سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:6

باب چوٿون

ٽالپرن جي سياسي تاريخ ۽ ان

۾ خيرپور جي ميرن جو حصو

تعارف: سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپرن جي سياسي ۽ قومي خدمتن جو مطالعو مختلف زاوين کان ڪري سگهجي ٿو. ٽالپر، ڪلهوڙن جو ابتدائي دور ۾ فوجي اڳواڻ ٿي آيا ۽ هالاڻي جي جنگ کان پوءِ هن ملڪ جا حاڪم ٿيا. انهيءَ عرصي دوران سندن ڪلهوڙن کان سواءِ مکيه سرحدي حڪومتن ۽ حڪمرانن سان واسطو پيو. انهن لاڳاپن جي حوالي سان ٽالپرن جي سياسي بصيرت ۽ قومي خدمت جي هڪ جهلڪ هيٺ ڪجي ٿي.

.i سنڌ ۽ ڪلهوڙا: ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا تعلقات جو مختصر احوال اڳئين باب ۾ اچي چڪو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مير شهداد خان ۽ سندس پٽن مير ڄام نندي خان مير بهرام خان جي فهم و فراست ۽بهادري جي ذريعي سندن اقتدار جو پاڙون پختيون ٿيون ۽ وري ميان سرفراز خان ۽ ميان عبدالنبي خان جي ناداني ۽ درٻاري سازشن سبب سندن حڪومت تي هميشه لاءِ زوال اچي ويو ۽ سنڌ جي حڪومت تي ٽالپرن جو قبضو ٿيو.

.ii سنڌ ۽ نادر شاهه: سن 1739ع ۾ ايران جي بادشاهه نادر شاهه هندستان تي حملو ڪيو ته سنڌ به سندس يلغار کان بچي نه سگهي ۽ هو ميان نور محمد خان کي شڪست ڏئي سنڌ کي پنهنجي باجگذار بڻائي ويو. سنڌ مان موٽڻ وقت ميان نور محمد خان جي پٽن سان گڏ ٽالپرن جي سردار مير ڄام نندي خان کي به يرغمال طور پاڻ سان وٺي ويو، جنهن مشهد ۾ وفات ڪئي.

 

.iii سنڌ ۽ پٺاڻ: نادر شاهه جي قتل کان پوءِ سندس سپهه سالار احمد خان ابدالي پاڻ کي دراني جو لقب ڏنو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي هن جي مخالفت ڪئي، پر ناڪامياب ٿيو ۽ سنڌ جي حڪومت ايران بدران افغانستان جي مطيع بڻجي وئي. احمد شاهه ابداليءَ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ تيمور شاهه افغانستان جو بادشاهه ٿيو. تيمور شاهه جي وقت کان وٺي قنڌار جا پٺاڻ جڏهن ڪڏهن سنڌ تي حملو ڪندا پنهنجا کيسا گرم ڪندا رهيا، ايتري قدر جو اها چوڻي عام ٿي وئي ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون ڌوڪو“.

ان وقت سنڌ جو حاڪم ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙو هو، جنهن جي ڏينهن ۾ ٽالپرن جو سردار مير بجار خان ولد مير بهرام خان حڪومت جو مدار المهام هو(1). ميان عبدالنبي خان جو ڀائٽيو ميان عزت يار خان افغانستان ۾ پنهنجي چاچي جي خلاف دانهين ٿيو ۽ تيمور شاهه ان کي پنهنجي مشهور سپهه سالار محفوظ خان سان گڏي وڏي لشڪر سان سنڌ تي چاڙهي موڪليو. مير بجار خان ميان عبدالنبيءَ کي ساڻ ڪري پٺاڻن جي ٽيهن هزارن جي لشڪر سان شڪارپور ۾ لڙائي ڪئي. پٺاڻن شڪست کاڌي مگر مير بجار خان شاهي احترام کي نظر ۾ رکي هنن سان تمام سٺو برتاءُ ڪيو ۽جنگي قيدين کي آزاد ڪري انعام ڏنا (2).

پٺاڻن جي جي هار جو ٻڌي، تيمور شاهه پاڻ هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري، سنڌ تي چڙهي آيو. مير بجار خان هن جي احترام ۾ شاهي فوج جي لنگهڻ لاءِ درياهه تي هڪ ٻيڙين جي پل تيار ڪرائي ڇڏي ۽بادشاهه ڏانهن هڪ درخواست رواني ڪري پنهنجي وفاداري ۽ پٺاڻن جي اٻهرائي ۽ زيادتي جو ذڪر لکي موڪليو. اها درخواست کيس رستي تي ملي، جنهن جي پڙهڻ سان ڏاڍو متاثر ٿيو. ان کان پوءِ مير بجار خان به سندس خدمت ۾ پهچي ويو ۽ هن کي دانائي سان راضي ڪري رستي تان ئي موٽائي ڇڏيائين.

مير بجار خان جي شهادت کان پوءِ ميان عبدالنبي ٽالپرن جي سردار مير عبدالله خان ولد مير بجار خان تي قنڌار مان مدد خان اسحاق زئي کي چاڙهي آيو، جنهن ڪافي ڏينهن ڦرلٽ ڪري، سنڌ تي وڏي تباهي آندي، ٽالپرن وري به بادشاهي لشڪر جو احترام ڪيو ۽جنگ ۾ اٻحرائي نه ڪئي. نيٺ سفيرن جي ڪوشش بعد صلح ٿيو ۽مدد خان ميان عبدالنبي خان کي تخت تي ويهاري موٽي ويو. وري جڏهن ميرن مير فتح علي خان جي سرڪردگي ۾ ڪلهوڙن کي هالاڻي جي جنگ ۾ شڪست ڏئي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، تڏهن به ميان عبدالنبي خان تيمور شاهه وٽ فريادي ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي ٽالپرن به تيمور شاهه ڏانهن پنهنجا وڪيل موڪليا. ٻنهي طرفن جون ڳالهيون ٻڌي، تيمور شاهه فيصلو ڪيو ته سنڌ کي اڌو اڌ ڪري، ميرن ۽ ڪلهوڙن کي ڏني وڃي. هن ميان عبدالنبي خان کي ميرن کان اڌ ملڪ وٺي ڏيڻ لاءِ پنهنجي سردارن: بوستان خان ۽ اخلاص خان کي وڏي لشڪر سان سنڌ ڏانهن موڪليو. ميرن جا وڪيل انهيءَ فيصلي کان مايوس ٿي اتيئي رهي پيا ۽ روزانه بادشاهه جي خدمت ۾ اچي کيس ميان عبدالنبيءَ جي سياسي نااهليءَ جون حقيقتون ٻڌائيندا رهيا. هوڏانهن سنڌ ۾ جڏهن ميرن کي تيمور شاهه جي انهيءَ فيصلي جي خبر پئي، تڏهن چاليهه هزار بلوچن جو لشڪر وٺي پٺاڻن سان مقابلي لاءِ روهڙي اچي پهتا. پٺاڻن جو لشڪر لاڙڪاڻي تائين پهتو هو. اڃا لڙائي جي نوبت ڪانه پهتي هئي ته ميرن جي وڪيلن هڻي هنڌ ڪيو ۽ بادشاهه کي راضي ڪري وڌائون، جنهن پنهنجو فيصلو ڦيرائي، ميرن لاءِ سنڌ جي حڪومت جو پروانو لکي ڏنو. هو اهو پروانو ۽ لڙائي نه ڪرڻ جو حڪمنامو وٺي، ڪاميابيءَ سان سنڌ ۾ آيا. بوستان خان ۽ اخلاس خان بادشاهه جو حڪمنامو پڙهي، ميان عبدالنبي کي نااميد ڪري افغانستان موٽي ويا ۽ مير بي فڪر ٿي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا(1).

افغانستان جي بادشاهه کان سنڌ جي حڪومت جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ مير فتح علي خان جي مرضي اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ جي هئي، پر اها ڳالهه مير سهراب خان ۽مير ٺاري خان کي نه وڻي ۽ ٻئي ڄڻا ناراض ٿي، پنهنجا راڄ وٺي، خيرپور ۽ ميرپورخاص ۾ پنهنجون ڌار حڪومتون بڻائي ويٺا. انهيءَ بي اتفاقي جو وجهه وٺي وري به ميان عبدالنبي تيمور شاهه جي درٻار ۾ ويو ۽ احمد خان نورزئي ۽ بوستان خان کي وڏي لشڪر سان سنڌ تي چاڙهي آيو. مير فتح علي خان سان خيرپور ۽ ميرپورخاص جي ميرن ساٿ نه ڏنو، تڏهن به خدا تي ڀروسو رکي، هالن جي شهر وٽ اچي پٺاڻن سان لڙيو ۽ ڪامياب ٿيو (1).

پٺاڻن جي شڪست جو ٻڌي تيمور شاهه پاڻ ئي چڙهائي ڪئي. مير فتح علي خان هڪدم هڪ درخواست بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ڏني، جنهن ۾ احمد خان نورزئي ۽ ٻين پٺاڻن جي اڳرائي جو احوال ۽ پنهنجي مجبوري جي حقيقت لکي موڪليائين. بادشاهه درخواست پڙهي، پنهنجي صلاحڪارن کان مشورو ورتو، جن مير فتح علي خان جي سفارش ڪئي. ايتري ۾ هن کي افغانستان ۾ ڪجهه فسادن جو اطلاع به مليو، تنهن ڪري واٽ تان ئي ڪابل موٽي ويو.

تيمور شاهه افغانستان جي فسادن کي منهن ڏئي، وري ٻئي سال پنهنجي سردار پائينده خان جي هٿ هيٺ سنڌ مان خراج و‎ٺڻ لاءِ لشڪر چاڙهي موڪليو. مير فتح علي خان به مقابلي لاءِ تيار ٿيو، پر سفيرن جي معرفت صلح ٿي ويو، جنهن موجب مير صاحب افغانستان کي اهو خراج ڏيڻ قبول ڪيو، جيڪو ڪلهوڙا سال بسال ڏيندا رهندا هئا (2).

ان کان پوءِ مختلف قبيلن جي چڱن مڙسن گڏجي، ٽالپرن جا خانداني جهڳڙا نبيري ڇڏيا ۽ هو پراڻا ويڇا وساري، پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا. هنن هڪ ٻئي جي حڪومتن جي خودمختياري تسليم ڪري، خارجه معاملات ۾ هڪ ٻئي کي ساٿ ڏئي بلوچي اتحاد قائم ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن افغانستان ۾ تيمور شاهه جي وفات کان پوءِ ڪافي انقلاب آيا ۽ پٺاڻ ڪيترائي سال پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ زمان شاهه ۽ محمود شاهه جي ايامڪاري ۾ سنڌ جي سياست کان دور رهيا. وري جڏهن شاهه شجاع کي حڪومت هٿ آئي، تڏهن 1803ع ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو. خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو (3).

شاهه شجاع ميرن کان ڍل جي گهر ڪئي ته مير غلام علي خان هن کي جواب ۾ چيو ته ”اها ڪڪڙ ئي مري وئي جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي. اهي ڍلن ڏيڻ وارا مري ويا“. ان جواب تي شاهه شجاع جي صلاحڪارن ميرن سان ميٺ محبت جون ڳالهيون ڪيون ۽ شاهه سندن مهماني کائي موٽي ويو(1).

سن 1814ع ۾ شاهد شجاع بارڪزئي خاندان جي حڪومت کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو. ميرن سندس آڌرڀاءُ ڪري، کيس شڪارپور ڏانهن اماڻي ڇڏيو. شاهه شجاع جي پٺيان ايوب شاهه لشڪر وٺي اچي سنڌ تي ڪڙڪيو. ميرن شاهه شجاع کي لڌياني ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ ايوب شاهه سان صلح ڪري، کيس موٽائي ڇڏيو(2).

شڪارپور جو شهر احمد شاهه ابداليءَ جي وقت کان وٺي پٺاڻن جي قبضي ۾ هوندو هو. 1823ع ۾ حيدرآباد جي وڏي وزير نواب ولي محمد خان لغاري حڪمت عملي سان ۽ رت ڇاڻ کان سواءِ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ اتي خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي طرفان به گورنر مقرر ڪيا ويا.

سن 1833ع ۾ شاهه شجاع دربدر ٿي سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي. ميرن ڪافي ڏينهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ شڪارپور ۾ رهڻ ڏنو، ڪجهه وقت لاءِ اتان جي آسپاس جو محصول مهماني طور هن جي حوالي ڪيو ويو، مگر هو واپس وڃڻ بدران ميرن جي سرحدن تي قبضو ڪرڻ لڳو. جنهن تي مجبور ٿي حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن گڏجي سندس مقابلو ڪيو(3).

شاهه شجاع جي علمبردار سمندر خان سکر جي ڀرسان آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي توبون نصب ڪيون ۽ ميرن جي لشڪر غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري جي سپهه سالاريءَ ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي سامهون ٿيون. وڏي رت ڇاڻ کانپوءِ ميرن شڪست کاڌي ۽ سندن بهترين پهلوان شهيد ٿيا، جن مان غلام مرتضيٰ شاهه، ڪاظم شاهه ۽جهان خان مريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. نيٺ صلح ٿيو ۽ شاهه شجاع اٺ لک رپيا وٺي واپس موٽي ويو(1).

ان کانپوءِ شاهه شجاع انگريزن جي پناهه ۾ ويو ۽ڪافي ڏچو پيدا ڪيائين، جنهن جو ذڪر انگريزن جي احوال ۾ ڏنو ويندو.

.iv سنڌ ۽ قلات جا بروهي: قلات جي بروهين جا سنڌ سان تعلقات ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ شروع ٿيا. سن 1697ع ۾ ميان محمد دائود ڪلهوڙو سبيءَ جي هڪ امير ملڪ باروزئي جي نياڻي زوري کڻي ويو. هن ملتان جي گورنر شهزادي معزالدين کي دانهن ڏني. شهزادو معزالدين، ميان محمد دائود جو دوست هو ۽ هن کان ٻانهن نه وٺي سگهيو، تنهن ڪري ملڪ باروزئي شهنشاهه اورنگزيب عالمگير وٽ وڃي فرياد ڪئي. اورنگزيب ميان محمد دائود جي موت جو پروانو جاري ڪري شهزادي کي سندس گرفتاري جو حڪم ڪيو. شهزادي قلات جي نواب مير محراب خان اول کي حڪم جي تعميل لاءِ لکيو. مير محراب خان ميان محمد دائود جي پٺيان پيو ۽ جهالاوان جي علائقي ۾، چڪوءَ جي ڳوٺ وٽ ميان محمد دائود ۽ سندس ڀاءُ ميان نور محمد سان مقابلو ڪيائين. انهيءَ مقابلي ۾ مير محراب خان اوچتي گولي لڳڻ سبب مري ويو، مگر شڪست ڪلهوڙن کي آئي ۽ ٻئي ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. مير محراب خان جي ڀائٽئي مير سمندر خان هنن جي قتل جو حڪم ڏنو، مگر اتان جي هڪ امير آخوند محمد صالح سفارش ڪري سندن جان بچائي ورتي، ڪلهوڙن معافي وٺي چاليهه هزار روپيا ساليانه خراج ڏيڻ جو وعدو ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد مير سمندر خان کين شهنشاهه اورنگ زيب وٽ وٺي ويو ۽ کين معافي وٺرائي ڏني. اورنگ زيب مير محراب خان جي خون بها ۾ ڪراچيءَ جو بندر ڪلهوڙن کان وٺي سمندر خان کي ڏياري ڇڏيو (2).

وري سن 1731ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم مير عبدالله خان جو مقابلو ڪڇيءَ جي علائقي ۾ جاني ديري جي ڳوٺ وٽ ٿيو، جنهن ۾ مير عبدالله خان مارجي ويو. هن جنگ ۾ ٽالپرن جو سردار مير شهداد خان ۽ سندس پٽ مير ڄام نندو خان به شريڪ هئا.

سن 1739ع ۾ جڏهن نادر شاهه ميان نور محمد خان کي شڪت ڏني سندس پٽن کي يرغمال طور وٺي قلات مان لنگهيو، تڏهن مير عبدالله خان جي خون بها ۾ ڪڇيءَ جو سارو علائقو ڪلهوڙن کان کسي قلات جي نواب مير محبت خان جي حوالي ڪري ڇڏيو(1).

سن 1745ع تائين قلات جو شهزادو مير نصير خان يرغمال طور ايران ۾ رهيو، مگر نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اتان ڀڄي نڪتو. پوءِ قنڌار ۽ مڪران مان ٿيندو، سنڌ ۾ ڪلهوڙن وٽ اچي پورا ٻه سال مهمان ٿي رهيو(2).

 

اهوئي مير نصير خان جڏهن قلات جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن سن 1788ع ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي مدد لاءِ پنهنجي هڪ سردار زرڪ خان کي وڏي لشڪر سان ميرن جي مقابلي لاءِ چاڙهي موڪليو. مير عبدالله خان ٽالپر بلوچن جو لشڪر وٺي سندس سامهون ٿيو. انهيءَ لڙائي ۾ زرڪ خان مارجي ويو ۽سندس لشڪر شڪست کائي موٽي قلات هليو ويو(3).

ان کان پوءِ جڏهن 1790ع ۾ افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه سردار مدد خان اسحاق زئي کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو هو، تڏهن به مير نصير خان پنهنجي خاص سردارن جي سرڪردگي ۾ هڪ وڏو لشڪر مدد خان سان گڏ موڪليو هو. ان وقت به پٺاڻن ۽ بروهين گڏجي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي ۽ پوءِ صلح ٿي ويو هو(1).

افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه جي گهر ۾ مير نصير خان بروهي جي ڀائيٽي هئي ۽ سندن هڪ ٻئي سان برادرانه تعلقات هئا، تنهنڪري جڏهن به افغانن جي طرفان سنڌ تي ڪاهه ٿيندي هئي، تڏهن بروهين جو لشڪر به پٺاڻن جي لشڪر سان ڪٺو هوندو هو.

مير غلام علي خان حيدرآبادي جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ قلات جا تعلقات تمام وڌي ويا، ڇو جو قلات جي حاڪم مير نصير خان جي پٽ مير محمود خان جي ڀيئيٽيءَ سان ڀاڳ ناڙيءَ جي شهر ۾ مير غلام علي خان جي شادي ٿي هئي(2).

ان وقت قلات جو هڪ شهزادو بهرام خان مير محمود خان سان بغاوت ڪري سنڌ ڏانهن مددلاءِ ڀڄي آيو هو، مگر ميرن کيس ڪابه مدد ڪانه ڪئي هئي.

سن 1795ع ۾ مير ڪرم علي خان ڪراچي جي بندر تي قبضو ڪري هميشه لاءِ قلات جي حڪومت کان ڌار ڪري ڇڏيو(3).

وري سن 1832ع ڌاري مير محراب خان ثاني شهيد جي زماني ۾ آخوند محمد صالح بغاوت ڪري پنهنجي پٽ محمد صديق کي سنڌ جي ميرن ڏانهن امداد لاءِ موڪليو هو، پر ميرن هن باغي جي به مدد ڪانه ڪئي هئي (4).

اهڙي طرح پڇاڙي تائين سنڌ جا مير قلات جي حڪومت سان بلوچي اتحاد قائم رکندا آيا.

.v سنڌ ۽ بهاولپور جا دائود پوٽا: بهاولپور جي دائود پوٽن جا سنڌ سان تعلقات عيسوي سترهين صديءَ جي ابتدا ۾  قائم ٿيا، جڏهن سندن وڏو ڏاڏو امير فيروز خان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ترائي ۾ وڏيري جلال خان ابڙي جو مهمان ٿي رهيو هو ۽ وفات به اتي ئي ڪئي هئائين. فيروز خان جو پٽ بهادر خان بلوچستان جي علائقن سبي ۽ ڍاڍرجي نواب وٽ وڃي رهيو هئو، جنهن کيس هڪ جاگير عطا ڪئي هئي. ان وقت سکر ضلعي جي شهر لکئي جو حاڪم شير خان مهر هو، جنهن جا ماڻهو بهادر خان ۽ سندس عزيزن جو مال به چورائيندا رهندا هئا ۽سندس شار گاهه ۾ به خلل وجهندا هئا.

 

بهادر خان وڏيري شير خان وٽ سندس مرشد به ميڙ وٺي ويو پر مهرن پنهنجون حرڪتون بند نه ڪيون. نيٺ بهادر خان تنگ ٿي مهرن سان مابلو ڪيو. هنن کي شڪست ڏني لکئي کان نون ميلن جي فاصلي تي 1026 هجري مطابق 1417ع ۾ هڪ شهر ٻڌي، ان جو نالو شڪارپور رکيو. ان کان پوءِ وري لکئي جي وڏيري ڪريم ڏني خان جي سرڪردگي ۾ مهرن جوابي حملوڪيو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا ۽ لکئي جو شهر به دائود پوٽن جي قبضي ۾ اچي ويو (1).

هڪ صدي گذرڻ کان پوءِ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ٻه ٽي دفعا شڪارپور تي ڪاهه ڪئي، پر هر دفعي صلح ٿي پي ويو ۽ شڪارپور جو شهر دائود پوٽن جي قبضي ۾ رهندو آيو. نيٺ سن 1139هجري مطابق 1726ع ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي مير شهداد خان ٽالپر سان گڏجي شڪارپور تي حملو ڪيو، جنهن ۾ امير صادق محمد خان اول هار کائي خانپور ۾ آيو، پر اتي به سنڌ جي لشڪر سندس پيڇو ڪيو ۽ هو ديري غازي خان جي درياهن جي وچ واري زرخير علائقي ”ٻيٽ دٻلي“ ۾ وڃي پهتو، جتي پنهنجي شڪست قبول ڪري جان ڇڏرايائين(2).

ٽالپرن جي زماني ۾ خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان سن 1224 هجري مطابق 1809ع ۾ بهاولپور تي چڙهائي ڪئي مگر صلح ٿيو(3).

ٻن سالن کان پوءِ مير سهراب خان ڪن اچ جي ساداتن جي حق رسي لاءِ بهاولپور تي پنهنجو لشڪر چاڙهي موڪليو. ميرن جي لشڪر هڪ سڪل واهه جي تري ۾ آڙ ورتي. بهاولپور جي نواب واهه جو منهن کولرائي پاڻي ڇڏرايو، جنهن جي ڪري ميرن جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ شڪست کاڌائين. نواب صاحب ٺٺولي ڪري لشڪر جو ڇڏيل سامان مير غلام علي خان ڏانهن حيدرآباد ڏياري موڪليو. مير غلام علي خان غصي ۾ پنهنجي هڪ سالار طاهر خان کي لشڪر ڏئي بهاولپور تي چاڙهي موڪليو. مير سهراب خان جو تازه دم لشڪر به طاهر خان سان مليو ۽ ٻنهي لشڪرن گڏجي بهاولپور تي ڪاهه ڪئي. هن دفعي مير ڪامياب ٿيا ۽ سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي وارو علائقو کسي خيرپور جي حڪومت سان ملائي ڇڏيائون ۽ نواب صاحب جي فرزند رحيم يار خان کي يرغمال طور حيدرآباد وٺي آيا .

شهزادو رحيم يار خان سنڌ ۾ هڪ سال اٺ مهينا رهيو ۽ پوءِ عزت سان پنهنجي ڳوٺ موٽي ويو.

تاريخ 8 ڊسمبر 1842ع ۾ انگريزن سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي وارا علائقا خيرپور جي حڪومت کان کسي بهاولپور جي نواب جي حوالي ڪيا.

ان کانپوءِ سنڌ جي ميرن جا بهاولپور وارن سان ڀائپي وارا تعلقات رهندا آيا. مير محمد حسن ۽ سندس عزيز بهاولپور جي نواب جي ضمانت تي سنڌ ۾ موٽي اچي رهيا هئا.

.vi سنڌ ۽ راجپوت: جوڌپور ۽ جيسلمير جا راجپوت سنڌ جي ڪلهوڙن جا دوست ۽ ٽالپرن جا جاني دشمن هئا. ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي سن 1194هجري مطابق 1780ع ۾ جوڌپور جي راجا بجيسنگهه سان سازباز ڪري ٻه راجپوت گهرايا هئا، جن مير بجار خان کي شهيد ڪيو هو(1).

ساڳئي سال مير بجار خان جي فرزند مير عبدالله خان لشڪر وٺي جوڌپور تي حملو ڪيو هو. راجا بجيسنگهه ۽ بلوچن جي وچ ۾ خونريز لڙائي لڳي هئي. بلوچ راجا کي شڪست ڏئي جوڌپور ۾ ڦرلٽ ڪري واپس آيا هئا ۽ عمرڪوٽ جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هئائون(2).

وري جڏهن مدد خان پٺاڻ جي مدد سان ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙو اقتدار ۾ آيو هو، تڏهن هن عمرڪوٽ وارو قلعو پنهنجي دوست، جوڌپور جي راجا کي واپس ڏئي ڇڏيو هو.

هالاڻي جي جنگ کان پوءِ جڏهن مير سنڌ جي حڪومت سنڀالي ويٺا، تڏهن سن 1201هجري مطابق 1786ع ۾ مير سهراب خان خيرپور واري جو ڀاءُ مير غلام محمد خان شڪار جي سانگي عمرڪوٽ جي طرف ٿي ويو، ته راجپوتن جي ور چڙهي ويو ۽ وڙهندي پنهنجي هڪ سو ماڻهن سان شهيد ٿي ويو. مير سهراب خان ڀاءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ جوڌپور تي چڙهائي ڪئي. حيدرآباد مان مير فتح علي خان جو لشڪر به ساڻس مدد ۾ هليو. ڪافي راجپوت مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ شڪست کاڌائون. مير صاحب عمرڪوٽ جو قلعو قبضي ۾ ڪري ڪاميابيءَ سان موٽي آيو.(3).

 مير فتح علي خان، مير ٺاري خان ۽ مير سهراب خان راجپوتانا جي سرحد کان بچاءَ لاءِ ٽيٽيهه قلعا تعمير ڪرائي ڇڏيا. ان کان وٺي راجپوت ميرن جي ملڪ تي ڪڏهن به بري نظر ڪري نه سگهيا. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ شاهه ڳڙهه وارو قلعو خيروپر جي ميرن کان کسي جيسلمير جي راجا کي ڏئي ڇڏيو.

.vii سنڌ ۽ پنجاب جا سک: ميرن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان سورهن سال پوءِ 1799ع ۾ رنجيت سنگهه پنجاب ۾ هڪ سک رياست قائم ڪئي هئي. انهيءَ رياست قائم ڪرڻ ۽ راجا جي لقب اختيار ڪرڻ جي اجازت کيس افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه ڏني هئي، ڇو جو رنجيت سنگهه سندس درياهه ۾ ٻڌل توبون ڪڍرائي هن ڏانهن ڏياري موڪليون هيون.

ابتدا ۾ رنجيت سنگهه جا ميرن سان سٺا تعلقات هئا. ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي ڏانهن ساليانا تحفا ۽ سوکڙيون موڪلينديون رهنديون هيون. مير ٺاري خان جي فرزند مير علي مراد خان ماڻڪاڻي جي رنجيت سنگهه سان خاص دوستي هوندي هئي.

سن 1817ع ۾ سنڌ ۾ افواهه اٿيو ته راجا رنجيت سنگهه جو ڏوهٽو نهال سنگهه وڏي لشڪر ۽ توبخاني سان سنڌ تي ڪاهيو ٿو اچي. اهو هُل ٻڌي مير ڪرم علي خان حيدرآباد واري ۽ مير سهراب خان خيرپور واري جا لشڪر گڏجي مقابلي لاءِ شڪارپور تائين آيا. هوڏانهن حيدرآباد مان ميرن جا وڪيل بمبئي جي انگريز گورنر ڏانهن مدد لاءِ ويا. انگريزن خط لکي راجا کي لڙائي کان روڪ ڪئي. جنهن جواب ۾ لکيو ته نهال سنگهه سير ۽ تفريح جي لحاظ کان ان طرف تي ويو هو ۽ کين سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ڪو به ارادو ڪونه هو. ميرن ڏانهن به هڪ دوستي جو خط لکيائين. ان کان پوءِ ميرن جو لشڪر موٽي خيرپور ۽ حيدرآباد هليو ويو

ان کانپوءِ جڏهن رنجيت سنگهه شڪارپور شهر جي رونق ۽ سنڌ جي زرخير علائقن جي شهرت ٻڌي، ته هن کي سنڌ فتح ڪرڻ جو شوق جاڳيو، تنهن ڪري هميشه وجهه ڳوليندو ۽ پنهنجي فوجي آفيسرن سان سنڌ هٿ ڪرڻ جون صلاحون ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي سندس هڪ فوجي آفيسر وليم لي (William Leigh) کي چيو هو ته هو ڏهه هزار ماڻهو وٺي سنڌ فتح ڪري سگهندو

رنجيت سنگهه سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، مگر انگريزن وري به هن کي منع ڪئي، ڇو جو سنڌ جي ميرن سان سندن سٺا تعلقات هئا. جڏهن 1831ع ۾ سيد احمد بريلوي شهيد ٿي ويو تڏهن هن جو من وڌي ويو ۽ سنڌ جي سرحد وارن ڪافي علائقن تي قبضو ڪري ورتو. 1838ع ۾ سنڌ جي ميرن کان خراج وٺڻ جي گهر ڪيائين، جيڪا هنن حقارت سان ٺڪرائي ڇڏي. ان وقت به هندستان جي وائسراءِ وچ ۾ ٻئي رنجيت سنگهه کي اڳرائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو . ان هوندي به انگريزن اڳ ۾ ميڙ منٿ ڪري، پوءِ دڙڪا ڏئي به هن کي ميرن کان پندرهن لک روپيا وٺي ڏنا.

رنجيت سنگهه 1839ع ۾ مري ويو ۽ جانشين سنڌ جي ميرن سان سٺا تعلقات رکندا آيا، ايتري قدر جو مير شير محمد خان ماڻڪاڻي ۽ مير محمد حسن خان خيرپوري جلاوطني واري زماني ۾ سکن جي سرحد ۾ وڃي رهيا هئا .

.viii سنڌ ۽ انگريز: سنڌ ۾ انگريزن جي آمد عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي. هڪ ٻئي پٺيان سندس محقق سير ۽ تفريح جي خيال کان هتي اچي ملڪي مشاهدو ڪندا رهيا ۽ پنهنجي سفرنامن جي ذريعي پنهنجي قوم کي هتان جي حقيقتن کان واقف ڪندا رهيا. اهڙن سياحن مان ڪئپٽن هاڪس، رابرٽ شرلي، نڪولاس ورنگٽن، هئملٽن ۽ميسن جا نالا قابل ذڪر آهن(1).

ان کانپوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان رعايت حاصل ڪري 1758ع ۾ واپاري ڪوٺيون کوليائون، جيڪي سن 1775ع ۾ بند ڪيائون، ڇو جو ميان غلام شاهه جي فرزند ميان سرفراز سندن سرپرستي نه ڪئي(2).

وري سن 1799ع ۾ هنن پنهنجي هڪ مقامي واپاري ابوالحسن کي موڪليو ته هو سنڌ جي حڪومت سان تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري، هنن ظاهر ۾ اهو ڏيکاريو ته هو سنڌ سان تجارتي ناتا رکڻ ٿا چاهين، مگر حقيقت ۾ سندن مقصد سياسي  هو ۽ چاهيائون ٿي ته انهيءَ نموني سان هو ٽيپو سلطان ۽ فرينچن جي سرگرمين کي ناڪام بڻائي سگهندا ۽ افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه جي منصوبن کان به اڳواٽ واقف ٿي سگهندا. مير فتح علي خان هنن جي حفاظت ڪرڻ ۽کين هر طرح جي رعايتن ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ سندن ريزيڊنٽ نائن ڪروءَ کي ڪراچيءَ ۾ گهر ٺاهڻ جي اجازت ڏني(3) ۽ هنن ٺٽي ۽ڪراچي ۾ ڪوٺيون وڌيون. ٿورن ڏينهن ۾ مير صاحب کي مقامي تاجرن ذريعي انگريزن جي نيت جو پتو پئجي ويو ۽ سن 1800ع ۾ هنن جون ڪوٺيون بند ڪرائي کين ملڪ مان ئي تڙي ڪڍيائين(4).

جيستائين مير فتح علي خان زندهه هو، تيستائين انگريزن سنڌ ۾ پير نه پاتو، مگر مير فتح خان جي وفات کان پوءِ جڏهن نيوپولين، ايران ۽ روس وارن سان عهد ناما ڪيا، تڏهن کين خوف ٿيو ۽ 1809ع ۾ مير غلام علي خان سان دوستانه تعلقات رکي عهد نامو ڪيائون، جنهن موجب ميرن وعدو ڪيو ته هو پنهنجي ملڪ ۾ فرينچن کي رهڻ نه ڏيندا. مير غلام علي خان 1227هجري مطابق 1813ع ۾ وفات ڪئي(1) ۽ مير ڪرم علي خان سندس جانشين ٿيو، جنهن جي ڏينهن ۾ انگريزن رنجيت سنگهه ۽ميرن جو صلح ڪرايو.

سن 1820ع ۾ مير ڪرم علي خان انگريزن سان پهرين عهد نامي جي توثيق ڪئي ۽ وعدو ڪيائين ته آئينده انگريزن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به يورپي کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نه ڏيندو(2).

مير ڪرم علي خان 1828ع ۾، مير سهراب خان 1830ع وفات ڪئي. حيدرآباد جي حڪومت مير مراد علي خان جي حوالي ٿي ۽خيرپور ۾ مير رستم خان اڳ ۾ ئي حاڪم ٿيو هو.

ان وقت هندستان جو وائسراءِ لارڊ وليم بينٽڪ هو، جنهن کي سندس صلاحڪارن ۽ بمبئي جي گورنر سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو مشورو ڏنو، پر هن سياسي مجبورين سبب ان وقت ايڏو وڏو قدم نه کنيو. تڏهن به 1831ع ۾ رنجيت سنگهه ڏانهن گهوڙن ۽ ٻين سوکڙين موڪلڻ جوبهانو بڻائي، ميرن کان سنڌو ندي استعمال ڪرڻ جي اجازت گهريائين. مير اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ راضي نه هئا، پر هڪ ته برنس اڳ ۾ ئي سندن علاج ذريعي وٽن اثر رسوخ حاصل ڪري چڪو هو، ٻيو مير نصير خان سندن سفارش ڪئي ۽ ٽيون وري گورنر جنرل کين پنهنجي دوستيءَ جو واسطو وڌو، تنهن ڪري حضور شرميءَ کان مجبور ٿي هنن کي اجازت ڏنائون. برنس گهوڙا ۽ سوغاتون ساڻ ڪري سنڌونديءَ مان پنجاب ويو ۽ مخفي طرح سنڌونديءَ ۽ ان جي آسپاس جي چڪاس وٺي حڪومت کي رپورٽ ڏني(3).

هڪ انگريز محقق مسٽر ٽروٽ جي قول موجب ميرن غير ملڪي تاجرن لاءِ پنهنجي ملڪ کي کولڻ مناسب نٿي جھاتو. هو اهڙي زمين جي بک وارن بيمارن تي ڀروسو رکي نٿي سگهيا(1).

انگريزن جي انهيءَ دريائي سفر تي سنڌين جي دلين ۾ ڪيترائي شڪ شبها ۽ خوف پيدا ٿيا ۽ هڪ سنڌي سيد چئي ڏنو ”افسوس جو سنڌ هلي وئي، ڇو جو انگريزن درياهه ڏسي ورتو آهي ۽اهو ئي فتح جو رستو آهي“ (2).

جڏهن انگريزن کي سنڌو نديءَ جي پوري پروڙ پئجي وئي، تڏهن ميرن کي ان جي جهاز راني ۽ واپار جي فائدن جا سبز باغ ڏيکارڻ شروع ڪيائون ۽ خيرپور جي مير رستم خان کي پهريون دفعو پنهنجي دام ۾ آندائون. مير رستم خان ان وقت پنهنجي خانداني جهڳڙن ۽انگريزن جي پيدا ڪيل سياسي سازشن ۾ ڦاٿل هو، تنهن ڪري حالتن کان مجبور ٿي 1832ع ۾ معاهدو ڪيائين، جنهن موجب انگريزن خيرپور جي جداگانه حيثيت تسليم ڪئي ۽واپار لاءِ سنڌوندي ۽ ٻيا رستا کولرائون. ٿورن ڏينهن اندر اهڙو ئي عهد نامو حيدرآباد جي ميرن سان به ڪيائون. خيرپور ۽ حيدرآباد جي ٻنهي حڪومتن سخت مجبوريءَ جي حالت ۾ انگريزن جا شرط قبول ڪيا، پر دورانديشي ڪرڻ هنن کان به اهو شرط لکرائي ورتائون ته هو سنڌ ۾ بيٺڪ ڪري نه ويهندا ۽ سنڌو ندي يا ٻيا رستا فوجي طرح سان استعمال نه ڪندا. ان کانپوءِ 1834ع ۾ وري انگريزن هڪ نئون عهدنامو ڪري ٻيڙين تان محصول جي رعايت ورتي(3).

حقيقت ۾ وليم بينٽڪ جو اصلي مقصد سنڌونديءَ کي انگريزن جي حڪومت لاءِ هڪ غار بڻائڻ هو. هن 1832ع وارو عهد نامو ڪري پاڻ کان پوءِ ايندڙ گورنر جنرلن لاءِ هڪ راهه هموار ڪري ڇڏي هئي، ته جيئن هو اڳتي هلي ان غار کي ميرن جي قبر بڻائي ڇڏين(1).

انهيءَ وچ ۾ سن 1249هجري مطابق 1833ع ۾ پهرئين چوياري جو آخري تاجدار مير مراد علي خان وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد ۾ مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان جي ٻي چوياري قائم ٿي ۽ پنهنجو ملڪ چئن حصن ۾ تقسيم ڪري حيدرآباد ۾ گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. ان وقت خيرپور جي حڪومت ٽن ڀائرن مير رستم خان، مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان ۾ ورهايل هئي. ساڳئي نموني سان ميرپوخاص جي حڪومت مير شير محمد خان، مير شاهه محمد خان ۽ مير خان محمد خان ۾ تقسيم ٿيل هئي. (2). مطلب ته وڏا مير پنهنجو وارو وڄائي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا هئا ۽ساري سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ننڍن شهزادن جي هٿ ۾ اچي وئي هئي، جيڪي آهستي آهستي انگريزن جي سياسي ڄار ۾ ڦاسندا ويا. ان سالن کانپوءِ لارڊ آڪلنڊ هندستان جو گورنر جنرل ٿي آيو ۽ هن ميرن سان اهڙو برتاءُ ڪيو جهڙو پنهنجي زيردستن سان ڪبو آهي.

انگريزن هڪ طرف ميرن سان معاهدا ڪندا ويا ۽ ٻئي طرف سکن کي تشدد تي اڀاريندا ويا(3). نتيجو اهو نڪتو جو رنجيت سنگهه روجهاڻ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ تي باقاعدي ڌمڪي ڏني. سرچارلس نيپيئر جي لفظن ۾ ”سنڌي بلوچن جي بهادري ۽ سندن جنگجو طبعيتن کي ڌيان ۾ رکندي، اها ڳالهه يقيني نظر ڪانه پي آئي ته ڪو رنجيت سنگهه پنهنجي حملي ۾ ڪامياب ٿي سگهي ها. اها ڳالهه به يقيني آهي ته ميرن کي هن جي خلاف ٻاهرين مدد وٺڻ جي نه ڪا خواهش هئي ۽ نه وري هنن اهڙي گهر ڪئي هئي“(4).

هونئن به ميرن رنجيت سنگهه جي ڌمڪين پرواهه ڪانه ڪڍي هئي ڇو جو کيس پنهنجي طاقت تي ڀروسو هو.

مير رستم خان دعويٰ سان چيو هو، ”اسان سکن کي اڳ به ڀڄايو آهي ۽ هاڻي به ڀڄائينداسون“ (1).

اها ٻي ڳالهه هئي ته هو سکن ۽ انگريزن جي گڏيل طاقت سان مقابلو ڪري سگهن ها يا نه. ٻنهي طاقتن پاڻ ۾ ملي ايڏي سازش ڪئي جو ٽالپرن کي ٻن ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه قبول ڪرڻي هئي. يا ته هو ڳالهين ذريعي صلح ڪن ها، يا ٻنهي سان کليو مقابلو ڪن ها. ميرن مجبور ٿي پهرئين ڳالهه قبول ڪئي ۽ 1838ع ۾ انگريزن جي ريزيڊنٽ کي پاڻ وٽ رهائي سندس ثالثي قبول ڪئي (2) نه فقط ايترو پر ميرن جي خرچ تي حيدرآباد ۾ انگريزي لشڪر به رهايو هيون، ته هو سنڌين جي مجبوري جو وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي(3).

ان وقت انگريزن کي روس جي حملي جو خوف سر تي سوار هو، تنهن ڪري ان جي روڪڻ لاءِ افغانستان جي بادشاهه دوست محمد خان سان تعلقات وڌائي کيس پنهنجي مطيع بڻائڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر هو سندن دام ۾ نه آيو. ايتري ۾ افغانستان مان لوڌجي نڪتل شاهه شجاع هنن جي ور چڙهي ويو، جنهن کي دوست محمد جي بدران پنهنجي هٿ ٺوڪڻي حاڪم بڻائڻ جو فيصلو ڪيائون (4).

جون 1838ع ۾ شاهه شجاع، رنجيت سنگهه ۽ انگريزن جي وچ ۾ ٽن ڌرين جو عهدنامو ٿيو، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته شاهه شجاع ۽ انگريز افغانستان تي حملو ڪندا ۽ شاهه شجاع جي خرچ لاءِ رهيل خراج جي بهاني سان ميرن کان هڪ دفعو ئي وڏي رقم وٺي ويندي ۽ ان مان پندرهن لک رنجيت سنگهه کي رشوت طور ملندا.

افغانستان تي ڪاهڻ لاءِ رنجيت سنگهه کين پنهنجي ملڪ مان رستو نه ڏنو، تنهنڪري هنن کي سڌو ۽ سولو رستو ڇڏي سنڌ جي رستي کان وڃڻو پيو ۽ کين هزارين ميل مسافري برداشت ڪرڻي پئي.

سنڌ جا مير رستي نه ڏيڻ ۾ رنجيت سنگهه کان گهٽ ڪين هئا، پر ٽن طاقتن جي وچ ۾ ڦاسي چڪا هئا۽کين ڪنهن تي اعتبار ڪونه هو ۽ هڪ وقت تي سڀني سان مقابلو به ڪري نه ٿي سگهيا. انگريزن کي ڪابل ڏانهن لشڪر موڪلڻو هو، تنهن ڪري 1832ع واري عهد نامي جي ڀڃڪڙي ڪيائون ۽ ڏنڊي جي زور تي لشڪر موڪلي سنڌ کي فوجي ڪاررواين جو مرڪز بڻايائون


(1) لطف الله بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٽيون، ص 32.

(2)  ايضا ص 34.

(1)  مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنل آهي، ص 31

(1)  قليچ بيگ، مرزا: حوالو ڏنل آهي، ص 33.

(2)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 34.

(3)  امير علي شاهه، سيد: حوالو ڏنل آهي، ص 72.

(1)  حسن علي خان، مير: ”سنڌ جو شاهنامو“، ص 86.

(2)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 39 ۽ 40.

(3)  آندل فقير ماڇي: ”جنگ نامو کرڙي، سنڌي بيتن ۾.“

(1)  عطا محمد مرزا، منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارک“ ، ص 305.

(2)  گل خان نصير، مير: ”تاريخ بلوچستان، جلد اول“، اقبال اسٽيشنري مارٽ، ڪوئيٽا، 1952ع ص 43 کان 46.

Ahmed Yar Khan: “Inside Baluchistan”, Royal Book Co: Karachi 1975, P. 80.

(1)  گل خان نصير، مير، ”تاريخ بلوچستان، جلد اول“، اقبال اسٽيشنري مارٽ، ڪوئيٽه، 1952ع، ص 80.

Ahmed Yar Khan, “Inside Baluchistan”, Royal Book Co:

(3)  ايضا: ص 156، 157.

(1)  گل خان نصير، مير: حوالو ڏنل آهي، ص 157 کان 159.

(2)  قليچ بيگ، مرزا: حوالو ڏنل آهي، ص 38.

(3)  گل خان نصير، مير: حوالو ڏنل آهي، ص 179.

(4)  ايضاء: ص 225.

(1)  محمد عزيز الرحمٰن، عزيز: ”صبح صادق“، اردوطبع ثاني، برقي پريس، بهاولپور 1943ع، ص 67 کان 69

(2)  ايضا: ص 75.

(3)  ايضا: ص 95.

(1)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، ص 31، 32.

(2)  محمد عزيز الرحمان، عزيز: حوالو ڏنل آهي، ص 94.

(3)  ايضا: ص 107.

(4)  روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر

(1)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي“، ڀاڱو ٻيو، حوالو ڏنل آهي، ص 13.

(2)  ايضا: ص 15.

(3)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 27 ۽ 28.

(1) Lepel Griffin: “Ranjit Sindh”, S. Chand &Co. Delhi, 1957, p. 161, 162.

(2)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي، جلد ٽيون“، حوالو ڏنل آهي، ص 58.

(3)  محمد حنيف،مهر، ڪاڇيلوي: ”تاريخ ماڻڪاڻي مير“، حوالو ڏنل آهي، ص 64.

(4)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 40، ۽ 41.

(1) Gray, C: “European Adventures of Northern India”, Govt. Press, Lahore, 1929, p. 76.

(2)  Mahajan, V.D: “India Since 1526”, S. Chand & Co: Delhi, 1963, p. 162.

(3) Dod well, H.H: “The Cambridge Historyof India”, Vol. V.S. Chand & Co: Delhi, p. 523, 524.

(4)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 46.

(5) Lepal Griffin: “European Adventures of India”.

(6)  ممتاز حسين، پٺاڻ، ڊاڪٽر: ”ڪئپٽن اسٽوڪ جي انگريزي ڪتاب دلا ۽ ليوز جو ترجمو“، ص 320.

محمد حنيف، مهر، ڪاڇيلوي: ”تاريخ ماڻڪاڻي مير“، حوالو ڏنل آهي، ص 84.

(1)  لطف الله، بدوي: ”تذڪره لطفي“، حوالو ڏنل آهي، ص 6 کان 12.

(2)  Hughes: “Selectons from the Records of the Bombay Govt:”, New Series No xviii, Educaton Society Press, Bombay, 1855, p. 109.

(3)  محمد حنيف، صديقي: ”مضمون انگريزن جو سنڌ تي قبضو“، اخبار مهراڻ، جنوري 1961ع، ص 16.

(4) Rahim, A, Dr: “A History of the Freedom Movement” vol, II, Pakistan Historical Society, Karachi, 1960, p. 49.

(1)  دين محمد، وفائي، مولانا: ”الوحيد آزاد نمبر“، 1936ع ص 107.

(2)  سي يو ايچيسن: ”اردو ترجمو عهدنامجات، جلد ستون“، نولڪشور، لکنو، 1869ع، ص 5.

(3) Rahim, A. Dr: “A History of the Freedom Movement”. P. 52.

(1)  قيام الدين احمد، ڊاڪٽر: ”هندستان مين وهابي تحريک“، نفيس اڪيڊمي ڪراچي، 1972ع ص 118.

(2)  محمد حنيف، صديقي: حوالو ڏنل آهي، ص 17.

(3)  Hughes, A. W: “Gazetteer of the Province of Sindh”, George Bell & sons, London, 1874, p. 413

(1)  Rahim, A, Dr: “A Historyof the Freedom Movement”, p. 54.

(2) M. Sardar Khan: “History of Baloch Race &Baluchistabn”, Process Pakistan, Karachi, 1958. P. 153.

(3)  تبسم، چوڌري: ”تذڪره پيران ڀاڳارو“ ، انڊس پرنٽرس، حيدرآباد، 1975ع، ص 114.

(4)  محمد حنيف، صديقي حوالو ڏنل آهي، ص 17.

(1) Montgomery Martin: “The History of the Indian Empire”, Vol. I, Printing Co; London, 1874, p. 449.

(2)  Abid: p. 449

(3)  محمد حنيف صديقي: حوالو ڏنل آهي، ص 17.

(4)  Chandra, P.T,: “Indian Cyclopaedia”, 3rd edition, Navyug Printing Press, Lahore, 1934, p. 38.

(1)  Griffiths, S.P: “The British Impact on India”, Macdoneld, London, 1952, p. 96.

غلام سرور، لاهوري، مفتي: ”بهارستان تاريخ“، نولڪشور لکنو، 1877ع، ص 149.

ثناءُالله، شيخ: ”برٽش سلطنت“، عجائب اسٽورس، سکر، 1964ع، ص 81.

(2)  Marriot, J.A. R: “A History of England”, Vol. VII, Methmen & co. London, 1919, p. 269.

Percival Spear: “Oxford History of Modern India”, University Press, London, 1965. p. 164.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org