر، غمن دردن کي چرڻو پيو،
وڃائي خواهشون دل جون، حياتيءَ ۾ ئي مرڻو پيو.
مون نالو پنهنجو جان بازن جي دفتر ۾ لکايو آهه،
قدم اڳتي کڻي يارو، وري پٺتي نه ورڻو پيو.
ڪرڻ حاصل رَضاي يار معمولي نه ڳالهه آهي،
ڏٺوَ؟ منصور کي هڪدم، ڪري سرڌار ڌرڻو پيو.
مٺي محبوب جي مرضي، رکڻ جي واسطي هر دم،
ڏکن جي ڏونگرن کي ڏيل ڏهڪائڻ سان ڏرڻو پيو.
وڏي تڪليف ڪاٽڻ بعد، رسبو يار جي دَر تي،
سڄڻ سورن جي واديءَ مان اکيون ٻوٽي گذرڻو پيو.
ديار يار هُن پاسي، ۽ وچ ۾ عشق جو درياءُ،
رکي هُو سيلُ سهڻيءَ جو تِکو سو تار ترڻو پيو.
چيو محبوب سر ڏيندين ته ٿيندين ”طالب الموليٰ“
ڳچيءَ ۾ پاند پائي، شرط هي منظور ڪرڻو پيو.
حافظ محمد احسن دادو
ڪو نه جڳ ۾ ٿو ڏسان تنهنجو ڪو ثاني، جاني!
تنهنجي شوڪت به شها آههِ شهاني، جاني!
گفتگو تنهنجي مٺي شهد ۽ شڪر کان وڌيڪ،
مون سان ڪر گفتگو شيرين زباني، جاني!
دل ڏنيم توکي، سا تو وٽ رهي، مون وٽ ناهي،
درد تنهنجو ٿيو پهلوءَ ۾ مڪاني، جاني!
تنهنجي رخ ۾ ته ڪمان، تير و تبر، تلوارون،
ڄڻ چڙهيو مُلڪ دلين جي تي ڪماني، جاني!
تير مزگان جو ڀلي منهنجي رهي سيني ۾،
ڪا ته مون وٽ به رهي تنهنجي نشاني، جاني!
ڪنهن سان احوال ڪيان آتشِ فرقت جو مٺا!
سانڍيان سيني ۾ ٿو سوز نهاني، جاني!
عمر منهنجي به ڏئي توکي خدا زيبِ زمان،
تون ته ماڻين سدا جوڀن ۽ جواني، جاني!
طالبِ ديد رهن تنهنجي سدا ٿا در تي،
روز شب ورد انهن جو ٿيو ”جاني جاني“!
موت منهنجي کان اڳي مون کي پسائج جلوو،
تنهنجو احسان ٿيندو اهو فاني، جاني!
عشق تنهنجي ۾ ٺهن هاڻ ٿا ”احسن“ اشعار،
طبع منهنجي ٿي وئي آهه رواني، جاني!
عبدالله ”خواب“
جن پاڻ وڃايو آ، سي تنهنجا تمنائي،
جن ڳولي لڌو توکي، سي تنهنجا شيدائي.
مون جڏهن ڏٺو توکي، ٿيو هوش و خرد سڀ گم،
تو جڏهن ڏٺو مون کي، جهٽ هوش ۾ جان آئي.
تارا ٿا ڏسن مون کي، تارن کي ڏسان ٿو مان،
محسوس ٻنهي کي ٿي، شايد شبِ تنهائي.
پيرن جا نشان ڏسندي، منزل نه سڃاتي مون،
گم هوس خيالن ۾، منزل هي جڏهن آئي.
طوفانِ حوادث جا، خاموش چڙهيا بادل،
اي همسفرو، منزل آئي ڪيِ اجها آئي!
جي فضل ڪندو پاڻان، هن دور جي حالت تي،
ان شان ڪريميءَ ۾ ايندي نه ڪمي ڪائي!
آفاق ۾ ظاهر ٿيو سجدي جو نشان منهنجو،
جنهن داغ ڪيا چنڊ ۾، سا منهنجي جبين سائي،
دنياي محبت مان ٿيو ”خواب“ کي هي حاصل،
آغاز ۾ رسوائي، انجام ٿيو سودائي.
اسدالله شاهه ”اسد“
لڳائي نينهن جو نعرو، نسنگ نانگا نَچي ڪي ڪي،
ڏکئي پڙ پرت جي ۾ پير پائيندا اچي ڪي ڪي.
نه سوکو عشق آهي، تون نه ڪر سڌ بوالهوس ناحق،
هتي مرندا وري جيئندا پتنگ وانگر پچي ڪي ڪي.
ڪسوٽي قرب جي اهڙي مٺي محبوب وٽ هي،
کريل کوٽا ڀڄي ويا مِڙ، ٿيا ريٽا رچي ڪي ڪي.
هزارين هـُل هلاچا هن جهان جي عشق ۾ آهن،
بري هن بحر مان نڪتا بهادر پر بَچي ڪي ڪي.
نه ڳالهين سان کٽي آهي، ڪڏهين ڪنهن قرب جي بازي،
محبت جي اي يارو، ڏور ڏوريندا ڪچي ڪي ڪي.
لباسِ زهد سان سجاده تي ويٺل گهڻا ڏسبا،
خبر سهڻي سندي، صادق سڻائيندا سچي ڪي ڪي.
ڊڄي آخر ڀڄي ويا ڪي، ڪنهين جو ويو نشان گم ٿي،
”اسد“ منزل تي پهتا مرد ٿي مانجهي مَچي ڪي ڪي.
��
قصيدو
”انيس“ مهيري
آه وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
ٿيا خار سندءِ گلزار مثل، هر وار وطن! اي سنڌ وطن!
هي بخت اٿم، ٿيو تو ۾ جنم، سڀ شهر ڏٺم، مِڙ ملڪ عجم،
بس تنهنجو قسم، مٽ ڪين لڌم، هڻندو نه ڪو دم، ڪشمير ارم،
سک تو ۾ مليم، ناهيم ڪو غم، تو تان سارو جسم، هڏ ماهه ۽ چم،
قربان سندم، ڪريان ته ختم، هڙمال رقم، ارواح اٿم،
همراهه ٿئين، بيواه سندو، آڌار وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
کان روز ازل، فردوس مثل، تنهنجي ريت رمل، ٿي سرمون ڪجل،
تو ۾ جام جبل، تنهنجو صاف ٿيو جل، ۽ شاه سچل، جهڙا نيڪ عمل،
تو ۾ علم عقل، پرديس ۾ پل، ترسان نه اصل، ڀل هون محل،
پڪوان پڪل، ڪنهن کي نه ڪا ڪل، منجهه جان جنجل، ٿو من ڏي اڇل،
تون جود ڪرم جوآهين سدا ڀنڊار وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
تون دارِ امن، تو ۾ جاءِ وٺن، جي ڏُتڙي اچن، کان ظلم زمن،
ٿيو واس وڻن جو مشڪ ختن، سان درِ عدن، ڪچ ڪوڏيون لڳن،
کنوڻيون ٿيون کنِون، گوڙيون ٿيون گجن، بادل ٿا ڀڄن ۽ مينهن وسن،
مارو ۾ پٽن ٿا پلر پين، شربت نه چکن، لک شيشا هجن،
سيڪين سڱر، کائين ڀَتر، سنگهار وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
جي بک ۾ ڳري، مسڪين، مري، پيو تو ۾ ڍري، دولت جي دري!
پڻ تنهن کي سري، ناڻي جي ڀري، کڻي خوب کري، ني ڳوٺ وري،
ٿي ڏاٺ هِري، چکي ٿي چري، تنهن کي ڪين سري، ٿي ڳالهه ڳري،
ترسي جي ذري پوندو ته ڏري، ڇڏي نار نري، هو موٽي وري،
پينار اچي ٿا تو ۾ ٿين زردار، وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
ڇا شام سحر، تنهنجو پلڪ پهر، ٿيو نور نظر، اي جان جگر،
تون صاف اندر جو آهين ٻهر، ڪيني جو ٽڪر، تون دل تي نه ڌر،
کڻندين ته ڪسر، تون فڪر نه ڪر، هي منهنجا اکر تون ڌيان تي ڌر،
جن توتي قهر، ڪيا زور زبر، تن جو ڪو حشر، ٿيندو ته مگر،
وٺ صبر کان ڪم، ڪرڪين ڪو غم، هشيار وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
ٿا رت رئن جي ڌار رهن، سک ڪين سمهن، ٿا پور پون،
جنات عدن ۾ جاڙ جين، خوش ڪين هجن ڄڻ قيد ڪَٽن،
سي غرق غمن ۾ ڪين ڪڇن، کائن نه پين ٿا سور سهن،
من پٺتي ورن، شل توکي ڏسن، تان نيڻ ٺرن، هيءَ آس اٿن،
لاچار وڃي پرديس ۾ ٿيا بيمار وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
تون قوت ڏئين، ۽ انگ ڍڪئين، ڪوئي نه ڇڏئين هي آهه يقين،
غمخوار حزين جو ڪين ڪرين پس و پيش پرين، ٿو جيسين جئين،
دشمن ته سوين، يا هُون لکين، تون ڪين هٽين، آفت کان بچين.
شل شاد رهين، آزاد هجين، آباد ٿئين، ڪا گوءِ کڻين.
سرسبز رکي، توکي تائين ابد، ڏاتار، وطن! اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن!
ٿي توکان جدا، ٿيو فاني فنا، ڇانئي ته گهٽا ڪَرُ ان جي اڳيان،
ڪي ڪهڙي خطا، يا رب جي رضا، جو لوڙي جفا، توکي ساري سدا.
بس تو کان سوا، ان جو نه بچا، هو اڄ ڪ سڀا هت ايندو هُتان،
لاهيندو ميارون وٺندو، معافي آيو نياپو آهه اڃا.
واليءَ کان ”انيسا“! هو ٿو گهري، ”مون کي وار وطن!“ اي سنڌ وطن!
دلدار وطن، منٺار وطن، غمخوار وطن! اي سنڌ وطن! |