سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :11

 گوورڌن محبوباڻي – اجمير

ڪهاڻي

 

(هڪ گجراتي گيت جي آڌار تي لکيل)

 

ڳوٺ جي الهندي ڇيڙي تي صرف اهو ئي هڪ کوهه هو. ڳو‎ٺ جون سندريون گهڻو ڪري ان کوهه تان پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. صبح يا شام جي وقت، جڏهن سورج پنهنجي لالي آڪاس جي نيلي اڱڻ  ۾ ڦهلائي ڇڏيندو هو، تڏهن کوهه جو ڀروارو وايو منڊل انهن ڇٻيلين جي ٽهڪن ۽ چوڙين جي مڌر جهنڪار سان گونججي اٿندو هو. انهن چنچل ڇورين جو روپ، رنگ، جوڀن ۽ لوڏ ڏسي، کوهه جي اندر ۾ عجيب هلچل مچي ويندي هئي. هن جي هرديي ۾ هڪ انوکي جذبات جون لهرون اٿنديون هيون. سوچيندو هو، ”ڇو مون سان ڪا ٻه اکر به ٻولي نه ٿي – الائي ڇو؟ سڀ پنهنجي مستيءَ ۾ محو آهن. پاڻ ۾ ئي مذاق ڪري، ٽهڪ ڏيئي هلي ٿيون وڃن!“ ويچاري جي دل جون تمنائون دل ۾ ئي رهجي وينديون هيون. هو البيليون ته موٽي وينديون هيون ۽ ويچارو کوهه لاچار دل جي امنگن کي دٻائي سانت ٿي ويندو هو.

اهو روزانو دستور هو. مگر هڪ ڏينهن ........... جڏهن رات – راڻيءَ جي پنهنجي ستارن لڳل ڪاري پوتي آسمان مٿان ڦهلائي ڇڏي هئي، جڏهن اوچن وڻن جي وٿين مان سوساٽ ڪري لنگهندڙ هوا ڪو مڌر ساز وڄائي رهي هئي، تڏهن اوچتو آواز آيو – ”ڇم........ ڇم........ ڇم.....“ ان اَويلي وڳڙي هيءُ آواز ڪهڙو؟ ڇا آڪاس مان ڪا اپڇرا هيٺ ڌرتيءَ تي اچي رهي هئي؟ شام جي سندر نظارن جي نشي ۾ اڌ ٻوٽيل اکيون کولي کوهه حيرت مان چوطرف نهاريو. وري آواز آيو..... ”ڇم........ ڇم........ ڇم.....“ ۽ وڻن جي اوٽ مان هڪ نوراني ناري چيلهه تي گهاگهر رکي، ڌيري ڌيري کوهه ڏيد وڌڻ لڳي. هيءَ ڪير هئي؟ مانگ ۾ سنڌور، مستڪ تي چمڪندڙ چندي، سرير تي ريشمي ڪپڙا، گلابي رئو، هٿن تي لال ميندي ۽ پيرن ۾ ڇم ڇم ڪندڙ مڌر ڇير .......... نوڙيءَ ۾ ٻڌل گهاگهر گرڻيءَ تان گسڪندي هيٺ پهتي. کوهه جي هر ديي ۾ هلچل پيدا ٿي. ۽آواز آيو، ”تون ڪير آهين سندري؟“

ان نوورنيءَ ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، صرف حيرت وچان هن چوطرف نهاريو. کوهه مـُرڪيو. مڌر آواز ۾ پڇيائين، ”سندري! تون شايد هن ڳوٺ ۾ نئين آئي آهين. اڳ ته مون ڪڏهين به توکي ڪو نه ڏٺو آهي.“

”جي! هن ڳوٺ ۾ آئي مون کي اڃا ٻه ڏينهن ٿيا آهن،“ سندريءَ ڪومل سُر سان چيو، ”تازو شادي ڪري ساهرن ۾ آئي آهيان.“

”اڃا ٻه ڏينهن ٿيا آهن تنهنجي شاديءَ کي؟ پوءِ نئين ڪنوار ٿي، تون پاڻ پاڻي ڀرڻ ڪيئن آئي آهين؟“

سندري شرمائجي ويئي. لڄ وچان سندس ڳلن تي هزارن گلابي گلن جي لالائي ڊوڙي آئي. چپ کي چڪ پائي آهستي چيائين، ”ڇا ڪريان؟ منهنجو پتي پوڙهو آهي. هن ۾ ايڏي طاقت ڪانهي، جو پاڻ پاڻي ڀري. گهر ۾ ٻيو ڪو ڪونهي، سواءِ اسان ٻن جي.“

”پوڙهو پتي؟ تنهنجي پوڙهي سان شادي! اهو ڪيئن؟“

سندريءَ جي اکين ۾ آنسو تري آيا. ڏکاري آواز ۾ چيائين، ”اسان جي سماج جا اهڙائي ڪرتوت آهن. چانديءَ جي چمڪي منهنجي پيءُ جي اکين تي انڌ جا کوپا چاڙهي ڇڏيا، ۽ هن پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي قربانيءَ جي ٻڪري سمجهي مـُٺ رپين ۾ نيلام ڪري ڇڏيو.“

”ڏاڍو ظالم آهي زمانو، نهايت برو آهي اڄوڪو سماج،“ کوهه سرد آهه ڀري چيو.

”پر تون هن اَويلي وڳڙي اڪيلي ڇو آئي آهين؟“

”ڏينهن جي وقت مان گهر کان ٻاهر ڪين نڪرندي آهيان،“ سندريءَ چيو.

”ائين ڇو؟“

”لڄ ايندي آهي مون کي – متان منهنجون جيڏيون سرتيون يا پاڙي واريون مون کي چيڙائين  ۽ تنگ ڪن!“

”ٺيڪ – تنهنجو نالو؟“

”چمپا............ ۽ تنهنجو؟“

”ماڻهو مون کي ”پنگهٽ“ جي نالي سان پڪاريندا آهن.“

ٿوريءَ دير لاءِ ٻئي خاموش رهيا. چمپا گهاگهر ڀري چيلهه تي رکي. پنگهٽ پيار مان پڇيو، ”وري ڪڏهن ايندينءَ؟“

”سڀاڻي هيڏيءَ مهل،“ چمپا وراڻيو - ۽ پوءِ هوءَ ڇم ڇم ڪندي کوهه جي نظرن کان غائب ٿي ويئي.

ٻئي ڏينهن ..........

پنگهٽ پڇيو، ”تون اداس ڇوآهين، چمپا؟“

”منهنجي قسمت ۾ ئي اداسي لکيل آهي! سورهن سالن جي جوان ڇوڪري ۽ ٻاهٺ سالن جو ٻڍو گهوٽ – ڪهڙو نه الٽو آهي دنيا جو دستور – انڌو آهي اسان جو سماج.“

”ڇو، تون شاديءَ مان خوش ڪين آهين؟ تنهنجو پَتي ته بيحد شاهوڪار آهي. ڏس! توکي سهڻا ڪپڙا ڏنا اٿس، دلڪش ڳهڻا ڏنا اٿس. زيور ته زالن لاءِ سڀڪجهه هوندا آهن.“

”تون به دنيا جي انسان جيان ڳهيلو آهين، پنگهٽ! عورت جي دل کي اڃا توسمجهيو ناهي. هر عورت هم عمر ساٿي چاهيندي آهي. ويچار ته ڪر، منهنجي زندگيءَ جي بهار اڃا هاڻي شروع ٿي آهي، مگر هن جي زندگيءَ جي خزان به ختم ٿي چڪي آهي. ڪٿي چمڪندڙ چنچل جواني ۽ ڪٿي گهنجيل پوڙهي پيشاني؟ ويران وارياسي زمين ۾ جڏهن ننڍڙي لهر ڇل ڇل ڪندي گهڙندي آهي، تڏهن ان ويرانيءَ کي سرسبز ڪرڻ بدران پاڻ سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي. سمجهين ٿو، پنگهٽ! منهنجا امنگ، منهنجا جذبا ۽ منهنجا ارمان ڦٽڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويا! دل جون تمنائون دل ۾ ئي ٻوساٽجي ويون!“

”منهنجو به اهڙو حال آهي، سکي!“ پنگهٽ چيو. ”مان به چاهيندو آهيان ته ڪا مڌر چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري مون سان ڳالهائي، ڪا پنهنجي دل جو حال مون سان اوري، پر ڪا به سندري مون ڏي ڌيان ئي ڪين ڏيندي آهي. هڪ تون آهين، جنهن منهنجي سالن کان سانڍيل نراش اڀلاشا کي آشا جي جهلڪ ڏيکاري آهي. مون سان سنٻنڌ رکندينءَ، چمپا؟“

”ڇو ڪين؟ مگر سنسار وانگر تون به سوار ٿي نه ثابت ٿين!“

”مان ۽ سوارٿي؟ اڙي واه! جيون جو اپڪار ڪرڻ جنم کان وٺي منهنجو فرض رهيو آهي: مان سنسار کي اهو امرت ڏيندو رهيو آهيان، جنهن بنا شايد ڪو جِي نه سگهي.“

”پڪو سنٻنڌ رکندين مون سان؟ ٻڌو اٿئي ته دوست اهو، جو مصيبت ۾ ڪم اچي. مشڪل ۾ ئي مترن جي سچائيءَ جي پريکشا ٿيندي آهي، پنگهٽ!“

”تون ڪو ويچار نه ڪر. ضرورت پيئي ته مان تو لاءِ سڀ ڪجهه ڪندس.“

”ٺيڪ. مان روز رات جو تو وٽ اينديس. ساري رات توسان مٺڙيون ڳالهيون ڪنديس. هن پوڙهي لاءِ مون کي نفرت آهي، سخت نفرت.“

ان کان پوءِ جڏهن روز رات جو چمپا جو پوڙهو پتي، آفيم جي ذري کائي سويل ئي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندو هو، تڏهن چمپا چيلهه تي گهاگهر رکي، ايندي هئي پنگهٽ وٽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٻنهي جي پريت جو پيچ ويو پڪو ٿيندو.

هڪ رات چمپا پاڻي ڀري، سويل ئي موٽڻ لڳي. پنگهٽ ذرا حيرت مان پڇيو، ”هيءُ ڇا سکي: سويل ئي ڇو ٿي وڃين؟ ڇو، اڄ ڳالهيون نه ڪندينءَ؟“

”طبيعت ٺيڪ ناهي هُن جي،“ چمپا البت اداس نوع ۾ وراڻيو، ”ڪالهه کان دم جو دورو تيز ٿي پيو اٿس.“

پنگهٽ ڪڇيو ڪين. چمپا تڪڙي تڪڙي هلي ويئي.

........... ۽ ان کان پوءِ برابر ڪيترا ڏينهن هوءَ پنگهٽ وٽ ڪين آئي. ويچارو پنگهٽ! رات ٿيندي هئي ته ڳوٺ کان ايندڙ سڙڪ تي اکيون وڇائي وهندو هو ۽ چمپا جي اوسيڙي ۾ ساري رات جاڳندي گذاريندو هو، مگر هوءَ ڪين ايندي هئي. هن سوچيو ”شايد چمپا هلي ويئي، اصل لاءِ........“

ليڪن هڪ آڌيءَ رات جو، جيئن هن ڇرڪ ڀري اکيون کوليون، تئن هن چمپا کي سامهون زمين تي ويٺل ڏٺو – ڇڙيل وار، سفيد ميري ساڙهي ۽ چوڙيون غائب. هوءَ گوڏن ۾ منهن وجهي سڏڪا ڀري رهي هئي. حيرانيءَ مان پنگهٽ پڇيو، ”روئين ڇو ٿي، چمپا؟“

”مان وڌوا ٿي ويس – منهنجو پتي گذاري ويو.“

”ڇا چيئه؟ گذاري ويو! ڪڏهن؟“

”اڄ صبح جو......... هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو؟“

”ڇو؟“

”مان بيواهه ٿي چڪي آهيان – هاءِ مون ڇا ڏٺو، ڇا ماڻيو هن دنيا ۾؟ ڏس پنگهٽ اڃا ته منهنجي پيرن تان پوري ميندي به ڪين لٿي آهي – ڪهڙو منهن کڻي وهنديس سماج جي وچ ۾!“

”ڇو، ڇو – سماج توکي ڇا ڪندو؟“

”ڇا ڪندو؟ مان سماج جي نظرن ۾ ڪِري پيس، پنگهٽ!“

”عورتون مون کي نڀاڳي سمجهي، مون کان پاسو ڪنديون، ۽ ڪامي ڪـُتا پهرين منهنجي مذاق اڏائيندا ۽ پوءِ پنهنجي ناپاڪ خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر طرح جون شيطاني ڪارروايون ڪري، مون کي ستائيندا. مان ڇا ڪريان؟ منهنجو ته ڪو ئي آڌار ئي نه رهيو!“

”چري آهين، چمپا! موٽي وڃ مائٽن ڏي.“

”مائٽن جي گهر جا دروازا به مون لاءِ بند ٿي چڪا آهن، پنگهٽ! وڌوا ڌيءَ کي پيءُ به گهر ۾ اجهي ڏيڻ کان ڪيٻائيندو آهي. چو طرف راهون بند آهن. مان بيوس آهيان، پنگهٽ!“

”اوه، ڏاڍا برا آهن سماج جا قانون.“

”ليڪن منهنجو قصور ڪهڙو؟ مون لاءِ ته شادي بربادي ثابت ٿي. هاڻي منهنجي هيءَ سندرتا، منهنجي هيءَ جواني يا ته رڙندي رئندي لوساٽجي ويندي، يا هـَوسي ڪتن جو شڪار ٿيندي.“

”پوءِ ڇا ٿي ڪرڻ چاهين؟“

”آئي آهيان تو وٽ – تون ئي منهنجو ساٿي آهين.“

”مان؟........ مان توکي ڪهڙي مدد ڏيئي سگهندس؟“

”شرڻ ڏي مون کي پنهنجيءَ گود ۾.........“

”ڇا تون خودڪشي ڪندينءَ؟“ کوهه ڇرڪ ڀري پڇيو، ”نه نه مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس: آپ گهات مها پاپ آهي!“

”منهنجي لاءِ ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو پڃ ڪونهي. پنگهٽ! سماج جون حيواني لتون مون کي لتاڙڻ لاءِ تيار آهن – سماج جا ٺيڪيدار، بگهڙ بڻجي منهنجي هر انگ کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ پنهنجون لال لال اکيون ڦاڙي مون ڏي تڪي رهيا آهن – مون کي بچاءِ انهن ظالمن جي چنبن مان!“

”مان توکي اجهو ته ڏيان، چمپا،“ پنگهٽ چيو، ”پر خبر اٿيئي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ دنيا مون کان منهن موڙي ڇڏيندي: مان ويران ٿي ويندس، برباد ٿي ويندس.“

”مگر تو ته انجام ڏنو هو، پنگهٽ! مشڪل ۾ منهنجي مدد ڪرڻ جو.“

”پر مان لاچار آهيان. ذرا ويچار ته ڪر، مان توکي شرڻ ڪئن ڏيان. توکي منهنجي آغوش ۾ پيل ڏسي ماڻهو هميشه لاءِ مون کان منهن ڦيري ڇڏيندا. منهنجو امرت جهڙو پاڻي تنهنجي مرده جسم سان ملي زهر بڻجي پوندو، ۽ پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو هن طرف کان لنگهندا به ڪين: سندريون ڀلجي به هن طرف ڪين اينديون. ڌيري ڌيري منهنجو جسم سُڪي ٺوٺ ٿي ويندو، ۽ پوءِ منهنجي ويران جسم ۾ چٻرا اچي پنهنجا ڏيرا ٺاهيندا. نه نه مان توکي اجهو ڏيئي ڪين سگهندس!“

”بس! ڊڄي وئين ايتري ۾؟ وڏو پرمار ٿي ٿي سمجهيئه پاڻ کي، سوار ٿي ڪٿي جو! اڳ ته وڏيون ٻٽاڪون ٿي هنيئي پنهنجي سچائي جون، ۽ هينئر............ پر تنهنجو ڪهڙو ڏوهه! مان بيواهه جو آهيان: بيواهه کان هرڪو ٿو ڇرڪي. خبر ناهي مون کي ڪهڙو داغ لڳل آهي....... مون سوچيو هو ته هن خود غرض دنيا کان منهن موڙي، مان هميشه لاءِ پاڻ کي توسان ملائي ڇڏينديس؛ پر تون به ٻين جيان رس لوڀي نڪتين! جڏهن ساريون راتيون تنهنجي بغل ۾ ويهي تو سان ڳالهيون ڪندي هيس، تڏهن تون ڪهڙا نه وعدا ڪندو هئين؛ مگر هينئر جڏهن دائما وصل لاءِ تو وٽ آئي آهيان، تڏهين ائين ٿو ڳالهائين، گويا مون سان تنهنجو ڪو واسطو ئي ڪين هو! سوچيو هوم ”جڏهن سماج مون کي ڏهاڳ جو ڏنڀ ڏنو آهي، تڏهن تون مون کي سهاڳڻ بڻائي، هميشه لاءِ پنهنجي سيني ۾ سمائي ڇڏيندين“: پر تون به اول درجي جو مڪار ۽ ڪپتي ثابت ٿئين!“ چمپا اٿي کڙي ٿي.

کوهه جو جگر ڪنبي اٿيو – هن جي اندر ۾ هڪ عجيب هلچل شروع ٿي ويئي. ڏڪندڙ لهجي ۾ هن چيو، ”ترس، چمپا!“

”ڇا لاءِ؟“

”مون کي ويچار ڪرڻ ڏي.“

”ويچار؟ هاڻي؟ پهرين، جڏهن پريت ٿي رکيئي تڏهن ڇو نه ٿي ويچار ڪيئي؟ پر مان ته وڃان ٿي. وري موٽي تو وٽ ڪا نه اينديس – ها! پر هڪ ڳالهه ياد رکج: جڏهين ڳوٺ جي ماڻهن واتان منهنجي بيهودي پچار ٻڌين، تڏهن مون کي ڏوهه نه ڏج، پنگهٽ! چڱو آخرين الوداع..........“

پنگهٽ جي دل تي چوٽ لڳي. هن رڙ ڪئي، ”چمپا! موٽي آءُ!“

”موٽي اچان؟ ڇو؟“

”اچ اچ! مان توکي پاڻ سان ملائڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن سماج توکان منهن موڙيو آهي، تڏهن مان توکان منهن ڪيئن موڙيندس. خوب ڄاڻٻان ٿو ته توکي اجهي ڏيڻ کان پوءِ تنهنجو ۽ منهنجو موت لازمي آهي، پر ڀلائي ڪندي مرڻ به ته امرتا جو درجو پائڻ آهي. اچ! منهنجي آغوش ۾ اچ!“

خوشيءَ وچان چمپا جون اکيون چمڪي اٿيون. هن ڊوڙ پاتي - ۽ پوءِ پنگهٽ جي پاڻيءَ ۾ ڌڪاءُ ٿيو..........

��


 

تنوير عباسي

”لوئي“

 

مون هن کي سڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو، واقعي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سالن کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.

مون کي اعتبار ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو -  جنهن جو منهن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو هو، جنهن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا ۽ جنهن جي نراڙ تي هڪڙي چڳ سدائين لهرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين بش شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.

مان ۽رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، ته هي نوٽبڪ تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظر ايندو هو ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، ته اسين ٻئي گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين، ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ ته انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي پوري قيمت ملي وئي هجي.

سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهين نتيجو نڪتو ته ظاهر هو ته هو ناپاس ئي ٿيو.

ان کانپوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو. ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مون کي خبر پيئي ته هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو. ان ڏوهه ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري هو مون کي نظر نه آيو، ۽ مون به ڪراچي ڇڏي، حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.

اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانهه پيڻ جي خيال کان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪونه، پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته هو ساڳيو رفيق آهي. اسڪيچن ۽ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن جو منهن ڀريل هوندو هو، ۽مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو.

مان هن کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو ته هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي – انهيءَ ئي فن جي شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا – بيڪار پيو ٿو وقت وڃائي- ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏئي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر تي اٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.

انهيءَ کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري، ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻهن ۾ پنهنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو، ”هاڻي ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي، مون پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون- ”سکر براج“، ”لئنسڊائون پل“، ”سنڌي نينگرين جو کوه تي جهرمٽ“، ”سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان“، ”ڪوٽڙي براج جي ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا“- انهن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاهه جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. ”نوري“، ”سسئي“ ۽ ”مارئي“ اهي سڀ هن چٽيون. انهن ۾ مون کي ”مارئيءَ“ جي تصوير ڏاڍي وڻي- هن ۾  ڏيکاريو ويو هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي. هن جا وار پريشان آهن، ۽ سندس سادا ۽ ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن ۽ هوءَ انهن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

”هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟“ مون هروڀرو کانئس پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ ڊوڙي وئي. ”ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي. اهڙن تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي فلم ائڪٽريسن جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن“ ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي، ۽ چيائين ”ڀاءُ! اسان جو عوام بکيو آهي. هن کي جنس جي بک، روح جي بک..... اهي. هن جو به ته ڏوهه نه آهي. هن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي بک مارڻي آهي ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن. پيٽ جا بکيا. گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي. آرٽسٽ عوام جي بک مٽائن ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي........“

ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو.......... ۽ سندس خط مون ڏي ايندا رهيا. ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان، ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان، پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ به بند ڪري ڇڏيائين. سندس خطن ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جوذڪر هوندو هو.

هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اچڻ متعلق لکيو هو.

جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو، تنهن ڏينهن مان اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ الٽر گاڏا ڳولڻ شروع ڪيا. خلاف توقع هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.

مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا، ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو هڪ اوچي سوٽ ۾ ملبوس هو.

هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس ڪوليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو. گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ”تنهنجي حالت هاڻي سڌري وئي آهي- شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي.......!“

”ها...........!“ هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو ته مون پاڻ دنيا جي ”جذبات“ جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو ساهه ڀري، ان تي حسرت واري نظر وڌائين، ۽ پوءِ وڌائي مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.

مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي........ اها ساڳي ”مارئيءَ“ جي تصوير هئي اهاساڳي، جيڪا هن اڳئين سال مون کي ڏيکاري هئي. فرق فقط اهو هو ته هن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي. ۽ آهن جي ”لوئي“ لهي وئي هئي........!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com