سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :4

 حافظ محمد احسن

تات طلب تن تاري، محب مٺا ٿم تنهنجي ملڻ جي!

نينهن ننڍي لاءِ توسان لاتم، يار اصل کان هئي ياري:

ڇو ٿو ڇنين! ڪر ڳالهه ڳنڍڻ جي.

عشق اوهان جو آفت آهي،، توبهه توبهه منهنجي زاري:

بات برهه جي ناهي لکڻ جي!

رڳ رڳ ۾ تنهنجي رمز لڳي وئي، ڳل ڳچيءَ تنهنجي ڳاري:

ڪيئن پوءِ ڇنايان! ناهي ڇنڻ جي.

سال لنگهي ويا سڪندي سڪندي، گهوٽ نه وجهه تون گهاري:

آءُ الله لڳ ڪر ڪا اچڻ جي!

توريءَ واهه وسيلو ناهي، ڪر ڪا سڄڻ سرداري:

ڇڏ تون راڻا ريت رسڻ جي!

”احسن“ کي آهي سڪڙي سدائين، دوست ڏيو دلداري:

وات مٺا ڪر وائي ورڻ جي!

 

برده سنڌي

ڇڏيو آهه لاشڪ، اباڻن وساري.

مُڪائون نه اوٺي، نه ڪانگل اُڏاري.

مون جيڏيون تڙن تي، سي مُرڪي ملن ٿيون،

وريون ڏيئي وارن کي ليکُون لَهن ٿيون،

سنواري سئين سينڌ، مينڊيون مڙهن ٿيون،

ملان شال تن سان، نه هت موت ماري!

هو مٺڙيون ۽ سهڻيون، عطر مشڪ هاڻيون،

وتن ويڙهه ۾ ڄڻ، کٿوريءَ جون کاڻيون،

ٿريليون، مريليون! روهيليون، پٺاڻيون،

ڏسن جي کڻي اک، وجهن هانءُ ڏاري!

کڻي پَٽُ سُئي، ڪي، ڀَرن ڀَرتُ گوريون،

پيون پنهنجا اڳُڙ، ٻُهارن سدوريون،

تنواري پيارن، هُتي ڇانگ ڇوريون،

اکين آلڙين سان هتي ڪا نهاري........!

ٿَريُن تي ڪرين، ٿورڙو، ٿر رسان مان،

وڃي پنهنجي وڳر ۾، ويڙهي وسان مان،

ٽري ذُرت ”بردا“ ته پنهنجا پسان مان،

وطن تي وري شل، الله واڳ واري!

شبير ٽکڙائي

 

قرب ڪٺل دل پارا پارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

لک ڀيرا آءٌ پريم پيارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

ڇوڙي ڇڏين جي ڇيڪ ڇتن کي،

ونگ وجهن هوند واٽهڙن کي،

روز هزارين ٿين ويچارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

جن، ملائڪ، حورون، غلمان،

حسن تنهنجي تي هر جُڳُ حيران،

قطب، ڪتيون، سج، چنڊ ۽ تارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

راتو ڏينهان راهون نهاريان،

پلپل ويٺي پرت پچاريان،

نت وهن ٿا نيڻين نارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

ڪيفي ڪاريون ڪجليون اکڙيون،

آهن ڏاڍيون ڏاهيون ڏنگڙيون،

ڪن ٿيون مشتاقن تي مارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي،

يار ”شبير“ ڏي موڙ مهارون،

نڪريو ڪريان نرت نهارون،

نرمل تنهنجا نوري نظارا، تو تان صدقي، صدقي، صدقي!

 

رشيد احمد لاشاري

مير مٽائي مينڌرا، موٽي مومل ماڻجي

موٽي مومل ماڻجي، سوڍا سڱ سڃاڻجي!

اچجي اوتاري، ڪاڪ ڪناري، مُفت نه ماري موٽجي:

چاهه جون چاليون، ڳجهڙيون ڳالهيون، ڄاڻو بنجي ڄاڻجي.

ڄاڻو بنجي ڄاڻجي، سوڍا سڱ سڃاڻجي!

مير مٽائي مينڌرا، موٽي مومل ماڻجي.

تنهنجون راتيون، تنهنجون تاتيون، تنهنجون باتيون اڄ ڪٿي!

دل جي دَر ۾، جان جگر ۾، تار طلب جي تاڻجي.

تار طلب جي تاڻجي، سوڍا سڱ سڃاڻجي!

مير مٽائي مينڌرا، موٽي مومل ماڻجي.

ڪاڪ ڪنبائي، حڪم هلائي، پاند اڙائي پيار جو:

رمز رشيدي، شوق شهيدي، اکڙين آڏو آڻجي.

اکڙين آڏو آڻجي، سوڍا سڱ سڃاڻجي!

مير مٽائي مينڌرا، موٽي مومل ماڻجي.

 

غلام محمد ”گرامي“

دلبر تنهنجي ديد،

موت کي مارن، جُڳ جڳ جيئن،

تنهنجي وڃڻ کي ماتم ڀائن،

نانگن پنهنجا ننگ ڇڏيا هت،

هڪڙي نظر سان آهه نوازي،

قرب ڏٺوسين، ڪيف ڪلالي،

رمز رلايون، روح ريجهايون،

نوري نگاهون، کلندي کنيائون،

ونَحَنُ ويجهو، ونگ وصالي،

محبوبن مهميزون مِٺڙيون،

طالب مولا مون لئي ”گرامي“،

گهورن سان ٿي دلڙي گهائي

شوق تنهنجي جا شهيد ..........

تنهنجي اچڻ کي عيد ..........

ڪهڙي خوشي ۽ خريد ..........

نرمل نينهن نَويد ..........

محبت، مست، مزيد ..........

محبت ماريا مُريد ..........

سهڻيءَ، ساعت، سعيد، ..........

ڇاهي، قرب و بعيد ..........

اک سان گفت و شنيد ..........

رومي، جنيد، بايزيد ..........

 

گيت

”تنوير“ عباسي

 

” ديپڪ“

آءٌ ته پنهنجي سُر کي مٽايون،

هن جڳ کي بدلايون!

 

گيت پراڻا آلا پيندي،

پنهنجي دل ڀي ڀرجي ويئي،

ساڳي سُر تي ڪن لائيندي

خلق خدا جي ٿڪجي پيئي.

ساز نوان ڪي آڻيون، مٺڙا،

راڳ نوان ڪي ڳايون،

ساز ۾ سوز سمايون.

 

چارڻ چوري چنگ ٿڪي پيا،

پر نه مليو ڪو سر جو دان،

گيت مري ويا، ساز ڀڄي پيا،

چپ ٿي ويو هي سارو جهان،

ٻئي جو سر جي گهرجي، پهرين

پنهنجي سر کي وڍايون،

سر جو سانگو لاهيون.

لڙڪ وسائي وسائي ٿڪاسين،

پر نه وساڻي دل جي آڳ،

سارنگ ڳائي ڳائي ٿڪاسين،

 

هاڻي ڇيڙ نئون ڪو راڳ،

سُر ۾ سمائي آڳ اندر جي،

آءٌ ته ديپڪ ڳايون،

آءٌ ته باهه دکايون.

 

آءُ ته پنهنجي سُر کي مٽايون،

هن جڳ کي بدلايون!

گو و رڌن محبوباڻي ”ڀارتي“ (اجمير)

پريتم جي آس

 

نيلي نيلي دور گگن ۾،

پنهنجي پريتم سندي لگن ۾،

ڪِرڻن جي ڪومل تارُن جي، ويڻا مڌر وڄائي ويٺو،

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

 

صاف سهاني مالا پائي،

پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي،

پريتم کي هرکائڻ خاطر، پنهنجو پاڻ سجائي ويٺو،

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

 

تارن جا ٿو ديپ جلائي،

بادل جي ٿو سيج وڇائي،

جنهن کي چانڊوڪي چادر سان، چاهه منجهان چمڪائي ويٺو!

شايد چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

 

سوچي ويٺو: ”ساجن ايندو،

منهنجو ڀاڳ ڀليرو ٿيندو،“

پياري پريتم کي پائڻ جا، پل پل پور پچائي ويٺو،

شايد، چنڊڪي ڳائي ويٺو!

کيس اندر ۾ آس گهڻي آ،

پڻ پريتم جي پياس گهڻي آ،

ان لاءِ آس ڀرين اکڙين سان، وياڪل ٿي واجهائي ويٺو،

شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!

 

پر پريتم آ دير لڳائي،

دک کان چنڊ جي دل گهٻرائي،

ڊوڙي ڊوڙي گگن- منڊل مان، پريتم ڪاڻ پُڇائي ويٺو،

شايد، چنڊاڪي ڳائي ويٺو!

 

شيخ ”اياز“

 

ڪٿي آ منهنجي منزل سائين، ڪٿي آ منهنجو ماڳُ؟

رات انڌيري، ويل اويري،

چنڊ ستارا منهنجا ويري.

اچي ڪڏهن مون سان مل سائين، ڀـُلي پيو آ ڀاڳ.

ڪٿي آ منهنجي...............

ويهي وَنجههَ هڻان مان ڪيسين،

لهرين ساڻ لڙان مان ڪيسين.

سُجهي نه ڪوئي ساحل سائين، سامهون سمنڊ اجهاڳ.

ڪٿي آ منهنجي..................

ساٿ انهيءَ جو سنگ انهيءَ جو،

نينهن انهيءَ جو ننگ انهيءَ جو.

ڳولا ۾ آ شامل سائين، مون سان منهنجو راڳ!

ڪٿي منهنجي منزل سائين، ڪٿي آ منهنجو ماڳُ؟

 

عارف الموليٰ

 

مند ملڻ جي آئي

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

 

ساوڻ جي رت آئي سهڻا، مينهن ڪيا منڊاڻا،

ساوا گاهه گسن تي ٿيڙا،  ٿوهر ڦوڳ ڦلاڻا،

تاڙو ”تون تون“ تند تنواري، ڪو ئل ”ڪوڪو“ ڪيو پوڪاري،

وڄ چمڪي ٿي، گوڙ گجي ٿي،

ڪڪرن ڪئي آ چوٽي،

ماڳين

 آءُ مٺا تون موٽيِ!

 

ننڍي وَهيءَ کان نينهن اوهان جو سَنڌن منجهه سمايو،

ڏاج ڏکن جو مليو مهندان سورن سانگ بنايو،

پيوند پيچ پريمي پيڙا، ورهه جا ونگ وڪوڙي ويڙا،

سڪ جي سئيءَ سان ساهه سبيو تو،

عشق جي ڏيئي اوٽي

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

 

طعنا تنڪا لوڪ جون لُو پون، مهڻا ۽مهميزون،

مرڪ اهو مشتاقن اصلان، پرت ۾ ڇا پرهيزون،

لڙڪ لڙي ڳَل ڳوڙها آيا، دُک جا دل تي بادل ڇايا،

تو لئه پورب پنڌ پڇايم،

لال ڪڍي لانگوٽي،

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

 

ڇو ٿو ڇرڪين ڇو ته ٽهين ٿو، نيڙي آ دل جاني،

قرب جا بند ڪمند پيا ڳٽ ڳوپ ڳنڍيون ڳل ڳاني،

توڙي ڌڪارين در نه ڇڏيندس، محب اوهان کان منهن نه مٽيندس،

درد وارن سان ڇڏ او دلبر،

عذر گهڻا دل کوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

 

ساري رات سنڀاريو سهڻا، ڏُسڪيو ڏينهن ڪيان ٿو،

تارا تارن سان ٽمڪايو، نياپا چنڊ ڏيان ٿو،

هر هر ڏياٽيءَ جي وٽ سوريان، ٽيڙو ڪتين سان ڏک اوريان،

”عارف“ سان ڪر ڪيم عجيبا،

نازڪ يا نڇوٽي-

ماڳين

آءُ مٺا تون موٽي!

 

برده سنڌي

ويهي اوريون اور، پرين اچ،

ويهي اوريون اور!

مُند ملڻ جي آئي موٽي،

پنهنجي جوانيءَ جي صدقي تون،

 

لوڪ جا مهڻا موڪ ملامت،

تو آئي ويا – سورن جو هِت،

 

ڳُڻن ڀريون ڪر ڳالهيون جاني،

تنهنجي گهُورَ ڪري جئن مٺڙا،

 

توکي جانب سانگ سيباڻا،

پر آ ”برده“ آس ملڻ جي،

تون ڀي اَچُ هرجائي موٽي،

سِڪَ جو سڳڙو سور، پرين اَچُ،

ويهي اوريون اورَ

هاءِ، وڇوڙو، آ هڪ شامت،

ڪو نه بچو ڪو ڀور، پرين اَچُ،

ويهي اوريون اور!

مُرڪي کَڻ تون اک مستاني،

پيهي مَن ۾ پور، پرين اَچُ

ويهي اوريون اور!

ڇا، جي ٿي ويا سورَ پُراڻا؟

اَڄُ ڀي نئين نڪورَ، پرين اچ،

ويهي اوريون اور!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com