سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:29 

سيد ڇتن شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ دين محمد شاهه سجاده نشين ٿيو. سيد دين محمد شاهه وڏو سخي مرد ٿي گذريو اهي. رات ڏينهن سندس لنگر هلندو هو ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو. سندس دروازي تان ڪوبه سوالي خالي نه موٽندو هو(2).

سيد دين محمد شاهه ثانيءَ جي وفات کان پوءِ سندس اڪيلو فرزند سيد ڇتن شاهه ثاني درگاهه جو متولي بڻيو. هيءَ پهريون شخص هو جنهن کهڙن جي شهر ۾ علم نصب ڪيو ۽ ماتم جي مجلس برپا ڪئي، جنهن تي مخدومن اعتراض ورتو ۽ ڇتن شاهه کي پورا ٻه سال ڪوٽ ڏيجي ۾ قيد ڪاٽڻو پيو.  آخرڪار ڪجهه ڪرامتن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، مير فيض محمد خان پاڻ ڪوٽ تي آيو ۽ سيد ڇتن شاهه کي آزاد ڪري، ساڻس کهڙن ۾ وڃي ساڳيو علم هڻي ڏنو(3). کيس سچيڏنو شاهه، ٻڍل شاهه ثاني ۽ ريجهه علي شاهه ثالث نالي ٽي فرزند هئا. سيد سچيڏني شاهه سندس زندگيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وفات کان پوءِ ٻڍل شاهه ثاني گادي نشين ٿيو. سيد ٻڍل شاهه جو ننڍو ڀاءُ سيد ريجهه علي شاهه ثالث رات ڏينهن رياضت ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندو هو. ايتري قدر جو سيد ٻڍل شاهه پنهنجي زندگيءَ ۾ کيس سجاده نشين بڻائي ڇڏيو. هن جو سمورو وقت شيعه مذهب جي تبليغ ۽ ماتم جي مجلس قائم ڪرڻ ۾ گذرندو هو. حرمين شريفين جي زيارت به ڪري آيو. پنهنجي پٺيان علي گل شاهه، امام علي شاهه ۽ ثاقب علي شاهه نالي ٽي فرزند ڇڏي، تاريخ 20 صفر 1375 هجري، مطابق 8 – آڪٽوبر 1955ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت موجب کيس گمبٽ شهر ۽ اسٽيشن جي وچ تي روڊ جي ڀرسان سندس زمين ۾ دفنايو ويو، جتي سندس درگاهه قائم ٿي ويئي آهي. هر سال سندس مزار تي ٽي ڏينهن عرس ٿيندو آهي. هن وقت سندس فرزند سيد امام علي شاهه سجاده نشين آهي. سندس ولادت جي تاريخ 25 آڪٽوبر 1929ع آهي. هو هڪ وڏو هر دلعزيز مهمان نواز ۽ صلح پسند ماڻهو آهي. فقيري ۽ درويشي سان گڏ زمينداريءَ جو شغل به جاري رکيو ٿو اچي(1).

ڏانوري جا پير: ڳوٺ ڏانوري تعلقي خيرپور جي جيلاني پيرن جو وڏو سيد نبي شاهه اول اُچ کان ٿيندو، پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ موجوده درگاهه واري جاءِ تي اچي ويٺو. اهو ڪلهوڙن جو آخري زمانو هو. نبي شاهه پنهنجي وقت جو وڏو ولي ۽ معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. هن جي وفات کان پوءِ سندس فرزند احمد شاهه به پنهنجن وڏن وانگر فيض جو صاحب ٿي گذريو آهي. کيس نبي شاهه ثاني، اميد علي شاهه، ابراهيم شاهه ۽ خدا بخش شاهه نالي چار پٽ هئا ۽ چارئي فيض ۽ برڪت جا صاحب بڻيا. احمد شاهه جي وفات کان پوءِ نبي شاهه ثاني ڏانوري جي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. سندس ڀائرن مان ابراهيم شاهه پني عاقل ڏانهن هليو ويو ۽ خدا بخش شاهه ناري تعلقي ۾ وڃي نئين درگاهه قائم ڪئي. ابراهيم شاهه بنا اولاد برقعو مٽايو. سندس مزار پراڻي پني عاقل ۾ آهي ۽ سندس مريدن جي عقيدت جو مرڪز آهي. خدا بخش شاهه کي مصري شاهه نالي هڪ پٽ ڄائو جيڪو پنهنجي پيءَ وانگر ولايت جو صاحب بڻيو(2).

خدا بخش شاهه جي درگاهه ناري تعلقي ۾ دٻيءَ وٽ آهي. مصري شاهه وفات وقت سچل شاهه ۽ ارباب شاهه نالي ٻه فرزند ڇڏي ويو. مصري شاهه جي مزار ڳوٺ دهل واري ۾ آهي. جتي هر سال رجب مهيني جي پهرين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي.

سيد اميد علي شاهه کي احمد شاهه ثاني، شاهه مردان شاهه، عبدالستار شاهه، گل شاهه ۽ غلام نبي شاهه نالي پنج پٽ ٿيا، جن مان عبدالستار شاهه کي پيءَ جي مسند تي ويهاريو ويو. عبدالستار شاهه کي اميد علي شاهه ثاني ۽ ابراهيم شاهه ثاني نالي ٻه فرزند ڄاوا. سندس وفات بعد اميد علي شاهه ثاني جو فرزند گنبل شاهه فقيري جي مسند تي ويٺو. گنبل شاهه هڪ وڏو هردلعزيز ۽ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي. هو ڏانورو ڇڏي ناري تعلقي ۾ مريدن وٽ وڃي رهيو. اٽڪل سٺ سالن جي عمر ۾ ڳوٺ ٽنڊو شاهه تعلقي ڪوٽ ڏيجي ۾ آيو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو ويو آهي.

سيد غلام نبي شاهه کي غوث ڏنو شاهه،  پريل شاهه ۽ ٻڍل شاهه نالي ٽي فرزند تولد ٿيا. جن مان پريل شاهه پيريءَ جو سلسلو قائم رکيو ٿو اچي. هو هڪ وڏو خوش خلق ۽ هردلعزيز ماڻهو آهي.

سيد احمد شاهه اول سجاده نشين ۽ وڏي فرزند نبي شاهه ثاني کي حسين شاهه. علي بخش شاهه ۽ حسن بخش شاهه ثاني نالي ٽي پٽ هئا. جن مان حسين شاهه پيءَ جو جانشين بڻيو. علي بخش شاهه ڀائرن سان  ڪنهن نااتفاقي سبب ناري هليو ويو ۽ باقي زندگي پنهنجن مريدن وٽ گذاريائين. آخرڪار وفات کان ٿورو اڳ ڪوٽ ڏيجي کان ٽن ميلن جي فاصلي تي قناصرن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ وفات ڪيائين. سندس فرزندن موزل شاهه ۽ حسين شاهه سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني ۾ سٺو ميلو لڳندو آهي.

نبي شاهه ثاني جو جانشين حسين شاهه پنهنجي وقت جو ڪامل درويش ٿي گذريو هو. جڏهن به مريدن وٽ ويندو هو، تڏهن کين سڏي قرآن شريف جو ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو ۽ نيڪ عملن ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. کيس علي محمد شاهه، علي مدد شاهه، مهدي شاهه، علي حيدر شاهه ۽ علي ڪاظم شاهه نالي پنج پٽ هئا.سندس وصال کانپوءِ علي محمد شاهه گادي نشين ٿيو. هو انباهه ۾ وڃي سيد فيض محمد شاهه جو مريد ٿيو. ڪيترو ئي وقت بيخودي جي حالت ۾ رهندو هو. هو پنهنجي زماني جو  هڪ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي.مريد کيس علي سائين جي  نالي سان ياد ڪندا آهن، فقير هدايت علي تارڪ جو گھاٽو  دوست هوندو هو. تاريخ 19 ربيع الاول 1345 هجري، مطابق 1926ع ۾ وفات ڪيائين.سندس درگاهه تي هر سال ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي.

علي محمد شاهه جو جانشين سندس اڪليو فرزند ولي محمد شاهه بڻيو. جيڪو پنهنجن وڏن وانگر فيض وارو فقير  ٿي گذريو آهي. سندس ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي مدد شاهه حال حيات آهن ۽ فقيراڻي زندگي گذري رهيا آهن(1).

دونهين جا پير: دونهين جي نقوي پيرن جو مورث اعليٰ هڪ سيلاني فقير سيد محمد شاهه هو، جيڪو هڪ وڏو عارف ٿي گذريو آهي. ڪلهوڙن جي اوائلي زماني ۾ ملتان مان ٿيندو. سيوهڻ ۾  قلندر  شهباز  جي درگاهه تي آيو.ڪجھ وقت رياضت ڪري مديجي جي ڀرسان  ڳوٺ ۾ اچي رهيو. اتي ڪجھ وقت حڪومت ڪري رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ميان خان ۾ اچي رهيو، جتي وفات ڪيائين.۽ شيخ طيب جي مقام ۾ دفن ڪيو(1). انهي سفر ۾ سندس فرزند موٽڻ شاهه به ساڻس ڪٺو هو، جيڪو پنهنجي پيءُ کانپوءِ تارڪي طريل تي اچي رهيو ۽ اتي سيد جي بدران آهيڙي سڏايائين. هو هڪ وڏو ڪاني ڪرامت جو صاحب هو، تنهنڪري سندس ذات لڪي نه سگهي. ماڻهن جي رجوعات ڏسي اتا به هجرت ڪري، ٻٻرلوءِ شهر جي ڀرسان ڳوٺ ميران پور ۾ اچي دونهين دکائي ويهي رهيو. اتي ڦليا قوم جا ڪجهه زميندار رهندا هئا، جن موٽڻ شاهه کي ستائڻ شروع ڪيو. هڪ دفعي ڦلين مان هڪ ماڻهو ٻياني کڻي ساڻس وڙهڻ آيو. شاهه صاحب اها ٻياني کسي کڻي پنهنجي دونهين واري مچ ۾ کوڙي، ته اها ٻياني سائي ٿي ويئي ۽ هڪ ٻير جو وڻ بڻجي پئي. ان ڏينهن کانپوءِ ميران پور تي موٽڻ شاهه جي دونهين جو نالو پئجي ويو. شاهه صاحب پنهنجي مچ ۾ ٻياني کوڙڻ وقت هيٺيون بيت چئي پاراتو ڏنو هيو:

کريا کوهه ڦلين جا ولهيون ٿيون وايون،

جيڪي جهنگ ڇڙي ويون سي نه آيون،

انهن جون مايون پيون جنڊ ڪڍنديون.

بس انهي ڏينهن کان وٺي، ڦلين جا کوهه ڦٽي ويا ۽ هو ڪڻو ڪڻ ٿي اتان لڏي ويا ۽ باقي ماڻهو شاهه صاحب جا معتقد بڻجي ويا(2).

موٽڻ شاهه کانپوءِ سندس وڏو پٽ ابراهيم شاهه سجاد نشين ٿيو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو ولي ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد اسماعيل پريا لوءِ وارو سندس گهاٽو دوست هوندو هو. کيس مهر علي شاهه، پير شاهه مقصود علي شاهه ۽ مريد حيدر علي شاهه نالي چار فرزند هئا، جن مان ننڍو فرزند مريد حيدر شاهه سجاد نشين ٿيو. ان کانپوءِ سندس پٽ مريد عابدين شاهه گادي تي ويٺو، مريد عابدين شاهه جو جانشين سندس فرزند لشڪر علي شاهه ٿيو. ان کانپوءِ سندس پٽ خاڪو شاهه اول گادي تي ويٺو. اهي سمورا پير پنهنجي وقت جا عالم ٿي گذريا آهن. خاڪي شاهه بعد سندس فرزند الله بخش شاهه مسند سنڀالي، جنهن کي جعفر علي شاهه ۽ انور علي شاهه نالي ٻه پٽ هئا. الله بخش شاهه جو جانشين انور علي شاهه ٿيو، جنهن کي فقير علي شاهه ۽ صادق علي شاهه نالي ٻه فرزند ڄاوا، جيڪي چڱا درويش هئا. انهن مان وڏي جي گادي تي فقير علي شاهه ويٺو. فقير علي شاهه کي به خاڪي شاهه ثاني ۽ علڻ شاهه نالي ٻه فرزند ڄاوا، جن مان خاڪي شاهه ثاني جو فرزند بخش علي دونهين جي درگاهه جو گادي نشين آهي. هو پيري فقيري سان گڏ زمينداري جو مشغلو به جاري رکيو ويٺو آهي(1).

هالاڻي جا سيد: ميرن جي زماني م هالاڻي جي سادات جو وڏو سيد محمد عاقل شاهه ولد سيد محمد حسين شاهه هڪ وڏو عالم ۽ فاضل شخص ٿي گذريو آهي. هو پاڳارن جي وڏي سيد محمد راشد شاهه جو ڪلاسي ۽ دوست هو. سندس ديني فتويٰ کي ساري سنڌ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مير سهراب خان به سندس معتقدن مان هو.سندس وفات جي تاريخ نٿي ملي، پر اها پڪ آهي ته هن مير رستم خان جي زماني ۾ مٽيءَ جو جامو مٽايو. سندس ٻه فرزند محمد پريل شاهه ۽ سيد فتح علي شاهه به پنهنجي وقت جا سٺا عالم ۽ گهڻين صلاحيتن جا مالڪ هئا. ٻئي مير علي مراد خان وٽ ملازم هئا.

سيد محمد پريل شاهه مير صاحب جي ڪئمپ جو انچارج هوندو هو. مير علي مراد خان جو منجهس تمام گهڻو اعتماد هوندو هو، ايتري قدر جو جڏهن 1272 هجري ۾ يورپ ويو هو ته پاڻ سان سيد محمد پريل شاهه کي به وٺي ويو. هن مير علي مراد خان جي ايامڪاري ۾ وفات ڪئي.

مير علي مراد خان سيد پريل شاهه جي زندگي ۾ ئي سندس ننڍي ڀاءُ سيد فتح علي شاهه کي پنهنجو معتقد خاص بڻائي وزارت جو عهدو عطا ڪيو، جو هن نهايت خوش اصلوبي سان سنڀاليو. خيرپور وارو لال بنگلو سيد فتح علي شاهه جي نظرداري ۾ تعمير ٿيو هو. هن 11 محرم هجري، مطابق 1893ع ڪوٽ ڏيجي ۾ وفات ڪئي.

سيد فتح علي شاهه جي وفات کان ٻه سال کن پوءِ سندس ٻه پٽ سيد غلام حسين شاهه ۽ سيد شهاب الدين شاهه مير فيض خان وٽ ملازم ٿيا، سيد غلام حسين شاهه ٿورو وقت نوڪري پنهنجي خانداني ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ استعيفا ڏئي آيو، باقي سيد شهاب الدين شاهه مير صاحب جي پوٽن جو استاد ٿي رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ مختيارڪار ٿيو، جتان ترقي ڪري مير واهه ڊويزن ۾ نائب وزير ٿي رهيو. هو عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم هو. تاريخ 21 ذوالحج 1343 هجري، مطابق 1925ع ۾ وفات ڪيائين.

مٿي ذڪر ڪيل بزرگن کانسواءِ هن خاندان جا ٻيا به ڪجهه ماڻهو ميرن جي نوڪري ۾ رهيا، جن مان سيد علي بخش شاهه، سيد حاجي ميران شاهه، سيد امام علي شاهه، سيد غلام رسول شاهه، سيد غلام علي
شاهه، سيد واحد بخش شاهه، سيد عطا حسين شاهه ۽ سيد محمد حسين شاهه جا نالا قابل ذڪر آهن
(1).

چوڏاهو جا پير: چوڏاهو جا پير سنڌ جي مشهور معروف لڪياري سادات سان واسطو رکن ٿا. سندن مورث اعليٰ سيد شڪر الله شاهه کٽڻ شاهه لڪيءَ مان لڏي چوڏاهو ۾ اچي ويٺو هو. چوڏاهوءَ ۾ ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ آيو. پنهنجي وقت جو وڏو ولي ٿي گذريو آهي. پاڳارن جيوڏي سيد محمد بقا شاهه سان سٺا تعلقات هيس(1).

سيد شڪر الله شاهه جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد سائين ڏنو شاهه مسند نشين ٿيو. هو به وڏو معرفت جو صاحب هوندو هو. وقت جو حاڪم مير سهراب خان سندس ارادتمندن مان هو. پاڳارن مان سيد صبغت الله شاهه اول کيس قرب جي نظرن سان ڏسندو هو. سندس پاڻ ۾ تمام سٺا تعلقات هئا(3).

سيد سائين ڏني شاهه کان پوءِ سندس پٽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه  پيريءَ جي گادي تي  ويٺو. هو به هڪ اهل درويش ۽ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي. مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان کيس تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا. هن جا ڪيترائي مريد هئا. سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو سؤٽ سيد گل محمد شاهه ولد سيد مراد شاهه به هڪ وڏو فيض وارو پير ٿي گذريو آهي. ان جي وفات 18 جمادي الاول 1274 هجري، مطابق 1825ع ۾ ٿي.

پير غلام مرتضيٰ شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ گنبل شاهه گادي تي ويٺو، هو وڏو ڪاني ڪرامت جو صاحب ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. هن جي ڏينهن ۾ سندس درگاهه وڌيڪ ترقي ڪئي. هو پير حزب الله شاهه پاڳاري جو مريد هو. کيس مريدن سان وڏي عقيدت هوندي هئي. مرشد کي به ڏاڍو پيارو هوندو هو. هن 1327ع هجري، مطابق 1909ع ۾ وفات ڪئي. هو سنڌي ۽ فارسي جو هڪ سٺو شاعر به هو(1).

گنبل شاهه جي وفات بعد سندس ننڍو پٽ سيد پريل شاهه پيريءَ جي گاديءَ تي ويٺو، جيڪو پنهنجن وڏن وانگر چڱو درويش ٿي گذريو آهي(2). پريل شاهه کان پوءِ پيري جي گادي سيد گنبل شاهه جي ڀاڻيجي سيد عبدالله پريل شاهه وسائي، جيڪو پڻ هڪ چڱو درويش ٿي گذريو آهي(3). هن وقت هن گاديءَ جو سجاده نشين سيد عبدالله شاهه جو فرزند سيد علي شاهه آهي. سندس عمر اسي سالن کان مٿي ٿيندي. وڏو هر دلعزيز ۽ ڪچهري جو مور ماڻهو آهي. هر ڪنهن سان قرب سان هلندو آهي. مهمان نواز به ايڏو آهي جو هڪ جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. هو هڪ سٺو شاعر به آهي.

ڊٻ مهر شاهه جا پير: ڊٻ مهر شاهه ۾ جيلاني پيرن جي مشهور درگاهه آهي. هنن جو مورث اعليٰ سيد قميص نورالدين 741هجري مطابق 1341ع ۾ بغداد مان دين جي تبليغ لاءِ سندورا هندستان ۾ آيو هو، جتي سندس اولاد ڪافي وقت تائين رهيو. آخرڪار انهيءَ خاندان مان سيد شاهه محمد (متوفي568 هجري) جو اولاد پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پکڙجي ويو. هنن مان سيد شرف الدين اچ ۾ اچي رهيو. سندس فرزند سيد مرتضيٰ شاهه کي غلام شاهه ۽ حيدر شاهه نالي ٻه فرزند هئا. حيدر شاهه سنڌ جو سفر ڪندو ڏيپارجن ۾ اچي رهيو، جتي وفات ڪيائين اڄ به اتي سندس روضو مرجع خاص و عام آهي(1).

غلام شاهه کي مهرشاهه ۽ حسين شاهه نالي ٻه پٽ ڄاوا، جن مان مهر شاهه هيءُ درگاهه اچي وسائي. هو اڃا ننڍو ئي هو، جو پڻس کيس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، پر هن پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه ڏيکاري. هڪ ڏينهن پنهنجي ڀاءُ ۽ والد سان گڏجي ملتان ۾ غوث بهاءالحق جي درگاهه تي آيل هو ته اتان اوچتو غائب ٿي ويو ۽ غوث جي فقيرن سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. روهڙي جي بزرگن جون زيارتون ڪري، گهاڙ جي پيرن جون درگاهون ڀيٽائين. آخرڪار ڪوٽ ڏيجي، راڻيپور، درازا ۽ گمبٽ جا شهر ڏسندو، کهڙن ۾ آيو ۽ فقير محمد علي اڄڻ عرف پکي ڌڻيءَ وٽ پهتو. فقير صاحب معرفت جو صاحب هو. هن پير صاحب جي سرپرستي ڪئي ۽ کيس مخدومن جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. مهر شاهه ٿورن ڏينهن ۾ ئي ظاهري علمن ۾ تحصيل ڪري ورتي. ان کانپوءِ فقير صاحب کيس باطني فيض سان مالا مال ڪري، کهڙن کان ٽن ميلن جي فاصلي تي وسند فقير اڄڻ جي ڊٻ تي ويهاريو.

پير مهر شاهه کي سنڌ ۾ اچڻ وقت سندس وڏن جي مريد ربائت خان دستي بلوچ ڏسي ورتو هو، جنهن اچ ۾ وڃي سندس والد کي ساري ڳالهه ٻڌائي هئي. اتان مهر شاهه جو ڀاءُ حسين شاهه ربائت خان سان گڏجي مهر شاهه کي وٺي آيو، پر مهر شاهه مائٽن ڏانهن نه ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي به پاڻ وٽ رهائي ڇڏيائين(2).

مهر شاهه ۽ حسين شاهه جي رهڻ ڪري، وسند فقير واري ڊٻ تي ”مهر شاهه جي ڊٻ“ جو نالو پئجي ويو. مهر شاهه انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويهي ديني تبليغ شروع ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس مريد بڻجي ويا. اها خبر ٻڌي، مهر شاهه جو والد غلام شاهه اچ مان لڏي ڊٻ مهر شاهه ۾ اچي ويٺو. هن سان سندس عزيز ڇتن شاهه ۽ ڏنل شاهه به گڏجي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ سندس ٻيا عزيز ڪرم شاهه، جمال شاهه۽ گل شاهه به اچي ڊٻ مهر شاهه ۾ رهيا. ڪجهه ڏينهن بعد مهر شاهه ڇتن شاهه جي دختر نيڪ اختر سان شادي ڪئي. سندس شاديءَ کان ٿورو وقت پوءِ 1247 هجري مطابق، 1831ع ۾ ڇتن شاهه گذاري ويو. ٻه سال پوءِ 1249 هجري، مطابق 1833ع ۾ غلام شاهه به وفات ڪئي. اهي ٻئي پير ڊٻ مهر شاهه واري درگاهه تي رکيل آهن. سن 1251 هجري، مطابق 1835ع ۾ مهر شاهه کي علي بخش نالي هڪ فرزند ڄائو، جيڪو جواني جي عمر ۾ يعني 1269 هجري، مطابق 1862ع ۾ وفات ڪري ويو.

سيد مهر شاهه کي وقت جي پيرن، ميرن ۽ ٻين سردارن وٽ ڪافي عزت هوندي هئي. هو، نرينه اولاد کان سواءِ 1272 هجري، مطابق 1856ع ۾ فوت ٿيو. هو هڪ اعليٰ درجي جو شاعر به هو(1).

ساڳئي سال مهر شاهه جي ڀاءُ حسين شاهه وفات ڪئي ۽ درگاهه جا سجاد نشين مهر شاهه جا ڏوهٽا سچل شاهه ۽ بچل شاهه ولد ڏنل شاهه بڻيا. اڳ ۾ ننڍي ڀاءُ بچل شاهه جي دستاربندي ڪرائي وئي ۽ سندس وفات کان پوءِ وڏو ڀاءُ سچل شاهه گادي نشين ٿيو. اهي ٻئي ڀائر وڏا حسين، خوش خلق اهل دل درويش ٿي گذريا آهن(2). سچل شاهه فارسي زبان ۾ شاعري به ڪندو هو. سندس تخلص عشاق هوندو هو.

بچل شاهه کي اولاد ڪونه ٿيو، باقي سچل شاهه پنهنجي پٺيان ڏنل شاهه ثاني، ڪرم شاهه مست ۽ بچل شاهه ثاني نالي ٽي پٽ ڇڏي ويو(3).

سچل شاهه، جي وفات کان پوءِ درگاهه جي دستار ڏنل شاهه ثاني جي مٿي تي آئي. هو به وڏو ڪاني ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. حد کان وڌيڪ سادو هوندو هو. دنيوي معاملات ۾ ڪابه دلچسپي ڪونه وٺندو هو. نيٺ پنهنجي جيئري ئي پنهنجي ننڍي ڀاءُ بچل شاهه ثاني کي سجاده نشين ڪري پاڻ عبادت ۾ مشغول رهيو(4). ٻنهي ڀائرن ڪرم شاهه ۽ بچل شاهه ثاني سندس زندگي ۾ وفات پاتي. بچل شاهه ثاني جو وصال 1336 هجري، مطابق 1918ع ۾ ٿيو. پير ڏنل شاهه 1340 هجري، مطابق 1922ع ۾ وفات ڪئي(1).

بچل شاهه کي ڪوبه نرينو اولاد ڪونه هو، تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ ڏنل شاهه جي فرزند حسين شاهه عرف سونل سائين کي سجاده نشين بڻايو ويو. هيءُ به هڪ وڏو هردلعزيز ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. هن درگاهه ۽ مدرسي ۾ توسيع آندي ۽ ڳوٺ جي ٻارن جي تعليم تي گهڻي توجهه ڏني(2). پير صاحب کي شڪار ۽ ملاکڙي جو شوق به هوندو هو. ڪيترائي پهلوان هن وٽ رهندا هئا، کيس ٻن ديرن مان قائم شاهه عرف ڏنل شاهه ۽ سچل ثاني نالي ٻه فرزند ڄاوا. هن ٻاويهن سالن جي عمر ۾ تاريخ 14 ربيع الثاني، 1349 هجري، مطابق 1930ع تي وفات ڪئي(3).

سيد حسين شاهه جي وفات کان پوءِ قائم شاهه عرف ڏنل شاهه ثالث سجاده نشين ٿيو. هيءَ هڪ وڏو بردبار ۽ ماٺيڻي طبيعت وارو ماڻهو هو. عام ماڻهو کيس صابر سائين سڏيندا هئا. ڦوهه جواني ۾ تاريخ 22 ربيع الثاني 1355 هجري مطابق 1936ع ۾ وفات ڪري ويو(4).

سيد قائم شاهه کان پوءِ سندس ڀاءُ سچل شاهه ثاني پڳدار ٿيو. هو هڪ کلمک ۽ رلڻو ملڻو صاحبزادو هوندو هو. سندس شادي سهتن جي قوم مان ٿي ۽ سندس شادي جي موقعي تي وڏا شادمانا ٿيا ۽ ملاکڙا لڳا. ٿوري وقت کان پوءِ سادات گهراڻي مان شادي ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيس. نيٺ شادي جي تاريخ به ٻڌجي وئي، مگر اوچتو دادو ضلعي جي ڀانن شهر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ ڳوٺ ڏانهن موٽندي واٽ تي وفات ڪري ويو. انالله و انا اليه راجعون. سندس وفات جي تاريخ 12، ذوالحج 1366 هجري مطابق 1947ع آهي(5).

سيد سچل شاهه، جي وفات کان پوءِ سندس عزيزن مان سيد صالح شاهه ولد سيد نبي شاهه کي سجاده نشين ڪيو ويو. هو به دلعزيز ۽ الله جو نيڪ ٻانهو ٿي گذريو آهي. هن جي ڏينهن ۾ درگاهه شريف جي مرمت ڪرائي ويئي ۽ هڪ نئين مدرسي شمس الهدايت جو بنياد رکيو ويو. صالح شاهه پنهنجي پٺيان بچل شاهه عرف شمشير علي شاهه ۽ روشن علي شاهه نالي ٻه صاحبزاده ڇڏي تاريخ 3، ذوالحج 1376 هجري، مطابق 1957ع تي برقعو مٽايو. سندس وفات کان پوءِ وڏو صاحبزادو بچل شاهه عرف شمشير علي شاهه گادي نشين ٿيو(1). جيڪو پنهنجن وڏڙن جا ڪک وسايو ويٺو آهي. هڪ نوجوان ۽ با اخلاق انسان آهي ۽ سياست ۾ ڊبل گرئجوئيٽ آهي. راڄ ڀاڳ ۽ مريدن جي خنده پيشاني سان سرپرستي ڪري ٿو. هو هڪ نهايت سنجيدو ۽ قربائتو ماڻهو آهي.

بچل شاهه بخاري: سيد بچل شاهه اصل ۾ قادر بخش فقير جي قبن جي ڀرسان رهندو هو. عين جوانيءَ جي وقت مير علي مراد خان وٽ نوڪري ڪيائين ۽ گهوڙي سوار بڻيو. هو ننڍپڻ کان وٺي روزي نماز جو پابند ۽ هڪ پرهيزگار شخص هوندو هو. هڪ دفعي عبادت ۾ مصروف هجڻ ڪري مير صاحب جي سڏ تي ساجهر وڃي نه سگهيو، تنهن ڪري نوڪري تان استعيفا ڏيئي، الله سان لنئن لڳائي ويهي رهيو. مير صاحب ڪافي ماڻهو موڪليا ۽ آخرڪار پاڻ شاهه صاحب وٽ هلي آيو ۽ کيس منٿون ڪيائين ته هو نوڪريءَ تي چڙهي، مگر شاهه صاحب کي هاڻي پنهنجي مالڪ حقيقي جي نوڪري مزو ڏئي ڇڏيو هو، تنهنڪري وري مير صاحب وٽ نه ويو. سندس زندگي جو باقي عرصو ذڪر فڪر ۽ عبادت ۾ گذريو. سندس خاص طالب ويڙهو فقير سيخ ۽ عبدالرحمان فقير سومرو سندس خدمت ۾ رهندا هئا. هن تاريخ پهرين شعبان 1314 هجري، مطابق 1896ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ هر سومر رات تي، سندس مزار تي اڄ تائين فقيرن جو راڳ ٿيندو رهندو آهي. سندس پهريون مجاور ويڙهو فقير هو. ويڙهي فقير  جي وفات کان پوءِ بچل شاهه جي هميشره جي اولاد مان سيد ناصر علي شاهه درگاهه جو متولي آهي(1). خيرپور آيو. مير علي مراد خان جي پوٽي مير محمد مراد خان کيس ٻٻرلوءَ جي ڀرسان شيخ علي حسين واري ڪوٽ ۾ آباد ڪرايو. هيءُ هڪ وڏو ڪرامت جو صاحب ۽ اهل دل درويش ٿي گذريو آهي(1).

سيد حسين بخش شاهه کي هيٺين نالن وارا چار پٽ هئا: سيد الهڏتو شاهه، سيد جهانيان بخش شاهه، سيد پير بخش شاهه ۽ سيد حسن بخش شاهه. اهي چارئي به فيض جا صاحب ٿي گذريا آهن انهن مان سيد الهڏتو شاهه ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ گوگهاري ۾ وڃي ويٺو، باقي ٽيئي پير ٻٻرلوءَ ۾ رهيا ۽ اولادي ٿيا. سيد جهانيان بخش شاهه کي نرينو اولاد ڪونه ٿيو. سيد پير بخش شاهه جا ٻه فرزند سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جهانيان بخش شاهه ثاني وڏي نالي وارا پير هئا. سيد حسن بخش شاهه کي هڪ پٽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه نالي ڄائو، جيڪو پڻ هزارن مريدن جو مرشد بڻيو.

هن وقت مٿي ذڪر ڪيل پيرن جو اولاد ٻٻرلوءَ ۾ رهي ٿو. سندن وقت عزت ۽ آبرو سان گذري رهيو آهي. سنڌ ۾ شيخ قوم جا هزارين ماڻهو سندن مريد آهن(2).

هن ئي خاندان وارن جي هڪ الڳ درگاهه ڪوٽ ڏيجي تعلقي جي ڳوٺ مٺڙي ۾ آهي. هن درگاهه جي سجاده نشينن مان  سيد عطا حسين شاهه هڪ وڏو هردلعزيز پير هو، جيڪو ويجهڙائي ۾ گذاري ويو. هن وقت سندس ڀاءُ پير نبن درياهه سجاده نشين آهي(3).

جيوڻ پوٽا پير: هيءُ خاندان شاهه صدرالدين بن محمد مڪي بکري جي اولاد سان واسطو رکي ٿو. سندن مورث اعليٰ شاهه جيوڻ هڪ وڏو ولي ٿي گذريو آهي.سندس مزار روهڙي ۾ آهي. شاهه جيوڻ جو جانشين سيد محبت علي شاهه به هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. محبت علي شاهه جا ٻه فرزند نظام شاهه ۽ مومن شاهه به ڪاني ڪرامت جا صاحب هئا. نظام شاهه کي اولاد ڪونه ٿيو، تنهن ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ مومن شاهه جو فرزند سيد علي شاهه سجاده نشين ٿيو. سيد علي شاهه کي به اولاد ڪونه ٿيو ۽ سندس وفات بعد سندس ڀاءُ محمد شاهه جو فرزند سيد مومن شاهه ثاني سجاده نشين ٿيو. مومن شاهه ثاني کي ٻيا ٽي ڀائر به هئا، جن جا نالا هي آهن: سيد علي شاهه، رمضان شاهه ۽ علي گل شاهه، انهن مان سيد علي شاهه سکر مان لڏي ٽنڊي نهال خان ۾ اچي ويٺو ۽ الڳ درگاهه قائم ڪيائين. کيس چار فرزند محمد شاهه، سخا حسين شاهه، فيض حسين شاهه ۽ عطا حسين شاهه ڄاوا. انهن مان  محمد شاهه ٽنڊي روشن آباد ۾ مير سهراب خان ثالث وٽ وڃي رهيو، باقي سخا حسين شاهه ۽ عطا حسين شاهه ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ اچي رهيا. هن وقت سخا حسين شاهه پنهنجي درگاهه قائم ڪيو ويٺو آهي(1).

ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار: ڪنڊڙيءَ جي درگاهه جو باني روحل فقير آهي. هو زنگيجا قوم سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏا ساهيوال جي هڪ ڳوٺ لولگڙيه ۾ رهندا هئا. جتان روحل فقير جو والد شاهو فقير اول لڏي، سنڌ ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ ڀٽ تي اچي ويٺو. هن کي ٽي پٽ هئا. هڪ سلطان، ٻيو روحل ۽ ٽيون ميوو. انهن ٽنهي مان روحل عربي ۽ فارسي علمن ۾ تحصيل ڪئي ۽ ڪلهوڙن وٽ توشاني جو ناظر بڻيو. کيس وقت جي حاڪمن وٽ وڏي رسائي هوندي هئي ۽ وڏي شان شوڪت سان رهندو هو(2) هڪ دفعي هڪ امير کي ڏٺائين، جنهن پنهنجي پيءُ جو حرمين شريفن  مان آندل ڪفن وصيت موجب مرڻ تي پنهنجي  پيءُ کي نه ڏنو ۽ پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو.انهي لاءِ دنيا جي بيوفائي واقعي جي روحل جي دل تي وڏو اثر ڪيو ، ۽ هو نوڪري ڇڏي جھوڪ شريف ۾ و‎ڃِي پير عزت الله ولد شاهه عنايت جو مريد ٿيو(3). روحاني فيض وٺڻ کان پوءِ ڪافي مجاهدا ۽ رياضتون ڪيائين ۽ مرشد کان موڪل وٺي، محمد شاڪر شاهه جي ڪوٽلي ۾ اچي رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪوٽلي مان به لڏي ڪنڊڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي فقيري جي درگاهه قائم ڪيائين. سندس فيض جي پالوٽ ڏسي هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد ٿيا. وقت جا حاڪم مير سهراب خان ۽ مير رستم خان کيس وڏي عزت ڏيندا هئا. مير رستم خان سان گهاٽا تعلقات هيس. هن 1804ع ۾ وفات ڪئي. کيس شاهو فقير ثاني، غلام علي فقير، دريا خان ۽ خدابخش فقير نالي چار پٽ هئا، جيڪي پڻ وڏا معرفت جا صاحب ۽ سٺا شاعر ٿي گذريا آهن(1). سندس تصنيفات مان من پرٻوڌ، اديت گرنٿ، سرٻ گيان، ۽ آگم وارتا مشهور آهن. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ به بيتن ۽ ڪافين جو وڏو رسالو ڇڏيائين(2).

روحل فقير جو سڳو سئوٽ مراد فقير ولد حيات فقير به وڏو فيض وارو فقير ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. هن جا هندي زبان ۾ شبد ۽ پريم گيان به تصوف ۾ بي نظير تصنيفون آهن. هن فارسي ۾ به هڪ غزلن جو ديوان ڇڏيو آهي(3). هن جو مقبرو محمد شاڪر شاهه جي ڪوٽلي تعلقي ڪوٽ ڏيجي ۾ آهي(4).

درازن جا درويش: درازي درويشن جو مورث اعليٰ ميان شهاب الدين 92 هجري ۾ محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. محمد بن قاسم کيس سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو هو. انهيءَ لحاظ کان هو سنڌ جو پهريون مسلمان حاڪم هو(5). هن 95 هجري ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس اولاد مان ميان محمد، ميان عبداللطيف، ميان اسحاق ۽ ميان محمد ثاني هڪ ٻئي پٺيان سيوهڻ جا حاڪم ٿيندا رهيا. جڏهن سلطان محمود غزنوي سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن فاروقي حاڪم، ميان محمد ثاني کي ساليانو پگهار مقرر ڪري ڏنائين. هو 221 هجري ۾ فوت ٿيو(6).

ميان محمد جي اولاد مان ميان نورالدين جا ٻه فرزند ميان ابو سعيد ۽ ميان بدرالدين 665 هجري ۾ سيوهڻ مان لڏي اچي گاگن جي پرڳڻي تعلقي گمبٽ ۾ ويٺا.

ميان صاحبڏنو: ميان ابو سعيد جي نائين پيڙهي ۾ ميان صاحبڏنو موراڳي درازن جي درگاهه جو باني بڻيو. هو شاهه عبدالله جيلاني جو مريد هو ۽ هڪ وڏو فيض ۽ برڪت وارو بزرگ هو. هو سنڌي ۽ فارسي ٻنهي زبانن ۾ شعر چوندو هو. فارسي ۾ سندس تخلص عارف هو. 1192 هجري ۾ وفات ڪيائين(1).

ميان عبدالحق: ميان صاحبڏني جي وفات کان پوءِ سندس ننڍو فرزند ميان عبدالحق درازن جي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. سندس ولادت 1120 هجري ۾ ٿي هئي. هو ميرن جي دؤر جو هڪ بينظير عالم، عارف ۽ ڪامل شخص هو. سندس ديني فتويٰ کي حرف آخر ڪري ڄاتو ويندو هو. هو سنڌ جي بيباڪ صوفي شاعر سچل سرمست جو چاچو ۽ مرشد هو(2). سچل سائين سندس تعريف ڪندي، آخر ۾ چيو آهي(3):

”مدح او از مانمي گردد تمام هرچه گفتم آن بود بس والسلام“

ميان عبدالحق سنڌي ۽ فارسي جو سٺو شاعر به هو. سندس تخلص خاڪي هو. 1213 هجري ۾ برقعو مٽايائين. کيس قبول محمد، زين العابدين، دين محمد، ولي محمد ۽ خداداد نالي پنج پٽ هئا، جيڪي پڻ وڏا عارف ٿي گذريا آهي(4).

ميان قبول محمد: ميان عبدالحق جي وفات کان پوءِ سندس وڏو صاحبزادو ميان قبول محمد گادي نشين ٿيو. هو هڪ وڏو سخي ۽ توڪل جو صاحب ٿي گذريو آهي. جو ڪجهه هٿ ايندو هيس، سو الله جي نالي تي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ سڀاڻي لاءِ ڪجهه به رکڻ کي جائز نه ڄاڻندو هو. ان ڪري کيس هرڪو ”سخي قبول محمد“ سڏيندو هو. سخي قبول محمد توڙي سندس وڏا هميشه پنهنجي درگاهه تي معتڪف ٿي رهندا هئا. سڄي حياتي درگاهه کان ٻاهر پير نه پاتائون. ٻاهر جو ڪم ڪار، سڏ صلح ۽ درگاهه جو ڪاروبار سندن خليفي سچل سرمست جي حوالي هوندو هو. هو هڪ ڀلاري بزرگ هجڻ سان گڏ هڪ وڏو عالم ۽ شاعر به هو(1) ۽ ڪڏهن ڪڏهن مريدن کي سلوڪ جو رستو سمجهائيندي في البدي شعر به چئي ويندو هو(2). روهڙي جي مشهور درويش حضرت بيدل پنهنجي ڪتاب سندالموحدين ۾ سندس هيءُ شعر ڏنو آهي:

جامن تي جامان پرين پهري آئيو،

کامان ڙي کامان ڪيڏ لڪ ڪريم ڪيو.

کيس ميان نظر محمد، ميان محمد حافظ، ميان محمد سعيد، ميان سرور علي، ميان موجد علي ۽ ميان محمد غوث نالي ڇهه فرزند هئا. ابدي وصال 1245 هجري ۾ ماڻيائين.

سچل سرمست: ميان عبدالحق ۽ ميان قبول محمد ٻنهي جو خليفو حضرت سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي جو لافاني شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو عبدالوهاب هو، پر سندس ڏاڏو ميان صاحبڏنو کيس پيار مان سچل سڏيندو هو، تنهنڪري هو سچل جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس ولادت 1152 هجري ۾ ٿي ۽ 1242 هجري ۾ جسماني جامو مٽايائين. قرآن پاڪ جو حافظ هو. هر قسم جو ڪلام چيائين. سندس ڪلام رندي ۽ بيباڪي جو آئينو آهي. مٿس هميشه عشق الاهي جو غلبو هوندو هو ۽ حال ۾ اچي ڪلام چوندو هو. سندس ڪلام جي خاص خوبي اها آهي، جو نهايت آساني سان هر خاص ۽ عام جي فهم ۾ جلد اچي سگهي ٿو. هو سدائين درگاهه جو خليفو ٿي رهيو. جيڪو به وٽس مريد ٿيڻ ايندو هو، تنهن کي پنهنجي مرشد ميان عبدالحق يا سخي قبول محمد وٽ وڃي مريد ڪرائيندو هو. انتقال وقت جيڪو ڪلام ڇڏيائين، ان جو تعداد نو لک، ڇٽيهه هزار، ڇهه سئو ڇهه بيت هو(1).


(2) ايضاً:

(3)  ايضاً:

(1)  زباني احوال: سيد امام علي شاهه، سجاده نشين درگاهه ريجهه علي شاهه.

(2)  زباني احوال: سيد پريل شاهه جيلاني، ساڪن ڳوٺ ڏانورو.

(1) زباني احوال: سيد پريل شاهه ۽ علي محمد شاهه،ساڪن ڳوٺ ڏانورو تعلقو خيرپور.

(1)  زباني احوال: علڻ شاهه. ساڪن شاهپور، لڳ پير جو ڳوٺ.

(2)  ايضاً:

(1)  زباني احوال: سيد علڻ شاهه، ساڪن شاهپور، لڳ پير جو ڳوٺ.

(1)  زباني احوال: سيد محمد حسين شاهه ساڪن هالاڻي.

(1)  علي شاهه، سيد، لڪياري: حوالو ڏنل آهي.

(3)  علي شاهه، سيد، لڪياري: سيد گنبل شاهه جو احوال قلمي 1958ع.

(1)  علي شاهه سيد، لڪياري: سيد گنبل شاهه جو احوال، قلمي 1958ع

(2)  ايضاً:

(3) ايضاً:

(1)  زباني روايت: سيد بچل شاهه، سجاده نشين درگاهه ڊٻ مهر شاهه.

(2)  بخشڻ خان دستي، منشي: ڊٻ مهر شاهه جو احوال، قلمي مسودو، 1960ع.

(1)  بخشڻ خان دستي، منشي: حوالو ڏنل آهي.

(2)  زباني روايت: سيد بچل شاهه، سجاده نشين درگاهه ڊٻ مهر شاهه.

(3)  ايضاً:

(4) ايضاً:

(1) زباني روايت: سيد بچل شاهه، سجاده نشين درگاهه ڊٻ مهر شاهه

(2) حسين بخش دستي، ماستر: ”ڊٻ مهر شاهه جو احوال“ قلمي مسودو 1960ع

(3) ايضاً:

(4)  ايضاً:

(5) ايضاً:

(1)  زباني روايت: سيد بچل شاهه، سجاده نشين درگاهه ڊٻ مهر شاهه.

(1)  زباني احوال: ڪاظم علي شاهه ۽ سيد علي احمد شاهه، ساڪن خيرپور.

(1) زباني روايت: سيد علڻ شاهه، ساڪن شاهه پور، لڳ پير جو ڳوٺ.

(2) زباني احوال: ماستر هادي بخش خان جوڻيجو، ساڪن خيرپور.

(3)  زباني احوال: علي ڏنو شيخ، ساڪن ڳوٺ سوهو قناصرا.

(1) زباني روايت: سيد سخا حسين شاهه، ساڪن ڳوٺ سوهو قناصرا.

(2) امير علي شاهه، سيد: ” سنڏ جي بزرگن جو احوال“ ، قلمي مسودو مملوڪه غلام مصطفيٰ شاهه،ساڪن کهڙا.

(3)  زباني روايت: گلشن فقير زنگيجو، ساڪن ڪنڊڙي.

(1) عطا محمد حامي: مضمون ”ڪنڊڙي جا ڪلتار“ ڪاليج مخزن، ممتاز ڪاليج خيرپور، 1956ع.

(2)  زباني روايت: گلشن فقير زنگيجو، ساڪن ڪنڊڙي.

(3)  ايضاً:

(4) ايضاً:

(5) رجب علي فقير: ”مضمون فرنٽيئر گزيٽ“ جيڪب آباد 26 مارچ 1955ع.

(6) محمد صادق مولوي: سچل سرمست جي احوال جو قلمي مسودو.

(1)  محمد صادق مولوي: سچل سرمستجي احوال جو قلمي مسودو.

(2)  زباني روايت: قاضي علي اڪبر درازي، ساڪن روهڙي.

(3) مثنوي رازنامه، قلمي، مملوڪه، رجب علي فقير، ساڪن درگاهه درازا.

(4)  عطا محمد حامي: ”سچل سرمست“ پاڪستان پبلڪيشن درگاهه درازا.

(1)  زباني روايت: رحمت الله فقير ڦلپوٽو درازي، ساڪن محلو ڀرڳڙي، خيرپور.

(2)  علي ڏنو: ”ميان صاحبڏني جو ڪلام“، ايم اي لاءِ مونو گراف، 1973ع، ص 27

(1) علي ڏنو: ”ميان صاحبڏني جو ڪلام“، حوالو ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org