مهراج ريواچند رتنچند، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳئين چيف
آفيسر، هڪ تقرير ۾، انهيءَ اسپتال بابت، شخصي
آزمودي جو ذڪر ڪندي چيو ته ”پهرينءَ پليگ ۾،
منهنجي گهر جا ٻه ڀاتي بَکُ ٿي چڪا هئا. انهيءَ
بعد مان به، اچي انهيءَ نگري مرض ۾ جهليس. مون کي
سيٺ وشنداس واريءَ اسپتال ۾ کڻائي آيا. انهيءَ وقت
۾، ڪوبه سڄڻ ۽ مٽ مائٽ پنهنجي ساهه جي ڊپ کان
مريض جي وجهو اچڻ نه چاهيندو هو. پر سيٺ
هرچندراءِ، نت نيم سان، صبح ۽ شام، اسپتال ۾ ايندو
هو ۽ بيمارن جي دل وٺندو هو. سٻاجهي ۽ دل وٺندڙ
ڍنگ ۾، سندس پريم ڀريل مٺن ٻولن، منهنجي ڊٺل جسم ۾
ٻيهر جان آندي، ۽ مان ڏينهون ڏينهن تندرست ٿيندو
ويس. انهيءَ وقت ۾، مان ميونسپالٽي ۾ هڪ ڪلارڪ
هوس.“
پليگ جي وقت ۾، شهر جي حالت نهايت عجيب ٿي ويئي هئي: ڪيترا سارا
گهر، هميشه لاءِ،بند ٿي ويا. گهڻا دوڪاندار شهر
ڇڏي ڀڄي ويا. عام ماڻهن کي گذران لاءِ شيون ملڻ
مشڪل ٿي پيون. مهانگائي به زبردست ٿي پيئي. سيٺ
وشنداس، مانجهي مڙس بڻجي، انهن مسئلن کي به حل
ڪيو. شهر جي جدا جدا ڀاڱن ۾، سيڌي پاڌي، ڪاٺين
ڪوئلن ۽ ٻين ضروري شين جا پنهنجا دوڪان کولايا،
جتي سستن اگهن ۾، اهي شيون ميسر ڪيون ويون. اهڙيءَ
ريت، عام لوڪن جي مانسڪ پيڙا گهڻي قدر دور ٿي، ۽
سندن دل تان بوجو هلڪوٿيو. تنهن کان سواءِ،سندس
پاران لنگر پڻ جاري رهيا، جتان ڪو به بندو، ٻه
ويلا، مفت روٽي کائي ٿي سگهيو.
ٻئي سال 1898ع ۾، پليگ اڳئين سال کان وڍيڪ قهري روپ اختيار ڪيو.
سيٺ وشنداس ٻيهر به، اڳئين سال وانگر، همٿ جي ڪمر
ڪشي، پاڻ ملهايو.
انهيءَ وقت ۾، ڪراچي شهر جي بستيءَ ٻاهران، هڪ غفا ۾، هڪ درويش
اچي رهيو هو.هن صاحب جي ڪنن تي جڏهين سيٺ وشنداس
جي ڪارنامن جو پرلاءُ پيو،ته هن کان رهيو نه ٿيو ۽
ڪهي سيٺ وشنداس کي ڏسڻ آيو. هڪوار ڏسڻ سان ڪشش
وڌي. نيٺ سيٺ وشنداس جي اثر – ته ”دنيا کان ڪنارو
ڪرڻ ۾ ڪا به بهادري ڪانهي، بلڪه دنيا ۾ رهي، دنيا
کان مٿي رهڻ ۾ ئي سڀڪجهه آهي،“ هڻي هنڌ ڪيو. هو
درويش هاڻ جهنگلن ۽ غفائن کي ترڪ ڪري، اچي شهر ۾
رهيو ۽ دنيا داري ٿيو. سندس نالو عبدالغني هو. هي
صاحب اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ ماهر هو. هڪ عمدو
شاعر هو. سندس تخلص ”سائين غني“ هو. سائين غنيءَ
تي وشنداس جي سنگ جو وڏو رنگ لڳو. هن صاحب سيٺ
وشنداس جي پَرَ ڀلي ۽ خير جي ڪارنامن کي پنهنجي
ڪلام ۾ هيئن دهرايو:
جسدم ’وشن‘ ڪي فيض ڪا درياه روان هوا، |
جنگل ڀي خاردار چمن گل فشان هوا. |
خلقت ڪي آرزو ڪي هر ايڪ حوض ڀر گئي، |
ابرِ ڪرم’وشن‘ ڪا جو باران فشان هوا. |
ظلماتِ غم سي خانه دل جنڪي ٿي سياهه، |
فيض ’وشن‘ انهون ڪي لئي مهرِ جان هوا. |
ٿا ڪس غضب ڪا قحط ڪه ملتا نه ٿا اناج، |
وشنو ڪا لنگر ايسي هي وقت آ روان هوا |
مرض وبا نمونه قهرِ خدا ڪي بيچ، |
وشنو هي ڪا وه بيتِ شفا فيضِ جان هوا. |
صَد مرحبا ايسي ڌرمي وشن داس رنگِ وشن، |
جاري سخن هر اڪ ڪي يهي سر زبان هوا. |
”سائين غني“ بدو ره ڪلجڳ جهان ڪي بيچ، |
وشنو ڪي مثل ڪوئي نه فياضِ جان هوا. |
پليگ جي، ٻن سالن واري عرصي جي ڪٺن سمي ۾، سيٺ وشنداس، جنهن
دليريءَ ۽ درياهه دليءَ سان،انسان ذات جي خذمت
ڪئي، انهن ڪارنامن کي دهرائيندي، جسم ۾ هڪ عجيب
قسم جي لرزش پيدا ٿيو وڃي. انهن ڪارنامن جو احساس
۽ ذڪر، انهيءَ وقت جي اخبارن ۾ ٿيندو رهيو. ڪيترن
شاعرن به پنهنجي ڪلام ۾، سيٺ وشنداس جا گڻ ڳايا.
هيٺيون قصيدو مولانا احمد خان صاحب نورنگ زادي جو
جوڙيل آهي. هو صاحب انهيءَ وقت ’سنڌ مدرسـﺒ
السلام‘ ڪراچيءَ جي، سنڌي برانچ جو، ائڪٽنگ، هيڊ
ماستر هو.
هجي شال سرهو وشنداس سيٺ، |
رهي غم کان آجو وشنداس سيٺ. |
غريبن جو غمخوار سختيءَ اندر، |
سخاوت ۾ پڌرو وشنداس سيٺ. |
سخاوت ۾ اهڙو ٻيو ڪون ٿيو، |
سخي آهي جهڙو وشنداس سيٺ. |
سندس درجو دربان ’حاتم‘ سونهي، |
چوان حال ڪهڙو وشنداس سيٺ. |
ڪري حال ۾ ڪهل غربا اُتي، |
ڪيو اَن سهانگو وشنداس سيٺ. |
سهانگو سڄي خلق خالق کي ڏي، |
مهانگو خريديو وشنداس سيٺ. |
ڪروڙين ڪمائي ڪندڙ مون ڏٺا، |
سهي سر تي ٽوٽو وشنداس سيٺ. |
نه ڏيندو ڪڏهين ان کي ٽوٽو خدا، |
هميشه ڪمايو وشنداس سيٺ. |
فقط ان اٽي ۾ مدد ڪيائين ڇا؟ |
ڪرم ڪيا هزارين وشنداس سيٺ. |
سڄي خلق خالق جي خوشنودي ٿي، |
ٿيا سڀ دعاگو وشنداس سيٺ. |
جڏهين ملڪ ۾ مرض منحوس پيو، |
تڏهن مهربان هو وشنداس سيٺ. |
ڪري خرچ زر ڪيائين خاص هسپتال، |
تڏهين مهربان هو وشنداس سيٺ. |
رکي ڊاڪٽر ۽ به نوڪر گهڻا، |
مريضن بچاءُ ٿيو وشنداس سيٺ. |
دوا مفت ۾ ٻيو به سڀ ڪڇ ڏٺو، |
وڇاڻو ۽ کاڌو وشنداس سيٺ. |
ٻئي وقت سانجهي صبح کي غريب، |
ڏنائين ٿي کانو وشنداس سيٺ. |
غريبن ڪيا شڪر خالق خدا، |
ٿيا سڀ دعاگو وشنداس سيٺ. |
جهين پورهيت کي نه پورهيو مليو، |
تهين ڪم لڳايو وشنداس سيٺ. |
ڪراچيءَ مان جيڪي ويا کي انهن، |
ڏنو خرچ ڀتو وشنداس سيٺ. |
گهران تنهنجي در کان خدايا سدا: |
”رهي شاد سرهو وشنداس سيٺ“. |
سنه 1898ع ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ پليگ منهن ڪڍيو، سيٺ وشنداس اتي به،
ڪراچيءَ وانگر، حالتن کي منهن ڏنو: پليگ اسپتال
برپا ڪئي ۽ ٻيا به سڀ سهنج ڪيائين. پنهنجن ڪارنامن
سان، ڪوٽڙي واسين جي جنسي دل وٺي ڇڏيائين. ڪوٽڙي
نواسين، 30 جولاءِ 1899ع ۾، سيٺ وشنداس کي مانپتر
ڏنو – مانپتر مان ڪي ٽڪرا هي آهن:
”اسين ڪوٽڙيءَ جا رهندڙ، سائينءَ جن جي خذمت اقدس ۾، گهڻي ادب ۽
ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ظاهر ٿا ڪريون، ته جڏهين 1898ع
۾، هت نحس پليگ پير پاتو هو، تڏهين حضور جن،
پنهنجن ڪيل الطافن سان، اسان غريبن جي هر طرح سان
ايتري قدر پر گهور ۽ سنڀال ڪرڻ فرمائي هئي، جا ڪن
حالتن ۾، هوند پيءُ به پنهنجي اولاد سان نه ڪري
سگهي، ۽ جنهن جو بيان جيترو به لکجي، تيترو ٿورو
آهي.
”اڄ ڪلهه ڏسجي پيو، ته هن زماني جا اڪثر ماڻهو خود غرضيءَ کي
پيارو ڄاڻن ٿا. پر سائينءَ جن جي وجود ۾، انهيءَ
خود غرضيءَ جي بوءِ به ڪانهي، پنهنجو تن من ڌن
تريءَ تي رکيو، مسڪينن ۽ اناٿن جي ڀلي لاءِ، ايتري
قدر، ادم ۽ جهد ڪرڻ فرمايو ٿا، جو پنهنجن ڪارخانن
جا لکين ڪم ڦٽا ڪريو، پراپڪار ۽ خيرخواهيءَ جي ڪمن
۾، جانفشاني، تڪليف ۽ هرج سهڻ پاڻ گوارا ڪري، عام
جو ڀلو چاهيو ٿا، جنهن جو ورنن، هن ناطق زبان جي
توفيق کان ٻاهر آهي..........“
سيٺ وشنداس جي سخاوت جو هٿ، سنڌ کان ٻاهر به وڌيو هو. سنه 1897ع
۾، بمبئي جي احمد نگر ۽ شولاپور ايراضين ۾ اچي
ڏڪار پيو. سيٺ وشنداس جي سخاوت جي هاڪ، انهيءَ
طرف به پهچي ويئي هئي. کيس مدد لاءِ وينتي ڪئي
ويئي. هن صاحب به سندن سڏ انايو: يڪدم اناج روانو
ڪيائين. ڪي عيوضي به موڪليائين. ڏڪر وارين ايراضين
۾، سستي اناج جا دوڪان کوليا ويا. غريبن ۽ اناٿن
کي اناج مفت ۾ ڏنو ويو.
سيٺ وشنداس جي انهن قدمن تي، شولاپورضلعي جي ڪليڪٽر، مسٽر
ڊبليو. ٽي. موريسن، پنهنجي 23 نومبر 1897ع واري خط
۾، سيٺ صاحب کي هيٺين ريت خط لکيو:
”شولا پور ضلعي ۾، 15 سيپٽمبر کان، اوهان پاران سستي اناج جا
دوڪان کوليا ويا. اوهان جا اهي شاندار قدم نهايت
ساراهه جوڳا آهن. اوهان جي قربانيءَ ۽ شيوا لاءِ،
مان شڪر ادائي ٿو ڪريان.
”اوهان جي قدمن سبب، اسان وٽ اناج جي اگهن تي وڏو اثر ٿيو. اگهه
چوٽ چڙهڻ کان روڪجي پيا. جي اها روڪ نه پوي ها، ته
ضلعي جي غريب ۽ مسڪين لوڪن جو الائي ڪهڙو حال ٿئي
ها! اوهان صاحبن جي مهربانيءَ، کين سخت مشڪلات ۽
مصيبت کان بچايو.“
احمد نگر ميونسپالٽيءَ جي 97-1898ع واريءَ ائڊمنسٽريشن رپورٽ ۾،
سيٺ وشنداس جي سخا ۽ قربانيءَ جو ذڪر ڪيل آهي ته
”ميونسپالٽيءَ جي وائيس پريذيڊنٽ، مسٽر ايڊلجي
رستمجيءَ جي وينتيءَ تي، سيٺ وشنداس ان جا انبار
روانا ڪيا، ۽ سستي اگهن تي ڏيئي، عام لوڪن سان وڏو
سهنج ڪيو. انهيءَ قدم سبب، سيٺ صاحب کي ڪافي مالي
نقصان سهڻو پيو. احمد نگر ميونسپالٽي، سيٺ وشنداس
جي شاندار قربانيءَ ۽ سخاوت جي قدمن کي ساراهي ٿي
۽ کيس ڌنيواد ٿي ڏئي.“
سنه 1908ع جي ڳالهه آهي، جولاءِ مهيني ۾، مانجهوءَ طرف سخت
برساتون پيون. جبلن مان، وڏيون نيون ۽ ملهه زور
شور سان وهڻ لڳا. درياهه جي به سخت اٿل ٿي. انهيءَ
ٻوڏ ۾، مانجهو جو وڏو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. سيٺ
وشنداس جو وشن نگر سڄو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. ڦٽين
جو ڪارخانو ناس ٿي ويو. ڪيترا سارا قيمتي ڪاغذ پٽ
۽ دستاويز وغيره سڀ لڙهي ويا. ٻيو به گهڻو نقصان
ٿيس. انهن سڀني حالتن کي ڏسندي به، شخصي نقصان ۽
ڳالهين کي پاسيرو رکي، سيٺ وشنداس اوائل ۾ عام
لوڪن جي اهنجن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو خيال ڪيو.
پنهنجي ڪم ڪندڙن جي اٽالي کي، گهارن بند ڪرڻ جو
حڪم ڪيائين، جو آمدرفت ۾ وڏي اٽڪ ٿي پيئي هئي ۽
واٽهڙن جي ٻڏي وڃڻ جو وڏو خطرو هو. اهو سڀ ڪم
پنهنجي خرچ سان ڪيائين.
1909کان، سيٺ وشنداس حيدرآباد ۾ ڦليليءَ ويجهو زمين خريد ڪري،
وشن نگر ٺاهيو. سيٺ صاحب جو هاڻ گهڻو وقت حيدرآباد
۾ رهڻ ٿيندو هو. حيدرآباد ۾، سندس پاران، ننڍا وڏا
خير جا ڪم پيا ٿيندا هئا. سنه 1914ع ۾، پوين مهينن
۾، حيدرآباد ۾ پليگ جو مرض پيو. هوند ۽ هلنديءَ
وارا ته هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. سفيد پوش ۽
غريب ڪيڏانهن وڃن؟ سيٺ وشنداس، وشن نگر جا دروازا
کولي ڇڏيا. ٻيون به لانڍيون اڏيون ويون. وشن نگر ۾
اسپتال برپا ٿي. سستي اناج جو دڪان کوليو ويو.
غريبن ۽ اڻ هوند وارن کي مفت اناج ڏنو ويو. وشن
نگر ۾، سڄو وقت سنگيت ۽ راڳ جو دور هلندو هو،
جنهنڪري ماڻهو دکن کي هلڪو ڪري سمجهڻ لڳا.
سنه 1916ع ۾، سيٺ وشنداس پاران، وشن نگر حيدرآباد ۾، هڪ پرائمري
سڪول ۽ هڪ خيراتي اسپتال برپا ٿيون، سڪول ۽ اسپتال
کولڻ جو مهورت، 10 اپريل 1916ع تي، سنڌ جي ڪمشنر
صاحب،مسٽر ڊبليو ايڇ ليوڪس ڪيو. موقعي تي، وشن نگر
۾ وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جون مکيه ۽ مشهور
شخصيتون شريڪ ٿيون.
مهورت جي رسم ادا ڪندي، ڪمشنر صاحب چيو:
”مان راءِ بهادر سيٺ وشنداس کي مبارڪبادي ٿو ڏيان، جو جيتوڻيڪ،
هن وقت 73 ورهين جي عمر جو آهي، تڏهين به سندس
سرير خير ۽ سخا جي ڪمن ۾ اهڙو ئي ٿو ڏسان، جهڙو هن
کان 25 ورهيه اڳ ڏٺو هوم، جڏهين منهنجي ساڻس پهرين
سڃاڻپ ٿي هئي.
”سيٺ صاحب جي ڪيل وڏن پراپڪار جي ڪمن لاءِ شڪر گذاري ٿو ظاهر
ڪريان. سخاوت جي ڪمن سبب، کيس وڏو جس ۽ ناماچار
رسيو آهي. مان چوان ٿو ته اهي ذري پرزي ظاهر ٿيڻ
گهرجن، ته ڀل، ٻيا به عبرت پرائين.
”مهاڀاري لڙائيءَ جي زماني ۾، جڏهين ٻيا سڀ پيا ڌن ميڙين ۽ ڪٺو
ڪن، تڏهين، سيٺ وشنداس پاڻ پيو خير جي ڪمن ۾،
ڪشاده دليءَ سان خرچ ڪري. سنڌ ۾ رڳو اهو ئي هڪڙو
سيٺ آهي، جنهن جو نالو، سخاوت جي ڪمن ڪري، گهڻن ئي
ملڪن ۾ مشهور ٿيو آهي. هي صاحب، خير جا ڪم هميشه
پاڻمرادو ۽ پنهنجي مرضي پٽاندر ڪندو آهي. سنڌ جي
شاهوڪارن کي سيٺ وشنداس جو مثال وٺڻ گهرجي.“
ڏسبو ته سيٺ وشنداس، 20 ورهين کان 85 ورهين تائين، پنهنجي
زندگيءَ جي 65 سالن ۾، نهايت حيرت انگيز ڪم ڪري
ڏيکاريا. انهن ڪارنامن کي ڏسي، ڪيترا، سخت حيرت ۾
پئجي ويندا هئا. سندس درياهه دليءَ جي منزل ايڏي
اوچي هوندي هئي، جو ڪيترا سارا ائين چوندا هئا ته
سيٺ صاحب وٽ پارس يا ڪيميا آهي، جنهن سان لوهه مان
سون بنائي سگهي ٿو ۽ هيڏيون ساريون رقمون خرچي
سگهي ٿو.
85 ورهين جي ڄمار جي آخري دم تائين، مايا جو شاهه بڻجي، نهايت
فراخدليءَ سان، مايا اڏائي سگهيو. اهڙيءَ ريت مايا
اڏائڻ لاءِ به دل، جگر، همٿ ۽ حوصلو کپي. اهڙا غير
رواجي ڪارناما، اعليٰ ۽ اوچ انسانن جو ئي ورثو
آهن.
پنگتي سڌارڪ
ڪجا زمينداري، ٺيڪيداري ۽ واپار ۽ ڪجا پنگتي سڌارو! ٻئي صفا
نراليون ۽ انوکيون ڳالهيون آهن. زميندار، ٺيڪيدار
۽ واپارءَ جو کيتر ئي پنهنجو انهيءَ جي جنجالن ۽
جهنجهٽن ۾، انسان ايتري قدر رات ۽ ڏينهن رڌل ٿو
رهي، جو سندس چت ۾ پنهنجي ڪرت ۽ مطلب کان سواءِ،
ٻي ڳالهه ڪٿان ٿي اُڄهي؟
پنگتي سڌاري جو کيتر، ڪا سولي سٿري وٿ نه آهي، جو هرڪو ان پڙ ۾
پير پائي سگهي! اها ڪا ڦلن ڇانئين واٽ نه آهي،
جتان هلڻ لاءِ هرڪو سڌ ڪري! اهو پيچرو نهايت
اڻانگو ۽ پيچدار آهي، جنهن جي راهه ۾، انيڪ لاهيون
۽ چاڙهيون آهن. هڪ عملي ميدان آهي، جنهن ۾ ڪم ڪرڻ
لاءِ همٿ، حوصلي ۽ زبردست اخلاقي پختائيءَ جي
ضرورت آهي.
سيٺ وشنداس پنگتي کيتر ۾ پڻ پير پاتو ۽ سر ٽوڙ ڪوشش وٺي، پاڻ
پتوڙيو. سماجڪ سڌاري لاءِ، زبردست ادم ۽ لڳاتار
محنت ۽ اورچائيءَ جي ضرورت آهي. اوائل ۾، عام
ماڻهن کي سڌارن جي ضرورت محسوس ڪرائڻي پوندي آهي ۽
پوءِ سڌارن تي عمل ڪرڻ لاءِ کين همٿائڻو پوندو
آهي: سماج ۾ اهڙو وايو منڊل پيدا ڪرڻو آهي، جو
سڌاري جي ڏس ۾ قدم کڻڻ کي، هرڪو فخر ۽ ناز جي
ڳالهه ڪري سمجهي.
پنگتي ريتن ۽ رسمن سان، اڪثر ڪري، سنسا، ڀرم ۽ وهم ڳنڍيا رهن
ٿا؛ جنهنڪري سماج جو وڏو حصو، سنسن ۽ ڀرمن وس ٿي،
هلندڙ رواجن ۾ درستيون ۽ ڦير ڦاريون آڻڻ لاءِ تيار
نه رهندو آهي اها به حقيقت آهي، ته پنگت ۾
شاهوڪار، هلنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا، نڪمين رسمن ۽
اڍنگن رواجن کي چهٽي پوڻ ۾ ۽ هٿ ڦاڙ خرچن ڪرڻ ۾،
فخر وٺندا آهن. نتيجو اهو ٿيندو آهي، جو انهن کي
ڏسي، ننڍي هستيءَ وارا، پنهنجي وت کان ٻاهر خرچ
ڪري پاڻ کي ٻوهي وجهندا آهن.
سيٺ وشنداس، سماج ۾ وڏي هستي ماڻيندو هو. سندس پاران سڌارن جي
راهه ۾ ڪوششن جو وڏو اثر ٿيڻ لڳو. هن صاحب شاهوڪار
طبقي کي محسوس ڪرايو ته ڌنڌي ۽ واپار لاءِ، موڙيءَ
جو هردم کپ رهي ٿو. سماج جي اها حالت هئي، جو ڪٽنب
۾ ٻه ٽي شاديءَ جا ڪارج يا غميءَ جا موقعا ٿيا، ته
اجاين نڪمين ريتن رسمن ۽ رواجن کي منهن ڏيڻ ۾ ئي،
ميڙي چونڊي ۽ موڙي ختم ٿي ويندي هئي. ڪن حالتن ۾،
ڪيترن کي قرض کڻي به ٻاهريون ٻنو رکڻو پوندو هو.
نتيجو اهو ٿيندو هو،جو ڌنڌي ۽ واپار کي سخت شڪست
اچي ويندي هئي ۽ هٿ وٺي ڳڻتيون، فڪر ۽ دک خريد ڪرڻ
۾ ايندا هئا.
سماج سڌاري جي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، اهو اوائلي ۽ ضروري قدم هو
ته پنگت جي چالو رواجن ۽ رسمن جو اونهو اڀياس ڪري،
زماني آهر، گهربل ڦير ڦاريون ۽ درستيون سوچجن. سيٺ
وشنداس ائين ڪيو. جنهن بعد، ”وشن وهنوارڪ اپديش“
نالي هڪ ڪتاب تيار ڪيائين. ڪتاب ۾، ڄمڻ کان مرڻ
تائين موقعن تي جي رسمون ۽ رواج چالو هئا، تن جي
تفصيلوار اپٽار ڪئي ويئي ۽ گهربل سڌارا ڏسيا ويا.
”وشن وهنوارڪ اپديش“ 243 صفحن جو ڪتاب،ليٿو ۾ ۽
سونهري مس سان ڇپائي، سنڌ جي پئنچائتن ۾ مفت
وراهيائين. هيءُ ڪتاب، 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ واري
عرصي جي سنڌ هندو سماج تي ڪافي روشني ٿو وجهي، ۽
هڪ اونهو اڀياس آهي.
”وشن وهنوارڪ اپديش“ پنهنجي جاءِ تي چڱو ڪم ڪيو. عام لوڪن جو
انهيءَ مسئلي طرف ڌيان وريو ۽ گهربل وايو منڊل به
پيدا ٿيو. جنهن بعد، سيٺ وشنداس پرچار لاءِ، دوري
تي نڪتو. عام ماڻهن ۽ ڀائرن سان لهه وچڙ ۾ آيو.
جنهن بعد، ٽي پنگتي ميڙ ڪٺا ٿيا. پهريون، سنه
1898ع ۾، اڏيري لال تي؛ ٻيو، سنه 1905ع ۾،
حيدرآباد شهر جي اوڀر ۽ ڦليليءَ جي اولهه پاسي،
تلاءَ ڪانگن کاڌي جي ڪناري تي، ۽ ٽيون، 1916ع ۾،
وشن نگر حيدرآباد ۾. اهڙيءَ ريت، پنگتي سڌارن ۽
واڌارن جي راهه ۾، سيٺ وشنداس جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ
ڪوششن، هڻي هنڌ ڪيو. قوم ترقي ڪئي ۽ وڌيڪ آسودي ۽
سکي ٿي.
سنگيت جو ڪوڏيو
ننڍپڻ کان پيءُ جي سنگ ۾ رهڻ سبب، گائن وديا ۽ سنگيت جو به
وشنداس تي اونهو اثر ٿيو. باغ بلاس ۾، هري ڪيرتن ۽
ڀڄن ڀاو جي ڌم لڳي پيئي هوندي هئي. گوين ۽
راڳيندڙن جو ميڙاڪو متو پيو هوندو هو. نامور گوين
۽ گائن وديا جي چڱن ڄاڻن سان چڱيءَ لهه وچڙ ۾ اچڻ
سبب، سيٺ وشنداس، گائن وديا جو خاصو ڄاڻو ۽ پارکو
ٿي پيو.
ستگرو گلابداس جن جي درٻار ۾ پڻ، اعليٰ درجي جا گويا، ڪوي ۽
شاعر ايندا هئا. نت، راڳ روپ ۽ سنگيت جون مجلسون
لڳنديون هيون. تنهن کان سواءِ، درٻار ۾ نرتيه ۽
ناچ جو به سهڻو دور ٿيندو هو. ڪيتريون ناچڻيون اچي
پنهنجو فن ڏيکارينديون هيون. انهيءَ زماني ۾ اهو
رواج هوندو هو. انهي آزمودي جو به سيٺ وشنداس تي
وڏو اثر ٿيو.
اهي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا اثر توڙ تائين هلندا رهيا. سيٺ وشنداس،
سنڌ ديس ۾ راڳ ۽ سنگيت جي هنرن کي زور وٺايو ۽
همٿايو. ڪي چونڊ ۽ نامور گويا، سدائين، وٽس
پگهاردار ٿي رهيا پيا هوندا هئا.
جڏهين ستگرن جي درٻار کان موٽيو هو، تڏهين پنجاب مان، هڪ نوجوان
گويو وٺي آيو هو، جنهن جو نالو هادو خان هو. هو هڪ
عمدو ڳائيندڙ هو. ستار به سهڻي وڄائي سگهندو هو.
هادو خان، سيٺ وشنداس وٽ زندگي گذاري. کيس
مانجهوءَ ۾ پٽ ڄائو. جنهن جو نالو سينڌو خان هو.
سينڌو خان به، سيٺ وشنداس جي سڀا جو هڪ سٺو شاعر،
گويو ۽ ستار وڄائيندڙ هو. ڌهاڪو کن سال ٿيا آهن،
جو سينڌو خان هالن ۾ گذاري ويو. سيٺ وشنداس بعد،
هو مخدوم صاحب جن وٽ رهندو هو.
سيٺ وشنداس وٽ، راڳ روپ جون محفلون روزانو ٿينديون هيون. سنڌ ۾
ويندو هو، اتي به راڳ جي محفل چالو رهندي هئي.
سندس يارنهن پيڍين تي، سنگيت ۽ مجري جو دائمي
بندوبست ٿيل هو. هر هنڌ وڏو هال هوندو هو، جنهن کي
”وشن سڀا“ يا ”راڳ محل“ سڏبو هو. گوين، ناچڻين
۽سازيندڙن جي رهڻ لاءِ جدا جاءِ هوندي هئي، جنهن
کي ”هادو خان واري ماڙي“ نالو ڏنل هو. گشت وقت،
”وشن سڀا“ جو سڄو سارو اٽالو – گويا، ڳائڻيون،
سازيندڙ- ۽ سندن زيردست به هلندا هئا. سندس آگٻوٽ
هڪ سؤ فوٽ ڊگهو هوندو هو، جنهن ۾ ناچ گهر، گوين،
راڳيندڙن، ناچڻين، نوڪرن چاڪرن لاءِ رهڻ جون جايون
ٺهيل هيون، تنهن کان سواءِ، گهوڙي گاڏيءَ جي رکجڻ
جو به آگٻوٽ ۾ بندوبست ٿيل هو. آگٻوٽ ۾ راڳ روپ ۽
ناچ جو دور چالو رهندو هو.
ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور ڀرسان، سندس رهڻ واري جاءِ ۾، هيٺ هڪ
وڏو ٺاهوڪو ۽ سينگاريل ”وشن سڀا“ هال هو. هال جي
وچ ۾، غاليچن تي، گويا ۽ سازيندڙ وهندا هئا ۽ پاسن
کان ڪرسيون لڳل هونديون هيون. راڳ محل جو ڪم شروع
ٿيندو هو، ته اوائل ۾ وشن سڀا جو شاعر، ”وشن گنج“
مان ڪي شعر پڙهندو هو؛ يا ڪو نئون ٺاهيل شعر چوندو
هو. انهيءَ بعد ڪو ٻاهريون آيل شاعر هوندو هو. ته
هو صاحب شاعريءَ سان سڀا کي وندرائيندو هو. جنهن
بعد، مکيه شاعرن جا چيل ڪلام اُچاربا هئا. اهڙيءَ
ريت شاعريءَ جو دور ختم ٿيندو هو، ته پوءِ راڳ روپ
جي محفل شروع ٿيندي هئي. گويا ۽ راڳيندڙ، پنهنجي
آلاپ سان سڀا جو سواد سوايو ڪندا هئا. پڇاڙيءَ ۾
مجرو ٿيندو هو، جنهن ۾، ناليريون ڳائڻيون ۽
ناچڻيون اچي راڳ ۽ ناچ ڪنديون هيون.
ڪراچيءَ ۾ وشن سڀا جا دروازا، هر هفتي ۾ ٻه ڏينهن، عام لوڪن
لاءِ کليل رهندا هئا. جن کي انهيءَ ڏس ۾ شوق هوندو
هو، سي اچي لطف وٺندا هئا. اهڙي ڍنگ ۾، هر هنڌ وشن
سڀا جو پروگرام ٿيندو هو. مانجهوءَ ۾ سندس باغ ۾،
انبن جي وڻن هيٺان، ۽ وشن نگر، حيدرآباد ۾، ڊاک جي
منهه هيٺ.هوليءَ جي موقعي تي، مٽيارين ويجهو
ٽيمائي وسين ۾، جتي گرو پرمهنس ۽ سيٺ نهالچند جون
سماڌيون آهن، هر سال شاندار ميلو لڳائيندو هو.
ميلي تي اعليٰ درجي جو سنگيت پروگرام ٿيندو هو.
سنه 1909ع کان وشن نگر حيدرآباد ۾، آکاڙ مهني جي پڇاڙيءَ ۾ به،
سنگيت ميلو لڳائيندو هو. موقعي تي سنڌ جا مشهور
معروف گويا، راڳيندڙ ۽ سازيندڙ اچي شامل ٿيندا
هئا. موقعي تي، سنڌ جا سنت ۽ درويش اچي شامل ٿيندا
هئا، جي پڻ سنگيت ۾ بهرو وٺندا هئا. هڪ دفعي، سنڌ
جا امر شهيد، ڀڳت صاحب ڪنور رام جن پڻ اچي شريڪ
ٿيا ۽ موقعي جي رنگ کي سوايو ڪيائون. انهن موقعن
تي، سنڌ جا عام لوڪ، ڪٿان ڪٿان کان ڪهي، اچي ميلن
۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ لطف وٺندا هئا.
وشن سڀا جا مکيه گويا هي هئا: هادو خان ۽ سندس پٽ سينڌو خان –
جن جو ذڪر مٿي ٿيل آهي- ٻيو مشهور گويو هو گامڻ
خان پٽ شادي خان. گامڻ خان اصل فتح ڳڙهه جو ويٺل
هو. سندس پٽ جو نالو آهي مبارڪ خان. گامڻ خان ۽
مبارڪ خان، سيٺ صاحب وٽ گهڻا سال رهيا. پوءِ وڃي
شڪارپور ۾ وسيا. ٻنهي گوين، پنهنجي فن سان سنڌين
کي ڏاڍو لطف رسايو. مبارڪ خان اڃا به جيئرو آهي.
هن تازو حيدرآباد ريڊيو سٽيشن کلڻ جي مهورتي جشن
۾، حاضرين کي پنهنجي سنگيت سان لطف رسايو. ٽيون
هاڪارو گويو، ميران بخش ابڙو خان هو. هو امرتسر جو
رهواسي هو. سندس پٽ پيارو خان، ۽ پوٽو اميد علي
خان به وڏا گويا ٿيا. هي ٻئي وشن نگر ۾ ڄاوا. اهي
گويا به، سيٺ وشنداس وٽ سالن جا سال رهيا. پيارو
خان هن وقت صفا ٻڍو ٿي ويو آهي ۽ اميد علي خان سان
لاهور ۾ رهي ٿو. وشن سڀا ۾ ڪيتريون ڳائڻيون ۽
ناچڻيون به هيون، جي ناچ جي فن پڪي راڳ ۽ سنگيت ۾
نهايت قابل هيون.
سيٺ وشنداس جي ناچ ۽ سنگيت جي ڄاڻ ۽ قابليت جي هاڪ، هندستان ڀر
ڦهليل هئي. اهو ئي سبب هو جو هندستان جو ڪو به
مشهور گويو. يا ناليري ناچڻي ڪراچيءَ ۾ ايندي هئي،
ته ”وشن سڀا“ ۾ اچي، پنهنجو جوهر ڏيکارڻ ۾ شرف
سمجهندي هئي. ڪامل استاد اڳيان پنهنجوفن ظاهر ڪرڻ،
فنڪار جي طبيعت جو هڪ اهم جزو ٿيندو آهي.
هڪ دفعي، هندستان جي هاڪاري گوهر جان ڪراچيءَ ۾ آيل هئي. هڪ
ٿئيٽر ۾ سندس نرتيه ڪلا جو پروگرام رٿيل هو. دوستن
جي زور ڀرڻ تي، سيٺ وشنداس انهن سان گڏجي ٿئيٽر ۾
ويو. ناچ جو پرگرام ڪندي، هڪ هنڌ، نرتيه ڪلا جي
اصولن کان ڀل ڪري ويٺي. ويٺلن مان، اڻڄاڻائي سبب،
ڪنهن کي به پتو نه پيو. سيٺ وشنداس، وڏو واڪو ڪري،
گوهر جان کي روڪيو. گوهر جان ڪجي پيئي چوڌاري
سناٽو ڇانئجي ويو. سڀ حيران ٿي ويا. گوهر جهان جو
ڏاڍو ڌاڪو ڄميل هو. اهڙيءَ ريت، سندس پروگرام ۾
اٽڪ وجهڻ، ڪا رواجي ڳالهه نه هئي پر اڳيان به سيٺ
وشنداس جهڙي هستي هئي! گوهر جان ڀل قبول ڪئي. نه
فقط ايترو، بلڪه چيائين ته سندس استاد جو چوڻ
هوندو هو، ته سنڌ ۾ نرتيه ڪلا جو ڄاڻو آهي، ته اهو
سيٺ وشنداس آهي.
اهڙيءَ ريت ڏسبو ته سيٺ وشنداس، پنهنجي سر، سنڌ ديس ۾ راڳ ۽
سنگيت جو پرچار ڪيو: عام ماڻهن لاءِ، وقت به وقت
موقعا پيدا ڪري، منجهن راڳ جي فن جي ٻوجهه پيدا
ڪئي ۽ شوق وڌايو. راڳ روح جي راحت . اهڙيءَ ڏس ۾
انسان ذات لاءِ خذمت ڪرڻ، ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه
ڪانهي! اهو سنگيت جي ڪوڏين جو ئي مرڪ آهي!
ساهت جو شائق
راڳ روپ، گائن وديا، نرتيه ڪلا ۽ شاعري، سڀيتا جا نازڪ ۽ نفيس
جزا آهن. انهن ڳالهين ۾ زبردست دلچسپي وٺندڙ، ساهت
جو به اوس شائق ٿئي ٿو. سيٺ وشنداس، ساهت لاءِ
پريم ۽ محبت جو اظهار ڪندي، ٻه قدم اڳتي وڌيو. عام
ماڻهن ۾ ساهت لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ، هن صاحب
عملي قدم به کنيا. سنه 1896ع ۾، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي
لٿو پريس برپا ڪيائين. پريس ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپايا
ويا، جي ادب سان دلچسپي رکندڙن ۾ ورهايا ويا:
”قرآن شريف“ عربيءَ ۾، ۽ حاشيءَ تي اردو معنيٰ لکيل. جيڪو به
مسلمان سڄڻ، سنڌ مان حج ڪرڻ لاءِ ويندو هو، تنهن
کي گـُهر ڪرڻ سان، هي پاڪ ڪتاب مفت ڏيڻ ۾ ايندو
هو.
”وشن وهنوارڪ اپديش“ هي ڪتاب، 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ
واري عرصي جي هندو سماج تي روشني ٿو وجهي. هڪ
اونهو اڀياس آهي. سنڌي هندن ۾ جي ڪرسمون، ڪربتيون
۽ اجايا رواج گهر ڪري ويا هئا تن جو بيان ڪيو ويو
هو ۽ انهن کي بند ڪرڻ جي هدايت، ۽ زماني جي حالتن
آهر، ريتن ۽ رسمن ۾ ڪهڙا گهربل سڌارا ۽ واڌارا
ڪجن، اهي ڏيکاريا ويا آهن.
”وشن پرڪاش“ هي 168 صفحن جو ڪتاب، پنڊت ديوانچند
جو جوڙيل آهي. پنڊت ديوانچند، وشن سڀا جو هڪ شاعر
هو ۽ سندس تخلص ”ديوانه“ هو. وشن پرڪاش ۾، فارسي ۽
اردو ٻولين ۾، غزل ۽ قصيدا آهن.
”وشن گنج“ اهو ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ آهي. اهو سنه 1900ع
۾ ڇپيو. هي 800 صفحن جو شاهڪار، سائين غنيءَ جو
لکيل آهي.
”وشن گنج“ جو پهريون ڀاڱو حڪمت تي لکيل آهي.
انهيءَ ۾ تندرستيءَ جا نيم ۽ بيمارين جا سولا نسخا
ڏنل آهن. تنهن کان سواءِ اردو سنڌي ڏکين لفظن جي
هڪ لغت پڻ ڏنل آهي.
ٻيو ڀاڱو آهي ”وشن سخا“، جنهن ۾، ڪراچيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ جي پليگن جا
داستان، وشن وهنوار اپديش جو پرچار، اڏيري لال تي
پنگتي ميڙ جو احوال، ۽ سيٺ صاحب جي سخاوت جي راهه
۾ ڪيل ڪارنامن جا بيان ڏنل آهن.
ٽيون ڀاڱو: ”وشن گيان“ انهيءَ ۾ سائين غنيءَ، وشنداس جون روحاني
رمزون، اردو شعرن ۾ قلمبند ڪيون آهن.انهيءَ کان
سواءِ، اردو ۽ پارسيءَ ۾ عارفن، عالمن ۽ دردمندن
جا ڪلام پڻ درج ٿيل آهن.
چوٿون ڀاڱو: ”وشن راڳ“ انهيءَ ڀاڱي ۾، سائين غنيءَ جو ڪلام –
ٺومريون، راڳ ۽ ڀڄن ڏنل آهن. تنهن کان سواءِ،
هندستان جي مکيه شاعرن جي چيدن ڪلامن جي خاصي چونڊ
ڏني ويئي آهي.
”وشن گنج“ نهايت قيمتي نقطن جو ڀنڊار آهي. جملي 800 صفحن ۾.
اردو ساهت جو علمي خزانو آهي. اهو ڪتاب، ادب جي
شائقن کي سيٺ وشنداس پاران سوکڙيءَ طور ڏنو ويو
هو.
”ڪريما“ پارسي ٻوليءَ جو مشهور ڪتاب آهي. سيٺ صاحب جي ڪوٽڙيءَ
واري ڪارخاني جي مئنيجر ۽ عام مختيار، سيٺ جشن مل،
”ڪريما“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اصل فارسي بيت ۽
سندن سنڌي ترجمو، ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو ۽ علم
دوستن ۾ ورهايو ويو.
”وشن سڀا“ هي ڪتاب، ”اندر سڀا، جي ڍنگ تي، اردو
غزلن ۾ ناٽڪ آهي، جنهن ۾ وشن سڀا جي رنگ ڍنگ جو
نقشو چٽيل آهي. هي ڪتاب سيد مراد حسن صاحب جو لکيل
آهي، جنهن جو تخلص ”مير سوز“ هو.
”مثنوي عالم فيض“ هي سائين غنيءَ جو جوڙيل آهي. هن
ڪتاب ۾، هندو ڌرم ۽ اسلام جون مکيه ڳالهيون بيان
ڪيل آهن.
اهڙيءَ ريت ڏسبو ته سيٺ وشنداس، پنهنجي ڍنگ ۾، ساهت جي چڱي چوکي
خذمت ڪئي. نوان ڪتاب ڇپائي، علم دوستن کي بي بها
علمي خزانو ميسر ڪري ڏنو، ته ڀل وتن اڀياس ڪندا ۽
راحت پرائيندا. ادب ۽ ساهت جي ترقي ۽ واڌارو تڏهن
ٿو ٿئي، جڏهين علم دوستن لاءِ ڪا پشتي ۽ سهارو به
پيدا ٿئي ٿو. سو، سيٺ وشنداس جي سخا جو رخ ساهت
طرف پڻ هو، جنهن جي ڪري، ڪي شاندار ڪتاب ۽ علمي
گنج هستيءَ ۾ اچي سگهيا.
قومي فهم
سيٺ وشنداس نهايت آزاد خيال انسان هو. آزاد خيالي، سندس رڳ رڳ ۾
سمايل هئي. سنسن ۽ ڀرمن کي ته ننڍپڻ کان ئي ترڪ
ڪري ڇڏيو هئائين. ويتر، ستگرن وٽان گيان جي ڀنڊار
مان پڪون پيتيون هئائين. سو زندگيءَ جي هر ڳالهه ۽
حالت ۾، آزاد خياليءَ کان ڪم وٺندو هو. انهيءَ
ڪري، زبردست خودمختيار طبيعت هوندي هئس.
ملڪ ۾ تعليم جو ڦهلاءُ ٿيڻ لڳو هو. رواجيءَ ريت، ڀائيبند ۽
واپاري، پنهنجن ٻارن کي اوائل کان ئي پنهنجي ڌنڌي
۽ڪرت ۾ لڳائڻ پسند ڪندا هئا. سيٺ وشنداس، پٽن کي
اوچ تعليم پرائڻ ۾ لاءِ همٿايو.انهن ڏينهن ۾
ڪاليجي تعليم لاءِ سنڌ م انتظام نه هو. سيٺ
وشنداس، هرچندراءِ کي ڪاليجي تعليم لاءِ بمبئيءَ
روانو ڪيو.
سنه 1885ع ۾، انڊين نئشنل ڪانگريس جو پهريون جلسو، بمبئي ۾ ٿيو،
سيٺ وشنداس انگريزي تعليم ڪانه پرائي هئي، پر قومي
فهم منجهس جهجهو هو. قوم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ،
ڪيتري قدر دلچسپي ۽ اونو هوس، سو سندس جيوت جي
ڪارنامن مان ظاهر آهي. سو، جڏهين پهريون دفعو سڄي
ديس ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ، انڊين نئشنل ڪانگريس جو
ميڙ ٿي رهيو هو، ته ڪهي بمبئيءَ ويو. انهيءَ بعد،
ٻيو ميڙ ڪلڪتي ۾ ٿيو ۽ ٽيون مدراس ۾. سيٺ وشنداس
انهن ۾ به شريڪ ٿيو. مدراس واري جلسي ۾، سمورو
ڪاروبار انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيو؛ تنهنڪري دلچسپي
گهٽيس. چوٿين ميڙ ۾ هرچند راءِ ويو، ۽ هر سال
شامل ٿيندو رهيو.
هرچند راءِ قومي ڪمن ۾ ايتري قدر دلچسپي وٺڻ لڳو، جو پنهنجا ڪم
به گهڻي قدر پاسيرا ڪري ڇڏيائين. انهيءَ لاءِ،
ائين چوڻ کان رهي نه سگهبو، ته سيٺ وشنداس جي آزاد
خياليءَ ۽ قومي فهم جو گهڻي قدر لڪل هٿ هو. ائين
چئجي ته سيٺ وشنداس، ديس ۽ قوم جي يگيه ۾، پنهنجو
قابل پٽ ارپي ڇڏيو هو.
جيوت جو هڪ عجيب واقعو
سخاوت جي راهه ۾، سيٺ وشنداس پارا خرچ، سالن جا سال، بنا ڪنهن
اٽڪ جي جاري رهيا ۽ هلندا هليا. ”جئن ٿڌ، تئن وڌ“
واري ڪار لڳي پيئي هوندي هئي. ايتري قدر، جو سيٺ
صاحب جي وچئين پٽ کي اچي گمان جاڳيو- چي: ”بابي جي
خرچن جي رفتار اهڙي هلندي هلي، ته اسان جو الائي
ڪهڙو حال ٿيندو!“ اهو گمان وڌي ويو. حالتون انهيءَ
منزل تي پهتيون، جو سيٺ وشنداس کي پٽن کان ڌار
ٿيڻو پيو ۽ ملڪيت جي ورهاست ڪرڻي پيئي.
اهو واقعو سنه 1921ع ۾ ٿيو، جڏهين سيٺ وشنداس جي عمر 77 سالن جي
هئي. هيڏيءَ وڏي اوسٿا ۾، اهڙي قسم جو واقعو، ڪهڙي
به انسان جي دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ڪري وجهي ها، ۽
جسم مان رهيل کهيل رت ست ڪڍي ڇڏي ها؛ پر سيٺ
وشنداس لاءِ مڙيو ئي آنند هو.
ملڪيت جو وڏو حصو پٽن کي ڏيئي، ڪارخانا ۽ڪارخانن جي ڏيتي پاڻ تي
هموار ڪيائين. 77 ورهين جي ورڌ اوسٿا ۾، نئين سر
ڪمائڻ کي لڳي ويو. ٽن سالن جي عرصي ۾ اڳئين وانگر
اڳرو ٿي پيو.
سيٺ وشنداس پڇاڙيءَ تائين صحت ۾ ٺيڪ رهيو. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جون شڪتيون
سالم رهيس. ڪم ڪار ۾ لڳل رهندو هو. سندس روزانو
نيم هو ته پرڀات ويلي، منشيءَ هٿان، سموري لکپڙهه
نيڪال ڪرائيندو هو. 7 جنوري 1929ع جي پرڀات ويلي،
دستور پٽاندر، منشي لکپڙهه نيڪال ڪرڻ لاءِ اچي
حاضر ٿيو، پر سيٺ صاحب خيال نه ڏيکاري وڃي آرامي
ٿيو. ڪافي وقت گذري چڪو. پر سيٺ صاحب بستري ۾ ئي
رهيو. اها هڪ غير رواجي حالت هئي. جاڳائڻ لاءِ
ڪوشش ڪرڻ وقت پتو پيو ته سيٺ وشنداس سرڳواس ٿي چڪو
هو!
اهڙيءَ ريت، 7 جنوري 1929ع ڏينهن، 85 ورهين جي پڪي
اوسٿا ۾، سنڌ جو هي شاهاڻو درويش پرلوڪ پڌرايو. هر
وات ۾ سيٺ وشنداس جي شاهاڻي زندگيءَ ۽ شاندار
ڪارنامن جي وائي هئي. بيشڪ، اڄ به سنڌ ۽ سنڌ واسي،
سيٺ وشنداس جهڙين شاهاڻين هستين تي ناز ۽ فخر وٺي
سگهن ٿا. |