سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :14

دنيا جي، سال 1954ع وارن، بهترين مختصر افسانن ۾ شمار ٿيل

 اصل –پ. پدما راءُ جو

سنڌيڪار: هادي بخش لاڙڪ

خيرپور (سنڌ)

”طوفان“

 

طوفان جي تيزي وڌندي رهي، ۽ ريل پڻ ليٽ آئي هئي. جئن هن سيڪنڊ ڪلاس گاڏي ۾ قدم رکيو، تئن کيس پنهنجي گهر جي آرام ۽ آسائش جي يادگيري دل تي تري آئي. طوفان جي سوساٽ سندس خيالات ۾ رخنو وڌو ۽ وري کيس پنهنجن چئن پٽن ۽ گهرواريءَ جو خيال ستائڻ لڳو. ”شايد هو منهنجي سک سلامتيءَ بنسبت سوچيندا هجن!“

گاڏيءَ جي چئني بئنچن تي مسافر براجمان هئا، ۽ راءُ سندن چهري مان ئي پروڙي ورتو ته هو گاڏي ۾ وڌيڪ مسافرن داخل ٿيڻ جي بلڪل خلاف هئا. راءُ هن گاڏي مان نڪري ٻئي ڪنهن خالي گاڏي ڏانهن جڳهه ڏسڻ جو خيال ڪيو، پر هڪ ته ڪوليءَ سندس سامان اڳ ۾ ئي گاڏي اندر رکي ڇڏيو هو، ۽ ٻيو ته گاڏيءَ جي سيٽي پڻ وڄي چڪي هئي. پنهجي ڇٽي، ٿرماس ۽ ٽفن باڪس مٿينءَ سيٽ تي سنڀالي رکندي، راءُ هڪ سمهيل مسافر جي پيرن کان ويهي رهيو. سڀيئي مسافر شايد ڪنهن ڏورانهين منزل تي اُسهڻا هئا. هن ڏٺو ته سندن بوٽ بئنچن هيٺان پيل هئا،هنن پنهنجا ڪوٽ لاهي ڪلين ۾ ٽنگي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ رات جي ڪپڙن ۾ ڊگها ٿيا ليٽيا پيا هئا. ڀرسان واري سيٽ تي هڪ نوجوان مرد ۽ عورت پاڻ ۾ سنهيون سنهيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا- هو زال مڙس ٿي ڏٺا. سامهون واريءَ سيٽ تي هڪ ڪَرڙوڍ اخبار پڙهي رهيو هو، ۽ باقي راءُ واريءَ سيٽ تي سمهيل نهايت مزي سان کونگهارا هڻي هيو هو.

راءُ ريل گاڏيءَ ۾ سگريٽ نوشيءَ جي بلڪل خلاف هو، ۽ اهڙي نموني ۾ کيس هر هڪ مسئلي لاءِ ڪافي ڪجهه خيال هئا. زندگيءَ جون پنجاهه منزلون هن نهايت ڪاميابيءَ سان طئي ڪيون هيون. ڪامياب وڪيل هئڻ ڪري، هن کي هر مسئلي تي ڳالهائڻ جي ڪافي مهارت حاصل هئي. اڄ ڪلهه هن وڪالت کان رٽائر ڪيو هو، ۽ عوامي جلسن تقريرن ۽ تبليغ کي پنهنجو شغل بڻايو هو. اڄ به راءُ ان سلسلي ۾ موحدن جي ميڙ کي خطاب ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

اوچتو طوفان جي تيزيءَ سبب، ڪمري ۾ اوندهه انڌوڪار ڇانئجي وئي. ڀرسان ويٺل هڪ همراهه، جوهڪ جاسوسي ناول پڙهي رهيو هو، راءَ کان ٽائيم دريافت ڪيو.

”منهن جي خيال ۾ ٽي لڳا آهن،“ راءُ مزي سان وراڻيو.

”ڪيتري نه اونداهي ڇانئجي ويئي آهي!“ راءُ جي ساٿيءَ عجب مان پڇيو. راءُ جواب ڏيڻ بدران هُن جي مُنهن ڏانهن غور سان نهاريو. هو لڳ ڀڳ راءُ جو هم عمر ٿي ڏٺو، ۽ راءُ حيران هو ته ان عمر ۾ جاسوسي ناول مان سندس همسفر کي ڪهڙو لطف حاصل ٿي رهيو هو.

راءُ کي پنهنجي تندرستيءَ تي ناز هو. سندس زال راءُ کان وڌيڪ پوڙهي معلوم ٿيندي هئي. هو زال کي اڪثر چوندو هو ته ”ماڻهو توکي منهنجي وڏي ڀيڻ ۽ ڪي ماءُ سمجهندا آهن!“ راءُ سچ پچ ته 25 ورهين واري پٽ جو پيءُ نٿي لڳو. پٽس راءُ جي گادي وسائي هئي ۽ پيءُ جي جاءِ تي وڪالت شروع ڪئي هئائين.

زوردار هوا لڳڻ ڪري، گاڏي جون دريون بند ڪيون ويون هيون. ڪڏهن ڪڏهن برسات جون بوندون گاڏي جي اندر گهڙي ٿي آيون. سرديءَ سبب سامهون ويٺل جوڙي هڪ ٻئي جي قريب اچڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائڻ بعد وري پرڀرو ٿي ويٺا. ”هت ايتري بي حجابي مناسب نه ٿيندي.“ نوجوان پنهنجي ساٿيءَ عورت کي مُرڪندي ٻڌايو. نوجوان سگريٽ دکايو ۽ وڏا ڪش هڻندو رهيو. عورت جي گـهُنڊيدار وارن مان هڪ ڳت سندس ڳلن تي ڪري ناچ ڪرڻ لڳي. راءُ اندازو لڳايو ته ”هيءَ حسين عورت قريب قريب سندس ڌيئرن جي ئي هم عمر هوندي!“

برسات وڌندي رهي. طوفان جو گوڙ شور، ريل جي گڙگڙاهٽ تي غالب هو. اوچتو گاڏي جو دروازو زور سان کليو ۽ ٻاهرين هوا اندر ڌوڪي آئي، ۽ ان سان گڏ هڪ عورت جنهن جا ڪپڙا پاڻيءَ ۾ پسيل هئا، اندر داخل ٿي. جلدي هر گوشي کان احتجاج جوآواز بلند هيو. پر عورت بلڪل اطمينان سان دروازو بند ڪري، ڪنڊ ۾ بيهي رهي. هـُن جي ڪپڙن مان برسات جو پاڻي ٽمي رهيو هو. راءُ جي سامهون ويٺل پوڙهي مسافر هڪل ڪئي، ”ڇا توکي خبر نه آهي ته هي سيڪنڊ ڪلاس گاڏو آهي؟“

”اڙي بابا! هڪ غريب لاچار جي بيهڻ مان اوهان کي ڪهڙي تڪليف ايندي. مون مسڪين بيواهيءَ جي ڪا مدد ڪريو. مون کي يقين آهي ته ڪنهن غريب کي بک وگهي مرڻ نه ڏيندو.“

راءُ هُن ڏانهن غور سان نهاريو ۽ هن جي اکين ۾ چمڪ محسوس ڪئي. هوءَ ٽيهن ورهين جي ٿي لڳي ۽ هُن جي مهانڊي مان بـُک ٿي بَکي؛ پر جيئن هن چيو ٿي، تيئن هروڀرو مرڻ جهڙي ڪا نه ٿي لڳي. جڏهن هـُن راءُ اڳيان خيرات لاءِ هٿ ڊگهيريو، تڏهين هن اصول خاطر پئسي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هوءَ سامهون ويٺل پوڙهي جي پيرن تي ڪري پيئي، مگر ڪجهه ڪين وريو. ڌڪو ڏيندي پوڙهي ڪاوڙ مان چيو، ٽري وڃ! هلي وڃ!“

”بابا، ائين ڇڙٻ سان نه موٽاءِ. مون کي پَڪَ آهي ته (راءُ ڏانهن اشارو ڪندي) هن سائينءَ وانگر تون بي قياس نه آهين. هو آسانيءَ سان ’نه‘، ’نه‘ چئي سگهي ٿو. هن کي دل ۾ ڪو قياس ڪونهي.“ راءُ کي هن عورت جي مذاق تي خيال ضرور ٿيو، مگر ڪري ڪجهه نه ٿي سگهيو .پوڙهو منجهي پيو ته هن کي پئسو ڏيئي جان ڇڏائي، يا پنهنجن ٻين ساٿين وانگر بنهه انڪار ڪري ڇڏيس. آخر هن مٿيئن دل سان فقيرياڻيءَ کي چيو، ”معاف ڪر“!

”مان هن گاڏي ۾ اها اميد کڻي آئي هيس ته امير ماڻهو مون کي بک وگهي مرڻ کان بچائيندا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جو قوت گذران ملي ويندو. مون اهو نٿي ڄاتو ته پئسي بجاءِ دڙڪا نصيب ٿيندا. مان اهو به ڄاڻان ٿي ته مڙن ئي مسافرن کي منهنجي بيڪسيءَ لاءِ همدردي ضرور آهي.“ راءِ جي ڀرسان ويٺل مسافر ڪتاب پڙهڻ بند ڪيو ۽ هن ڏانهن تڪيندي پڇيائينس ”تون ڪٿان جي آهين؟“

”بابا! اوهان جهڙا رئيس ئي ڪٿي رهي سگهن ٿا. توهان محلاتن جا مالڪ آهيو، جتان اسان جهڙن پينن کي تڙايو ويندو آهي. اسان غريبن کي جتي رات پئي اهو اسان جو گهر آهي.“

”هيءَ ته ڏاڍي زبان دراز ٿي معلوم ٿئي،“ پوڙهي راءَ کي انگريزيءَ ۾ چيو.

”مون کي انگريزيءَ ۾ نه ڳالهايو، بابا! آءُ ڏاڍي ڏکويل آهيان.“

راءِ منزل مقصود تي عنقريب پهچڻ وارو هو. هن کي اميد هئي ته سندس استقبال لاءِ ماڻهو اسٽيشن تي آيا هوندا. طوفان جي تيزي بدستور وڌندي رهي، هو وڻن جي ڪرڻ جا آواز ٻڌي رهيو هو.

پينو عورت حسين جوڙيءَ ڏانهن نهاريندي چيو، ”هوڏانهن ڏسو منهنجي ننڍڙي امڙ ۽ نوجوان بابو! امڙ مون تي ڪا ڪهل ڪريو ۽ بابوءَ کي چئو ته ڪجهه ڏئيم. مون غريب کي بي مهابي ڇو ٿا موٽايو؟....... ڇا امڙ جو بابوءَ سان جهڳڙو ٿي پيو آهي؟........... اڙي ننڍڙو بابو ته سگريٽ ٿو ڇڪي. امڙ کي گهرجي ته هن کي ان عادت کان روڪي....... واه واه! ننڍڙي امان ته هاڻي کلي ٿي.“ نوجوان زوردار ٽهڪ لڳايو ۽ چيائين ته ”تون اسان وٽ نوڪري ڇو نه ٿي ڪرين؟ اسان توکي ماني ۽ لٽو ڪپڙو ڏينداسون.“

”ڪجهه ڏيوس ۽ ڇڏيوس ته وڃي!“ نوجوان عورت مڙس کي مخاطب ٿي چيو. ”مون کي خبر آهي ته ننڍڙي امان ڏاڍي رحم دل آهي. هاڻي پوڙهو بابو به ڪجهه ضرور ڏيندو. مون کي، هن کي ناراض ڪرڻ نه گهربو هو. مون کي معلوم  آهي ته هو ڏاڍو رحمدل آهي.“ گاڏي ۾ راءُ کان سواءِ، هن پينو عورت کي هر ڪنهن مسافر ڪجهه نه ڪجهه ڏنو. راءُ پنهنجن خيالن ۾ محو هو. هُن جي اسٽيشن نزديڪ اچي رهي هئي. ۽ هو هڪ گهري سوچ ۾ غلطان هو.

ريل نيٺ رُڪي. راءُ کي ڪجهه وقت تي خبر ئي نه پئي. هو يڪدم ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ڇٽي کولي هيٺ لهي پيو. پينو فقيرياڻيءَ راءُ کي سامان کڻي هلڻ لاءِ چيو ۽ هن  به انڪار نه ڪيو. راءُ پليٽ فارم پار ڪري ڇپري ۾ بيهي رهيو. فقيرياڻيءَ هن جو ڳرو سامان کڻي آرام واري ڪمري ۾ رکيو. اسٽيشن تي روشنيءَ جو ڪو به نانءُ نشان ڪو نه هو. هن ڪجهه ڏوڪڙ ڪڍي فقيرياڻيءَ کي ڏيڻ گهريا، جي هوءَ وٺي ۽ ڪجهه لفظ چوندي رمندي رهي.

راءُ سخت پريشان هو، ۽ ويٽنگ روم ۾ قدم رکندي هن جو دماغ عجيب الجهن ۾ گرفتار ٿي ويو. اهڙي ڀوائتي ۽ خطرناڪ طوفان ۾ پير سوگهو جهلڻ ئي مشڪل ڳالهه هئي. راءُ جا ڪپڙا برسات ۾ پسي چڪا هئا. هن بئگ مان اونو ڪڙتو ڪڍي پاتو، مفلر گلي جي چوگرد ڦيريو ۽ ٿڌ جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويٺو- راءُ جي نگاهه ريل جي چرندڙ بتين تي پيئي. هن سمجهيو ته ڪو ٻاهر اسٽيشن تي ضرور هوندو. هو ٻاهر نڪتو ۽ هن جي نگاهه ٻن چرندڙ مهانڊن تي پيئي، جي پليٽ فارم پار ڪري رهيا هئا. نزديڪ وڃڻ سان راءُ کي معلوم ٿيو ته هڪ اسٽيشن ماستر ۽ ٻيو ڪولي هو.

”مون کي شهر ڏانهن وڃڻو آهي.“ راءُ هنن کي ٻڌايو.

”ناممڪن، رستا قطعاً بند ٿي چڪا آهن: رستي جو هر هڪ انچ وڻن جي ڪرڻ سبب بند ٿي چڪو آهي. هر هڪ چيز درهم برهم آهي. ٽيليفون سروس پڻ بند ٿي چڪي آهي. توهان کي ويٽنگ روم ۾ رات بسر ڪرڻي پوندي. اسان کي تار پهتي آهي ته طوفان جي سختي اڃا 36 ڪلاڪ رهندي.“

”پر ويٽنگ روم ۾ ٻيو ڪو به ماڻهو ڪو نه آهي“، راءُ پريشانيءَ مان پڇيو.

”اسان مجبور آهيون، جيڪي ڪجهه آهي، سو اهو آهي. اوهان کي حالتن پٽاندڙ منهن ڏيڻو آهي.“ اسٽيشن ماستر مٿيون جملو چوندي هليو ويو. راءُ نااميديءَ سان واپس اچي آرام ڪرسيءَ ۾ دراز ٿيو. جيتوڻيڪ هوا ۽ برسات جو پاڻي باقاعدي اندر اچي رهيو هو، تڏهن به راءُ کي دروازي بند ڪرڻ جو خيال ئي ڪو نه آيو. هڪ عجيب ۽ اوچتي  ڊپ اچي راءُ کي سوگهو ڪيو. اونداهي طوفان جي وڌندڙ تيزي راءُ جا حواس باخته ڪري ڇڏيا.

اوچتو ئي راءُ جي نگاهه هڪ پاڇي تي پيئي،  ۽ هن انڌاريءَ ۾ هڪ سايو ڏٺو، جو ڪمري ۾ داخل ٿيو. راءُ ٽارچ جي روشني ڪئي ۽ ساڳيءَ پينو عورت کي پسيل ڪپڙن ۾ ڏٺو، جا سرديءَ سبب ڏڪي رهي هئي. هن جا آلا وار سندس منهن کي چهٽيا پيا هئا ۽ سندس ڪپڙن مان پاڻي ٽمي رهيو هو.

”اوهان دروازو ڇا لاءِ بند نه ڪيو؟ ائين ڪيو ها ته ايتري سردي محسوس نه ڪيو ها.“ هي جملو فقيرياڻيءَ بلند آواز سان چيو، جيئن راءُ ٻڌي سگهي. راءُ ڇلانگ ڏئي اٿيو ۽ دروازي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زور دار هوا سبب دروازي جا بلٽ اکلي پيا. پوءِ ٻنهي گڏجي ڪرسيون ۽ ميزون دروازي جي تاڪن سان لڳائي ان کي مضبوط ڪيو.

راءُ حيران هو ته شروع ۾ هن دروازو بند ڇو ڪين ڪيو! يڪدم ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڌماڪي جو آواز ٿيو.

”شايد ڪا ڀَر ۾ جاءِ ڪري پيئي. ممڪن آهي ته هن جاءِ جو ڪو حصو هجي. توبهه! ههڙو طوفان مان ڪڏهن به نه سنڀران“، فقيرياڻيءَ بلڪل بي پرواهيءَ سان چيو، راءُ جي پريشاني وڌي ويئي، ۽ هن ٽارچ جي روشني فقيرياڻيءَ جي منهن طرف ڪئي – فقيرياڻي ٿڌ سبب ڪنبي رهي هئي. پنهنجي بئگ کولي راءُ هڪ گرم لوئي ڪڍي ۽ عورت کي ڏني، جا هوءَ پنهنجي بت کي ويڙهي ويهي رهي.

راءُ بک محسوس ڪئي ۽ بئگ مان بسڪوٽن جو دٻو ڪڍي عورت ڏانهن نهاريو، جا پڻ بکايل ٿي لڳي.

”ڪجهه بسڪوٽ کائيندينءَ؟“ راءُ هن کي صلاح ڪئي.

”اوهان ڇا چيو؟“ طوفان جي شور ۽ گهمسان سبب عورت راءُ جا لفظ ٻڌي نه سگهي. راءُ عورت ڏانهن وڌيو ۽ ويجهو اچي کيس ڪجهه بسڪوٽ ڏنا.

”مون وٽ ته کائڻ لاءِ اجهو هيءُ آهي“، راءُ نهايت نرميءَ سان چيو. راءُ اهي لفظ چئي پنهنجي بئگ تي وڃي ويٺو. راءُ کي عورت جي موجودگيءَ ۾ البت ڪجهه اطمينان هو. ان کان وڌيڪ ساٿي، اهڙي وقت ۾ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهيو ٿي. عورت کي بي فڪر ڏسي، راءُ خيال ڪيو ته شايد هوءَ اهڙين مصيبتن سان هري مري ويئي آهي.

راءُ گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو – رات جا نَوَ لڳي چڪا هئا. هن ائين ٿي محسوس ڪيو، ڄڻ هن کي ويٺي ڪافي عرصو ٿيو آهي. ”جيڪر ٻي اسٽيشن تي لهان ها: خواه مخواه هن ننڍڙيءَ اسٽيشن تي لهي مصيبت ۾ ڦاٿس. شهر هتان صرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ٻي اسٽيشن کان به سولائيءَ سان پهچي سگهان ها!“ اوچتو راءُ جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ سوچيائين ته جيڪڏهن هيءَ جاءِ ڪري پوي ته هتان نڪرڻ جي صرف هڪ ئي واهه آهي، سا به ڪرسين ۽ ميزن سان بند ڪئي ويئي آهي. راءُ عورت ڏانهن وڌيو ۽ کانئس پڇيائين، ”تون سمجهين ٿي ته هيءَ جڳهه ڪري پوندي؟“

”ڪيئن چئجي – ڏسڻ ۾ ته ڪافي مضبوط آهي. پر شايد طوفان وڌيڪ طاقتور هجي“، پينو عورت نهايت ئي اطمينان سان جواب ڏنو. راءُ واپس وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺو ۽ عورت سُري سندس ڀرسان ويٺي. راءُ چيس، ”پري کان اسان هڪ ٻئي کي ٻُڌي نٿا سگهون. مون نٿي ڄاتو ته طوفان ڪو اهڙو تيز ٿي سگهي ٿو.“ عورت نهايت ئي بي فڪريءَ سان چيو. ”فڪر نه ڪريو، اسان هڪ کان ٻه آهيون، هن ٽڪٽ بابوءَ ته مون کي هلنديءَ گاڏيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هينئر اوهان وٽ ويٺي آهيان. ان هوندي به مون کي ڪا شڪايت ڪانهي. توهان مون کي کائڻ لاءِ ڪجهه ڏنو آهي ۽ ٿڌ کان بچاءُ لاءِ گرم ڪپڙو پهرايو آهي. جيڪڏهن ڪجهه اڳڀرو وڃان ها ته ابتڙ حالت ٿئيم ها. انسان کي گهرجي ته هر حال ۾ دل نه هاري: فڪر يا ڳڻتيءَ مان ڇا هڙ حاصل!“

”توکي ڪو مِٽُ مائٽ آهي“؟ راءُ پنهنجو پاڻ تي هن سان اهڙيءَ گهرائپ سان ڳالهائڻ تي خار کاڌا. عورت ڏاڍيان ڳالهائڻ بدران راءُ جي نزديڪ ٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي:

”هر ڪنهن کي پنهنجا عزيز قريب آهن. پيءُ شرابي اٿم. ماڻهو چوندا آهن ته هو منهنجيءَ ماءُ جو قاتل آهي.......... مان باقاعدي ڪا شادي ڪا نه ڪئي آهي، پر هڪ بدمعاش مان ٻه پُٽ اٿم. منهنجو مڙس پڻ شرابي ۽ پڪو جواري آهي. سڄي ڪٽنب جو بار منهنجي سِرَ تي آهي. پٽڙا ننڍا آهن، جي اڃا پنڻ لائق ڪين ٿيا آهن. منهنجو مڙس منهنجي پورهئي مان هر روز اٺ آنا شراب تي خرچيندو آهي ۽ مون کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. مان سمجهان ٿي ته صرف شرم مٽائڻ لاءِ هو شراب نوشي ڪندو آهي.“

”هر روز گهڻو ڪمائيندي آهين؟“ راءِ هن کان ٻيو سوال ڪيو.

”ڪڏهن ته پنج روپيا به ٿي ويندا آهن. پر بعضي ڪي حضرت ته هڪ ٽامي جو ڏوڪڙ به ڪين ڦٽندا آهن. پر ڪنجوسن جي هَڙ مان ڪجهه ڪڍڻ کي آءٌ چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي.“ راءُ ٽارچ جي روشني هُن جي منهن ۾ هنئي ۽ڏٺائين ته هوءَ مرڪي رهي هئي. راءُ هن جي مشڪندڙ منهن ڏانهن تڪيندي خيال ڪيو ته ”هوءَ پنهنجي جسم کي ڪنهن ڌارئي جي حوالي ڪرڻ وقت ٻيو دفعو ڪڏهن به نه سوچيندي.“

”توهان مون ڏانهن اهڙيءَ طرح ڇو گهوري رهيا آهيو-مان هينئر ايتري خوبصورت نه آهيان، جيتري اڳ هيس.“

راءُ کي اهڙي بيحيائيءَ واريءَ گفتگو تي نفرت لڳي ۽ چيائين ته ”مان تنهنجي شڪل ڏانهن تڪي ڪين رهيو هوس، پر ٽارچ وسائڻ وسري ويئي هيم.“

اوچتو ئي اوچتو هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو..... دروازي وارو سامان ٽڙي پکڙي ويو ۽ دروازو زور سان کلي پيو....... راءُ ڇلانگ ڏيئي وڃي عورت جي بغل ۾ ويٺو، ۽ عورت کيس ٻانهن کان وٺي دروازي ڀرسان ڪنڊ ۾ هوا کان محفوظ جڳهه ۾ ويهاريو، ۽ پنهنجون ٻانهيون راءُ جي گردن ڏانهن اڇلايون. راءُ  کي هن جي ڀاڪر مان تقويت ۽ گرمائش پهچي رهي هئي.

”ٿورو ويجهو ٿيءُ، ۽ پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ڏانهن وڌاءِ ته پوءِ وڌيڪ آرام محسوس ڪندين. بابو تون ته سرديءَ ۾ ڏڪي رهيو آهين.“

پاڻ عورت ٿورو وڌيڪ راءُ سان لڳي ويٺي ۽ راءُ هن جي گرم ڇاتيءَ جو اثر محسوس ڪرڻ لڳو. عورت پنهنجو ڪلام جاري رکندي چيو، ”هيءَ ڪنڊ وڌيڪ محفوظ آهي........ بابوءَ کي ننڍڙيون نياڻيون آهن، جن جي باري ۾ شايد سوچي رهيو آهي! منهنجي جهوپڙي پڻ تباهه ٿي ويئي هوندي خبر نه آهي ته منهنجن ٻچن جوڇا حال هوندو. اميد اٿم ته پاڙي وارا ضرور هنن جي مدد ڪندا. منهنجو مڙد چڱو ماڻهو نه آهي. هو هن وقت به نشي ۾ مخمور هوندو.“ راءُ هن عورت جي ڳالهين ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. هو صرف هن جي گرم جسم کان واقف هو. اوچتو راءُ ڪجهه جُنبش محسوس ڪئي، ۽ عورت کي پنهنجي ڀاڪر ۾ سوگهو ڪيو، ۽ هن جي دل ۽ جذبات ۾ هڪ ولولو کڙو ٿيو، عورت، راءُ جي سٿر کي نرم ٿپڪي لڳائي، جنهن مان ظاهر هو ته هوءَ سڀڪجهه سمجهي رهي هئي. آهستي آهستي ۽ ........ پوءِ آخر راءُ جو دماغ ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺو. راءُ جي پيرن کي ننڊ اچي ويئي هئي. هو عورت کان کسڪي ٿورو پرڀرو ٿي ويٺو. عورت جي منهن ڏانهن شعاع ڪيائين ۽ هن ڏٺو ته هوءَ اگهور ننڊ ۾ ستل هئي ۽ هن جو منهن چنڊ وانگر پاڪ ۽سٻاجهڙو ٿي لڳو. طوفان جي تيزيءَ ۾ ڪا گهٽتائي ڪا نه آئي پر راءُ ٿڪاوٽ سبب سمهي پيو.

جڏهن راءُ سجاڳ ٿيو، تڏهن برسات بند ٿي چڪي هئي، باقي هوا جي تيزي برابر ساڳي هئي. پينو عورت غائب ٿي چڪي هئي، ۽ صبح جا پنج لڳي چڪا هئا. راءُ اٿي کڙو ٿيو ۽ هن جا گوڏا درد وچان ڏکي رهيا هئا. هن پنهنجن کيسن تي هٿ ڦيريو ته ٻٽون غائب ڏٺائين. راءُ  کي ته اهو خواب خيال ۾ ڪين هو ته ڪا پينو عورت چوري ڪري سگهي ٿي. ممڪن آهي ته رات جي مونجهاري ۾ ڪٿي وڃائجي ويو هجي. هن پهريائين ڪمري ۾ تلاش ڪئي ۽ پوءِ ٻاهر پلئٽفارم جاچڻ لڳو. جتي ڪٿي تباهيءَ جا آثار نمودار هئا. ڪجهه ماڻهو ريل جو بند وٺيون ٿي آيا. شايد شهر کان ايندا هجن. ڪجهه پري اسٽيشن تي زخميل ماڻهن جي ڪنجهڻ جو ڪمزور آواز اچي رهيو هو. ريلوي ٽڪٽ گهر طوفان جي زد ۾ اچي چڪو هو. ڪٻٽ، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان ناس ٿي ويو هو. اڃا ٿوري اونداهي هئي ۽ جئن هن جي اکين هلڪيءَ روشنيءَ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو تئن هن هڪ خاموش جسم ڏٺو، جنهن جو هيٺيون حصو جاءِ جي ڪرڻ سبب پوريل هو. هن ٽارچ ٻاري ۽ کيس معلوم ٿيو ته هوءَ ساڳي پينو عورت هئي! راءُ ڇرڪ ڀريو ۽  نئڙي هن جي پيشاني ڏٺي، جا ٿڌي ٿي چڪي هئي. عورت جي هڪ هٿ ۾ راءُ جو ٻٽون هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪجهه نوٽ  ۽ سڪا هئا. جي ظاهر – ٽڪٽ- گهر جي ٽجوڙيءَ مان نڪتل هئا. شايد ٽڪٽ ڪلارڪ، جان بچائڻ خاطر آفيس ڇڏي ڀڳو هو. راءُ جهڪيو ۽ بار بار هن جي پيشانيءَ کي چميو. هن جي اڳيان گذريل رات جا واقعات تري آيا. هي اهو ئي پيارو جسم آهي، جنهن گذريل طوفاني رات ۾ راءُ لاءِ اطمينان ۽ سڪون جو سامان مهيا ڪيو هو. ۽ هوءَ پاڻ طوفان جو شڪار بڻجي چڪي هئي. راءُ کي پنهنجن پئسن جو ڪو ارمان ڪين هو ۽ هِن چوريءَ لاءِ راءُ عورت کي جوابدار نه ٿي سمجهيو: راءُ عورت جي مجبورين کان بخوبي واقف هو. پينو عورت، راءُ کي اهڙي وقت ۾ ساٿ ڏنو هو، جنهن وقت هن جي ويجهو نه سندس زال هئي ۽ نه ڪو ٻار.

ڪيترن ئي ماڻهن جا آواز قريب اچي رهيا هئا. راءُ اٿي بيٺو ۽ ڪجهه سوچڻ لڳو. اوچتو هن کي خيال آيو. راءُ هن جي هٿ جون آنڱريون ڍريون ڪيون ۽ پئسا ڪڍي واپس ٽڪٽ – گهر جي کليل دراز ۾ اڇلايا. پنهنجو ٻٽون راءُ واپس وٺڻ نٿي چاهيو: سوچيو ته هن جي ڪا نشاني سندس ساٿيءَ وٽ رهڻ گهرجي. نهايت آهستگيءَ سان ٻٽونءَ مان راءُ پنهنجي نالي وارو ڪارڊ کسڪائي ورتو، ۽ اڳتي وڌي ويو...........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com