سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :8

رباعيون

گوورڌن محبوباڻي ”ڀارتي“

 

جئن ڇانؤ ٻه پهريءَ جو وڻن ڏانهن وري،

طوفان ۾ هر ٽار جُهڪي، سجدو ڀري،

ڀڳوان کي تئن سخت مصيبت جي سمي،

مجبور ٿي ڏس! ياد ٿو اِنسان ڪري.

 

خاموش هوائن ۾ مستي تنهنجي،

ويران مڪانن ۾ به بستي تنهنجي،

سا جاءِ ڀلا آهه ڪٿي؟ اوسائين!

موجود ٿي جنهن جاءِ نه هستي تنهنجي.

 

ڦولن سان ڀريئي جهول گلستانن جا،

ايڪانت سان آغوش بيانن جا،

سنسار نه، پر وشوَ جو داتا هوندي،

افسوس! ڀريئي، پيٽ نه انسانن جا!

 

بيخود ٿي صنم کي ڳراٽي پاتي،

هن منهنجي مٿي ساڻ لڳائي ڇاتي،

پاٻوهه مان جئن حال پڇيائين مون کان،

هردي ۾ حقيقت لڪي پاتي جهاتي.

 

مشڪل ۾ نه مون آهه ڀري دانهه ڪئي،

ڪلهه خواهه سڀان جي نه ڪا پرواهه ڪئي،

جا روڪ مُنکي راهه ۾ آئي آڏو،

ٺوڪر سان هٽائي مون سنئين راهه ڪئي.

 

ساگر کان ڪڏهن دور ڪنارو رهندو؟

نظرن کان پري ڪي نظارو رهندو،

اوڀر کي جڏهن دوست! ڪندو سج روشن،

اولهه ۾ ڇا ان وقت انڌارو رهندو؟

 

هڪ تون هجين، ٻيو مان هجان، برسات هجي،

۽ پهرين ملاقات سندي رات هجي،

سا رات وري اهڙي هجي جنهن جي شل،

اي جان! ڪڏهن ٿيڻي نه پرڀات هجي.

پائي نه سگهيس توکي تونگر بڻجي،

ڪو پِير ُ يا پنڊت يا گداگر بڻجي،

ڪعبي کي پٺي ڏيئي، لڏي ڪا شيءِ مان،

توسان ته مليس نيٺ، مان ڪافر بڻجي!

 

مٽيءَ مان کلونا تون بڻائين ويٺو،

اڄ ٺاهي سڀان تن کي مٽائين ويٺو،

تڇ خاڪ سان ائن کيل ڪري ٻاراڻا،

ڪئن پاڻ کي قادر تون سڏائين ويٺو!

 

جيڪا به اٿم چيز اکين جي آڏو،

تنهن ۾ ته ڏسان عيب ٿو هڪڙو نه ٻيو،

دلبر ۾ مگر نقص نه ڪو آيو نظر،

ڇاڪاڻ ته هوُ آهه ونين کان ويجهو.

 

هر عيش جو سامان مليو، گهَرُ نه مليو،

پاڙو ته لڌم، هاءِ! اُهو دَرُ نه مليو،

اي خالق! بگڙيءَ کي بڻائڻ وارا!

تو دل ته ڏني، پر ڪوئي دلبر نه مليو.

 

جنهن دل  ۾ نه احساس، اها دل نه کپي،

لهرن کي ڌڪاري، اهو ساحل نه کپي،

حاصل ٿئي جنهن تي، نه مسافر کي مراد،

اي سائين! اسان کي اها منزل نه کپي.

 

تو ساڻ ٻه ٽي ڏينهن گذاري نه سگهيس،

وڇڙيس، ته وري لڙڪ ٻه هاري نه سگهيس،

سؤ بار ڪيم توکي وسارڻ جا يَتَن،

پر هاءِ ڙي تقدير! وساري نه سگهيس.

 

هيءُ ساز پراڻو به وڄايون ڪيسين؟

آواز نئين کان به نٽايون ڪيسين؟

جيون کي ڇڏي، موت جا نغما ڳائي،

اي دوست! جنازن کي سجايون ڪيسين؟

گهُرجـُن جي ڏهاڙي ٿي لڳي ڀيڙ نئين،

۽ دل ۾ اٿي درد نئون، ڀيڙ نئين،

قدرت کان مليل کوٽي مقدر کي ڇڏي،

اچ دوست! بڻايون اسين تقدير نئين!

 

��

قطعا

شيخ ”اياز“

منهنجي هستي، منهنجي مستيءَ سان ملي

دور پهتي، آسمانن تي ڇڏي،

۽ڀونر جي ساس، گل جي واس ۾،

پائي ليئا لڙڪ مان ڏسندي رهي،

ڪا هَوَس ناهيم، شاعر هان ”اياز“،

ڪنهن الستي حسن جي پٺتان پئي،

راتڙين ۾ چنڊ تارن جي رَئي:

ڄڻ پرهه جي هير جئن آئي وئي،

مرڪ مٺڙي زندگانيءَ کي ڏئي:

منهنجي من کي آهه دولت اڻ – مئي!

 

œ

 

ڏات منهنجي لات مان چمڪي پئي

ماڪ، مکڙيون، مڌ ڀريون اکڙيون سوين

شعر لکندي وقت ڇا ڇا هو ”اياز“

رات ڪيئي چنڊ چوليءَ ۾ هيا،

رنگ، رس ۽ روپ جهوليءَ ۾ هيا،

ڪيترا اسرار ٻوليءَ ۾ هيا!

 

œ

 

نينهن تنهنجو ڏينهن وانگر ٿو بَکي،

راز تنهنجو ساز ۾ پيو ٿو لُڇي،

ڪيستائين مان لڪايان او پرين!

ڪيستائين مان نه ڳايان او پرين!

 

œ

 

ساز تي آئي ناز آ مون کي مٺا،

جيت منهنجي گيت آهن، جن بنا،

جنهن بنا هر چيز ٻي بيڪار آهه،

منهنجي ساري زندگاني هار آهه.

 

œ

 

ڪنهن چيو ٿي آءٌ تنهنجو عڪس هان،

عڪس سان ايڏي عداوت ڇا سبب!

هي ڳجهارت تون ئي سمجهائينم ها،

رنج غم ايڏا ڀلا ڇو ڏينم ها؟

 

 

مان هرڻ، تون منهنجي هرڻي اي مٺي!

ڀٽڪي ڀٽڪي زندگيءَ جي رُڃ ۾،

تڙڦي تڙڦي آرزوءَ جي اُڃ ۾،

تنهنجي صورت، ريت ۾ رُلندي ڏٺي

تنهنجن اکڙين ۾ هيو آبِ حيات،

منهنجي پياسي روح جي پهرين نجات!

 

��

 

آزاد نظم

بشير مورياڻي

نئون سال

هر نئون سال کڻي سوچ جو سامان ٿو اچي،

ياد ڏياري ٿو اچي.

سال جي گذري ويا، گذري ويا!

هر نئون سال لڳائي ٿو اچي گهاءُ نئون،

لوڻ ٻرڪي ٿو مٿان زخمن جي

زخم جيڪي ٿيا ناسور وطن منجهه رهي،

هاڻ سرهاڻ کي سڪندا ٿا رهون پنهنجي چمن ۾ رهي!

سوچ – ڌارا ٿي پوي وقت جي ساگر ۾ وڃي

وقت جوگذريو نه سنئون:

هتڙي ڇا ڇا نه آ بدليو ساٿي!

اول اول ته حڪومت بدلي؛

وقت شاهد آ ته هر وقت سياست بدلي؛

هڪ ٿڪل مُرڪ جا ماڻهن کي ملي صدين بعد،

هوريان هوريان سا مرڪ به کسجي ئي وئي،

سوَ ڳڻي، سنڌ کلي صدين بعد

جيئن اوندهه ۾ ستارو ٽمڪي،

۽ وري گهور انڌاري ۾ لڪي-

سوچجي ٿو ته اها مرڪ، اها کل ڇا ٿي؟

ساڳيا سور ۽ ساڳي سسئي!

هر نئون سال کڻي سوچ جو سامان ٿو اچي!

مان اڪيلو ناهيان

مان اڃا سوڌو رهيو آهيان سجاڳ،

چنڊ جي چانڊاڻ ۾،

رات ڇيڙيو آهي هلڪو مٺڙو راڳ،

ساري جڳ تي،

ننڊ جوگهرو نشو ڇانيل آ:

پر،

آءٌ آڌيءَ جو ٿو ويٺو سوچيان،

”ڇا اڪيلوئي اڪيلو،

”آءٌ پنهنجا سور سيني منجهه سانڍي،

”زندگانيءَ جي ڪٺن رستن تان ٿو هلندو رهان؟

”ڇا اڪيلو ئي اڪيلو!

”سوچ جي ساگر ۾ لهرن ساڻ لڙهندو ٿو وڃان؟“

سوچيان ٿو ”منهنجي دنيا آهه ڇا؟

روپ ڀي  آ، رنگ ڀي؟

”يا بسنت آ؟

يا بهار؟

باغ ۾ ڪنهن بند مکڙيءَ جو حجاب؟

يا آ پوري چنڊ جي بي داغ چانڊوڪي؟

يا ڪنهنجي زلف جي سايي ۾ خوشبودار آ

ڪائي گهڙي؟

يا پيل گل جي گلي ۾ شبنمي قطرن جو هڪڙو

آهي هار؟

يا محبت؟

يا شباب؟

ساٿيو!

مان، جوهڪڙو راهي آهيان سوچ جي نگريءَ جو،

منهنجا دوستو!

مدتن کان سوچيان ٿو،

منهنجي اهڙي قسم جي هرڪلپنا

محدود آهه،

ڇا، رڳو مان ئي دکي آهيان هتي،

ٻيو ڪو به ناهه؟

ڇا، رڳو منهنجي جهان تي موت جو سناٽو آهي؟

خوبصورت زندگي

هڪڙي وئشيا وانگي محلن جي حسين آغوش ۾

جهومي ٿي پئي؟

ڇا رڳو مان ئي ڏڌل آهيان ڏکن جو؟

ساٿيو!

سوچ جي هر وهڪري ۾ بي خبر لڙهندو وڃان

ڇا اڪيلو ئي اڪيلو،

بي خبر ۽بي سهاري، سور ٿو سهندو وڃان؟

ڪر پئي، سنسار آ سورن جو گهر،

اي ساٿيو؟

رات اڃا باقي آ، ٿيو ناهي سحر،

اي دوستو!

آ اڃا تائين خزان جي قيد ۾ رنگين بهار،

اڄ ڀي چمن ويران آ،

اڄ ڀي،

اڃا تائين به هت،

ذلت سندو سامان آ،

مفلس جو ڪهڙو مان آ؟

رات چانڊوڪي سهي، پر رات آ،

اي ساٿيو!

 

سوچيان ٿو مان.

مون کي

”هڪڙي رات جاڳوءَ کي آ ڪنهنجو انتظار“

”جنهن جو اوسيڙو اٿم، پرڀات آ“

پر،

دوستو!

سوچيان ٿو مان،

”ڇا اڪيلو ئي اڪيلو،

”صبح جي سڪ ۾ پيو سڙندو وڃان؟

”ڇا اڪيلو ئي اڪيلو،

”رات جي راڱن سان لڙندو وڃان؟“

منهنجا ساٿي بيشمار،

مون سان شامل

رات جا راهي،

مگر پرڀات جا پريمي،

هزار.

مون سان، هن اونداهه جي

۽ سانت جي ساگر ۾،

اهڙا ناکئا، اهڙا مسافر ٿا هلن،

جي نه ڪنهن طوفان ڀر ڪڏهين ڊڄن،

جي حسين اوشا جي ڳولا ۾ سدا هلندا رهن،

۽ ............ مان اڪيلو ناهيان.

 

شيخ ”راز“

ميڪدهء حيات

درد ۽ رنج سان لبريز زمانو سارو،

وقت آيو ته اجهو ڇلڪي پيو،

هر طرف شور عادل آهي،

ڄڻڪ گلشن ۾ لڳي آهي باهه،

ڄڻڪ محفل ۾ ٻري ٿو ڪو چراغ ِ سحري؛

خشڪ محفل ٿي وئي، بند ٿيو چنگ ورباب،

ٿي وئي ختم جواني منهنجي

يعني ڪا رات سهاني منهنجي،

هڪ پلڪ لاءِ اچي پوري ٿي!

 

اهڙو ڪو سرد هوا جو جهلڪو،

جنهن ڪيو جسم جي هر تار کي بيڪار ضعيف،

جنهن ٻڌايو دلِ بلبل جي علالت جو راز،

موتئي سرو سمن جو احوال،

جنهن ڪئي محفلِ گلشن جي خبر،

جنهن ڪئي گرميءَ رخسار جي ڳالهه،

جنهن ڪئي بزمِ طرب باز جي ڳالهه،

جنهن ڪئي عشق جي رفتار جي ڳالهه،

جنهن ڪئي حسنِ فسون ساز جي ڳالهه،

جنهن ڪئي عظمت گلچين جي خبر،

جنهن ڏنو ساقيءَ گلفام جو حال:

ٿي ويو دوست، هي خاموش جهان،

هر طرف موت جو سايو ڇانيو،

بيڪسي مرده دلي ڇانئي آهه،

زندگي موت جي آغوش ۾ آهه،

ساري عالم تي حڪمران آ سڪوت،

آسمانن تي جمود،

گلشنِ زيست جو لٽجي ويو شباب!

ڪشتي عيش و طرب گردشِ گرداب ۾ آهه،

ڪيئن پڄي ڪوئي ڀلا – دور هو ساحل آهي،

حسرت بوي چمن ڇو دلِ بيتاب ۾ آ!

۽ وري طاقت پرواز نه آهي جنهن ۾؟

تو ٻڌي دوست ڪهاني منهنجي،

اٿ، اٿي هل ته هلون ٿي ويو وقت سحر،

گرچه هي منهنجو بدن آهي نحيف!

 

طوفان عظيم

 

تون مون سان پنهنجي مقدر جي گلا ڇو ٿي ڪرين،

ڄڻڪ مون کي تون پنهنجي راهه تان اڇلين ٿي پري!

اي منهنجي جان! زماني ۾ رهڻ جو دستور،

جيڪي تو سمجهيو آهي، منهنجي آڏو آهي خام:

يعني هي وقت جو طوفانِ عظيم،

ڪيترو وقت ڪومائيندو چمن کي، گل کي؟

ڪيترو وقت زماني جي مٿان هوندو جنون؟

ڪيترو وقت فقيرن جي مٿان هوندو غنيم؟

ڪيترو وقت هي خاموش جهان؟

ڪيترو وقت هيءَ انسان جي زبان،

يعني بند هوندي چپن جي وچ ۾؟

 

بوي گل پيرهن گل ۾ رهي ٿي مستور،

جسم ۾ روح جي تابنده رهي ٿي تنوير،

دل جي آئيني ۾ انسان جي صورت آهي

يعني انسان جي عظمت توقير!

آسمانن تان وري ايندي نويد،

ٿي ويندي ساري زماني جي مٿان عيد سعيد،

اي منهنجي جان، اهو وقت پري، ناهي پري،

تون ڀلا ڇو ٿي ڊڄين!

اي منهنجي جان، ڀلا ڇو ٿي ڊڄين؟

موت هڪ وقت ته اچڻو آهي،

اڄ نه آيو ته سڀان اچڻو آه،

زندگي خواب آهي، آ خيال،

عيش راحت نه ڪڏهن ساڻ رهي،

ويا هتان دارا، سڪندر، خسرو،

زندگي ڪجهه به ناهي، بي معنيٰ

ڇڏ ته ڪجهه اڳتي وڌان،

۽ وڌي، خونِ جگر سان پنهنجي،

پنهنجي تقدير جو هڪ باب لکان!


”مصطفيٰ“ جتوئي

 

......... اي همدم!

چؤ تنهنجو آهي ڪهڙو خيال اي همدم؟

پنهنجي محبوب وطن کي اسين برباد ڪريون؟

جتي معصوم نگاهن جا ڦرن جام هجوم،

جتي اميدي، محبت جا ٿا ٻهڪن چهرا،

آدميت جا اشارا جتان هر پل پسجن،

ان کي خود غرض مفادن لئي ڇوقربان ڪريون؟

اي صنم منهنجو انهيءَ ڳالهه ۾ تون ساٿ نه ڇڏ،

مان صلح ۽ امن جو شيدائي ۽ خواهان آهيان،

مون کي انصاف جو ڏسڻو آهي هت شان بلند،

مون کي هر چهري ۾ آ رنگ گلابي ڀرڻو،

سبز و شاداب ڏسڻ چاهيان ٿو مان پنهنجو وطن،

۽ مٽائڻ ٿو گهران جنهن کي چون رنج و محن

اچ اي محبوب، محبت جو جهان اڄ جوڙيون،

عشق، آرام ۽ جنت جو نظارو جوڙيون

ها، جتي ظلم جي بو ڪنهن کي ڪٿان ڀي نه اچي

جتي انسان نه انسان کان بيزار هجي،

فڪر ۽ علم و ادب، فن جتي آزاد هجن،

جتي زنجير قلم تي ۽ زبان تي نه هجي،

جتي عصمت سندي عظمت رهي قائم دائم

 

چؤ اي محبوب، بدلبو نه هي ماحول خراب؟

جنهن ۾ انسان کي انسان ٿو پيڙي بيجا،

جنهن ۾ انصاف جي مٽي ٿي ٿئي هر وقت پليد،

بي گناهن تي جتي ظلم و ستم آهي روا،

۽ جتي جرم ۽ غداري آهي حُبِ وطن!

 

آ هلي هاڻ، محبت جو نئون شهر ٻڌون،

جت نه بيڪار هجي ڪوئي، نه آزار هجي،

تنهنجي چهري تي جا پيلاڻ رهي ٿي هر دم

وڃي تبديل ٿي لالاڻ  ۽گلگونيءَ ۾،

تون سدا خوش رهين، مان توسان رهان خوش گڏجي

ڪيڏي شاداب اها دنيا اسان جي هوندي!

 

اي صنم اچ ته نئون رنگ، زماني ۾ ڀريون

امن و انصاف جي عزت پنهنجو ايمان ڪريون.

حُب انسان کي ايمان سندي جان ڪريون

امن و الفت جي نئين بستيءَ جو اعلان ڪريون

جت محبت جا ملن جام سڀن کي ڀرپور،

جت نه غمگين هجي ڪوئي، نه غم جو سامان

سڀڪو محنت جي مزي ساڻ سدا شاد هجي،

جنهن ۾ انسان سان انسان جي محبت پيهم:

آ هلي ڪو ته محبت جو جهان اڄ جوڙيون،

عشق آرام ۽ جنت جو نظارو جوڙيون!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com