سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :3

فقير محمد محسن ”بيڪس“ رحه

 

ڪافيون

 

ناهه مناسب مٺڙا توکي، بيڪس سان بيپرواهي،

ويس بسنت ۾ ڏئين ڏيکاري، گهَٽ گهَٽ تنهنجا نيڻ خماري،

شان رکيو تو شاهي!

برهه بسنت کليو چوڌاري، ڪاٿي دام ته ڪاٿي ماري،

مند عجائب آئي!

ويکو سَنيان يار پيارا، ظاهر باطن نور نيارا،

شاهه ڪري گدائي!

ويس مٽائي آيو اٿاهين، ظاهر ”بيدل“ مرشد سائين،

رکندا خيال خدائي!

”بيڪس“ بيوس نيهن جو نعرو، هُڻ تون وحدت کي ڪر وارو،

عشق عجب الاهي.

 

مرحوم مخدوم غلان نبي ”پنيلڌو“ رحه

 

مظهر ”ذاتي“ ٿياسين ظهور، ناز ”نفي“ ڪجهه ڪام نه آيا!

”انحد“ عشق اشارا آندا، سڀ سنسار هليا هيڪاندا،

”انا الحق“ دا پاتس ڦاندا، هر مذهب وچ هو مشهور،

هر هر دي وچ هر دم آيا.

ڪٿ ”ارني“ ڪٿ ”ايمن“ آوي، ڪٿ ”تجلي“ طور جلاوي،

ڪٿ برهه دي ”بازار“ وڪامي، ڪٿ ”قرباني“ من منظور،

ڪٿ پرده ”پدري“ دا پايا.

من مظهر تان منصب پاوين، وچ ذاتي دي ”ذات“ سڏاوين،

”عبد“ دي اولي مول نه آوين، صاف ”سري“ دا شان شعور،

رک ڪي رمز رندي رنگ لايا.

”ونحن“ هر رنگ وچ رنگ ريحانان، ڪام ڪرون ڪين تو ول ويکان،

جڙيان من محبت وچ ميخان، هوا هر دم حال حضور،

ماضي مستقبل وي مايا.

”پنيل“ پري هڪ پل نا ٿيوين، تان تڪرار جُڳان جُڳ جيوين،

هٿون جام علي دي پيوين، اِهين سـُڪُـُر وچ صاف سحور،

عين اکين سِرُ سمجهايا.

 

ٻڍل فقير رحه

ولئي ڪنديس وس، يار – لهنديس لعل لڪن مون!

انگ لکيو منهنجو اڳهين، آءٌ ڪيئن ميٽيان مس!

ووڙينديس وڻڪار ۾، ڏيهه ڏيندو مون کي ڏس!

ڪاهيون وينديس ڪيچ ڏي، وٺي گورن جو گس!

ايندو ٻاروچو ”ٻڍل“ چوي، پوندن ڪو شال ترس!

 

صاحبڏنو شاهه رحه

 

اکڙيون عجيبن سين اڙيون بيشڪ، لاشڪ لڙيون!

اکڙيون عجيب ڏسڻ لئي آهين اداسي – الو ...........

سوز انهيءَ ۾ سڙيون!

وينديس، وي ميان، وندر سامهين – الو...........

مون مَ جهليو آهين اديون، ٻڙيون!

ساريو سپرين کي، منهنجي دل ڪري دانهون – الو..........

 روز اچن ٿيون، روح مان جي رڙيون!

”صاحبڏنا“ سور پرين جا، سر مون سانڍيا – الو...........

جن سان هيم، جيءَ جون جڙيون!

 

حافظ شاهه ”حافظ“ رحه

 

جن پيچ پريت جا پايا، سي ڪئن سڪندل سک سمهن، واه واه!

شوق شريفن سان ٿيو شامل،

قرب ڪمال ڪري ٿيا ڪامل،

علم عشاقيءَ ۾ ٿيا عامل،

نر تنئون نينهن نوايا، سي ته گهَر يا گهوٽ گهمن، واه واه!

ننگ ناموس ڇڏي ٿيا نانگا،

دين دنيا جا ڇڏيئون سانگا،

لنگهي لاهوتي ويا سڀ لانگها،

تهون عشق اٺايا، ڪيئون دلبر جو درسن، واه واه!

مچي ميدان ٻڌو معشوقن،

تکا تير جهليا مشتاقن،

چوري چور ڪيو تن چهڪن،

گهُٽي گهورن گهايا، سي ويچارا ٿيو وتن، واه واه!

”حافظ شاهه“ هدايت تن جي،

گهُر گدا ٿي عنايت ان جي،

عشق عجيب عبادت جن جي،

تن ته ڪميت ڪڏايا، سي ئي واحد وير وڻن، واه واه!

 

صوفي خير محمد فقير رحه

 

منهنجي اچڻ جي مقال، مارن ۾ ڪالهه ڪيائون!

سرتين هئي سنڀال،جيڪس حال ونڊيائيون!

ميرا مَنهن مارن اڏيا، پيهيون پکا ۽ پال – مال جون جايون.......

ويڙهيچا پنهنجي ويڙهه ۾، خوش گهمن خوش خيال، لويون لال رتايون.......

ٿيس وس ويڙهيچن جي، ڏسي هيڻيءَ جو حال – ڪندا ڀال ڀلايون.......

”خير محمد“ خوش وطن وڃڻ جون، لاٿئون جيءُ تان جنجال – وريون وصال وڌايون....

 

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ رحه

 

سرتيون ساهه سڄڻ ويا ساڻ ڪري،    مُٺي محبت ۾ پئي مدام مري.

ڦرندي هوتن لئه حيران وتان،           مرندي محبن لئه مستان وتان،

پڙهندي سوز منجهان سبحان وتان،   سڻي سڏ وري سو مان وري – سرتيون....

جيڏيون جت جڏهن پنهنجا ڏير ڪيم، سمهين ڪيئن اسر ٿي اوير ڪيم،

ڏونگر ڏوري پٿون تڏهين پير ڪيم، پنهون ڪيچ ٿيو پر ڏيهه پري – سرتيون.....

روئي رت هنجون پنڌ پير پڇان، ڏئي باهه ڀنڀور کي هاڻ وڃان،

ڪٽي ڪاف ڪشالا ڪيچ ڪهان، لکيو لوح قلم ڪين ٽري – سرتيون.....

اٿي ڳول ڳليون پنڌ پير پهي، سَسُئي سڪاندر سڀ سور سهي،

وڃي ڪيچ رسين چئي ”قليچ“ ڪهي، پَسين هوت پنهون کي پير ڀري – سرتيون.....

 

 

فقير غلام مسرور مرحوم (وفات 1954ع)

 

ويڙهي وَسندا رانجها، من ڪو ميڏي ڀائندا

بيدل پير اَساڏا،

اَسين بيدل دي بَردي، بَردي هون اُن در دي.

پهر پوشاڪان پيش سائيان دي، رلمل نال فقر دي،

ناچو نينهن نچايم سئنيان، صورت مثل بشر دي،

”الله هُو هُو، هُو هُو الله.“،

گيت ڳايم اڪبر دي.

شاهه شرافت ڏتڙي سانون، سڳڙي ٽوڙ ڪفر دي،

حال حقيقي سارا سکيوسي، درس وڃي دلبر دي،

واقف رمل نجوم ٿيوسي،

جوتش علم جفر دي.

ڪاڻ قبر دي ناڪائي ساڪون، نال حڪم حيدر دي،

حيدر هو يا ڏروت ڪيها، ڪنون هول حشر دي،

ميزان معافي ايهي شفقت،

هوئي نال نڌر دي،

موج مٽا ”مسرور“ ڪريندا، سارا سير شهر دي،

نال رياضت گهمندا وتندا، جهگ مگ وچ جکر دي،

عشق آرانڀي لاهڻ ٻيٺا،

مِٽِ ڳئي هول اندر دي.

 

 

مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“

 

موٽ مسافر، اکڙيون اڃايون! ويهي رهئين منهنجون ڏسي اگلايون!

ڏينهن لنگهي ويا يار وساريئي، پُٺِ جا ورايئي ڪو نه نهاريئي،

اينهين ڪي ڪبيون آهن، ايڏيون ارڏايون........

اُڪنڊ اندر ۾ تنهنجي پيارا، ٿڪجي پيا توڏي تڪيندي تارا،

شل ڪي ورائين ورڻ واريون وايون.....

جانب جوانيءَ جون ڳجهڙيون ڳالهيون، ٻال جتيءَ واريون چوکيون چاليون،

ور ور ڏئي آهن اندر ۾ آيون........

وس کان وڃان ٿو، دانهون ڪريان ٿو، توکي پڪاري، رئندو رهان ٿو،

آ ته ڳرهاٽيون پرت مان پايون..........

دم تي ڪهڙو بانور آهي، جو اڄ آهي سڀاڻي ناهي،

مهل اٿئي من ملي موڪلايون.......

اٿم اميدون آخر ايندين، ايندين ته مون وٽ هر دم هوندين،

مولا ڪندو سڀ سهنج سڻايون............

”طالب مولا“ توکي ساري، روز هنجون پيو هجر ۾ هاري،

هنئن ڪي ٺهن ٿيون جاني جدايون.....

 

سردار علي شاهه

عشق وارن کان پڇو ڪي برهه واريون باتڙيون،

ساهه ۾ سانڍيون جنهين سورن سنديون سوغاتڙيون.

هيج مان هوڏيءَ قبوليون قرب وارن ڪاتڙيون،

ڪنڌ ڪورڻ لاءِ جيڪي يار لئي سان لاتڙيون.

ڪيئن ڀلا وسرن ڳڻن واريون اهي ڳيراٽڙيون،

ويجهڙو ويهي پرين جي پاڻهي تو پاتڙيون.

مون نه وسرن ٿيون اهي رس رمز واريون راتڙيون،

پيار ۾ گذري وڃي جيڪي ٿيون پرڀاتڙيون.

سور سختيون سالڪن چشمن تي چاهي چاتڙيون،

ورهه جون ويهي وسايون بوندڙيون برساتڙيون،

دوست جي ديدار لئي اکڙيون رهن ٿيون آتڙيون،

سڪ منجهان ”سردار علي“ چئي جام پائن جهاتڙيون.

 

فقير امداد عباس ”فدا“

جانب جي جنسار تان مان صدقي صدقي

صدقي صدقي، مان صدقي صدقي!

لب عقيقي لالن جهڙا،

شيرين دهن گفتار،

ابرو سڄڻ جا سيف ايراني،

چشمن ڪيف ڪٽار

لٽڪن لمڪن ڪارا ڪاڪل،

واسينگن جي وار

چاهِ غبغب سيب قنڌاري،

قيد ڪئي رخسار

جانب تان هيءَ جان فدا ٿي،

عشق سندي اظهار

ڏند ٿا جهرڪن موتين جهڙا،

تان مان صدقي صدقي!

ساهه ۽ سرتن تان قرباني،

تان مان صدقي صدقي!

مست ڏسي ٿيا دانا عاقل،

تان مان صدقي صدقي!

دردن ماري دل ويچاري،

تان مان صدقي صدقي!

شان ”فدا“ ٿيو آن فدا ٿي،

تان مان صدقي صدقي!

 

عبدالرحيم ”عبد“ جوڻيجو

 انسان ڪري، ادراڪ ڏئي، تو نانءُ کي منهنجي لهوڙي وڌو،

هِڪُ ساهُ، ٻيو ويساههُ ڏئي هر بند ڇني تو ڇوڙي وڌو!

اهو ٻيجل ڇو اڙٻنگ ٿيو، ان ڏياچ ۾ ڪهڙو ڏنگ ٿيو،

ان راز ۾ ڪهڙو رنگ ٿيو، ڇو چارڻ چنگ کي چوري وڌو!

سا سهڻي سير  ۾ڪيئن گهڙي، سا لهرن سان وڃي ڪيئن لڙي،

ڇو ڪانڌ نه سا قربن ۾ ڪڙي، ڇو ميهر تنهن کي موڙي وڌو!

منصور جي لئي تون دار ٿئين، تون سرمد لئي تلوار ٿئين،

سڀ سـُرَ ۾ سڃاپي يار وئين، توکي پنهنجي پيارن پروڙي وڌو!

معبود آن تون، تون منهنجوخدا، توکي ياد ڪيان پيو شالَ سدا،

تو ”الست“ چيو، اسان ”قالو بليٰ“ ان وعدي اسان کي وڪوڙي وڌو!

اي ”عبد“ تون ڇو نه سياڻو ٿئين، اهو ننگ رکي نه نماڻو ٿئين،

اڙي مست ڇواهڙو اياڻو ٿئين، ڇو حال اندر جو تو او ري وڌو!

 

نارائڻ شيام

 

سردار ڪري واپار،

سهڻي ٿانو ٺڪر جا وڪڻي..........

اکيون ڪنڀارڻ جون اچرج ۾ حسن ڏسي حاڪم جو،

لهي چڙهي ڇو ڇاتي تڪڙي؟ دل ۾ ڇا جو دهڪو؟

سردار پُڇي اگهه پار،

سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي..............

اٿي کڙي ٿي سهڻي جهٽ پٽ چڳون هٽائي مُنهن تان،

پري سنهڙي چيلهه سنئين ڪئن ٿئي؟ واپس ويٺي لڄ کان

ايڏو ڇاتيءَ جو بار!

سُهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي...........

اکيون ڇنڀي ڇو تڪڙو تڪڙو؟ ڇا کؤن لڪي نهاري؟

”هرک جا هاري، هنجون هاري“ ڇو نه ٿي ايءُ ويچاري؟

ويچارڻ کان لاچار،

سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي........

گج تي جي هي ڪاوا مٽجي ڇو نه بڻيا آئينو؟

روشن عڪس گراهڪ جي کان چمڪي ها پيو سينو!

اسرار عجب اسرار،

سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي..........

سردار گهري سودو دل جو دل وٺندو دل ڏيندو،

سهڻي ويچاري ويچاري ”پو هاڻي ڇا ٿيندو!“

انڪار نڪو اقرار،

سهڻي ٿانوَ ٺڪر جا وڪڻي..........

لطف الله بدوي

مَندو مارن جو آءٌ ڪين سڻان،

وڃي ماڳِ مڪان تي شال مران!

 

هت قيد ٿيس، ٿي جاڙ جيان

مِٽ ماري ويٺا، ڪهڙي تانگهه ڪيان

ڏسان کيج کنوڻ جا هزار هُتي،

ڦٽا لوت پٽن تي ليار هُتي،

وسندي مينهن ٻاٻيهو ٻول ڪري،

ڪو وس نه هلي، ٿيا پهنوار پري

بيوس باندي بڻيس، لاچار ٿيس،

ويو حسن هلي، بيڪار ٿيس،

اٿم اور انهن جي اُڪير عمر،

تنهنجا ڪيِر ڪليون زنجير عمر،

ٿر مارو، هتي آءٌ ”لطف“ جدا،

راضي ڇو نه رهان، جيڪا رب جي رضا،

ڏَٺَ ڏوٿيئڙن کي ڪهڙا ڏيان

روئي روز وطن ڏي ڳاٽ کڻان

وسي مينهن ڪئي آهه بهار هُتي،

هتي مينڍ مُنجهي، ويٺي وار ڇنان.

مٺي لات ٻڌي منهنجو جيءُ ڳري،

سانڀي ڪين سگهان، ڏک ڪيئن چوان.

ڇڄي ٽَٻَرَ ٽلي کان ڌار ٿيس،

ڪي ڀاڳ پيو، ٿي لوڙيا لهان.

پون روز اندر سو چير عمر،

پڄي آس، ڀڃي پنهنجي ويڙهه وڃان.

ڪيڏو ڪيس ڪيو مون سان آهه قضا،

پيا ٿا نيڻ ٽمن، پئي ٿي سور سهان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com