جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
رس ۽ ڀاو
(هڪ پراچين هندي پـُستڪ تان ورتل)
پنڊت برج موهن نالي هڪ اردو ادبي عالم چيو آهي ته ”سخن جو ميدان
هڪ اهڙيءَ جڳهه آهي جتي مسجد ۽ مندر، گبر ۽
مسلمان، شيخ ۽ برهمڻ سڀ برابر آهن!“
اهڙا ويچار ته اسان سنڌين جي نس نس ۾ سمايل آهن. وقتي وڻاءَ جو
واءُ جيڪو لڳو، سو ڇٽو. هاڻ جيڪي جتي آهيون سي
تتي، ٿڌي سيني سان سوچي، محسوس ڪريون ٿا ته اسين
سنڌي، تعصب کان بنهه آجا آهيون. نامراد ڪو سنڌي
هندو هوندو، شاهاڻو شاهه عبداللطيف، جنهن جي دل جو
دائمي بادشاهه نه هوندو. آءٌ اهڙو ڪو سنڌي مسلمان
اديب ڪو نه سڃاڻان،جنهن جي دل ۾ ساميءَ جي سلوڪن
پڙهندي، امنگ نه اٿيا، دلپت هر هڪ سنڌي مسلمان جي
دل ۾، روحل هر هڪ سنڌي هندوءَ جي رو ۾. سونهاري
سچل اهو به چيو ته:
”ٻي هرڪائي، ماءُ پيءُ ڄائي،
هير عشق دي ڄائي“.
سو، اسين سنڌي سڀ، هير مثل، سڪ منجهان ئي سرجيل آهيون پاڪستان
سان اوهين اتي جا وفادار، ڀارت جا اسين هتي وارا
راج ڀڳت، اهو هر هڪ جو اهم فرض ۽ مکيه گڻ: پر،
توهين به سنڌي، اسين به سنڌي. ساهت ۾، اوهان جو يا
اسان جو، اتي جو يا هتي جو، آهي ئي ڪين. جي جتي سي
تتي؛ پر سنڌي ٻولي سڀن جي، سنڌي ساهت سڀن جو، جيڪي
ڀاوَ اوهان جي هردن اندر، سي ئي امنگ اسان جي دلين
اندر. اوهان جا سعيا، اسان جا سجايا. اسان جو،
سوئي اوهان جو. سنڌي ادبي بورڊ اسان جو، سنڌي ساهت
سميلن اوهان جو.
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهت بنسبت جيڪو ا ُدم اوهان پاسي ٿئي پيو،
ان سان، اسان هتي وارن سڀني جي گهڻي دلچسپي آهي.
ادب جي پاڪ درگاهه تي اسان جو ناقص نذرانو ساهت جي
اوچ آسٿان تي اوهان جي پشپ ڀيٽا- منجهن رَتيءَ
ماتر به ڀيد ڪونهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهت کي
مالا مال ڪرڻ جي سامگري، اوهان کي يا اسان کي،
جتان جڙي، جيڪا جڙي سا ڪارگر. عربيءَ يا پارسيءَ
مان جيڪي پڙ پويئون، سو سـُهاءِ، سنسڪرت يا هنديءَ
مان جيڪي حاصل ٿئيئون سو ٺيڪ. اوهان کي ۽ اسان کي
نت اها اون ته شل اسان جي سنڌي زندهه رهي. ساڳئي
وقت، سنڌي ساهت کي مالا مال ڪرڻ ڪاڻ، جيڪا سامگري
اوهان کي ۽ اسان کي هٿ اچي، سا هڪ ٻئي جي حوالي
ڪرڻ ۾ اهو امنگ اچيئون، جو، ڀائر سک ونڊيندي حاصل
ڪن!
مٿين ويچارن جي مد نظر، ڀارت جي هڪ پراچين ساهت ڪلاڪار، ”رس ۽
ڀاو“بنسبت جيڪي چيو آهي، ان جو ترجمو پيش ڪجي ٿو.
شاعر جي دل اندر جيڪي امنگ اٿن ٿا، جيڪي ڀاو اتپن
ٿين ٿا، تن جو اڀياس ڪري، وگيانڪ نموني ۾، انهيءَ
پراچين ساهت ڪلاڪار، پنهنجي پستڪ- نالي ”ڪاويه
پرڪاش“ يعني ”شعر جو نور“ منجهه جيڪي ڄاڻايو آهي،
ان وشءِ تي، انگريزيءَ ۾ گهڻو ئي پڙهيو هوندوسين،
پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان وشءِ تي ڪجهه به موجود نه
آهي. عربي يا پارسيءَ ۾، شعر جي نقادن، انسان جي
دل جي امنگن بابت، عالماني نموني ۾ ڪجهه لکيو آهي
يا نه، تنهن بابت ڄاڻ نه اٿم. پر، جئن مٿي چيم،
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ساهت کي مالامال ڪرڻ جي سامگري
جتان پڙ پويئون اتان سهاءِ. البت، سنڌيءَ ۾ اهڙن
وشين تي لکندي، اکرن جي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي. هن
ترجمي ڪندي، مرحوم پرمانند ميوا رام جي ڊڪشنرين
کان ڳچ مدد ورتل آهي. ته به، اکرن جي اڻاٺ آڏو
هئي، جنهن سبب، ڪيترا هندي لفظ ڪتب آندل آهن.
سمجهڻ ۾ ڪجهه سهوليت ٿئي، ان لاءِ، سندن هم معنيٰ
لفظ انگريزيءَ ۾ ڏنا ويا آهن.
لڳ ڀڳ هڪ هزار ورهيه اڳي، ڀارتي ساهت جي سمٿان ۾، هڪ مها موتي
سورج پرگهٽ ٿيو، جنهن پراچين اتهاسڪ ستارن کي تيج
هيڻ بنائي ڇڏيو. هماليه جي گود ۾، برهمڻ ڪُل
منجهه، ”پنڊت ممٽ“ جنم ورتو. اهو سمو هو جڏهن ساهت
ڪلاڪارن جي پدوي اوچ هئي. جيئن عربستان ۽ ايران ۾،
ملڪن جا مالڪ، اديبن جا مريد هئا، تيئن ڀارت ۾ پڻ،
ڪوين ۽ ساهت ڪلاڪارن اڳيان، راجائن ۽ مهاراجائن جو
نياز هو. پنڊت ممٽ کي ته چوندائي هئا ”راجانڪ“
ممٽ، يعني، ”راجا مثل“ ممٽ. سندس مکيه پستڪ آهي
”ڪاويه پرڪاش“. شاعر پنهنجي شعر ۾، ڪهڙا ڪهڙا ڀاوَ
پرگهٽ ڪري ٿو، ۽ انهن سبب، منجهانئس ڪهڙو ڪهڙو
رَسُ پڙپي ٿو، اهو مضمون ڀَر ڪاريگريءَ سان نباهيو
اٿس. چوي ٿو ته:
”شاعر جي دل اندر، جيڪي به اسٿائي ڀاوَ، يا بنيادي
امنگ آهن، سي هيٺين قسمن جا ٿين ٿا:
1 ـ پريم، 2 ـ هسي (مذاق)، 3 ـ شوڪ ُ (دک)، 4 ـ
ڪروڌ (غصو)، 5ـ ا ُتساهه، 6ـ ڀؤ، 7 ـ ڪراهت، 8 ـ
وسمئه (عجب).
انهن ڀاون پٽاندر، شعر منجهه هيٺين علحدن قسمن جو
رَسُ
ٿئي ٿو.
1- شرنگار رس، 2- هاسيه رس، 3- شوڪ رس، 4- ڪروڌ
رس، 5- وير رس، 6- ڀيانڪ رس، 7- مڪروهه رس، 8-
ادڀـُت رس (اچرج)
شرنگار رس 1:
”شرنگار رس ٻن ورگن 2 جا ٿين: هڪڙا جيڪي سنجوڳ (وصال) مان اتپن،
ٿين ۽ ٻيا جيڪي ويوڳ (فراق) مان اُتپن ٿين. سنجوڳي
شرنگار رس جا وري ’وِڀاوَ‘ 3 آهن. اهي ايترا آهن،
جو کين، سندن خاصيتن پٽاندر، ا ُپ – ورگن 4 ۾
ورهائڻ ڪٺن آهي. تنهنڪري چئجي کڻي ته اهي مڙيئي هڪ
عام نموني جا آهن رڳو ڀانت ڀانت جي روپن ۾ پرگهٽ
ٿا ٿين. جئن ته جهاتي پائڻ، سهلائڻ 5، مِٺيون
اڇلڻ، ۽ ٻيا. سنجوڳي شرنگار رس ڀريل ڪوتائن جا ٻه
مثال هي آهن:
1- اِستري و ڀاوَ“ 6:
سيج پلنگ تي سُن ٿي.
هيءَ ا ُٿي. نيڻ هيڏانهن، نيڻ هوڏانهن، نيڻ پـُٺتي.
سانت سانت ۾، پَٻُ پَٻَ سان، اچي پلنگ ڀيڙي ٿِي.
اکڙين سان کوج وڌائين پتيءَ جي چهري ۾
پر هن جو گيگُ اهڙو، ڄڻ ته هجي اگهور ننڊ ۾.
مـُکُ ڀِڪيڙيائينس مـُکَ سان، پـُورن نِڊَ رتا 7 سان.
هُن جي چهري تي اُمالڪ آئي ڪنپَ 8، پر جهيڻي؛ لالائي، پر
اَڻلکي.
هيءَ ٿي ويئي لڄ ۾ لالُ، 7ڪَنٺ ُ پيِس ُ ڍرڪي.
پوءِ، موٽ ۾ وسڪارو، ڇا جو؟“
”2- پـُرش و ڀاوَ 9
”اي مرگهه نينِي! وڃيئي چولي 10، وڃيم چين، ايترو چئي، چَپٽيءَ
سان ڇهيائينس چوليءَ جي ڪَهين ُ کي. سندر ناريءَجي
ڳلن تي پرگهٽ ٿِي هرش 11 جي لالائي : سا ڏٺي
سکين،؛ سو، مـُشڪراهٽ سندن مـُکُ تي، پير سندن
پـُٺتي، ڪنهن ڏنو بهانو، ڪا کسڪي مڙيئي ٿيون
اَلوُپ.“
ويوڳي شرنگار رَسُ 1 جن وِڀاون 2 رستي اُتپن ٿئي، سي پنجن اپ –
ورگن 3 منجهه وراهيل آهن، جي آهن:
1- اڀلاشا 4 2- وڇوڙو 3- دُويش 5 4- پرين پوديس 5- وِپدَ 6.
ڪاويه، جنهن ۾ اِهي رَسَ سمايل آهن، تن جا مثال
هيٺيان آهن:
1- اڀلاشا
”استريءَ سندو سنيهه 7 آهي سندس سَتُ 8،
سو، سنيهه ارپن ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه آهي آنند!
سنيهه جي رهي سار ۽ سار ۾ سدا اُٿي امنگ.
شل سندس دل به منهنجيءَ سڪ ۾ سدا رهي سجاڳ!
او، شل سندس پريم جو ناتو مون سان نيبهه رهندو اچي!“
2- وڇوڙو
”اڃا نه آيو!
ٻيو ڪو اٿس ڪئن؟
ائين ڇا هوندو!
ڪهڙي متر وٽ ويندو؟
پـُرش ته مڙيئي مون لئه پريشان،
سو، مِتر ڪوهوندس به ڇا؟
پوءِ، اڃا نه آيو! ڇو؟
آها! ڪهڙي نه اُلٽي پرالٻڌ!....‘
انهن ڳڻتين ئي ڳٿس،
پاسا ورايو پاسا ورائي،
نيڻن ننڊ نه ڪائي!“
3- دُويش[1]
”اڄ پتيءَ جو پهريون ئي وشواس – گهات[2]
پرکيائين،
سو به پنهنجيءَ پياريءَ سکيءَ سان.
دُرٻل هردي ۾ ڪئن سانڍي ايرکا[3]؟
سانڍي به ته نه، پر ڪُڇي به ڪئن؟
تُنڪا[4]
ئي
نه سِکي هئي، سو ڪرڙا واڪ ڪئن ڪڍي؟
منهن ورائي ڇڏيائين. ڏٺو ڪيائين اڻ ڏٺو.
پوءِ، هو جي سندس ڪمل نين، تن مان اچي وسيا آنسو.
سي، ڳلن تان وهيا ڌارائون ڪري،
ڀنڊرين[5]
کي ئي ڇڏيائونس ڀڪوئي.“
4- پرين پرديس
”دل وارا ويا دور.
ڀانيم ته هاڻ ڳهڻا ڪين ڀاسندم، سو وِڌو مانِ، ٻَن.
مَنُ ڏولائي ۾، چوي ته ’اڳتي هل‘.
مَنَ جو ڌيرجُ به پيو ڌوڙ ۾.
دل وارا ويا،
پُٺيان ڳهڻا ويا، منُ ويو، مَنَ جو ڌيرج ويو.
ته پوءِ منهنجا ساسَ[6]،
تون وري منهنجي سيني ۾ ڇاڪاڻ؟
وڃ، تو به وڃي سُکالو ٿيءُ!“
5- ويد[7]
”هِنَ پٿر جي پٽيءَ تي چٽيانءِ ٿي تصوير.
مُکَه تي چِت ورتِ[8]
چٽي مانءِ مڌر[9]
آشانتيءَ جي،
پر جڏهن پِريتَنُ[10]
ڪيم ته پاڻ تنهنجن چرنن ۾ نميلُ چٽيان،
ته لُڙڪَن جي لاٽُن، درشٽ تي وڌم ڌنڌ،
هاڻ، ڪئن ڏسان، ڪئن چٽيان؟
هاءِ ڪٺور پرالٻڌ! تصوير ۾ به اسان جو سنجوڳ نه سَهي سگهينءَ؟“
مٿيان مثال هئا شرنگار
[11] رَسَ جي ورگن ۽
اپ – ورگن جا. باقي رس جيڪي آهن تن جا مثال هيٺ
ڏجن ٿا.
هاسيه رس[12]
”ڪهڙي ڪري ڪوٺيانس!
اهو شوڪ نه اٿم ته مـُٺيون ٺوڪيائينم؛
اهو به شوڪ نه اٿم ته نڪ تي ٺوڪيائينم؛
۽ اهو به شوڪ نه اٿم ته ڀِيڙي ڀَر ڪري ٺوڪيائينم.
پر،ڪهڙي ڪري ڪوٺيانس! گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏل مٺيون!
وري ٿي ٻوڪُ ڇڏي ته ”امبرت ٻـُرڪيو ٿي مانءِ“!
مٿان وري ڪَچُ ائين پيئي مئي، ڄڻ ته منتر اچاري موکش[13] ٿي
ارپيم!
ائين پئي رَتُ رُنو وشنوءَ شرما.“
شوڪ رس[14]
”امي! او امِي! ڪيڏانهن ويئينءَ؟
اڙي ديوتائون، ڪاڏي ويئون اوهان جون آسيسون؟
ڇِٺِ
[15] اسان جي هيءَ
جيون!
هاءِ ! اسان جي گود وارا انگ، تن تي آگِ ڀَڙڪي رهي آهي.
هي سندس نرمل نيڻ، پڄري رهيا آهن!
هيءَ مٺڙو مُکُ، او، هيءُ.... مٺڙو.... مک.... او، او...“
ڪهڙو نه دل ڏاريندڙ رودن!
ٻـُڌي،پرنمائون[16]
به جيڪر روئي ڇڏين.“
ديوارون ئي پرزا پرزا ٿي پون!“
ڪروڌ رس[17]
”اري حيوانن جهڙا مها دُشٽ، هٿيار بند انسانون!
هيءُ ا ُگر آتياچار ڪنهن ڪيو؟
ڪير آهي جنهن سُئيڪار ڪيو؟
ڪير، ڪير آهي جنهن بيهي اکين سان ڏٺو!
ترسو ته آءٌ ٿو چئن ئي ڏسائن ڏي، ڪڻو ڪڻو ڪريانو،
اوهان مڙينئي جو، ۽ پڻ ڀيم جو، ارجن جو ۽ ڪرشن جو،
خون، هڏُ، ماس ُ، تَتُ!“
وير رس[18]
”باندرو! اوهين جيتامڙا جيو! اوهين ته الڪوئي نه ڪريو! ڏسو،
ڏسو، هي منهنجا پاڻ،جن اِندر دِيوتا جي گَجَ جو
مندر به ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو، سي اوهان جي مئٿن[19]
تي وسجن، سو ٿيندو ٻاڻن جو اپمان. اي سُمترا جا
پُتر، تون به آخر ۾ نه آهينم؛ جتي آهين ا ُتي اڀو
ئي رَههُ. آءٌ مينگهناد، منهنجي شان وٽان شڪار ڪو
آهي ته رڳو رام، جنهن اک ڇَنڀَ ۾ هيءُ سارو ساگر
ئي ٻَڌي ڇڏيو آهي!“
ڀيانڪ رس[20]
”ڏسُ، ڏس! هئن ڇال ماريندو، ڀڄندو وڃي، ڇو؟
پويون ڄنگهون، ڄَڻ، پيٽ منجهه اڙائي، سامُهين سان ئي سٽيندو
وڃي، ڇو؟
اجهو هاڻ بيهي رهيو.
مڻڪي جي موڙ، ڪهڙي نه موهيندڙ!
هِڪَ اک آڏي ڪري، پٺيان، ڏٺائين هِڪَ ئي جَهلڪَ،
۽ سورج جو هِڪُ ئي ڪرڻو ڪريُس انهيءَ آڏيءَ اک تي.
پوءِ ٿيو تيج تجلو،انهيءَ آڏيءَ اک ۾.
ڏٺءِ؟ڪنهن ڀاري د ُردشا[21]
جوپرڀاوُ[22]،هوس
سمايل انهيءَ اک ۾.
ڇا ڏٺائين هڪ ئي جهلڪ ۾، جو هيئن ڇِرڪُ ماري، وري ڇوٽ اڏاڻو؟
اوهيو! ويچاري پسونءَ پٺيان، رَٿَ کي سٽيندو اچي، هِڪُ چَتُرُ[23]
نشان سار ٿِي[24]
انهن هٿن ۾ واڳ ۽ انهن ۾ ئي مها گهانڪ ٻاڻ.
ويچارو مِرگُهه!“
مڪروهه رس[25]
”اول، لوٿِ[26]جي
چمڙي ليڙون ليڙون ڪيائين.
پوءِ، ڪلها، سٿرون ۽ ٻيا سرير جا اهڙا انگ،
تن ۾ چَنبا وجهي، سُڄيلَ ۽ ڌپ واري ماس جا چاڻا کُرڙي ويو
ڳرڪائيندو.
پليتُ پريتُ! چوڦير نهاري، ڏند ڏيکاري، ڌيمي ڌيمي،
سندس گود ۾ پيل لوٿِ جي هڏن ۽ سنڌن تان.
رهيو کهيو به کرڙي پيو،ڳرڪائي پيو، ڳريل ماسُ. ڇي، ڇي!“
آدڀت رس
”ڪهڙي نه وچتر سـَرو ُپي!
مُکَ مها جوتي،
اچنب پرتاپِي،
ا َڪٿ ا َڪاري،
ههڙي سندر ناري!
آها! ڪنهن ڏٺي نه ٻـڌي!“
ڀِنَ سرو ُپَ ڀاوَ (a)
مٿين اٺن آسٿائي
(b)
ڀاون يا بُنيادي اُمنگن جا وري علحدا علحدا روپ
آهن، جن کي گڏي چون ڀِنَ سروپ ڀاو. اهي ڪُلُ 33
آهن.
]
هڪ هندي ڪويءَ اهي 33، هيٺين ٽن دوهن ۾ وڌا آهن:
نرويرون1، شنڪا2، گِرَڀ3، چنتا4، موههُ5، وِشاد6، دئنيه 7،
آسويا 8، مِرتيه9، مَدَ10، آلِس11، شِرم12، ا
ُنماد13، آڪرت گوپن14، چَپَلتا15، آپسمار16،
ڀيه17، گلان 18،
وريڙا[27]
19،جَڙتا20، هرش 21، ڌرت22، مت 23، آويگ 24، بگان
(c)
، آتڪنٺا 25، ندرا 26، سوپن 27، ٻوڌ28، ا ُگرتا
29، ڀايه
(d)،
وياڌ 30، امرش 31، وِترڪ 32، سمرت 33، يه تيتيس
گنايه
(e)
[
شعر جو پدويون
راجانڪ پنڊت ممٽَ، ڪاويه يعني شعر جون ٽي پدويون ڄاڻايون آهن:
آتم ڪاويه، يعني اعليٰ درجي جو شعر
مڌيم ڪاويه يعني وچولو شعر.
اڌم ڪاويه، يعني گهٽ درجي جو شعر.
رساوت ڪاويه، يعني اهو شعر جنهن منجهه شاعر پنهنجا جذبا ڦوڪيا
هجن، اهو ئي آهي اتم ڪاويه. اهڙي شعر ۾ النڪارن
يعني صنعتن جو استعمال نه به ٿيل هجي، ته به
منجهائنس بيحد رَسُ پيو ايندو. اهڙي اوچ ڪوتا جنهن
۾ صنعت اصل استعمال ٿيل نه هجي، ان جو هڪ مثال
هيٺيون ڏنو اٿس:
”هيءُ منهنجو پتي ديوتا، آهي ته اڄ به تهڙو ئي،
جهڙو هو تنهن رات، جڏهن اچي ڪنئارپَن چورايائينم؛
هي راتيون چيٽ جون، ڏسجن ته ساڳيون مهاسندر؛
ڪا دَمبَ-ڪـُنجَ پار کان، مالتي ڦُلَن جي سُڳنڌ سان ڀرپور،
هيءَ جا لڳي ٿي هير، سا به ته ساڳي؛
۽، آءٌ به ته جهڙي هيس ا ُڳ ُ، تهڙي آهيان اَڄُ؛
ته به ٿو جيءُ تڙڦائيم ته ريوا ڪناري وارن لمبو ڪُنجن منجهه
وڃي، اتي ڪي پريم اَلوليون ڪريان.“
رساوت ڪاويه کي ٻين ودوانن ”ڌ ُن ڪاويه“ به ڪوٺيو آهي، ڇاڪاڻ جي
هردي اندر ڀاو تڏهن اٿن ٿا، جڏهن هو ڌ ُن لڳائي
ٿو. اتم ڪاويه يا ڌ ُن ڪاويه ۾ شوليءَ يا عبارت
کي، رس ۽ ڀاوَ جهڙي اهميت ڏنل آهي، پر جي منجهس ڪو
ڀاو پرگهٽ ٿيل نه آهي ۽ فقط النڪارن يا صنعتن سان
جهنجهيل آهي، ته اهڙي ڪاويه يا شعر کي پوئين پدوي
ئي نصيب ٿيل آهي. مڌيم ڪاويه يا وچولي درجي جو شعر
انهيءَ قسم جي شعر کي چيو اٿن، جنهن منجهه ڀاو ُڪي
ڪجهه سمايل آهن، پر عبارت کي وڌيڪ اهميت ڏنل آهي.
شاهه لطيف جي شعر جو اڀياس، رَسَ ۽ ڀاو ُ جي مٿين اصولن پٽاندر
ڪبو، ته ڏسبو ته سندس سمورو شعر اتم ڪاويه آهي.
هُن مها ڪويءَ جي هردي اندر، ڀانت ڀانت جا دک دائڪ
توڙي آنندت امنگ پيدا ٿيندا هئا، جي سندس شعر جي
سِٽَ سِٽَ ۾ پرگهٽ ٿيل آهن. کين پرگهٽ ڪرڻ لاءِ،
کيس طرح طرح جي النڪارن ۽ ٻين سوڀيائن استعمال ڪرڻ
جي بيحد مهارت هئي. ڀارت ۾ آئي بعد، مون به گهڻن
ئي هندي ڪوين جي ڪوتائن جو اڀياس ڪيو آهي، پر رس ۽
ڀاوَ جي لحاظ کان شاهه لطيف پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.
|