سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :1

مهراڻ 1956ع (1)

ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

گذارش

 

گذريل ٽي مهينا

هن پر چي سان، ”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال شروع ٿي رهيو آهي. گذريل ٽن مهينن ۾، اسان جو وطن پاڪ ”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي نهال ڪندڙ نالي سان نوازيو ويو آهي. ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ جي تعريف، تعارف ۽دستور العمل ۾ - يعني ان جي آئين ۾ - جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اُتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن – سج جي وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي ڪندي، ”مشرف به اسلام“ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندي پئي ٻڌبا ۽ڏسبا هئا- پر ملڪن ۽قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي، تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پيئي اٿئون! ”اسلامي جمهوريه، پاڪستان“ جي مغرب واريءَ اک جو نور اڙدو، ۽ مشرق واريءَ اک جو سُرور بنگله ڀاشا- جيڪڏهن باقي سندس ڪنهن ڀاڱي جي رهواسين کي وچئون ڪا ٽين پنهنجي ٻولي عزيز آهي، ته هو ان جي پاڻ حفاظت ڪن – تنهن ۾ ڪنهن کي ڪو به اعتراض ڪونهي! خداوندانِ مملڪتِ خداداد جا واقعي اِهي لک لائق آهن، جو اسان کي اهو حق عنايت ڪيو اٿن، نه ته هن نفسا نفسيءَ واري زماني ۾ ڪير ٿو اڄ ڪنهن جا حق تسليم ڪري! سائو سائو، ڪچڙو ڪچڙو گاهه ته صرف چيڄي ۽ لتڙ لائق هوندو آهي. پوءِ جنهن ٻوٽڙي جون پاڙون محض مٿان مٽيءَ ۾ اٽڪيل هونديون، اهو هڪ ئي چڪ ۽ هڪ ئي لت سان اُکلجي ٻاهر نه اَچي پوندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ البت جنهن جون پاڙون زمين ۾ پختيون کتل هونديون، سو هزار چپجڻ ۽ مُڇجڻ کان پوءِ به پاڻ کي مڙيو ئي تيتر بچايو بيٺو هوندو، جيتر وري سندس مورجڻ جا ڏينهن موٽي اچن. هن سلسلي ۾ هڪڙو گفتو دل تي تري آيو آهي، سو اڳو پوءِ پنهنجن عزيز پڙهندڙن کي ٻڌائي ڇڏيون ته بهتر. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي ڪنهن  پرئي مڙس جي ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي نڪتي ته ”گورن سنڌ ڀيلي بنهه چٽ ڪري ڇڏي!“ پرئي مڙس تنهن تي ورندي ڏني، ”ابا! گورا آهن گڏهه – اسين آهيون ڊڀ، هنن کي چرندي آهن حال: پنهنجون پاڙون آهن پاتار ۾ - سو اسين اڳئين کان اڳرا، سدائين ساوا ٿيا، بهاريا بيٺا هونداسين! ٻولين ۽ سڀيتائن جو مثال پڻ اهو ئي آهي – جيڪڏهن سندن پاڙون بنهه ٺڪريءَ تي بيٺل آهن، ته هوا جي هڪ ئي جهوٽي، هٿ جي هڪ ئي ڊوهه سان پاڙن سوڌو پٽجي امالڪ اچي ٻاهر سٽبيون، پر جيڪڏهن سندن بنياد اَڏول ۽ برجستا آهن، ۽ سندن اَڏاوت مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ته هزار انهن جي ڪيرائڻ جي ڪو ڪوشش ڪري، سواءِ پنهنجي مٿي ڀڃائڻ جي هن کي ٻيو ڪجهه به پلئه ڪين پوندو. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت به ڪي ڏينهن اَڌ جون چيزون ڪينهن – دنيا جي قديم کان قديم ۽ عظيم کان عظيم ثقافتن ۽ ٻولين جي صف ۾ کين امتيازي جڳهه حاصل هئڻ جو بجا فخر آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي صاحب مشرق ۽ صاحب مغرب حضرات جي في الحال منجهن ڪا اک ئي نه ٿي ٻڏي، ته ان ۾ انهن صاحبن جي پنهنجن ئي شڪي ۽ شوم نگاهن جو قصور آهي – سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وجود سندن نظر فيض اثر تي منحصر نه آهي.

 

ٻه پـُور

سنڌي ٻوليءَ کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سرڪاري سرپرستي نصيب ڪا نه ٿي آهي. منڍ کان وٺي، هيل تائين دنيا جي ٽن عظيم ٻولين، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ- جي مڪمل محڪوميت ۾ رهي ڪري به، سنڌي ٻوليءَ جو پاڻ کي زندهه رکيو – نه رڳو زندهه رکيو، پر ادب جو بي مثال ۽ لاثاني خزانو پاڻ وٽ پيدا ڪيو – اهو اسان جي ٻوليءَ جو تحقيق هڪ امتيازي ڪمال آهي. صدين کان پوءِ مس مس هاڻي وڃي سنڌي ٻوليءَ کي هڪ جهڙي تهڙي پنهنجائپ واري وايومنڊل ۾ سک جي ساهه کڻڻ جو وجهه مليو هو- پر ڏنگيءَ چال واري آسمان کان سندس اها به خوش بختي سٺي ڪين ٿي- ۽ پيار ۽ پرورش وارو اهو هٿ، جيڪو ڏانهس وڌيو ئي اڃا مس هو، تنهن کي زوران زوريءَ جهلي، مروڙي، ڀڃي مرڳوئي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ويو.

سرجِي تان سور، سامائِي تان سک ويا،

اهي ٻيئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا!

(شاهه)

اها صورتحال سنڌي ٻوليءَ لاءِ تحقيق ڪا نئين چيز ڪانهي- ۽ پنهنجي زنده رهڻ جي حق ۽ صلاحيت کي هميشه لاءِ ثابت ڪرڻ خاطر انهيءَ آخرين آزمائش مان به شايد سنڌي ٻوليءَ کي گذرڻو هو – پر هن تازه ترين آزمائش جون ڪي خصوصيتون آهن، جيڪي اسان جو خاص ڌيان لهڻن: پهريون ته اڳين زمانن جي ڀيٽ ۾ اڄ ريڊيو، سئنيما، پريس، سڪول ۽ حڪومتي سرشتي جي همه گيريءَ وسيلي ڪنهن به ٻوليءَ کي جيڪڏهن بنهه نابود نه، ته به ايتري قدر ته نپوڙي ۽ چيڀاٽي، بي حس ۽ نستو ضرور ڪري سگهجي ٿو، جو ان جي هئڻ يا نه هئڻ ۾ ڪو خاص فرق نه رهي، ٻيو ته پهريون پهريون ڀيرو هاڻي، مفاد پرست عناصرن طرفان ”وطن“، ”قوم“، ۽ ”مذهب“ جا جذباتي نعرا سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مخالفت ۾ دليلن طور استعمال ٿيڻ شروع ٿيا آهن – حالانڪه سنڌ سان محبت پاڪستان سان عداوت جي برابر نه آهي، سنڌي قوميت کي پاڪستاني قوم جو هڪ مستقل وجود رکڻ وارو ترڪيبي عنصر ڪري مڃڻ پاڪستاني تحريڪ جي ڪنهن به بنيادي اصول جي خلاف ورزي ڪانهي، ۽ ظاهر آهي ته ڏاڍن جا ”مذهب“ متعلق مفهوم خاص پنهنجي مطلب مطابق ئي هوندا آهن، ورنه اصلوڪو ۽ صحيح اسلام دنيا ۾ رنگ، نسل، ٻوليءَ، ملڪ، قوم وغيره جي ڪٽرپڻي کان ته برابر، پر انهن جي ڪثرت کان هرگز خائف نه آهي. هيءَ ڳالهه به بگهڙ ۽گهٽي واري ئي چئبي – پاڻي وهندو مٿان کان ئي اسان ڏانهن اچي، ته به پاڻيءَ کي وٽاڙڻ  ۽ لـُڙاٽڻ وارا الزام اُهي ئي اسان تي!

هن پس منظر ۾ - جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي ئي ديس ۾ هڪ ڀيرو وري بيگانن وانگر رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. اهو خالص اسان جيئرن جاڳندن سٺ لک سنڌي ڳالهائيندڙن تي ئي منحصر آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ سان ڪيتري قدر ٿا پنهنجي سر جا سودا نباهيون. هر ڪا وڇ پنهنجي ڪلي سارو ڪڏندي آهي: تنهنڪري، جيستائين اسان جي سنڌ کي وري صوبائي خودمختياريءَ جو درجو حاصل ٿئي، تيستائين، سنڌيءَ لاءِ الهندي پاڪستان جي سرڪاري ٻولين مان ”هڪ سرڪاري ٻولي“ هئڻ جو درجو حاصل ڪرڻ اسان جو فرض به آهي ۽ حق به. ساڳئي وقت اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي همه گير تربيت ۽ ترقيءَ لاءِ پڻ پنهنجو پاڻ تي ئي ڀاڙڻو آهي ته اسان جو سموريون علمي ۽ ادبي ضرورتون اُن جي ئي معرفت جيئن پوءِ تيئن زياده بهتر ۽ مڪمل انداز ۾ پوريون ٿينديون ٿيون رهن. انهيءَ ڏس ۾ اسان جون سمورين ڪوششن جو بنيادي اصول هيءُ ئي هئڻ جڳائي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ۽ بهتر کان بهتر ڪتاب، سستي کان سستي اگهه تي ميسر ٿي سگهن، ته جيئن اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۾ علم دوستيءَ ۽ ادب نوازيءَ جي هڪ اهڙي زندگي – بخش فضا قائم ٿي وڃي، جيڪا هر حالت ۽ هر زماني ۾، ترقي يافته ۽ مهذب ماڻهن جو هڪ امتيازي نشان پئي رهي آهي. جيڪڏهن علم ۽ ادب واقعي انسانن جي ذهن ۽ روح جي پاڪيزه ترين خوراڪ آهن، ته پوءِ اسان جي ذهني سجاڳيءَ ۽ روحاني صحتمنديءَ لاءِ لازمي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جو پڙهيل طبقو انهيءَ خوراڪ کان ڪڏهن به محروم نه رهي. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي آهي ته اهو علم ۽ ادب جيڪو پنهنجي مادري زبان معرفت حاصل ٿئي ٿو، سو زياده گهرو، زياده پائدار، ۽ پاڻ لاءِ توڙي پنهنجي قوم لاءِ زياده مفيد ثابت ٿو ٿئي.

ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي سرمايي کي وڌائڻ لاءِ ظاهر آهي ته ڪتابن جا لکندڙ، ڪتابن جا شايع ڪندڙ  ۽ڪتابن جا پڙهندڙ ٽيئي جڏهن گڏجي ڪم ۾ هٿ وجهندا، تڏهن ئي اُن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. ڪتاب لکيا به وڃن، شايع به ڪيا وڃن، تنهن هوندي به جيڪڏهن انهن جي خريد ڪرڻ وارا ۽ پڙهڻ وارا جيئن پوءِ تيئن زياده تعداد ۾ پيدا نه ٿيندا رهندا، تيسين قوم جي بيداريءَ جي رفتار ۽ ان جو دائرو هميشه محدود، تنگ ۽ سست ئي رهندو، تنهنڪري، هر پڙهيل سنڌيءَ تي سڀ کان وڌيڪ ”اڄ“ لازم آهي ته جيترو به هن جي وس ۾ هجي، هو گهڻي ۾ گهڻا سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري: انهيءَ لاءِ جيڪڏهن هر شخص پنهنجو پاڻ تي، پنهنجي پيدائش آهر هڪ ماهوار يا سالياني ”ٻولي ٽئڪس“ لاڳو ڪري ڇڏي ۽ تنهن سان گڏ اثر رسوخ وارا صاحب جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، شهر يا محلي جي علم دوست ماڻهن سان گڏجي ننڍيون ننڍيون لئبرريون قائم ڪن – جيئن سڄيءَ سنڌ ۾ اهڙين عام لئبررين جو گويا هڪ ڄار وڇائجي وڃي- ته سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب اخبارون ۽ رسالا کپي سگهن ٿا۽ پوءِ ڪتابن جا ڇاپيندڙ ۽ لکندڙ پنهنجو ايترو قدر ۽ ايتري همت افزائي ڏسي، ڪيترا وڌيڪ ۽ ڪيڏا اعليٰ پايي جا ڪتاب لکي سگهن ٿا ۽ شايع ڪري سگهن ٿا،  ۽ اهڙيءَ ريت سنڌي ادب جو باغ ڪيڏيءَ تيز رفتار سان چوڌاري سرسبز ۽ شاداب ٿي سگهي ٿو – تنهن جو اندازو هر ڪو سمجهدار شخص آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو.

لوڪ ادب

مٿي چئي آيا آهيون ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جون پاڙون پاتار ۾ آهن. ٻوليءَ جي ڳالهه ڇڏي، رڳو ادب ڏانهن جيڪڏهن ڏسجي ٿو، ته به اسان جو ڪلاسيڪي ادب، دنيا جي سڌريل کان سڌريل ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي ادب سان خوشيءَ سان ڀيٽ کائي سگهي ٿو. هيءَ به حقيقت آهي ته اسان جو ڪلاسيڪي ادب جيترو ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي اڃا قلمي حالت ۾ موجود آهي، جو اڃا ڇپائيءَ جي زيور سان سينگارجي، اسان جي هٿن تائين پهتو ئي نه  آهي. تنهن  کانسواءِ اسان جو لوڪ ادب، جنهن ڏانهن اڃان ڪنهن پورو مُنهن ورائي به ڪين ڏٺو آهي، هڪ بي ڪنار بحر وانگر اسان جي اڳيان هاڻي به پکڙيو پيو آهي. يورپ جي لئٽويا رياست، جنهن جي آدمشماري اڄ به ڪل ويهه لک مس آهي، جيڪا ارڙهين صديءَ جي آخر تائين جرمنيءَ جي غلام رهي، جنهن جي ماڻهن ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تائين به ان ڳالهه کي هڪ خواب پئي سمجهيو ته منجهن ڪو اهڙو شاعر پيدا ٿيندو، جنهن جو نالو ۽ جنهن جا نغما، سندن ننڍڙي ملڪ جون ننڍڙيون سرحدون اورانگهي، ڪڏهن وڃي ٻاهر يورپ جي ڪنن تائين پهچندا – انهي ملڪ جي اديبن پنهنجي لئٽيائي ٻوليءَ ۾، آزاديءَ کان پوءِ قريباً پنجاهه سالن جي مختصر عرصي ۾، رڳو پنهنجي لوڪ ادب جا ئي جملي ٻه لک اسي هزار لوڪ گيت ۽ پنجهٺ هزار لوڪ داستان ۽ لوڪ ڪهاڻيون جمع ڪري ورتيون آهن. انهيءَ هڪڙي مختصر مثال مان اسان جا سنڌي اديب ۽ عالم آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهن ٿا، ته اسان جي قديم سنڌ ديس ۽ ان جي قديم سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسان جي ”اڻ پڙهيل“ عوام وٽ پنهنجي لوڪ ادب جا ڪيترا نه بي مثل ۽ بي شمار خزانا موجود هوندا! حقيقت هيءَ آهي ته جيئن جيئن تعليم وڌندي ويندي آهي، تيئن تيئن ماڻهو پنهنجي حافظي تي زور گهٽ ڏيندا آهن- ۽ حافظي تي هو آخر وڌيڪ زور به ڇو ڏين، جڏهن انهيءَ طاقت خرچ ڪرڻ ڌاران ئي اهو ذخيرو وٽن ڪتابن جي صورت ۾ موجود ٿي ٿو وڃي – تنهنڪري، وڌندڙ تعليم جي ٻين مفيد نتيجن سان گڏ، انهيءَ هڪڙي نتيجي کي به خيال ۾ رکندي (جنهن موجب ماڻهو پنهنجي ادب کي پنهنجن سينن ۾ محفوظ رکڻ بدران ڪتابن ۾ محفوظ رکڻ وڌيڪ مناسب سمجهندا آهن)، اهو لازم بنجي ٿو پوي، ته اسين انهيءَ اٿاهه لوڪ ادب کي گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻيون، ته جيئن اهو ضايع ٿي وڃڻ کان هميشه لاءِ بچي وڃي. لوڪ ادب، هڪ ڳالهئين، قوم جي قديم تاريخ جو سرچشمو آهي- ملڪ جي قديم تهذيب و تمدن، رسم و رواج، قومي زندگيءَ جا لاها چاڙها، ماڻهن جي دلين جا اوائلي امنگ ۽جذبا، سندن خواهشون ۽ اميدون، ۽ سندن روزمرهه جي معاشي ڪشمڪش ۽ سماجي جدوجهد جا دل اڀاريندڙ داستان – سڀ ان ۾ موجود هوندا آهن. انهن ڳالهين سبب، لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ادب جي عمارت جي بنهه پيڙهائتي پٿر مثل آهي. خود ٻوليءَ جي حسن بيان ۽ ذاتي تاثر جو تقريباً سمورو دارو مدار سندس ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب تي آهي. پنهنجي ٻوليءَ ۽ سندس ادب جي هن بنيادي پٿر کي اسان جيڪڏهن هيڪر ڇنڊي، ڦوڪي، صاف ڪري، ڪتابي صورت ڏيئي منظر عام تي آڻي ڇڏيو، ته اهو اسان جو پنهنجي پاڻ تي توڙي پنهنجن ايندڙ نسلن تي واقعي هڪ عظيم احسان ٿيندو. جيتوڻيڪ اهو فرض اسان سڀني تعليم يافتن تي آهي، پر اسان جي سنڌي اسڪولن جي استاد صاحبن کي هن ڳالهه لاءِ وقت به آهي ۽ آسانيون به آهن – تنهنڪري، اسان جي انهن صاحبن کي خاص طرح گذارش آهي، ته هو پنهنجي هن ادبي خزاني کي نابود ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڳتي وڌن، ۽ جتي به هجن، اُتي اهي املهه ماڻڪ گڏ ڪندا رهن. ”مهراڻ“ جي هن پرچي ۾ سنڌ جا ڪجهه لوڪ گيت ۽ هڪ لوڪ ڪهاڻي پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اسان جي پڙهندڙن کي اهي چيزون پسند پونديون ۽ آئنده وٽانئن لوڪ ادب جون نيون نيون ۽بهتر کان بهتر چيزون اسان وٽ اشاعت لاءِ پهچنديون رهنديون.

ترجما

سنڌي ٻولي جديد نثري ادب ۾ جيڪي سو لانجهي آهي- خاص طرح، جديد سماجي ۽ طبعي علمن جا ڪتاب ان ۾ ايترا گهڻا ۽ ايڏي معيار جا موجود نه آهن، جو هڪ ڇڙو سنڌي پڙهيل شخص، پنهنجيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي ڪتاب پڙهي، انهن علمن کي خاطر خواهه حد تائين حاصل ڪري سگهي. ظاهر آهي ته اها اوڻائي حال في الحال ٻين ٻولين تان ترجمن ڪرڻ سان ئي پوري ٿي سگهي ٿي. نه فقط علمي ڪتابن جا ترجما، پر خالص ادبي ڪتابن جا ترجما پڻ اسان جي ٻوليءَ کي فوري تقويت پهچائي سگهن ٿا. نهايت افسوس آهي، جو ترجمي جي ڪم کي اسان جا ڪيترا ليکڪ ۽ پڙهندڙ گهٽ نظر سان ٿا ڏسن. ڪيترن کي ته ائين به چوندي ٻڌيو ويو آهي ته ”ترجما فقط اهي ٿا ڪن، جن وٽ پنهنجي طرفان پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه به موجود ڪونهي – رڳو ٻين جي لکيتن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نقل ڪيو، پيا سستا اديب  ۽عالم بنجڻ چاهين!“ترجمي جي سلسلي ۾ اسان جا اهي خيال ثابت ٿا ڪن ته اسان وٽ علمي شوق ۽ شغف جي ڪيتري نه افسوسناڪ کوٽ آهي! مترجمن کي ٻين اديبن ۽ ليکڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ سمجهڻ وارا دراصل پنهنجي ئي ڪم علميءَ ۽ محدود ذهنيت جو اظهار ڪندا آهن. اڄ به دنيا جي ڪنهن سڌريل کان سڌريل ٻوليءَ کي به جيڪڏهن وٺجي ٿو ته ان ۾ هرسال سون جي تعداد ۾ ڌارين ٻولين جا ڪتاب ترجما ٿيندي پيا ڏسجن - ۽ اهو ترجمي جو ڪم ان ٻوليءَ جا وڏي ۾ وڏا اديب پنهنجن هٿن سان پاڻ پيا ڪن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ته اڄ قريب قريب اهو هڪ حياتيءَ ۽ موت جو سوال آهي ته يا ته ترجمن وسيلي - ۽ پڻ ٻين ڪوششن سان – ترت ئي کيس علمي ۽ ادبي نقطي نگاهه کان پاڻ کي هر طرح هڪ ڪارآمد ٻولي بنايون، يا ته سندس مٺگهرن جي مرضيءَ موجب، کيس فقط هڪ گهريلو ٻولي بنائي ويهي رهون، تنهنڪري، اسان مان اهي جن کي ڌارين ٻولين جي ڄاڻڻ جو شرف نصيب آهي، تن تي لازم آهي ته هو انهن ٻولين جي حاصلات مان، پنهنجي ذاتي پسنديءَ موجب، هميشه ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي عنايت ڪندا رهن. اسان کي يقين آهي ته اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان جا اديب ۽ عالم پنهنجي ٻوليءَ جي ذاتي خزانن کي جمع ڪرڻ سان گڏوگڏ، ڌارين ٻولين جي شهپارن سان پڻ ان کي مالا مال ڪندا رهندا، ۽ ساڳئي وقت اسان جا پڙهندڙ پڻ جيڪڏهن سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن کي خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ پنهنجو عين فرض ڪري سمجهندا، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندس ادب جي مستقبل متعلق اسان کي زياده فڪرمند ٿيڻ جي ضرورت باقي نه رهندي. تنهن کان پوءِ، ڳالهه رهندي ملڪ جي آئين ۽ ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جائز مقام جي – سو اسان مختصر قسم جي انسانن جا پنهنجي عارضي خواهشن مطابق بنايل اڻپورا آئين ڪي لوح محفوظ تي اُڪريل اعمال ناما ته ڪين آهن، جو بدلجي نه سگهن! جيسين سنڌ ون يونٽ جو حصو آهي، تيسين ون يونٽ ۾، ۽ جڏهن سنڌ ٻيهر هڪ جدا صوبو بنبي، تڏهن سنڌ ۾ - اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ٿي رهڻ جو بنيادي حق آهي، جنهن کان دنيا جي ڪا به طاقت ان کي گهڻي وقت لاءِ محروم نٿي رکي سگهي. ان جو اسان کي يقين آهي.

اسان جو نئون سال

”مهراڻ“ جي نئين دور جو ٻيو سال هن پرچي سان شروع ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جا محترم اديب ۽ پڙهندڙ جيئن هيتري تائين ”مهراڻ“ کي بنهه پنهنجو سمجهندا پئي آيا آهن، تيئن اڳتي به ان کي پنهنجو سمجهندا ايندا. هن سال کان ”مهراڻ“ جو ساليانو چندو اٺن روپين مان وڌائي ڏهه روپيا ڪرڻو پيو آهي. ان لاءِ اسان جا عزيز پڙهندڙ اميد ته اسان کي معاف ڪندا: رسالي جي ضخامت ۽ ڇپائيءَ تي خرچ هڪ پاسي،  ۽رجسٽر ٽپال رستي پڙهندڙن ڏانهن جو رسالي جي ڪاپي موڪليون ٿا، تنهن جو خرچ ٻئي پاسي: رسالي مان اسان کي مالي فائدو بنهه ڪونه ٿو ٿئي. اها ڳالهه اهڙي نه آهي، جيڪا چئي ٻڌائجي. جن رسالا پاڻ ڇاپرايا هوندا، يا جن کي ٻين رسالن سان اسان جي ”مهراڻ“ کي، قيمت جي لحاظ سان به، ڀيٽڻ جو موقعو مليو هوندو، تن لاءِ اها ڳالهه پنهنجو پاڻ ظاهر هوندي. اسان کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ اڳئين وانگر نئين سال جو هيءُ نئون چندو ڀري اسان جي همت افزائي ڪندا  ۽پنهنجن ٻين دوستن کي به ”مهراڻ“ جي خريدارن بنائڻ جي ڪوشش فرمائيندا رهندا.

م. ا .ج

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com