سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :23

پروفيسر واءِ. ايس. طاهر علي

ابو العلاءِ المـَعري

 

ابو العَلا احمد بن عبدالله الـمَعريءَ جو جنم 972ع ۾ معره جي ننڍي شهر ۾ ٿيو، جو حلب (شام) جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. سندس خاندان ڪيترا قاضي ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن جون لياقتون احترام جي لائق هيون؛ پر ابو العلاءِ لياقت ۽ قابليت ۾ سڀ کان گوءِ کڻي ويو، ۽ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس والد، سندس چاچي ۽ سندس سوٽ- انهن مان ڪنهن به بيت الله جو حج ادا ڪو نه ڪيو. هيءَ حقيقت خاص طرح ذهن نشين ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته معريءَ جي راءِ موجب رسم ۽ تقليد کي مذهبي عقيدن ٺاهڻ ۾ وڏو دخل آهي.

معري اڃا چئن سالن جو مس ٿيو هو ته مٿس پهرين ۽ وڏي ۾ وڏي مصيبت نازل ٿي _ يعني ماتا جي بيماريءَ ڪري اکين جو نور، پهرين ٿورو، پوءِ آخرڪار سڄو هليو ويس. جڏهين چوڏهن ورهين جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي. ان بعد، علم حاصل ڪرڻ جي ارادي سان، هن پنهنجو گهر ڇڏيو ۽ شام جي مشهرو شهرن جهڙوڪ حلب، انطاڪيه وغيره جا سفر اختيار ڪيا، ۽ اتي جي نامور عالمن جي سبقن مان فيض حاصل ڪيو، ڏسو سندس حافظي جو ڪمال، جو اتي جي ڪتبخانن ۾ جيڪي به قلمي ڪتاب هئا، تن کي برزبان ياد ڪري ورتائين! پنهنجن خطن ۽ پنهنجن تصنيفن ۾ ٻين مصنفن ۽ عالمن جا بيشمار قول ۽ عبارتون حوالي طور آنديون اٿس. عجب آهي ته هڪ نابين ايتريون عبارتون ڪيئن ياد ڪيون! 993ع ۾ تعليم ختم ڪري، پنهنجي وطن ڏي واپس ٿيو. شايد پهريائين ارادو هوس ته مدحي قصيدا چئي، پئسو ڪمايان- پر جيڪڏهن انهيءَ طرف ڪشش ٿي به اٿس، ته به جلد اهو خيال لاهي ڇڏيائين، ڇو ته مدحي قصيدن چوڻ جو پيشو هڪ شريف ۽ باضمير انسان جي شان وٽان نه هو. پنهنجي شعر جي پهرئين ديوان جي ديباچي ۾ چوي ٿو ته ”مدحي قصيدن چوڻ مان منهنجو غرض پئسو ڪمائڻ ڪو نه هو. مطلب هو م ته طبع آزمائي ڪريان ۽ انهيءَ فن ۾ مهارت حاصل ڪريان.“

993ع کان 1008ع تائين واري زماني ۾ معريءَ جو گذران ماهوار ٽيهن دينارن جي هڪ پينشن تي هو. نابين هئڻ ڪري نوڪر کي به مجبوراً انهيءَ پينشن ۾ ڀائيوار ڪرڻو پيس. شايد پڙهائڻ مان به ڪجهه نه ڪجهه ملندو هجيس. هن عرصي ۾ سندس مشهوري شهر جون حدون اورانگهي ٻاهر پکڙڻ لڳي، ۽ سندس خيال ۽ امنگ بغداد ڏي پرواز ڪرڻ لڳا_ ڇو ته بغداد ان وقت بهترين ۽ اعليٰ دماغن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. چنانچه 1008ع ۾ فرات ندي جهاڳي، بغداد پهتو. دلي خواهش هيس ته بغداد کي مستقل قيام بنايان ۽ اتي پنهنجا پير کوڙيان. بغداد ۾ جيتوڻيڪ بعضي وقتن تي سندس هلڪائي پئي ٿي، پر عالمن ۽ اڪابرن طرفان جا آجيان مليس ۽ جا خاطري پئي ٿيس، سا انهن وقتي هلڪاين جي ڪافي تلافي ڪندي آئي. اتي سندس روزگار جو بندوبست به خاطر خواه هو، پر انهيءَ هوندي به هن ستت محسوس ڪيو ته ”بغداد ۾ مستقبل ڪو روشن ڪو نه ٿيندم“. آخر، 18 مهينا بغداد ۾ رهڻ بعد هن کي پنهنجي وطن ڏي واپس ورڻو پيو. هن موٽ جو فوري سبب يا ته سندس والده جي بيماري هئي، ۽ يا ته شريف الرضيءَ جي ڀاءُ طرفان ٿيل سندس پنهنجي بيعزتي! حقيقت ڇا به هجي، پر بغداد ڇڏڻ ۾ راضي اصل ڪين هو. گهڻيءَ ردبدل بعد اهو قدم کنيائين ۽ هميشه انهيءَ تي افسوس ڪندو رهيو. معره پهچڻ کان ٿورو اڳ، معره وارن ڏي هڪ خط لکيو اٿس، جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪيڏيءَ نه ناڪاميءَ ۽ مايوسيءَ جي جذبن سان هن بغداد کي الوداع چيو هو. لکي ٿو ته ”منهنجي جوانيءَ جو خاتمو اچي ويو آهي. موسم بهار کان موڪلائي رهيو آهيان. هاڻي اڪيلائي اختيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه رهيو اٿم. دل نه ٿي گهريو ته بغداد مان موٽان، پر ٽي وچن ڪري، دل کي مس مس موٽڻ تي راضي ڪيم: هڪ ته اڪيلو گذاريندس؛ ٻيو ته دنيا کان ائين پري رهندس جيئن پکي هڪ دفعي آني مان ڦٽڻ بعد، آني جي کل کان پري رهندو آهي؛ ۽ ٽيون ته هر حالت ۾ معره ۾ رهندس _ جيتوڻيڪ معره جا ٻيا سڀ شهر واسي يونان وارن جي ڊپ کان ڪڏهن شهر خالي به ڪري وڃن!“ هنن لفظن مان اسان کي ابوالعلاءِ جي مايوس خياليءَ (جنهن کي اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ ”قنوطيت“ سڏجي ٿو)، ۽ سندس ”رهبانيت“ ۽ سندس ”جبريت“ (يعني هر شيءِ تقدير کان سمجهڻ) جو اهو مواد ملي ٿو، جنهن سان ابوالعلاءِ جو پويون شعر ڀرپور آهي. ”معقوليت“ به سندس شعر ۾ ڪافي انداز ۾ آهي؛ اها به بغداد جو تحفو آهي.

معريءَ جي شاعرانه مَلڪي جي نشونما جي نقطي نگاهه کان، بغداد ۾ قيام وارو عرصو وڏي اهميت رکي ٿو. مڪان ۽ ماحول جي تبديل، علمي بحث مباحثا، مختلف قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن سان تبادله خيالات، پراڻن متن ۽ نون خيالن جي وچ ۾ ڪشمڪش جا نظارا، هڪ وڏي ۽ شاندار شهر جي سوسائٽيءَ سان اوچتو ميلاپ، ۽ ان سان گڏ سندس سڌن ۽ امنگن جي خاموشي ۽ اڪيلائيءَ ۾ پائمالي ۽ بربادي – هي سڀ اهڙيون حقيقتون هيون، جن سندس طبع تي گهرو اثر ڪيو ۽ ان کي خاص رخ وٺايو ۽ سندس تخيل کي جاڳائي جنبش ۾ آندو. هن لحاظ کان سندس بغداد وڃڻ ۽ اتان مايوسيءَ ۾ موٽڻ هڪ مبارڪ واقعو هو. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها، ته ادبي دنيا سندس بينظير ديوان ”لزوميات“ کان محروم رهي ها، ۽ معريءَ کي ايڏي شهرت نصيب نه ٿئي ها. بغداد مان واپسيءَ بعد، معري 50 سال زنده رهيو ۽ 1058ع ۾ وفات ڪيائين. اهو سمورو عرصو هن گوشي نشينيءَ ۾ گذاريو. مغرور، حساس، شڪي، انسانن کان متنفر ۽ دنيا کان بيزار – هيءَ آهي سندس تصوير، جا سندس شعر مان ملي رهي آهي. هڪ نابين ۽ ٻيو گوشه نشين – گويا هڪ ئي وقت ٻن بنديخانن ۾ بند هو! پر تصوير جو ٻيو پهلو به ڏسو: پروفيسر مارگوليٿ چوي ٿو ته ”جڏهين معري بغداد ۾ هو، ته اتي جا وڏا عالم کيس پاڻ جهڙو ڪري سمجهندا هئا. بغداد جو اثر اتان موٽڻ بعد فوراً ظاهر ٿيڻ لڳو. گرامر، شعر ۽ عربن جي قديم علمن تي سندس تقريرون ٻڌڻ لاءِ شاگرد هر طرف کان وڏي تعداد ۾ اچڻ لڳا. معريءَ جو ننڍو گهر هڪ چـُر وانگي هو. سو معره جو اهم ترين مڪان بڻجي پيو. ۽ معري پاڻ شهر جو اول نمبر شهري ٿي پيو. سندس خطن مان معلوم ٿيندو ته هو راهب يا تارڪ دنيا اصل ڪين هو. ڏسڻ ۾ پيو اچي ته ڪيترن سان دوستيءَ جا ناتا هئس ۽ دنيوي معاملن سان گهري دلچسپي هيس.“

معره ۾ تعليم جي مشغلي کانسواءِ هو پنهنجو وقت ”لزوميات“ نظم ڪرڻ ۽ ٻين تصنيفن لکائڻ ۾ صرف ڪندو هو. انهن تصنفين مان گهڻيون ضايع ٿي ويون آهن، ۽ هاڻي فقط نالا وڃي باقي رهيا آهن.

 

معري ۽ سندس خيال

جيتوڻيڪ معريءَ جي خلوت نشيني ۽ رهبانيت سان دل هئي، پر تنهن هوندي به زماني جي واقعن جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪندو هو، ۽ ان زماني ۾ ماڻهن جو چڱيءَ طرح واقف هو.انهيءَ ڪري سندس شعر ۽ سندس تصنيفون انهيءَ وقت جي سياسي ۽ معاشرتي نظام جو آئينو آهن. معري پڪي نيت ڪئي هئي ته سچ ۽ حقيقت چوندس- ۽ سچ ۽ حقيقت جو اظهار به هڪ خاص انداز سان ڪيو اٿس. سندس خيال هو ته سچ هڪ اسرار آهي، جو پردن ۾ لڪل آهي. تڪليفن جي حياتي گذارڻ ۽ دماغ سوزي ڪرڻ سان معريءَ ڪوشش ڪئي ته اهي پردا هٽائي. سندس گفتا، جي سوز سان ڀريل آهن؛ ۽ اشارا ۽ استعارا، جي دردن ۽ دکن جو هڪ ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيا آهن-  سي انهن جسماني ۽ ذهين تڪليفن جي عين مطابق آهن، جي معريءَ کي برداشت ڪرڻيون پيون. پنهنجن خيالن کي رومال ۾ ويڙهي ظاهر ڪيو اٿس، ۽ ڏاهپ ۽ سياڻپ سان گرفت کان پاڻ بچائي ويو آهي- جيتوڻيڪ جن جاين تي وڏو ڪفر چيل آهي، سي گهڻو مبهم ڪين آهن. سندس طرز بيان يا ڍنگ مان سندس شخصيت پئي ظاهر ٿئي، ۽ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته هو هڪ وڏو عالم هو. گرامر، علم عروض ۽ علم البديع سان جيڪو عشق اٿس، سو به هر هنڌ ظاهر آهي.

معريءَ جا نظريا ۽ سندس عملي حياتي ۽ سندس تجربا سندس تصنيفن مان معلوم ڪري سگهجن ٿا. مجاز گهڻو استعمال ڪيو اٿس ۽ ڪن جاين تي تشريح جي ضرورت پوي ٿي. خدا ۽ تقدير، وقت ۽ مڪان، روح ۽ مادي بابت سندس نظريا چٽا ڪين آهين. انهيءَ هوندي به سندس تصنيفون لطف سان ڀريل آهن. ستارن جي اثر جي مسئلي تي ۽ روح جي لافاني هجڻ تي روشني وڌي اٿس. هنن سڀني مسئلن تي جو ڪجهه چيو اٿس، سو معلوم ڪرڻ سان اسان ۾ شوق پيدا ٿيندو ته وڌيڪ کوجنا ڪري، هنن مسئلن متعلق وڌيڪ معلومات حاصل ڪجي.

انساني سوسائٽيءَ بابت ڏسو ته ڇا ٿو چوي: ”ممڪن آهي ته هن حياتيءَ ختم ٿيڻ بعد، تون هميشه لاءِ وڃي بهشت ۾ رهين؛ پر يقين سمجهه ته هن دنيا کي ڇڏيئي ته ڄڻ ته دوزخ مان آزاد ٿئين!“ جيڪڏهن معري نابين ۽ مفلس نه هجيا ها، ته به شايد انساني زندگيءَ کي هن طرح سورن ڀريل سمجهي ها- ڇو ته مايوس خيالي يا قنوطيت انساني طبع جو جز آهي ۽ ٻاهرين حالتن تي ايترو مدار ڪا نه ٿي رکي – پر ساڳئي وقت شايد ائين نه به ٿئي ها: ڇاڪاڻ ته معريءَ جو زندگيءَ بابت جو فلسفو آهي، تنهن ۾ ٻن شين جو وڏو هٿ آهي: هڪ اهي مصيبتون جي معريءَ تي نازل ٿيون، ۽ ٻيو اهي خرابيون، بدڪاريون ۽ ظلم، جي ان وقت ملڪ ۾ ٿي رهيا هئا ۽ جن جي کيس خوب خبر هئي. هنن ٻنهي سببن ڪري معري هن نتيجي تي پهتو ته جيڪڏهن ”وجود“ جي زحمت کان بچي نه ٿو سگهجي ته گوشه نشيني اختيار ڪجي. خرابيون ۽ ظلم ڏسي، کيس يقين ٿيو ته انسان سڀ ذليل،شرارتي، ڪوڙا ۽ منافق آهن. حقيقت ۾ ان وقت جا سڀ ماڻهو اهڙا ڪين ها، جهڙا سندس تحرير ۾ ڏيکاريل آهن. پر معريءَ جي نطقه نگاهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان وقت جي سياسي حالت جو جائزو وٺجي. اچو ته ڏسون ته ڏهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ يارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ اسلامي حڪومت جي عام طرح، ۽ شام جي خاص طرح ڪهڙي حالت هئي.

عباسين جي حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ ختم ٿي چڪي هئي، ۽ سندن حيثيت فقط روحاني پيشوائن جي وڃي رهي هئي.بغداد ۾ بيومي نالي هڪ ايراني خاندان مختارڪل بنيو، ۽ خراسان ۽ ماوراءِ النهر وارن علائقن تي ساماني خاندان وارن قبضو ڪيو. 1055ع ۾ يعني معريءَ جي وفات کان ٽي سال اڳ سلجوقين بغداد هٿ ڪيو، ۽ ان کان پنجاهه سال پوءِ دمشق ۽ حلب سندن قبضي ۾ آيا. معريءَ، سلجوقين جو اهو دور ڪو نه ڏٺو. جنهن شيءِ سان معريءَ جو واسطو هو، سا هئي قاهره جي سياست ۽ ان جون طوفاني لهريون ۽ لاها چاڙها. 969ع ۾ قاهره جو بنياد پيو ۽ ان ئي ڏينهن کان قاهره فاطمي خليفن جو آئيندي لاءِ پايه تخت بنيو.

معريءَ جي ولادت وقت شام جو شمالي حصو – حلب ۽ معره سميت- سيف الدوله حمدانيءَ جي هٿ هيٺ هو؛ پر سدائين اهو خطرو رهندو هو ته ڏکڻ طرفان فاطمي خليفا حملو ڪري ملڪ تي قبضو نه ڪن. سيف الدوله ۽ فاطمين جي ڪشمڪش ويهه سال هلي. سوڀ ڪڏهين ڪنهن جي، ته ڪڏهين ڪنهن جي. حلب تي ته سخت خوني لڙايون لڳيون. واري واري سان ان تي حمداني ۽ فاطمي ۽ بنو مرداس وارن جو قبضو پئي ٿيو.

هن مان ڏسڻ ۾  ايندو ته معري سڄي حياتي جنگ جي پاڇي ۾ گذاري ۽ جنگ جي تباهه ڪاريءَ کان خوب واقف هو. 1007ع ۾ معره تي گهيرو ٿيو، ۽ معريءَ پنهنجي سر صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سياسي انڌ ڌنڌ ڪري، ڪيتريون خرابيون پيدا ٿيون، ۽ وقت بوقت بي قانونيءَ جا طوفان کڙا ٿيندا رهيا: بدامنيءَ جي حالت ته هن حد تي پهتل هئي، جو 982ع کان 990ع تائين، ۽ 1002ع ۽ 1008ع ۽ 1010ع، ۽ 1017ع کان 1021ع تائين وارن سمورن سالن ۾ ڪو به حج ادا ڪري نه سگهيو – ڇو ته قرمطي ۽ بدوي، ٽوليون ڪري قافلن جون واٽون وٺيو ويٺا هوندا هئا، ۽ مسافرن کي ڦريندا هئا. سنه 84- 983ع ۾ عراق ۾ ڪڻڪ جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، ۽ ڪيترا بک وگهي موت جو شڪار بنيا. 992ع ۾ بغداد ۾ مانيءَ جو اڌ سير چاليهن درهمن کي وڃي لڳو. اهڙيءَ طرح 1007ع ۾ موصل ۽ عراق ۽ بغداد ۾ هولناڪ قحط نازل ٿيا. 3-1002ع ۾ عواصم ضلعي ۾ - جنهن ۾ معره جو شهر هو ۽  شام جي سرحدي علائقن ۾ هڪ زلزلو آيو، جنهن هزارين جانيون ورتيون. 34-1033ع ۾ هڪ زبردست زلزلو آيو، جنهن رمله جو ٽيون حصو ڊاهي ڇڏيو. سمنڊ جو پاڻي ٽي فرسخ مٿي چڙهي آيو؛ ايتري قدر جو ڪيترا ماڻهو مڇي مارڻ لاءِ جڏهين سمنڊ ۾ هيٺ لٿا، تڏهين اوچتو پاڻي مٿي چڙهيو، ۽ جيڪي ويچارا ترڻ ڪين ڄاڻندا هئا، سي سڀ ٻڏي مئا- ديناور، تبريز، تدمر ۽ بعلبڪ ۾ پڻ ساڳئي قسم جا واقعا ٿيا.

بغداد ۽ عراق جي ٻين شهرن ۾ جيڪي خونريز مذهبي فساد ٿيا، تن جو تفصيل ڏبو ته هڪ پٽاڙي داستان ٺهي پوندو. اهڙا واقعا رعيت ۽ ملڪ کي تباهه ڪندا رهيا. معريءَ جي نقطي نگاهه کان هنن سمورن مرضن جا اصلي ۽ صحيح ڪارڻ هئا: هڪ ته غلاميءَ جو رواج، ٻيو گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج، ۽ ٽيون مذهب مان صحيح ۽ اصلي روح جو گم ٿيڻ ۽ چوٿون دولت جي غير مساوي تقسيم. مسلمان مورخن کان وڌيڪ معريءَ جي تصنيفن مان اسان کي هنن خرابين بابت معلومات ملي ٿي. اهي ئي خرابيون هيون، جن معريءَ کي انسانن کان بدنظن بڻايو ۽ مٿي ڄاڻايل خيال سندس دل ۾ وڌا.

حڪمران طبقي مان ڪو به سندس مذمت کان ڪو نه بچيو آهي، ۽ کين خوب سٽيو اٿس. عجب آهي ته هن قسم جي کلئي کلائي ۽ نفرت خيز طعنه زن هوندي به، هو ڪيئن گرفت کان بچي ويو. عالمن سان به چڱي جٺ ڪئي اٿس. چوي ٿو ته: ”مذاهب جعلوهامن معاشهم، من يعمل الفکرفيه تعطيه الارقا“ يعني ته ”مذهب کي معاش جو ذريعو بنايو اٿن. هن باري ۾ وڌيڪ غور ڪبو ته افسوس ۽ بي آرامي ٿيندي!“ علم نجوم وارن تي به خوب ڇوهه ڇنڊيا اٿس- ڇو ته اهي انسانن جي بيوقوفي ۽ وهم پرستيءَ جي هٿيارن سان انسانن جو شڪار ڪندا آهن. شاعرن کان پاڻ کي الڳ شمار ڪندي چوي ٿو ته ”شاعر خسيس ۽ بدڪار آهن.“ الغرض ته ان وقت جي سوسائٽي ۽مختلف پيشي وارن جي روش تي خاصي روشني وڌي اٿس. جن خرابين جو ذڪر ڪيو اٿس، سي واقعي موجود هيون ۽ انهن جون پاڙيون گهريون ۽ مضبوط هيون. شراب خوري ۽ شهوت پرستيءَ جو ذڪر هر هر آيل آهي. ڪثرت ازدواج کي زالن سان بي انصافي ڏيکاري، ان کي خوب ننديو اٿس. حرمون ڌارين قومن جي غلام عورتن سان ڀريون پيون هيون، ۽ انهيءَ ڪري هڪ گاڏڙ نسل پيدا ٿي رهيو هو. عربن جو اقتدار ختم ٿي چڪو هو. عربي زبان چٽ ٿي وئي هئي. يهودين ۽ عيسائين جو رسوخ ايترو ته وڌي ويو هو، جو ڪيترن وقتن تي هڪ مسلمان کي انهن غير مسلمن جي حفاظت جو محتاج ٿيڻو پوندو هو. مذهب جي ته نالي کان به نفرت ٿيڻ لڳي هئي. هي آهي معريءَ جي همعصر سماج جي حالت جو صحيح نقشو، جنهن جي مدنظر معري انسانن ۽ انساني زندگيءَ بابت پنهنجي راءِ قائم ڪئي.

 

معري ۽ سندس رهبانيت

معريءَ پاڻ کي گهر جي چوديواريءَ ۾ بند ڪيو، ۽ ائين ڪرڻ سان گويا هو انهيءَ دنيا کان وير وٺي رهيو هو، جنهن کيس تڙي ڇڏيو هو. ظاهر آهي ته اها نويڪلائي ۽ گوشي نشينيءَ ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ اختيار نه ڪئي هئائين. صحيح معنيٰ ۾ تارڪ دنيا ۽ گوشه نشين راهب اهو آهي، جو دنيا جي خوشين ۽ مزن کي خيرباد چئي، نويڪلائي اختيار ڪري، معريءَ جي چپن تي مقدر ڪو به اهڙو دلڪش پيالو رکيو ئي ڪو نه هو، جنهن کي معريءَ ڦٽو ڪري راهب هئڻ جي دعويٰ ڪئي هجي. سندس ديانتداري ۽ صاف گوئي ڏسو، جو خلوت نشينيءَ لاءِ ڪو به داد يا جس ڪو نه ٿو گهري – چوي ٿو ته ”سمجهو ماڻهو مون کي تارڪ دنيا سڏين ٿا، پر سندن تشخيص غلط آهي. جيتوڻيڪ پنهنجن خواهشن ۽ سڌن کي ضابطي هيٺ آندو اٿم، پر تڏهين به مان ائين چوندس ته دنيا جي مزن ۽ خوشين کان انهيءَ ڪري دستبردار ٿيس، جو بهترين مزا ۽ خوشيون مون کي نصيب ٿي سگهڻ وارا نه هئا.“ ويچارو نابين عالم جنهن جو گذر ٽيهن دينارن جي پينشن تي هو، سو دنيا سان دوستيءَ ۽ پيار جا ناتا ڪهڙيءَ طرح قائم ڪري ٿي سگهيو! دنيا جي مزن ۾ سندس ڪو به حصو ڪو نه هو. پر سوسائٽيءَ جي خرابين تي خيال جو گهوڙو ڊوڙائڻ لاءِ وٽس ڪافي وقت هو. حقيقت ۾، بغداد وڃن کان پوءِ معري پنهنجي انساني ڀائرن متعلق راءِ قائم ڪري چڪو هو، ۽ اها ساڳي راءِ هن اڳتي هلي  پنهنجي شعر ۽ تصنيفن ۾ وڌيڪ چٽي ڪئي. سندس رهبانيت سان مذهبي نمڪ ته مليل هو، پر اها رهبانيت معريءَ جي فلسفي جو ناڪاري ۽ شخصي پهلو ڏيکاري ٿي. هن گنديءَ دنيا کان دور رهڻ مان غرض  هوس دلي اطمينان ۽ آرام حاصل ڪرڻ. سندس هن بيت مان ساڳيو ئي آواز پيو اچي:

اولو الفضل في اوطانهم غرباء – تشذ و تناي عنهم القرباء

] مڻيا وارا پنهنجي وطن ۾ ڌاريا آهن ۽سندن عزيز به کانئن پري ڀڄندا آهن.[

معريءَ جو خيال هو ته سوسائٽي انسان جا اخلاق بگاڙي ٿي؛ ۽ جن سان پيار ۽ نفرت جا لاڳاپا هوندا آهن، تن سان سمجهه ۽ عقل جي قانونن پٽاندر گڏ رهڻ مشڪل هوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي هن رهبانيت جي راه اختيار ڪئي.

 

معوي ۽ سندس شاعري

معريءَ جي شعر جا ٻه ديوان آهن، هڪ ”سقط الزند“، جو بغداد وڃڻ کان اڳ نظم ڪيل آهي، ٻيو ”لزوميات“، جو بغداد مان موٽڻ بعد نظم ڪيل آهي. ”سقط الزند“ ۾ وقت جي رسمي شاعريءَ جو تتبع ڪيو ويو آهي، ۽ ”متنبي“ لاءِ جا عقيدتمندي هيس، تنهن جو اثر ظاهر ڏسڻ ۾ پيو اچي.مشرق وارن وٽ اهو ديوان ”لزوميات“ کان وڌيڪ مقبول آهي، ڇو ته ”لزوميات“ ۾ ظاهر ڪيل خيال مسلمانن کي ناپسند آهن. ازانسواءِ مشرق جي شاعراڻي معيار سان ”لزوميات“ ٺهڪي نه ٿو. ”لزوميات“ ۾ قصيده گوئيءَ جو جهونو ڍنگ ترڪ ويو آهي، ۽  ان جي عيوض هڪ غير رسمي نظم آندو ويو آهي.

پنهنجي شعر ۾، معري، سواءِ ڪنهن خوف يا خوشامد جي، وقت جي تصوير چٽي آهي. ان ۾ سندس پنهنجي تصوير به چٽي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. شعر ۾ خاميون به اٿس، جن مان هڪ هيءَ آهي ته هڪ ئي ڳالهه کي وري وري دهرايو اٿس. ڪيترين جاين تي خيال خسيس ۽ معمولي اٿس. پر انهن خامين هوندي به معريءَ جو ڍنگ دلڪش آهي. ڪٿي پيار جا، ته ڪٿي ڌڪار جا جذبا جاڳائي ٿو. ڪٿي ولوله انگيز آهي، ته ڪٿي وري تنگ ڪيو ٿڪايو ڇڏي.ڪٿي موهيندڙ آهي، ته ڪٿي وري اڻ وڻندڙ ۽ آگرو. پر، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته ”لزوميات“ هڪ جاذب شخصيت جي تصوير پيش ڪري ٿو، ۽ ان ڪري هميشه زنده رهندو.

 

معري ۽ سندس نثر

معري نثر نويس به آهي. نثر ۾ سندس وڏي اهميت واري تصنيف آهي .”رسالـﺒ الغفران“ ڪتاب تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي ته جڏهن ”ابن القارح“ ڪنهن بهشتيءَ سان ملي ٿو ته کانئس پڇي ٿو ته ”بما غفر لڪ؟“ يعني ”تنهنجا گناهه ڪيئن بخش ٿيا“، ۽ جڏهين ڪنهن دوزخيءَ سان ملي ٿو ته چويس ٿو ته ”لما لم يغفرلڪ“ يعني ”توکي معافي ڇو نه ملي“! ڪتاب جا ٻه حصا آهن- پهريون حصو هڪ جملو معترضه آهي، ۽ ٻيو حصو ”ابن القارح“ جي سوال جو جواب آهي.

ڪتاب پڙهڻ سان اندازو ڪري سگهبو ته معريءَ کي زبان تي ڪيڏي دسترس حاصل هئي. ڪتاب ۾ لفظن جي کيڏ واهه جي آهي! هر لفظ ٺيڪ ٺيڪ مفهوم ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. استعارا زوردار آهن، ۽ تخيل جا ڦيرا عجيب ۽ پر لطف. طرز بيان جادوءَ سان ڀريل آهي. ڪٿي هيٺ ٿو لهي، ته ڪٿي ٿو مٿي چڙهي. ڪٿي ظرافت سان ڀريل، ته ڪٿي طعنه زنيءَ سان رڱيل، جيڪڏهن بي خياليءَ سان ۽ مٿاڇري نموني پڙهبو، ته مصنف جي شخصيت جو پتو ڪو نه پوندو. پر جيڪڏهين غور سان پڙهبو ته ان ۾ مصنف چٽو نظر ايندو. قرآن شريف جي آيتن ۽ نبي ڪريم جي حديثن جي پردي هيٺ پنهنجا خيال ڍڪي، ڪيڏيءَ نه حرفت سان ويهي ٽوڪبازي ۽ طعنه زني ڪئي اٿس! ازانسواءِ هن ڪتاب ۾ ڪيترن نحوي ۽ لغوي سوالن تي روشني وڌي اٿس.

مطلب ته عربي ادب م معري بي نظير حيثيت جو مالڪ آهي. ماکي، کير ۽ گوشت کان پرهيز ڪندو هو، ۽ ڀاڄيءَ تي گذران ڪندو هو. هي سڀ حقيقتون ۽ ان سان گڏ سندس شخصيت ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ سندس زندگيءَ جو فلسفو اسان جي دلين ۾ لاڪس اها عزت ۽ وقار پيدا ڪن ٿيون، جو دنيا جي مشهور نابينن يعني ”هومر“، ”ملٽن“ ۽ ”رودڪي“ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حاصل آهي.

اداره ”مهراڻ طرفان هيٺ ابولعلاءَ المعريءَ جو ٿورو چونڊ ڪلام ”مهراڻ“ ۾ پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ عرض رکجي ٿو.- ادارو

* جڏهن ماڻهو منهنجي تعريف ڪن ٿا، تڏهن اها مون کي ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي ۽ آءٌ شرم کان پگهر ۾ ٻڏيو وڃان:

منهنجو جسم پليت آهي.

۽ آءٌ نٿو چاهيان ته ان کي عطر جي مالش ڪئي وڃي.

* تون قيدي بنجين يا آزاد- مگر ڪائنات ته هڪ نظام جي پابند آهي.

۽ هڪ خاص انداز سان هلائي پيئي

وڃي- هتي چڱي ڳالهه آهستي هڪ ٻئي سان ڪن ۾ ڪرڻي ٿي پوي؛

۽ برين ڳالهين لاءِ پلئٽفارم بنايا وڃن ٿا:

تون سڀني کان پاڻ بچائيندو رهه- آءٌ سڀني کي چڱيءَ طرح ڄاڻان سڃاڻان.

ضرورت وقت ڪمزور نه ٿج؛

جڏهن سکيو ٿين، تڏهن هٺيلو نه بنج.

* هي شخص ملڪ جي انتظام ۾ عقل کان هرگز ڪم نه ٿا وٺن.

 

تڏهن  به انهن جا ملڪ ۾ حڪم پيا هلن! ۽ کين سياستدانن ۾ شمار پيو ڪيو وڃي!

*آءٌ هنن ماڻهن مان ڪڪ ٿي پيو آهيان- ڪيستائين وٽن رهان!

سندن حاڪم بي قاعدگيون ڪندا رهن ٿا؛ رعيت تي ظلم، ۽ عوام سان ڌوڪيبازي سندن ڌنڌو آهي؛

هو رعيت جا پگهاردار ملازم آهن،

پر رعيت جي ڀلائيءَ سان هميشه کين چڙ آهي!

* اسان جي ابن ڏاڏن، پنهنجن وڏن جي طريقي تي زندگيون گذاريون،

۽ سندن تقليد ڪندي جيڪو دين انهن کان ملين، سو اسان جي مٿي ۾ مڙهي ويا؛

اهو ئي سبب آهي، جو جيڪي ٻڌو پيو وڃي، ان تي ڪو به ويچار نه ٿو ڪيو وڃي:

۽ حد اها آهي جو بيوقوفيءَ سببان اهو

به نٿو سوچيو وڃي،

ته پنهنجو مٿو ڪنهن ٻئي جي پيرن تي رکي ڇڏيو اٿئون!

* عقل حيران آهي!

ڇو ته سمورا مذهب ۽ سندن قانون روايتن تي ٻڌل آهن،

۽ انهن کي ڪو به جاچي پرکي نه ٿو.

ڪجهه مجوسي آهن، ڪجهه مسلمان ۽ هڪ ٽولو عيسائي ۽ انهن کان اڳ يهودي؛

هو بندگيءَ لاءِ باهه جي مندرن ۾ وڃن ٿا، ۽ هي مسجدن ۽ ديولين ۾-

ڪجهه ”صابئي“ آهن، جي ستارن جي عظمت جا قائل آهن-

پر، هي سڀ هڪڙيءَ ڳالهه ۾ هڪجهڙا آهن- ۽ اها هيءَ آهي ته:

سڀني جون طبيعتون براين ۾ ڀريون پيون آهن.

*اي فريب ۾ آيل!

توکي اجائي سودا آهي ته تون ديندار

آهين. آءٌ خدا جو قسم کڻي ٿو چوان ته ”تنهنجو ماڳهين ڪو دين ئي ڪونهي- تون عبادت ۽ قربانيءَ خاطر ڪعبـﺒ الله تائين وڃين ٿو،

پر تنهنجا غمگين پاڙيسري ۽ پريشان حال دوست تنهنجي اڳيان پنهنجي مصيبتن تي روئي رهيا آهن، سي تون ڏسين ئي نه ٿو!“

 

*مخلوق مان سڀ کان وڌيڪ شرارت پکيڙيندڙ اهو حاڪم آهي،

جو خلق کي پنهنجي اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪري!

*رعيت بي اطميناني، پريشان حاليءَ ۽ فتني فساد ۾ پيل آهي؛

۽ حاڪمن شراب خوريءَ ۽ ناچ ۽ تفريح جي محفلن جو سلسلو کڻي شروع ڪيو آهي؛

۽ وڏا وڏا آفيسر ماڻهن کان نت نيون ڍلون اڳاڙڻ ۾ مشغول آهن-

آءٌ اهڙن حاڪمن کي پيو ڏسان،

جي رعيت جي آرام جو ڪو

بندوبست نه ٿا ڪن- پوءِ ڀلا هي ڍلون

۽ ٽئڪس آخر ڇا لاءِ ٿا اڳاڙيا وڃن؟

-ڇا، هنن اونداهين ۾ ڪٿي ڪو حق به آهي، جنهن کي شمعن وسيلي ڳولي سگهجي ؟

 

*ماڻهو هڪ امام برحق جا منتظر آهن، جو اچي سندن اڳواڻي ڪندو!

ڪيڏا نه سادا آهن هي ماڻهو-

سچو امام ته صرف ”عقل“ آهي،

جو هر وقت انسان کي صحيح مشورو ڏئي ٿو ۽ صحيح رهنمائي ڪري ٿو-

جڏهين تون ان جي تابعداري ڪندين،

تڏهين هو ديس خواه پرديس ۾ تولاءِ خدائي رحمت جو باعث بنيو! آءٌ جڏهين دنيا مان مرندس، تڏهن منهنجو عقل کان سواءِ ٻيو ڪو به امام نه هوندو!

 

*چڱائي نه روزو آهي، جنهن ۾ روزيدار ڳري ٿو؛ نڪي نماز ۾، نڪي صرفي بڻجڻ ۾- اصل ۾ چڱائي آهي هر حال ۾ برائيءَ کي پري اڇلائڻ، ۽ سيني کي ڪيني ۽ حسد کان پاڪ رکڻ!


 

 

* چڱائيءَ فقط انهيءَ لاءِ ڪر،

ته اها چڱائي آهي- ۽ ائين متان چوين

ته ”خدا هن جو عيوض ڏيندو!“

*ٻين سان اهو سلوڪ ڪر، جو تون پاڻ لاءِ انهن کان گهرين؛

سڀاڻي ۽ پرينهن لاءِ رزق لڪائي نه رک- جو هرڪو ڏينهن پنهنجي لاءِ رزق آڻي ٿو! پنهنجو مائٽاڻو مال ورهائي ڇڏ،

 

تنهنجي مرڻ کانپوءِ، هي تولاءِ لڙڪ نه وهائيندو!

حيف آهي انهيءَ شخص تي، جو کاڌي جي محبت ۾ ذليل بڻيل آهي!

جيڪڏهين زمانو توکي پريشان ڪري، ته انهيءَ تڪليف کي صبر ساڻ سهه؛

۽ اهڙي ته مرجات واري زندگي گذار، جو ڄڻ ته توکي پريشان ڪيو ئي نه ويو آهي!

��

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

درويش راضي شاهه لڪياري

 

] ست اٺ سال ٿيا جو درويش راضي شاهه جا هڪ ٻه بيت ڪنين پيا، مگر سندس ڏس پتو ڪو نه ٿي پيو. تان جو 30 آگسٽ 1952ع تي مٺي (ٿرپارڪر) ڏانهن ويندي، سٽيشن نئين ڪوٽ جي پريان، راضي شاهه جي ميلي ۽ مقبري پسڻ جو اتفاق ٿيو. ان موقعي تي راضي شاهه جا ڪي بيت اتان جي سگهڙن وٽان مليا. اٽڪل ڏيڍ سال بعد، محترم رئيس حاجي علي محمد خان پٺاڻ (تعلقو سامارو) جي مدد ۽ مهربانيءَ سان ساماري، ٽنڊي باگي، جيمس آباد ۽ ڊگهڙي تعلقن جو گشت ڪندي، 18 نومبر 1954ع تي، ”دونهائي“ (تعلقو جيمس آباد) جي لڪياري سيدن جي ڳوٺ ۾ جناب ميان علي اڪبر شاهه وٽ اچڻ ٿيو. کانئن معلوم هٿيو ته درويش راضي شاهه سندن خاندان مان هو. ميان علي اڪبر شاهه ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ميان نور محمد شاهه کان هن بزرگ بابت جو احوال معلوم ٿيو، لکيو ويو. ميان نور محمد شاهه وٽ درويش راضي شاهه جي بيتن جو ڪجهه ذخيرو گڏ ٿيل هو، جنهن مان مستند بيت قلمبند ڪيا ويا. راقم انهن مڙني بزرگن ۽ دوستن جو شڪر گذار آهي، جن هن مضمون جي مواد هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي- نبي بخش [

ٿر جي ڀٽن جي ڪنار جي دامن ۾، ٽالپور اميرن جي اڏايل ”نئين ڪوٽ“ واري قلعي کان ذرا اولهه ڏکڻ طرف ۽ ڍوري جي اڀرندي طرف (تعلقي مٺي) مهراڻي جي هڪ من موهيندڙ ماٿريءَ ۾ درويش راضي شاهه جو مزار آهي - ۽ انهيءَ ڪري عام طرح هن درويش کي ”مهراڻي جو مير“ ڪري چون راضي شاهه جي حياتيءَ جو وڏو عرصو ميرن جي عهد ۾ گذريو، مگر غالباً هو انگريزن جي اوائلي دور تائين حيات هو. سندس سنه وفات معلوم ناهي، پر شايد مهيني ذوالحج جي پهرئين ڏهي ۾ وفات ڪيائين، جو اڃا تائين سندس ساليانو ميلو، مهيني ذوالحج جي نائين تاريخ تائين لڳي ٿو.

راضي شاهه سنڌ جي مشهور لڪياري سادات جي هڪ خاندان مان هو. سندس ڏاڏو موليڏنو شاهه ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ هو، ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي تصادم ۾ سندس همدردي ٽالپور اميرن سان هئي، جن جي مدد ۽ معاونت سان هو لڪيءَ طرفان لڏي اچي ڳوٺ خانپور ۾ ويٺو اها ”خانپور“ هاڻي ”کَن“ سڏجي ٿي، ۽ ان نالي سان ديهه کن، تعلقي ساماري ۾، اسٽيشن ”صالح ڀنڀري،“ کان ٽي ميل اتر طرف آهي.

 

موليڏنو شاهه

 

مينهن شاهه    نورشاهه (جنهن جي اولاد مان سيد جڙيل شاهه ۽ ٻيا)

 

هاشم شاهه            قطب شاهه            اميد علي شاهه       راضي شاهه

 

غلام نبي شاهه

 

قربان علي شاهه               حيدرشاهه      نظر علي شاهه

 

فقير محمد شاهه       ثابت علي شاهه       محمود شاهه           علي اڪبر شاهه

(اولاد موجود)                       (نياڻيون)

 

علي اصغر شاهه                       يار محمد شاهه

 

علي اڪبر شاهه       نور محمد شاهه        محمد شاهه  (اولاد)                                  (اولاد)                         (اولاد)

موليڏني شاهه کي خانپور ۾ لڏي اچڻ بعد ٻه فرزند مينهن شاهه ۽ نور شاهه ڄاوا. موليڏني شاهه ۽ سندس ٻنهي فرزندن اتي وفات ڪئي ۽ مخدوم عبدالرحمان جي مقام ۾ رکيا ويا. مخدوم عبدالرحمان ذات جو ”جاڳو“ هو. ۽ پنهنجي وقت جو عالم ۽ درويشن هو. اتي سندس هڪ مدرسو هو ۽ چوڌاري ٻنيون هيون، جن جي پيدايش مدرسي لاءِ وقف ٿيل هئي. ٿرپارڪر جي ٺڪرن انهن زمينن جي ڍل گهري ۽ گڏ ڪيل پيدايش  هٿ ڪرڻ لاءِ کرن تي چڙهي آيا، مگر ميدان صاف ڏٺائون، جنهن تي مخدوم صاحب جن جا معتقد ٿي پيا ۽ چيائون ته اوهين اسان جا ”رام“ آهيو: اهڙيءَ طرح ”رام مخدوم“ يا ”رام جاڳو“ نالو مشهور ٿيو، ۽ اهوئي نالو مخدوم مرحوم جي مقام تي اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ٿي سگهي ٿو ته ”رحمان جاڳو“ زبان زد عام ٿي ”رام جاڳو“ مشهور ٿي ويو هجي. سيد مينهن شاهه جي اولاد مان سيد عالي شير ٿيُ، جو پڻ هن مقام ۾ مدفون آهي ۽ مٿس ساليانو ميلولڳي ٿو، جو ”رام جاڳي“ جي نالي سان مشهور آهي. مينهن شاهه جي اولاد مان سيد جڙيل شاهه هن وقت هڪ معزز ۽ بيٺل زميندار آهي.

نور شاهه کي چار فرزند ٿيا، جن مان هڪ راضي شاهه هو. راضي شاهه ننڍي هوندي کان ئي درويش صفت هو. جڏهن پنهنجي سوٽن (مينهن شاهه جي اولاد) کان سڱ گهريائين، تڏهين جواب ڏنائونس ته ”تون فقير آهين سڱ کي ڇا ڪندين؟“ اهو جواب ٻڌي، اتان قطع تعلق ڪري روانو ٿيو ۽ سندس موجوده مزار واريءَ جاءِ تي اچي پنهنجو فقيراڻو ڍير قائم ڪيائين. ڀاڻس اميد علي شاهه به ساڻس گڏجي نڪتو ۽ ويندي آخر عمر تائين ساڻس گڏ رهيو، ۽ ساڻس گڏ مدفون آهي. راضي شاهه جي ٽئين ڀاءُ قطب شاهه کي غلام نبي شاهه نالي فرزند ٿيو. سندس چوٿين ڀاءُ هاشم شاهه کي ٽي پٽ ٿيا، جن مان قربان علي شاهه کي غلام نبي شاهه نالي فرزند ٿيو. سندس چوٿين ڀاءُ هاشم شاهه کي ٽي پٽ ٿيا، جن مان قربان علي شاهه جو اولاد موجود آهي. قربان علي شاهه، سندس ٻه فرزند محمود شاهه ۽ علي اڪبر شاهه، ۽ سندس پوٽو علي اصغر شاهه، وڏا نيڪ دل ۽ نيڪ سيرت درويش ٿي گذريا آهن. مرحوم علي اصغر شاهه جا ٻه فرزند ميان علي اڪبر شاهه ۽ ميان نور محمد شاهه حيات آهن ۽ اولاد وارا آهن. ميان اڪبر شاهه هڪ وڏو زنده دل مرد آهي. ۽ تواضح سندس طبع جو سينگار آهي. ميان نور محمد شاهه به هڪ نيڪ سيرت ۽ لائق انسان آهي.

درويش راضي شاهه، نئين ڪوٽ لڳ پنهنجي قائم ڪيل ڍير تي وڃي منڊل مچايو. مٺيءَ توڙي ڏيپلي ڏانهن ويندڙ رستا سندس ڍير جي ڀران گذرندا هئا، ۽ انهيءَ ڪري سندس تڪيو ڄڻ ٿر جي دروازي تي هو. ٿر جا ماڻهو جڏهين سنڌ ۾ پورهيي لاءِ ايندا هئا، ته وٽانئس ٿيندا ايندا هئا؛ ۽ ويندا هئا ته به وٽانئس ٿي پوءِ ويندا هئا. ٽالپور اميرن، سنڌ جي زراعت کي وڌائڻ لاءِ، نون واهن کوٽائڻ جو سلسلو هڪ عظيم الشان پيماني تي شروع ڪيو هو، ۽ ملڪ جي پورهيتن لاءِ ڪمائيءَ جو رستو کلي پيو هو. راڄن جا راڄ پري پري کان کاٽي کڻڻ لاءِ ايندا هئا، جن کي نقدي رقمون اڳواٽ ڏنيون وينديون هيون، ڪڇ جا سيد به پنهنجي ماڻهن ساڻ واهن جي کاٽين جي ڪم تي ايندڙ هئا. راضي شاهه سان سندن ڏيٺ ويٺ هئي. هڪ سال وٽن سرڪاري پئسا رهجي ويا، ۽ جڏهين نئين سال وري سنڌ ۾ آيا، تڏهين راضي شاهه کي چيائون ته اسين اوهان کي سڱ ڏيون ٿا ۽ اوهين اسان کي پئسن جي مدد ڪريو ته رهيل بقايا ڏيون، ۽ سرڪار ۾ به اسان جي سفارش ڪريو. راضي شاهه جي به سيدن سان محبت هئي، انهيءَ ڪري سندن اها آڇ قبول ڪيائين ۽ سندن مدد ڪيائين. سندس شادي انهن ڪڇ وارن سيدن جي نياڻيءَ سان ٿي- چون ٿا ته ان شاديءَ جي موقعي تي راضي شاهه جي هڪڙي فقير، گولي فقير ولهاري، خوشيءَ مان هيءُ بيت ڏنو:

ڪڪوريا ڪڇيءَ ۾، سڀ سيد جا سنگتي،

ڍاريو ڍارين ڍير تي، مٿي سيج سَتي،

آهيان جانب جي جـُتي، پائي هلندم پير ۾.

راضي شاهه جواب ڏنو ته:

ميان! تون موچين کان وڃي پرائج پاهه،

ماٽيءَ ۾ محبت جي پوري ڏينئي پاهه،

روڙي روح رڱڻ سان، ڪن چست منجهارا چاهه،

ڇوڏا ڇوڏيون ڇتريون منجهان کَل کماءِ،

رنبي جا رهاڻ جي لڳي صيقل ساء،

پوءِ ٿيءُ جتي جانب لاءِ، ته پهري هلنئي پير ۾!

 

پر پرين جا پهري هليا، تنهن جتيءَ نه جيهاس،

کڻي خاڪ چمي گهڻو سر چشمين پاياس،

اڌما اؤز عجيب ري اندر ۾ آياس،

تنهن جتيءَ جيارياس، پڻي جا پيزار جي.

ميرن صاحبن وٽ راضي شاهه جي وڏي عزت هئي ۽ مٿس نهايت ئي مهربان هئا. راضي شاهه هڪ وڏو بي رياءُ ۽ سخن جو سچو مرد هو. خود مير صاحبن کي به سچ چئي ڏيندو هو. انهيءَ ڪري مير صاحب جن خاص طرح ساڻس خوش طبعيءَ طور مذاق ڪندا هئا ۽ سندس چيو دل ۾ ڪو نه ڪندا هئا. هڪ دفعي راضي شاهه  مير صاحبن وٽ آيو. کيس وڏي عزت ڏنائون ۽ چانديءَ واري کٽ ڏياريائونس. ان موقعي تي ٻيو هڪ اڀرو سيد به آيو، جنهن کي رواجي کٽ ڏياريائيون. ان بعد ڪچهري ٿي. راضي شاهه اهل سنت جماعت جو هو، ۽ کيس ڇيڙڻ لاءِ مير صاحب جن پڇيس ته ”راضي شاهه! مروان ڪنهن کي چئجي؟“ راضي شاهه جواب ڏنو، ”وڏا مروان اوهين آهيو، جو ٻه اکيائي ڪئي اٿؤ، مون کي چانديءَ جي کٽ ڏياري اٿوَ ۽ هن غريب سيد کي رواجي کٽ!“ مير صاحب جن نهايت خوش ٿيا ۽ راضي شاهه کي پٽيدار چهنبدار ترار تحفي طور ڏنائون. راضي شاهه موڪلائي روانو ٿيو. اها ترار سندس ماڻهو کنيو پئي آيو، جنهن کان اتفاق سان ترار هيٺ ڪري پئي. راضي شاهه ترار کڻڻ کان منع ڪيس ۽ اها ترار اتي جو اتي ڇڏي هليا آيا- راضي شاهه جي زندگيءَ جو دستور هوندو هو، ته ڪريل شيءِ ڪڏهين به نه کڻندو هو.

راضي شاهه کي پنهنجن فقيرن جو گروهه هوندو هو، جن مان گولو فقير ولهاري، حمزو فقير، ايماني فقير، ۽ ڪنجڪي فقير مشهور هئا، ڪنجڪي فقير جو نالو ٻيو هو، مگر جئن ته راضي شاهه جي گهوڙي جي ڪنجڪ جهلي هلندو هو، انهيءَ ڪري مٿس ”ڪنجڪي“ نالو پئجي ويو. اهي فقير به شاعر هئا. ”ايماني“ فقير جو هيٺيون معاصرانه بيت ثابت ڪري ٿو ته راضي شاهه پنهنجي وقت جو هڪ سخي مرد هو، جنهن جي اوتاري ۾ ايندن ويندن سان پئي قرب ٿيا. غريبن مسڪينن جو اجهو هو، پاڻ مجازي رنگ ۾ رڱيل هو. محبت جا وٽس مڻ هئا ۽ پنهنجي طالبن کي شريعت ۽ طريقت جي تلقين ڏيندڙ هو.

ڏونگر، ڏک، ڏاکڙا مون کي قسمت ٿي ڪاري،

لال لڪياري لال کي ساهه سڪي ساري،

جنهن کي وصيت ناهي ورو جي، تنهن کي پيرل ٿو پاري،

کِيَن پِيَن ٿا ڪيترا، ان جي اوتاري،

مٿس مچ مجاز جا، دنيا نه ڌاري،

لُڻي وڌائين لاهه جيئن، جيڪي آيس اظهاري،

ميون دليون محبت سان، ٿو جڏيون جياري،

مرشد منهنجي مـُهر ۾، آهي نر سان نظاري،

شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت ڏسَ اهو ڏياري،

پاڻي حوض ڪوثر جو مون کي پاڪ پياري،

امن سان، ”ايماني“، چوي، شل اهو ڏيهه به ڏيکاري،

سيد ان ساري، مون تان لاٿا حرف حساب جا.

درويش راضي شاهه جو ڍير، تڪيو ۽ تلاءُ سندس طالبن ۽ معتقدن لاءِ هڪ زيارتگاهه هئا. ٿر جي چئني ڪنڊن کان ايندڙ مسافر به سندس ڍير جي ڍائي رکندا هئا،۽ اتي اچي هڪ ٻئي سان گڏبا هئا. انهيءَ ظاهري حقيقت کي طريقت جي رنگ ۾ راضي شاهه هن طرح اظهار ڪيو آهي:

پيري کنيو پير، عالم منجهان اٽڪي؛

پير نه ڇڏيندو پانهنجا توڙي ڏڏ ڏڦير،

ڍيئي اٿن ڍير، رسيا ”راضي شاهه“ چئي.

سندس تڪيو ۽ تلاءُ هڪ ماٿريءَ ۾ آهن، جنهن جي رونق جو ذڪر خود راضي شاهه پاڻ هن طرح ڪيو آهي ته:

تڪيي جي تلاءَ تي هاديءَ ڪئي هَري،

مٿي ڍير ڍري، رحمت ”راضي شاهه“ چئي.

ان وقت نئين ڪوٽ واري طرف مهراڻي ۾ راضي شاهه هڪ وڏي اثر ۽ رسوخ جو مالڪ هو.پنهنجي موليٰ تي کيس ڪلي توڪل هئي، جنهنڪري ٻئي ڪنهن جي به کيس ڪاڻ ڪا نه هئي.

مُهر ۾ منهنجا ڌڻي آهي همت هاديءَ جي،

ڪاڻ ڪڍان ڪنهن جي، ڍيئي اٿم ڍير تي.

مُهراڻي جي هن خوشنما ماٿريءَ ۾، راضي شاهه جي ڍير تي هميشه ريجهه- رهاڻ جا رنگ لڳل هئا. هڪ دفعي مينهن جي مند هئي، ۽ وسڪارن جي خوشيءَ ۾ سڀني جون دليون سرهيون هيون، سانجهيءَ جو  وقت هو، جو اتر اوڀر کان ڪنڊائتي کنوڻ تجلا لائي ڏنا، جنهن بعد مينهن و‎ٺو. ٻئي ڏينهن سڄي سنگت ويٺي هئي. سانوڻ جي سونهن ۽ مند جي موٽ محبت وارن جي من تي مجاز جا مچ ٻاري وڌا هئا. راتوڪي ڪنڊائتي کنوڻ لـُڊاڻي واري طرف کان هئي، جنهنڪري هڪ درويش کنوڻ جي تجلن کي مومل جي حسن سان تعبير ڪندي بيت ڏنو ته:

رات به رانول رنگ هئا، سانجهيءَ سج لٿي،

کنوڻين خوب خوشيون ڪيون، پاڻ ڪيئون پلٿي،

هئي مومل محل مٿي، اهي رات تجلا هئا تنهن سندا!

راضي شاهه پنهنجي طالب کي مجاز ۾ غرق ڏسي، کيس حقيقت طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ، جواب ۾ بيت ڏنو ته:

ڇا مومل ڇا ماڻاس، ڇا وس واڃاڻيءَ جو،

جنهن تي ڪلمون راس، اهي تجلا هئا تنهن سندا!

سيد شاهه محمد شاهه  به ڪو سخي مرد هو، جنهن وقت بوقت درويش راضي شاهه جي مدد پئي ڪئي؛ جنهن تي خوش ٿي هيٺيان بيت چيائين:

رنگ ته ”راضي شاهه“ چئي هڏ هالاري هوءِ،

مر ته ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي لهي نه لعل جي.

 

رنگ ته ”راضي شاهه“ چئي، خوب ڏٺوسون کولي،

آهيون سخي ”شاهه محمد شاهه“ جي اجهي ۽ اولي،

مهر ڪئي مولي، نه ته اسان تڪيو هو تار ۾.

 

ڀَري جا ڀَوَ جي، سا هاديءَ ڪئي هَري،

ويرن منجهه وَري، رسج ”راضي شاهه“ چئي.

راضي شاهه جي وفات بعد سندس فقير ۽ مريد حمزي جو چيل هيٺيون بيت، راضي شاهه جي تڪيي ۽ تلاءُ منزل ۽ مرتبي بابت معتقدانه جذبات جو حامل آهي:

تڪيي هيٺ تلاءُ، هو ”لڪياري“، لال جو،

کنيو جن خوشيءَ مان، تن پانڌين آيو پاهه،

”حمزو“، چوي، هاديءَ ڏي، منهنجو اڪير ارواح،

سنڌ سڄيءَ ۾ پڌرو، هو رتل ”راضي شاهه“،

هو اڳي پڻ الله، پر ٿيو سيد ساماڻي سوجهرو.

 

راضي شاهه جو ڪلام

درويش راضي شاهه جو ڪلام غالباً ڪنهن به لکي گڏ ڪو نه ڪيو. انهيءَ ڪري، هن وقت هڪ صديءَ کان زياده وقت گذرڻ بعد، فقط سندس ڪي بيت وڃي باقي بچيا آهن، جي مهراڻي طرف ڪن سگهڙن ۽ وڏي عمر وارن کي ياد آهن. راضي شاهه نيڪ دل، بي رياءَ ۽ سڀڪنهن کي سچ چوندڙ هو ۽ اها سچائي سندس بيتن ۾ پڻ پيئي بکي. ان طرف جا ڪلوئي بلوچ اڪثر سندس مريد هئا. پر سندن روش ڏسي هڪ بيت ۾ چيائين ته ”ڪلوئي ۽ ڪانءُ، ڏاڏا ڪڍين ڏيهه مان!“

ڪوڙ سان سندس ڪا نه پوندي هئي هيٺئين بيت ۾ ڪوڙ ۽ ڪلفت جي شڪايت ڪندي، چيو اٿس ته:

 

ڪوڙيءَ هن قَلَعيءَ جي آهي عالم منجهه اڇاڻ،

سچ ويو سنگت مان، حيا لڏيو هاڻ،

محبت ماڻهن مان وئي، وڃي ويلا وڍندي واڻ،

راڄن ۾، ”راضي شاهه“، چئي، رانٽيون ڪن رهاڻ،

شرع شفيع ڄام جي، تنهن ۾ قاضين وڌي ڪاڻ،

هادي بخشي هاڻ، محبت محمد ڄام جي.

ڪوڙن کي ڪـُواريندي چوي ٿو:

ڪوڙا ڪوڙيءَ کان، رهن نه ”راضي شاهه“ چئي،

اسان ڪيو ويساهه، هنن پت وڃائي پانهنجي.

هن بي بقا دنيا جي کيل جي باري ۾ چيو اٿس:

بابو هت بهوت هئا، لکين هئا لقمان،

مانجهي جي هن ملڪ جا کپي وئڙا خان،

ان جا رنگ، ”راضي شاهه“ چئي، سوين هئا سامان،

ڪل پوي ٿي ڪا نه، سڀ خاڪي وئڙا خاڪ ٿي.

نبي صلعم جي محبت، اصحاب ڪرام جي عزت، ۽ اسلام جي پيروي ۾ لوچڻ ۽ وقت سجايو ڪرڻ، سندس تلقين جا مرڪزي نقطا معلوم ٿين ٿا. چوي ٿو:

قابو ٿي ڪلمي سين دل جا وهم وسار،

للهِ ڪارڻ لوچ تون کوٽا ڏينهن مَ کار،

اول تنهن امام جي ڏس ڪامل سندي ڪار،

هو جي چڱا چارئي يار، سي ٿيندا مهاڙ مهند جي.

ڀانئجي ٿو ته راضي شاهه موقعن جي مناسبت سان گهڻا ئي في البديهه بيت چيا. عمداً ۽ ارادتاً، سُرن وار، ڪي ٿورا بيت چيائين. مارئيءَ جي سر جو سندس هيٺيون بيت مشهور آهي:

ڇوڙ ته ڇيلا چاريان، پهريان پهون،

مون جيڏيون ملير ۾، اتي ٻيل ٻهون،

راڄن ۾ ”راضي شاهه“ چئي، ڪا جا رات رهون،

اسين ساعت نٿا سهون، تون ٿو سال جٽائين سومرا.

رامڪلي ۽ پورب جي سُر ۾ جوڳين ۽ ڪاپڙين کي راضي شاهه گهڻو ڳايو آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيءَ کي جفا ڏيڻ، جهد ڪٽڻ ۽ منزل مقصود تي پهچڻ وارا مضمون، خود سندس پنهنجي حسب حال هو، راضي شاهه جو جيڪو حال هو سو ئي سندس قال هو. هيٺ اسان انهيءَ سر جا ڪي بيت قلمبند ڪري، هن مضمون کي ختم ڪريون ٿا:

موت نه ماريا ڪاپڙي، موت به ماريائون،

ويا ويراڳي نڪري، گهر نه گهاريائون،

پـُريا پورَ پنڌ تي، سيد ساريائون،

محمد مڃيائون، رسيا ”راضي شاهه“ چئي.

........

اڇي پٽي، پنڌ گهڻو، سنڀريا سڀيئي،

تنين مان ڪيئي، رسيا ”راضي شاهه“ چئي.

........

نڪي ڳولين ڳوٺ کي، نڪي پهر پڇن،

نڪي سوجهن سُڃ کي، نڪي رڃ رهن،

اوطاقون ابناس ۾، اڏيون آديسن،

ويٺا سي ونجهلن، ورهيه ان ورونهه ۾.

........

بيٺا بازر ڪول، ياد گرو ڪن گودڙيا،

نانگا پنهنجي ناٿ تان، وڃن گهولا گهول،

جي ٻڌا آهن ٻول، سي چوتا چورين ئي ڪينڪي.

........

چوتا ٿا چورين، اڃا ڪي البت،

مهو، مڇر، ملڪ ۾ آهي ڪامل وڏي ڪـُت،

گڏجي پئبو گهر ۾، وٺبو گام گلي جو گت،

جنهن جي پاڻ رکندو پت، سي سرها ٿيندا ”سيد“ چئي.

........

نائين ڏهين نسنگ، جوڳي هليا جاٽ تي،

سڪ ٻڌائون سندرو، توفيق ٻڌائون تنگ،

آديسن آرام ڪئو ٻاڻ لڳن ڪو ٻنگ،

رات ڏٺوسون رنگ، آهن ريڌا ”راضي شاهه“، چئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com