دهلن ۽ شرناءِ جو آواز ويجهو ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ڳوٺ ويجهو هو. گهوڙي
جا سنب مٽيءَ ۾ هڪ عجيب آواز ڪري رهيا هئا. هن جي
دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي- شايد ڳوٺ جي سڪ هئي. محبوب جي
محبت هئي، يا مائٽن جي ملڻ جي اڪير هئي. سندس خيا
ل ڪپيل هٿ ڏانهن ويو. رحيمان چوندي، ”هئي! هٿ
ڪيڏانهن ڪييءِ!“ سندس هٿ ڪپجڻ جوسمورو واقعو هن جي
دماغ ۾ ڦرڻ لڳو: هڪ رات جو ڊيوٽي ڏيندي، مشين جي
ڀرسان ويٺي، سندس اک لڳي وئي هئي. ان رات کيس ڏاڍي
هڏڪي ٿي پئي هئي. هن سوچيو ٿي ته کيس رحيمان ياد
ڪيو آهي. رحيمان جي تصورات ۾ کيس جهوٽو اچي ويو، ۽
سندس ٻه آڱريون مشين ۾ اچي چچرجي ويون. فرسٽ ايڊ
ملڻ کان پوءِ به کيس آرام نه آيو ۽کيس اسپتال ۾
داخل ڪرايو ويو. هن جو هٿ پچي پيو هو. هٿ ڪپائڻ
کان سواءِ ٻيو چارو ڪو نه هو. فئڪٽريءَ مان کيس
پنج سو روپيا هر جانو مليو هو، ۽ هن سموري وقت ۾
ڇهه سو روپيا ٻيا جمع ڪيا هئا. هن کي رحيمان جي
منڊيءَ جو خيال آيو، جا هن کاري در تان ٽيونجاهين
روپئين خريد ڪئي هئي. محبت جو نذرانو رحيمان جي
سرڪار ۾ پيش ڪرڻو هو. ٽيونجاهه روپين واري منڊي.
هو سوچي رهيو هو ته هن سوغات تي رحيمان ڪيترو نه
خوش ٿيندي. پر کيس هٿ وڃائڻ جو سخت افسوس هو.
ايتري ۾ پير کبڙشاهه جي قبر اچي وئي. بگيءَ کي اتي
بيهاري، پيرل چوديواريءَ ۾ اندر لنگهي ويو. رات جو
وڳڙو هو، فقير لانڍيءَ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو. پنج
آنا قبر تي رکي، قبر کي چوڄ مان چمي ڏيئي ٻاهر
نڪتو. دهلن جو آواز بند ٿي ويو هو. ڪتن جي ڀؤنڪ جو
آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. بگي ڳوٺ ۾ پهتي. اڌ رات جو وقت
هو. سندس گهر سامهون اٽڪل پنجاهه قدمن تي هو. بگي
اچي جهوپڙيءَ جي سامهون بيٺي. در وٽ بيهي، پنهنجي
ڀاءُ ميرل کي سڏ ڪيائين. ميرل کي ننڊ جو گهيرٽ هو،
پر خيرل يڪدم اٿي ٻاهر نڪتو، اڍائي سالن جي وڇوڙي
کان پوءِ پٽ کي ڏسي، خيرل جي اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويا. پيرل پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو. پيرل کي
فئڪٽريءَ جي مليل لوس ڊريس بدن تي پيل هئي. پيءُ
پٽ کي ٻانهن کان وٺي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو. هنڌ ۽
پيتي کڻي اندر آندائون. پيرل جي ماءُ به وڌي آئي.
وڏيءَ اڪير سان ڀاڪر پائي پٽ سان ملي ۽ اڇنگارون
ڏيئي رئڻ لڳي. سڀ جهوپڙيءَ ۾ اچي ويٺا.
پيرل پڇيو، ”امان خير ته هو، اڄ ڳوٺ ۾ دهل ٿي وڳا. ڪو شادي
وهانو هو ڇا؟“
ماءُ اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳي، ”ابل! اڄ رحيميءَ جو وهانو ٿي
ويو.“ پيرل وسو ٿي ويو. سندس دل جي دنيا هيٺ مٿي
ٿي وئي، دماغ چڪر کائڻ لڳس.
خيرل چيو، ”شرفو وڏو سوئر آهي، لوڀي ڪنهن جاءِ جو. ويچاري
رحيمان دانون ڪندي رهي ته ”شادي ڪا نه ڪنديس“، پر
لالچي حرامخور ست سو روپين جا ڏسي هرکجي پيو“.
پيرل جي ڄڻ زبان ئي لڳي وئي هئي. سندس نرگهٽ تي
ڄڻڪ ننهن اچي ويو هو. گم سم ويٺو رهيو.
ماڻس چيو، ”ست سو روپين تي کڻي مومل جهڙي ڌيءَ وڪيائين! بدشڪلو،
ڪاڻو، مئو واحدو پئي گد گد ٿيو. موڙ ٻڌي پنهنجو
منهن ڪارو ڪرڻ آيو هو“.
ست سو روپيا، ست پاڪستاني وڏا ساوا نوٽ سندس دماغ ۾ ڦري رهيا
هئا. واحدوءَ جي هڪ ڀوائتي شڪل سندس اکين اڳيان
گهمي رهي هئي. هن واحدوءَ کي ڪو نه ڏٺو هو: ڄڻ
سندس اکين اڳيان هڪ ديو، حور کي کڻي ٿي ويو. وٽس
به ته يارهن سو روپيا روڪ هئا. هن جي آڏو هينئر
يارهن سو روپيا، يارهن پئسن جي برابر هئا. آخر اهي
ڪهڙي ڪم جا!
خيرل پٽ کي گم سم ڏسي چوڻ لڳو، ”مان بي ايمان وٽ ويس. ايلاز
منٿون ڪيون مانس ته ”ڪجهه ترس! پيرل ڄاڻ آيو. شهر
مان ڪمائي ايندو. تنهنجو ٻڌو ٻانهو ٿي رهندو.“ پر
هن کي ڪا چڻنگ لڳي وئي. چئي – ”تنهنجو ڇوڪر لفنگو،
شهر ۾ وڃي رولن جي سنگت ۾ جوا ڪندو هوندو. چوريون
ڪندو هوندو. ڇا موٽندو؟ اهو شهر ۾ مري کپي ويندو.“
مون کي به ڏاڍو تاءُ آيو، پر چپ ڪري موٽي آيس.
اڳئين اربع تي اهو فيصلو ٿيو: سائين باغن شاهه وچ
۾ پيو، جنهن اهو ڪم ٺاهيو.“
پير کبڙشاهه جي فقير جو خواب کيس ياد اچي ويو. دل ۾ اهو چوڻ
لڳو. ”اهو سڀ ڍونگ آهي- سڀ مڪر ۽ فريب. انسان جي
مجبوريءَ جو فائدو وٺڻو آهي. انسان جي قسمت تي
مذاق ڪرڻي آهي.“ ماڻس چيو، ”ويچاري رحيمان هنجون
هاري رهي هئي، پر هن ڪاسائيءَ کي ڪو رحم ڪو نه
پيو. ستن سَون بد ذات جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو.
ويچاري نينگر ٻيءَ ٽينءَ تنهنجي سڌ سماءُ لهڻ
ايندي هئي. ڏاڍي سڪ هيس، پر ابل، قسمت جون
ڳالهيون آهن!“
پيرل ڪو جواب ڪو نه ڏنو. آخر ڳالهه جو موضوع بدلايو ويو، ۽
ڪراچيءَ جون خبرون چارون هلڻ لڳيون، پيرل بي دليو
جواب ڏيندو رهيو.
آخر پڻس چيو، ”ابا هاڻي سمهي پئو. ٿڪو هوندين!“
پيرل ليٽي پيو. صبح جو پيرل جي کٽ خالي هئي – جا پوءِ هميشه
خالي رهي.
ba
والٽيئر (1664ع – 1778ع)
سنڌيڪار: چنا شبير ”ناز“ شڪارپوري
دنيا جا رنگ!
(1)
سڄيءَ دنيا تي حڪومت ڪندڙ فرشتن مان ميڪائيل جي حڪم هيٺ ايشيا
کنڊ به هو. هو هڪ رات ”سٿيا“ جي رهاڪو ”بابڪ“ وٽ
ويو، ۽ چوڻ لڳس، ”بابڪ! ”فارس“ وارن جا گناهه حد
کان زياده وڌندا وڃن ٿا. ڪالهه هڪ ميٽنگ ۾، جيڪا
آسمان تي سڏائي ويئي هئي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته
فارس جي رهاڪن کي پنهنجن گناهن جي سزا ڏني وڃي، يا
فارس شهر کي تباهه ڪيو وڃي. سو تون وڃ، ۽ فارس جي
رهاڪن جي هلت چلت ڏس. پوءِ اچي مون کي ٻڌاءِ ته هو
ڪهڙيءَ سزا جا حقدار آهن........؟“
بابڪ جواب ڏنو، ”سڳورا فرشتا! آءٌ اڳ ڪڏهين فارس ڪين ويو آهيان،
۽ نه وري ڪو اتي مون کي سڃاڻي!“
”اهو ته هٿئون سٺو،“ ميڪائيل چيو. ”تون ڪنهن جي ڀـَر ڪين
وٺندين. وڃ، توکي آسمان وارن جو حڪم مڃڻ گهرجي.
تون ڪنهن کان نه ڊڄجانءِ جتي ويندين اتي تنهنجي
چڱي آڌرڀاءُ ڪئي ويندي. آسمان وارن جي روحاني طاقت
تنهنجي مددگار ٿيندي.“
بابڪ پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار ٿيو ۽ هڪ ٻه نوڪر ساڻ ڪري فارس
ڏانهن روانو ٿيو.
ٿورن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ......... هن ”سنسار“ جي ميدان
تي فارس جي فوج کي هندستان جي فوج سان وڙهندو ڏٺو.
هن هڪ سپاهيءَ کان پڇيو، ”هن جنگ ڪرڻ جو ڪهڙو سبب
آهي؟ ٻه پاڙيسري پاڻ ۾ ڇو ٿا پيا وڙهن؟“
”ديوتائن جو قسم آهي،“ سپاهيءَ جواب ڏنو، ”مون کي ڪائي خبر ڪا
نه آهي، ۽ منهنجو ڪهڙو مٿو ڦِريو آهي. جو اها خبر
لهان؟ منهنجو ڌنڌو آهي وڙهڻ ۽ مرڻ مان سپاهي
آهيان. مون کي پگهار ملندي آهي. پنهنجي جان تريءَ
تي رکي وڙهندو آهيان. پنهنجن ٻارن ٻچن جو پيٽ
پاليان ٿو. مون کي ته پئسا گهرجن. جنگ سان ڪو
واسطو ڪو نه اٿم. زر مون کي خريد ڪري سگهي ٿو ۽
مان زر جي عيوض زندگي وڪڻي سگهان ٿو. جيڪڏهين
هندستان وارا مون کي گهڻي پگهار ڏيندا ته مان انهن
جي فوج ۾ داخل ٿيندس ۽ فارس وارن سان وڙهندس.
جيڪڏهين جنگ جو سبب معلوم ڪرڻ گهرو ٿا، ته وڃي
اسان جي سردار کان پڇو!“
بابڪ، سردار وٽ ويو........
”مان ڇا ٻڌايانءِ؟ مون کي پاڻ خبر ڪانهي. مان ته گاديءَ جي هنڌ
کان گهڻو پري، هڪ ننڍي شهر ۾ رهندو آهيان. جڏهين
مون کي خبر پيئي ته هندستان سان جنگ شروع ٿي ويئي
آهي، تڏهين پنهنجي فوج ساڻ ڪري هليو آيس.“
”ڇا اوهان جي سپاهين کي به ڪا خبر ڪانهي؟“ بابڪ اچرج ۾ پئجي
پڇبو.
”نه، هو به مون وانگر دولت ۽ عزت جي ڪَڍَ نڪتا آهن. کٽيائون ته
غازي، جي مُئا ته شهيد.“
”ڀلا هن حالت ۾، مون کي جنگ جو سبب ڪيئن معلوم ٿيندو؟“
”اوهان اسان جي وڏي سردار کان پڇو، شايد هـُو اوهان کي ڪجهه
ٻڌائي سگهي!“ بابڪ وڏي سردار جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو.....
سردار هُن کي چيو، ”هن جنگ جو سبب معمولي آهي. اڄ کان ويهه سال
اڳ فارس جي شاهوڪار ۽ هندستان جي هڪ ڪارخاني جي
منشيءَ ۾ ڪو جهڳڙو ٿي پيو هو، جنهن جي سزا دنيا
ڀوڳي رهي آهي. اسان جا وزير ته اسان کي پڪ ٿا
ڏيارين نه هن جنگ ۾ انسانيت جي ڀلائي آهي، هن جنگ
۾ فارس جي بهبودي آهي: پر ڳالهه ڪا ٻي ٿي سمجهجي.
لکن ٻارن کي ڇورو ڇنو ڪيو وڃي ٿو، لکن مائرن جون
هنجون خالي ڪيون وڃن ٿيون، ۽ ڪيترين زالن کي بيوهه
ڪيو وڃي ٿو – ڇو؟ بس خواهه مخواهه..............!“
ٻئي ڏينهن جنگ جي ميدان ۾ مشهور ٿي ويو ته ڄاڻ صلح ٿيو. پر
سردارن جي حڪم سان سج اُڀرئي کان ٿوري دير پوءِ،
وري لڙائي شروع ٿي ويئي. رت سان سپاهي هولي کيڏي
رهيا هئا. انسانن جو رت پاڻي سمجهي وهايو ٿي ويو.
بابڪ اکيون ڦاڙي سڀڪجهه ڏسي رهيو هو. سپاهي ڪپڙن
هَٿ ڪرڻ لاءِ زخمي سپاهين جون سسيون ڪپي رهيا هئا.
سڄي جنگ جي ميدان ۾ ترارين جا چمڪاٽ نظر ٿي آيا.
انسانن جون سسيون گهَٽن جي سسين وانگر ڦٿڪي رهيون
هيون. رت جا ڦوهارا نڪري رهيا هئا. بس ڄڻ قيامت
هئي.
بابڪ فوجي اسپتال ۾ ويو، جتي زخمين جي ملم پَٽي ڪئي ٿي ويئي.
انهن مان ڪيترا ته ڊاڪٽرن جي بيپرواهيءَ ڪري مري
ٿي ويا. هو رڙيون ۽ دانهون ڪري رهيا هئا. پر ڪو به
ڪو نه پيو ٻـُڌين.
”آه!“ بابڪ چيو، ”فارس جا رهاڪو، انسان نه پر حيوان آهن. هو
مرندڙ انسان کي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪين ٿا ڏين.
ميڪائيل جو چوڻ ٺيڪ آهي. فارس کي ضرور تباهه ڪيو
ويندو.
ان کان پوءِ صلح ٿي ويو ۽ بابڪ پنهنجو خيال بدلائي ڇڏيو.
هڪ وڏي دروازي مان لنگهي هو شهر ۾ ويو. ماڻهو پراڻين روايتن ۽
پراڻين جاين جي ڏاڍي ساراهه ڪندا آهن. پر اها
ڳالهه ته هرڪو مڃيندو ته پراڻي زماني جون شيون اڻ
وڻندڙ هونديون آهن.
شهر جو اندريون حصو جتي ڪيترا دڪان هئا، تمام گندو هو، ۽ اتان
بدبوءِ اچي رهي هئي. وري گراهڪ ۽ دڪاندار ڇا ڪري
رهيا هئا...........؟ ان گند ۽ بدبوءِ کي وڌائي
رهيا هئا، دنيا جي براين ۾ اضافو ڪري رهيا هئا.
ڪوڙن ۽مڪرن جو تعداد وڌائي رهيا هئا. بابڪ کي ڏاڍو
غصو لڳو.
هو اڳتي وڌيو ۽ هڪ مندر ۾ گهڙي ويو..........!
مندر ۾ ڪيترائي ماڻهو ويٺا هئا. انهن جي چهرن تي مايوسي پکڙيل
هئي. هو ڏاڍا اداس هئا. هڪ ناچڻ نچي رهي هئي.
سندس گهنگرن جو آواز ويتر اداسي پيدا ڪري رهيو هو.
طبلي جي ڌَڪ ڌَڪ جو آواز غمگين ماحول کي ويتر
غمگين ڪري رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، ٽي چار
مزور اڳتي وڌيا، ۽ هڪ وڏو پٿر سوري پاسي ڪيائون.
جنهن جي هيٺان باهه ٻري رهي هئي. اُلا ۽ دونهان
نڪري رهيا هئا. اُها کڏ تمام اونهي هئي. ڪن ماڻهن
هڪ لاش کي کڻي انهيءَ ۾ ڦٽو ڪيو. ٻه ٽي ٺڪاوَ ٿيا
۽ پوءِ خاموشي ٿي ويئي. بابڪ جي دل کي ڏاڍو صدمو
رسيو ۽ سوچيائين، ”ڇا هي ماڻهو لاشن کي به اتي
ساڙيندا آهن، جتي هو ديوتائن جي پوڄا ڪندا آهن. بس
هاڻي مون کي خبر پيئي ته فارس ۾ ايتريون بيماريون
ڇو ٿيون ٿين؟ ماڻهو بيمار ڇو ٿا رهن؟ هي
بدبوءِ....... دونهون.... .. خراب هو........ خرا
ب ماحول ............! بيماريون نه پکڙبيون ته ٻيو
ڇا ٿيندو؟ بهتر ته ائين ٿيندو جو هڪ زبردست زلزلو
پيدا ڪري، فارس کي تباهه ڪيو وڃي، ته ان جاءِ ته
نئون شهر ٻڌجي ۽ نوان ماڻهو اچن، جيڪي هنن وانگر
حيوان نه هجن!“
(3)
بابڪ کي رات جي ماني پنهنجي هڪ سپاهي دوست جي زال وٽ کائڻي هئي.
ان کي پنهنجي مڙس وٽان مهمان جي اچڻ جو خط مليو
هو. انهيءَ عورت جي جاءِ شهرکان ٿورو پاسيرو
هئي...... هو شهر جو سير ڪندو پئي ويو.
هن ڪيترا مندر ڏٺا جيڪي تمام سهڻا ٺهيل هئا، ۽ هو انهن جي
ساراهه کان سواءِ رهي نه ٿي سگهيو. انهن مندرن جا
پوڄاري به سٺا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريو بيٺا هئا. انهن
جي موسيقي به ڏاڍي مزيدار هئي .بابڪ جي دل ٽپا ڏيڻ
لڳي ۽ خوش ٿيندو، اڳتي وڌندو ٿي ويو.
رستي جي ٻنهي پاسن کان ڦوهارا لڳل هئا. انهن مان پاڻي نڪري رهيو
هو، ۽ ننڍا ننڍا ساوا ٻوٽا ڪهڙا نه سهڻا ٿي لڳا!
بهار جي موسم، ساون وڻن جون قطارون ۽ انهن جي
پويان عاليشان سهڻيون ٺهيل جايون، رستا بلڪل صاف،
ڪٿي ڪو داغ به نظر ڪو نه ٿي آيو..... هو پنهنجي
ميزبان جي گهر ۾ داخل ٿيو....!
گهر ڪهڙو نه عمدو ٺهيل هو، هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي سهڻي نموني
رکيل هئي، ۽ جنهن ڪوٺيءَ ۾ هن کي وهاريو ويو هو،
سا نهايت ذوق ۽ نزاڪت سان سينگاريل هئي!
بابڪ خيال ڪيو، ”اسان جي فرشتي جو مغز الاجي ڪيئن آهي! اهڙي
سهڻي شهر کي جيڪڏهين تباهه ڪيو ويندو، ته بني نوع
انسان جو بيحد نقصان ٿيندو!“
(4)
ماني کائڻ کان اڳ ۽ ماني کائڻ کانپوءِ هن ڪي اهڙيون حرڪتون
ڏٺيون، جن ڪري کيس ڏاڍو افسوس ٿيو. سپاهيءَ جي زال
هڪ خوبصورت نوجوان جج سان پيار ۽ محبت ڀريون
ڳالهيون ڪري رهي هئي. سپاهيءَ جهڙو ڏسڻو وائسڻو
جوان پنهنجي زال کان وڇڙي هُتي هڪ رَنَ زال ڏانهن
پيار ڀرين نگاهن سان ڏسي رهيو هو، ۽ هِتي هن جي
پنهنجي زال ٻئي نوجوان، جج، سان ڪنڊ ۾ لڪي ڳالهيون
ڪري رهي هئي.
فرشتي، بابڪ کي جيڪا دل جي راز معلوم ڪرڻ جي طاقت ڏني هئي، تنهن
وسيلي هو انهن جي دل جي حال کان واقف ٿي ويو. کيس
ڇا معلوم ٿيو؟ بس اهو ئي، ته ماڻهن جي دل ۾ گناهه
موجود آهن. هن آسمان ڏانهن نگاهه ڪندي چيو، ”هيءَ
سوسائٽي يڪدم فنا ٿي ويندي- حسد ۽ انتقام- هن دنيا
کي برباد ڪري ڇڏيندا. ايتري قدر جو روزانو پيا خون
ٿيندا ۽ ڳوڙها پيا ڳڙندا. مڙس يا ته پنهنجن دشمنن
کي قتل ڪندا يا انهن جا دشمن انهن جي زالن سان ملي
کين قتل ڪندا. فرشتي کي گهرجي ته اهڙن واقعن ٿيڻ
کان اڳ هن شهر کي برباد ڪري ڇڏي-!“
(5)
هو اڃا پنهنجن خيالن ۾ محو هو، ته هڪ بزرگ شخص ڏٺائين، جنهن کي
ڪاري پوشاڪ پيئي هئي. هن نوجوان جج سان ملڻ پئي
چاهيو. جج هن کي ڪاغذن جو فائيل کڻي ڏنو ۽ اکر به
ڪين ڳالهايائينس.
”هي ڪير هو؟“ بابڪ پڇيو.
”هي شهر جو هڪ مشهور وڪيل آهي. هن پنهنجي عمر جا پنجاهه سال
قانون جو دور ڪيو آهي، ۽ ٻيو ماڻهو جيڪو جج آهي،
سندس عمر پنجويهه سال ٿيندي ۽ ٻه ڏينهن به قانون
کي ڪين ڏٺو اٿائين. هي پوڙهو وڪيل بيروزگاريءَ ڪري
اچي هتي ڦاٿو آهي هو جج جي بدران ڪيسن جا فيصلا
لکندو آهي.“
”هي نوجوان جج سچ پچ اهڙو عقلمند آهي ڇا، جو ڪراڙن کان اهڙيءَ
طرح صلاحون پڇندو ٿو رهي! ڀلا هي ڪراڙو پاڻ جج ڇو
نه ٿيو؟“
”اوهان سمجهو نٿا،“ انهيءَ ماڻهوءَ وري چيو، هتي محنت مزوري
ڪندڙن کي عزت جي نگاهه سان ڪين ڏٺو ويندو آهي. هي
نوجوان پنهنجي پيءُ جي دولت ڪري جج ٿيو. فارس ۾
انصاف ڪرڻ جو فرض به وڪيو ويندو آهي.“
”هن بدقسمت مـُلڪ ۾ نوڪري به انهن کي ملندي آهي، جيڪي شاهوڪار
آهن، جن جي دولت کين انهيءَ لائق ڪري ٿي، جو هو
عزت به خريد ڪري سگهن ٿا؟ جتي انصاف ڪرڻ جو فرض
وڪيو ٿو وڃي، اتي فيصلا به وڪامندا هوندا- انصاف
به وڪامندو هوندو-!“
هڪ فوجي آفيسر چيو، ”انهيءَ تي عجب کائڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ مان
پاڻ فوج ۾ عهدو خريد ڪيو آهي. مون کان وڌيڪ
تجربيڪار ماڻهو جيڪي سپاهگيريءَ جي ڪم ۾ هوشيار
آهن، سي اڃا سپاهي آهن. پر مان پنهنجي دولت ڪري
وڏو عهدو ورتو آهي. فارس ۾ غريبن لاءِ ڪا جاءِ ڪا
نه آهي- انهن کي رهڻ جو ڪو به حق نه آهي- هي مـُلڪ
اميرن جو آهي، جيڪي غريبن جو خون چوسي دولت ڪٺي ڪن
ٿا.“
بابڪ کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ کيس فارس ملڪ جي قسمت تي ڏاڍو افسوس
ٿيو، جتي اميرن ماڻهن جي پـُٽن کي نوڪريون ملن
ٿيون – ”جتي قابليت نه آهي، اُتي دولت سڀڪجهه ڪري
ٿي. ڇا فارس جا رهاڪو انصاف ۽ سچ جا حامي نه آهن؟“
ايتري ۾ هڪ ٿلهو ماڻهو اندر آيو. هن فوجي آفيسر کي چيو، ”مان
چاليهن هزارن کان وڌيڪ توکي قرض ڪين ڏيئي سگهندس؛
ڇو ته هن دفعي مون کي تمام ٿورو وياج مليو آهي.“
جڏهين بابڪ انهيءَ ٿلهي ماڻهوءَ بابت پڇيو، ته کيس ٻڌايو ويو ته
هو فارس جو هڪ وڏو زردار آهي – ”فارس ۾ ڪيترا ننڍا
ننڍا نواب ۽ جاگيردار آهن. هو هن کان پئسا وٺي،
ملڪ جون ڪي زمينون کيس ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندا آهن، ۽
هو غريبن تي ظلم ڪري، انهن کان پئسا ڦريندو آهي!“
بابڪ چيو، ”هي ملڪ ضرور تباهه ٿيندو.“
(6)
بابڪ کي فارس جي رهاڪن جي حالت تي ترس اچي رهيو هو. ”هو بيوقوف
ڪهڙو رستو وٺيو ويٺا آهن؟ سندن منزل ڪٿي، ۽ وڃي
ڪيڏانهن رهيا آهن؟ افسوس!“ پوءِ هن ارادو ڪيو ته
ڪنهن پڙهيل طبقي جي ماڻهن سان ملي. شايد هنن سان
ملي هن جو اهو ارادو ڦري سگهي.
ٻئي ڏينهن هو هڪ مدرسي ۾ ويو، جتي استاد ديني علم سيکاري رهيا
هئا.
شهر ۾ خبر پکڙجي ويئي ته هو مدرسي کي سڌارڻ آيو آهي. ڪيترا
استاد هن وٽ آيا ۽ هڪ ٻئي تي چغليون هڻڻ لڳا. چون
پيا، ”سائين مون کي رکو ۽ ٻين سڀني کي ڪڍي ڇڏيو!“
بابڪ سوچڻ لڳو – ”هي ماڻهو ته ڪهڙا آهن؟ عالم آهن، پڙهيل آهن،
ماڻهن کي دين جي تعليم ڏيئي رهيا آهن- پر پاڻ ڪهڙا
ڪم ڪن ٿا! ڪميڻا ماڻهو، هڪ ٻئي جون گلائون ڇو ڪري
رهيا آهن؟ هڪ ٻئي جا افعال ڇو ظاهر ڪري رهيا آهن؟
ڇا هو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري نٿا سگهن؟ ڪهڙا نه خود غرض
انسان آهن! پنهنجي پاڻ تعريف ڪرڻ به ڪا تعريف آهي!
چڱو ماڻهو انهيءَ کي چئجي جنهن جي تعريف ٻيا ڪن.
هاڻي انهن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. سندن سڌارو
انقلاب ڪري سگهندو: نئون زمانو، نيون شيون، نوان
ماڻهو، نوان اسڪول ۽ نوان شاگرد. شل ڪو وڏو قهر
فارس مٿان ڪِري، ته جيئن انهيءَ مٽيءَ مان هڪ نئون
فارس ٺهي – جتي اهي بُرايون نه هجن.“
(7)
ٿورن ڏينهن کانپوءِ، هن ڪن بزرگن کي مانيءَ جي دعوت ڏني. سڀ
ائين ڀڄندا آيا، جيئن ماکيءَ مٿان مکيون ڪٺيون
ٿينديون آهن- کائيندا به پيا وڃن، ۽ ڳالهيون به
ڪندا وڃن: چوڌاري مکين واري ڀون ڀون لڳي ويئي.
بابڪ ڪن لائي ٻڌو ته هو يا ته پنهنجي پنهنجي تعريف
ڪري رهيا هئا، يا ويچارن مئلن جون گلائون. جيڪڏهين
ڀلجي ڪو چڱي ڳالهه پيو ڪري، ته ٻئي کي اها خراب
پيئي لڳي. بيڪار لفاظيءَ جو هي هڪ اهڙو مقابلو
هو، جنهن ۾ سڀ شوق سان بهرو وٺي رهيا هئا. تڪڙا
ڀڄندڙ، ڪرندڙن کي لتاڙي رهيا هئا؛ پٺتي پوندڙ اڳ
کٽندڙن کي ڏسي سڙي رهيا هئا؛ ۽ گڏوگڏ هلندڙ هڪ ٻئي
کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا- مطلب ته زندگيءَ
جي فضوليات پٺيان ڊوڙ ڊوڙان لڳي پيئي هئي. ڀاءُ
ڀاءُ کي کائڻ ٿي آيو – ”بس فارس تباهه ٿيڻ تي
آهي.....!“
(8)
مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ هو هڪ ڪتاب پڙهڻ ويٺو. هڪ عشقيه
افسانو!محبت جو واهيات افسانو – چريائپ ۽ موت جو
اظهار. هو ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو. لکيل هو: ”گل ڏاڍا
سهڻا ٿيندا آهن. بلبل انهن کي پيار ڪري ٿي. باغ ۾
بهار جي موسم اچي ٿي ۽ باغ کي ڪنوار وانگر سينگاري
ٿي. خزان جا ظالم چنڊا پير انهن کي ختم ڪيو ڇڏين
ٿا. آه! زندگي محبت آهي ۽ محبت زندگي.......“ اهڙي
قسم جون ٻيون ڪيتريون واهيات ڳالهيون، هن انهيءَ
ڪتاب ۾ پڙهيون.
هي اديب ڪهڙو رستو اختيار ڪيو ويٺا آهن؟ ڇا هي اديب پنهنجي قوم
کي فنا ۽ برباد ڪرڻ گهُرن ٿا؟ هو پاڻ ئي ننڊ ۾
آهن، ته قوم کي ڪيئن سجاڳ ڪندا؟ هو انقلاب ڇو نه
ٿا آڻين؟ ليڪي جا پوڄاري.......... نانگ جي ڀڄي
وڃڻ کان پوءِ به پيا ليڪي کي لٺيون هڻن. هو پنهنجي
سوسائٽيءَ جون خرابيون ڇو نه ٿا ظاهر ڪن؟ پراڻي
طريقي جي پوڄا ڇو ٿا ڪن؟ زمانو اڳتي ترقي ڪندو وڃي
ٿو ۽ هو پٺتي پوندا وڃن ٿا. انقلاب..........
انقلاب.....! تون ڪٿي آهين؟ تنهنجون طاقتون ڪٿي
آهن؟ ڇا تون مردو آهين؟ امير غريبن جو رت چوسي
رهيا آهن، ۽ اڄوڪا شاعر انهن جي ساراه ۾ شعر چون
ٿا- بادشاهه ظلم ڪري رهيا آهن ۽ اديب انهن کي
رحمدل ۽ انصاف پسند سڏي رهيا آهن!“
هن ڪتاب پري ڦٽو ڪيو ۽ هوا خوريءَ لاءِ ٻاهر نڪتو. ٻاهر نڪتو مس
ته سندس ملاقات هڪ بزرگ شخص سان ٿي. بابڪ کيس سڄي
ڳالهه ٻڌائي. بزرگ چيو، ”دنيا جو دستور اهو ئي
آهي. مَدايون هميشه رهنديون آيون آهن. اسان سمجهون
ٿا ته اسان وارو زمانو ڏاڍو خراب آهي. پر اسان جا
وڏا چوندا هئا ته ادب سٺو به ٿيندو آهي ۽ خراب به.
اسان جون نظرون عوام جون خاميون جلد ڏسن ٿيون، پر
خوبيون نه. دنيا ۾ هر شيءِ مان انسان کي فائدو رسي
ٿو، پوءِ چاهي اها خراب شيءِ هجي. اوهان انهن
ماڻهن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هئي، جيڪي ڪجهه به نه
ڄاڻندا هئا. فقط ڊاڙون هڻي رهيا هئا. سياڻا ماڻهو
اُهي آهن، جيڪي پنهنجي زندگي پاڻ سنوارين ٿا.“
ائين چوندي اهو بزرگ بابڪ کي پير مغان وٽ وٺي آيو. انهيءَ جي
ڳالهين بابڪ جي دل تي گهرو اثر ڪيو. خيال ڪيائين
ته ”فارس ۾ نيڪيون به آهن ۽ برايون به. چڱا بزرگ
به رهن ٿا ۽ خراب ماڻهو به – هيءَ دنيا آهي ۽ اِهي
آهن دنيا جا رنگ. چڱايون مداين مان پيدا ٿين ٿيون.
پر چڱاين مان به ڪڏهين ڪڏهين مدايون نڪرن ٿيون.
دنيا ۾ چڱا مڙس گهٽ آهن ۽ خراب ماڻهو گهڻا خراب
ماڻهن جون مدايون، چڱن ماڻهن جي چڱاين کي لڪائي
ڪين سگهنديون .پر چڱن جون چڱايون، خراب ماڻهن جي
مداين کي ضرور لڪائي سگهنديون.“
(9)
بابڪ مقدس فرشتي ميڪائيل وٽ واپس ويو ۽ انهيءَ کي سربستي ڳالهه
ٻڌايائين. فرشتي چيو، ”تون ٿو چئين ته ’فارس ۾ ڪي
چڱا ماڻهو به آهن، دنيا فاني آهي، جيڪڏهين ساري
دنيا چڱي نه آهي ته ڇا ٿي پيو!‘ بابڪ! تون دل جو
بيجا نرم آهين. فارس جا رهاڪو ننڊ ۾ آهن. انهن کي
ضرور سزا ملڻ گهرجي. جنهن قوم جا ماڻهو انقلاب کان
ڊڄن ٿا- جنهن قوم جا ماڻهو پنهنجون برايون روڪي نه
ٿا سگهن. انهيءَملڪ کي ۽ انهي قوم کي تباهه ٿيڻ
گهرجي: دنيا انهن لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي پاڻ عزت
ڪن ٿا، ۽ جيڪي انصاف جي حمايت ۾ اڳتي وڌي ثابت ڪري
ڏيکارين ته هو دنيا ۾ رهڻ لائق آهن.....!“. |