وڏين درسگاهن کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل سمورا مدرسا
وڏا درسگاهه هوندا هئا. انهن کان سواءِ ڳوٺن ۾
ننڍا مدرسا به هوندا هئا، جيڪي وقت تي هلندا هئا.
مالدار ۽ متقي ماڻهو انهن لاءِ وصيعتون ڇڏي ويندا
هئا. ٽالپرن طرفان به انهن کي وظيفا ملندا هئا.
ابتدائي تعليم لاءِ هر ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو يا مڪتب
هوندو هو. جنهن لاءِ ڪا به جدا جڳهه ڪانه هوندي
هئي. ملا،مولوي يا آخوند، مسجد جي حجري يا ڪنهن وڻ
هيٺان ويهي، ٻارن کي تعليم ڏيندا هئا. ڪٿي وري
امير ماڻهو پنهنجي ٻارن جي پڙهائڻ لاءِ، اوطاقن ۾
ماستر ويهاريندا هئا، جتي غريبن جاٻار به فائدو
حاصل ڪندا هئا. استادن کي ماهوار پگهار جي بدران
مختلف موقعن تي سرغاتون، پئسا، يا ان ملندو هو.
هندن جي تعليم لاءِ ڪجهه جدا اسڪولن جو انتظام
هوندو هو، جتي ڪجهه برهمڻ کين لکڻ ۽ پڙهڻ
سيکاريندا هئا. جيڪي شاگرد وڌيڪ پڙهندا هئا، تن کي
جوتش وديا، ڌرم شاستر ۽ منتر شاستر پڙهايا ويندا
هئا. تعليم گهڻو ڪري واپاري ۽ عامل طبقي جا ٻار
حاصل ڪندا هئا. واپاري طبقي جا ٻار پنهنجي تعليم
پڙهڻ ۽ حساب ڪرڻ تائين محدودو رکندا هئا. هنن کي
گرمکي ۽هندو، سنڌي اکرن جي تعليم به ڏني ويندي
هئي. عاملن جا ٻار سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ
فارسي پڙهندا هئا. فارسي جي اعليٰ تعليم لاءِ کين
مسلمانن جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ به وڃڻو پوندو هو
ميرن جي ٻارن جي تعليم لاءِ جدا اتاليق مقرر ڪيا
ويندا هئا. جن کي ادب جي سڀني علمن ۾ مهارت حاصل
هوندي هئي. انهن کي مقرر پگهار کان سواءِ ٻيا
لوازمات به ملندا هئا. ميرن جي ڇوڪرين کي وري
قاضين جون عورتون تعليم ڏينديون هيون.
جيمس برٽن جي تحقيق موجب ميرن جي زماني ۾ هيٺيون
نصاب، هيٺين نموني سان پڙهايو ويندو هو.
چئن ورهين ۽ چئن مهينن جي عمر ۾ ٻار مڪتب ۾ داخل
ٿيندو هو جتي جمعي کانسواءِ ٻين سڀني ڏينهن تي،
صبح کان شام تائين پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو.
پهريائين کيس ”الحمد الله رب اللعالمين“، جا اکر
چورايا ويندا هئا. پوءِ آهستي آهستي ڇهن مهينن
تائين هن کي قرآن پاڪ جو پويون پارو پڙهايو ويندو
هو. ساڳئي وقت هن کي ڪاٺ جي پٽيءَ تي اکرن جي لکڻ
جي مشق به ڪرائي ويندي هئي. سال کن ۾ هو ڪجهه نه
ڪجهه لکڻ پڙهڻ سکي ويندو هو. ان کان پوءِ هن کي
معنيٰ ۽ مطلب کان سواءِ قرآن شريف پڙهائبو هو،
جنهن جي پوري ڪرڻ ۾ هن کي چار سال کن لڳي ويندا
هئا.
نون سالن جي عمر ۾ ٻار کي پنهنجي مادري، سنڌيءَ جي
اڀياس لاءِ هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپايوويندو هو. هن کي
هيٺيان ڪتاب پڙهائبا هئا:
(1)
نورنامو، جنهن ۾ دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جي
تاريخ آهي.
(2)
مخدوم محمد هاشم جا لکيل ديني ڪتاب، جن ۾
شروعات تفسير سان ٿيندي آهي.
(3)
نثر ۽ نظام ۾ قصا، مثلا: سيف الملوڪ، ليليٰ
مجنون، حڪايات الصالحين، لاڏاڻو، معراج نامو ۽سئو
مسئلا. اهڙا ٻيا به ڪجهه ڪتاب هوندا هئا، جن جي
پڙهڻ سان شاگرد جي ذهني ۽ خيالي طاقت وڌندي هئي.
ٻارنهن يا تيرهن سالن جي عمر ۾ شاگرد فارسي شروع
ڪندا هئا ۽ هنن کي درجي وار هيٺيان ڪتاب پڙهڻا
پوندا هئا:
دوايو، ٽوايو ۽ چشم و چراغ.
سولا ۽ عام مشهور شعر جا ڪتاب، جهڙوڪ ڪريما
۽ناگهان وغيرهه.
تاريخ، انشاءِ ۽ وڏن شاعرن جا ڪتاب، جهڙوڪ گلستان،
بوستان، حافظ، يوسف زليخا ۽ سڪندر نامو.
ان کان پوءِ وڌيڪ تحصيل لاءِ خافاني، فردوسي ۽ٻين
عالمن جا ڪتاب شرح سميت پڙهايا ويندا هئا.
جيڪڏهن شاگردن کي عالم ٿيڻ جو ارادو هوندو هوته
پندرهن يا سورهن سالن جي عمر ۾ ڪنهن وڏي مدرسي ۾
وڃي تعليم وٺندا هئا، جتي کين هيٺيون نصاب پڙهڻو
پوندو هو:
صرف و نحو، منطق، فقهه، تفسير، حديث، معاني،بيان ۽
بديع وغيره.
مٿئين نصاب ۾ هيٺين ڪتابن کي وڏي اهميت هوندي هئي:
”ميزان صرف“، ”اجناس“، ”منشعب“، ”عقد“، ”زبدهه“،
”مائه عامل“، ”زرادي“، ”شافيه“، ”سجاوندي“، ”هدايت
النحو“، ”ڪافيه، ”شرح ملا جامي“، ”حاشيه عبدالحڪيم
۽ عبدالغفور“، ”ايساغوحي“، ”قال اقوال“، ”شمه بمع
شرح“، ”نيمروزي“، ”يڪروزي“، ”شمسيه“، ”شرح قطبي“،
”تهذيب“، ”مسلم“، ”هدايه“، ”وتايه“، ”ڪنز“،
”قدوي“، ۽ ”قافيه“.
انهيءَ نصاب جي تحصيل کان پوءِ به هڪ جيد عالم ۽ اعليٰ اديب ٿيڻ
لاءِ هيٺين علمن تي دسترس حاصل ڪرڻي پوندي هئي:
قرت، مناظره، عروض، طب، رمل، نجوم ۽ جفر، تاريخ،
حڪمت ۽ خطا. عام طور تي وڏن مدرسن ۾ اڄ تائين اهو
پراڻو نصاب رائج آهي.
سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو سارو عرصو مٿي ذڪر ڪيل
تعليم جو نظام رائج رهيو. ميرن جي طرفان سڀني
ادارن جي سرپرستي ٿيندي رهي ۽ تعليم ڏيندڙن کي
معقول وظيفا ملندا رهيا، پر 1843ع جي انقلاب کان
پوءِ ملڪ جي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو ۽ سڄو ماحول
مٽجي ويو. اصلي حاڪم نظربند ڪري، پوني، سورت،
هزاري باغ ۽ ڪلڪتي ڏانهن موڪليا ويا ۽ سندن حقيقي
وارث جلاوطن بڻجي دربدر رلندا رهيا.
انگريز حاڪمن جو تعليم جي پراڻي نظام سان ڪو به
انس ڪونه رهيو، جنهن ڪري ادارن جي وظيفا بند ٿي
ويا ۽ آهستي آهستي انهن تي ابتري ايندي وئي؛ ايتري
قدر جو ٿورن سالن اندر سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو.
انگريزن پنهنجي مفادن مطابق نئون تعليمي نظام رائج
ڪيو. سنڌجي مسلمانن هن تعليمي پاليسي جي سخت
مخالفت ڪئي ۽ سرڪاري اسڪولن کان ڀڄڻ لڳا ۽ ٻين کي
به پري رکڻ جي ڪوشش ڪيائون. عربي ۽ فارسي جي تعليم
کي اسڪولن مان ڪڍڻ کي مسلمانن سمجهيو ته انگريزن
هنن کي عيسائي بڻائڻ ٿي گهريو. مسلمانن غير مسلم
قوم جي انگريزي زبان سکڻ کي مذهبي طور تي ناجائز
ڄاتو ۽ ان کان وحشت کائڻ لڳا. هنن محسوس ڪيو ته
انهن اسڪولن ۾ وڃي سندن ٻار اسلام کان بيگانا ٿي
ويندا. هنن جي خيال ۾ انگريزي ڪافرن جي ٻولي هئي.
مطلب ته مسلمانن جي نظر ۾ انگريزن جو تعليمي نظام
کين هڪ سٺي مسلمان بڻائڻ بدران هڪ سرڪاري ڪارندو
بڻائي رهيو هو ان ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتوجو ٻيون
قومون ترقي ڪنديون رهيون ۽ مسلمان غفلت جي ننڊ ۾
کونگهرا ماريندا رهيا
مجموعي طور تي سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ تعليم ۽
تعليمي نظام جي اها صورتحال رهي. پر جيڪڏهن اسان
خيرپور جي تعليمي تاريخ جو خاڪو ڇٽينداسين ته ان
لاءِ هر هڪ حڪمران جي دور جو ذڪر الڳ الڳ ڪرڻو
پوندو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
مير علي مراد خان جو دور 1843ع کان 1894ع
مير علي مراد خان انگريزن جي انتظام کان متاثر ٿي
ڪجهه اسڪول کولرايا، پر انهن ۾ به شاگردن جي حاضري
خاطر خواهه نه هئي. مير صاحب پنهنجي سيڪريٽري مسٽر
لئنگلي(Langley)
کان سنڌ جي تعليمي سربراهه مسٽر گولڊ سمٿ
(Gold Smith) ڏانهن به ليٽر لکرايو هو ته کيس تعليم جي نئين پاليسي جي
پروگرام کان واقف ڪيو وڃي.
مير علي مراد خان پنهنجي ملڪ ۾ نون سڌارن جاري ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوچتو انگريزن مٿس ڪيس ڪري
سندس ملڪ جو ڪافي حصوکسي ورتو، تنهنڪري هو پنهنجي
حدن ۾ مڪمل طور تي نئون نظام جاري ڪري نه سگهيو.
ان هوندي به هن تعليمي سڌارن ۽ ڪمن ۾ دلچسپي ورتي
۽ پراڻين درسگاهن جا لوازمات جاري رکيائين. سن
1877ع ۾ رياست خيرپورجي نئين طرح سان کليل اسڪولن
جي بجيٽ ڇهه هزار ڇهه سو اٺاسي رپيا هئي.
مير فيض محمد خان جو دورو: 1894ع کان 1907ع
1894ع کان پوءِ جڏهن مير فيض محمد خان اول رياست
جي گاديءَ تي ويٺو، تڏهن سندس وزير خانبهادر قادر
داد خان، سردار محمد يعقوب خان ۽ شيخ صادق علي
خان، هڪ ٻئي پٺيان رياست خيرپور ۾ سڀني شعبن جا
نوان کاتا کوليندا ويا ۽ تعليمي ترقي لاءِ ڪوشش
ڪندا رهيا. مير فيض محمد خان کي بذات خود رعايا جي
آرام جي گهڻو خيال هوندو هو ۽ کيس تعليم سان خاص
دلچسپي هوندي هئي.
هن نئين تعليمي نظام موجب اسڪولن تي حڪومت جو مڪمل
ڪنٽرول ٿيو ۽ استادن کي باقاعدي سرڪاري خزاني مان
ماهوار پگهارون ملڻ لڳيون ۽پڙهائي لاءِ به ڪجهه
ڪلاڪن جو وقت مقرر ڪيو ويو. شاگردن جي امتحانن وٺڻ
جو به سرڪاري طور تي انتظام ٿيو.
انهن ٻنهي حڪمرانن جي تعليمي خدمتن کان متاثر
ٿيندي، مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي 1907ع واري
اجلاس ۾ تقرير ڪندي سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر، مسٽر ينگ
هسبنڊ(Young
Husband)
چيو هو ته، ”اسان کي مير علي مراد خان مرحوم ۽ان
جي جانشين مير فيض محمد خان جو ٿورائتو هئڻ گهرجي،
جن سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۾ تمام گهڻي دلچسپي
ورتي آهي ۽ جن هن صوبي جي شاگردن لاءِ علي ڳڙهه ۽
ٻين ڪاليجن ۾ پڙهڻ لاءِ شاهاڻا وظيفا ڏنا آهن.
ڪمشنر صاحب رياست خيرپور جي وزير سردار محمد يعقوب
جي اهڙين خدمتن جي واکاڻ ڪندي، چيو هو ته ”هو
پنهنجي قوم ۽ پنهنجي هم مذهب ماڻهن جي اصلاح ۽
فلاح جي ڪمن ۾ همه تن مصروف رهندو هو ۽ هن ڳالهه
کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو، ته مسلمانن جي حالت سڌارڻ
لاءِ کين تعليم ڏيڻ ضروري آهي. ان لاءِ هن دليريءَ
سان اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. سنڌ ۾ ڪا شايد اهڙي اسلامي
درسگاهه هجي، جنهن ۾ هن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان حصو
نه ورتو هجي“.
انهيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي يڪراءِ رٿ نمبر 28،
بحال ڪري، خيرپور جي والي مير فيض محمد خان ۽سندس
وزير شيخ صادق علي خان جي ان شاهاڻي امداد جو
شڪريو ادا ڪيو ويو، جيڪا هو مسلمانن جي تعليمي ڪمن
۾ وقت به وقت ڏيندا رهيا هئا.
انهي ڪانفرنس جو سارو خرچ مير فيض محمد خان جي
طرفان رياست جي وزير شيخ صادق علي خان برداشت ڪيو
هو.
شيخ صادق علي خان، علي ڳڙهه ڪاليج جي امداد لاءِ
ڪيترائي هزار پنهنجي هڙان ۽ڪيترائي هزار رياست جي
خزاني مان ڏنا هئا
مير فيض محمد خان اول جي جڏينهن ۾ رياست مان سٺ
هزار رپيا ڪڍي سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا هئا،
ته جيئن هو تعليم کاتي جي ذريعي اعليٰ تعليم حاصل
ڪندڙ مسلمان شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي. ان کي ”سر
علي مراد خان اسڪالرشپ“، جو نالو ڏنو ويو. ان کان
سواءِ مير فيض محمد خان هيٺين ادارن کي گرانٽ
ڏيندو رهيو:
”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچي لاءِ ساليانه ڇهه هزار رپيا.
سنڌ مدرسي ۾ ”خيرپور هائوس“ جي تعمير لاءِ ساڍا ڇهه هزار رپيا.
تعليمي اداري ”قصولي“ لاءِ پنج سئو رپيا.
لاڙڪاڻي جي ”مدرسي“ ۾ مسجد جي تعمير لاءِ ڏيڍ هزار رپيا.
”محمدن يونين“، سورت لاءِ پنج سئو رپيا.
سنڌ مدرسي جي ”هاسٽل“ لاءِ وڌيڪ پنج هزار رپيا.
”مدرسي ۽ بوردنگ هائوس“ سکر لاءِ اٺ هزار رپيا.
”زنانه ٽريننگ ڪاليج“، علي ڳڙهه لاءِ ڇهه سو رپيا.
”محمدن ايجوڪيشنل ڪاميٽي“،ٽرچنا پولي لاءِ هڪ سئو رپيا.
”انجمن خادم الاسلا“، آسام لاءِ هڪ سئو رپيا.
”انجمن تعليم اسلام“ اڌيپور، لاءِ پنجاهه رپيا.
علي ڳڙهه جي مشهور مسلم يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ
لاءِ به رياست جي وزير شيخ صادق علي خان ئي
ايجوڪيشنل ڪانفرنس 1907ع واري اجلاس ۾ رٿ پيش ڪئي
هئي. ان رٿ کي هٿي بهاولپور جي وزير مولوي رحيم
بخش ۽ ٽيڪو لاهور جي بئريسٽر فضل حسين ڏنو هو.
پوءِ اها رٿ يڪراءِ بحال ٿي هئي.
مير فيض محمد خان جي ايام ڪاريءَ ۾ سن 1908ع تائين
خيرپور رياست ۾ جيڪي اسڪول کليا، تن جو تفصيل هي
آهي:
سال
اسڪولن جو تعداد
شاگردن جو تعداد
95-1894ع 45 1256
96-1895ع 87 2579
97-1896ع 117 3858
98-1897ع 110 3754
99-1898ع 109 3928
1900-1899ع
124 4604
01-1900ع 142 4827
02-1901ع 150 5675
03-1902ع 156 5282
04-1903ع 135 4586
05-1904ع 104 3632
06-1905ع 105 3502
07-1906ع 102 3755
08-1907ع 102 3623
09-1908ع 98 3506
مٿين اسڪولن مان هڪ هنري اسڪول ۽هڪ انگريزي اسڪول
هو. هنري اسڪول ۾ هر قسم جي هنري تعليم ملندي هئي.
انگريزي اسڪول سان گڏ هڪ بورڊنگ هائوس به هو، جنهن
۾ شاگردن جو کاڌي پيتي سميت سمورو خرچ رياست
ڀريندي هئي. شاگرد انهيءَ اسڪول ۾ مڊل تائين پڙهي،
پوءِ ڪراچي ويندا هئا ۽ ”مدرسة الاسلام“ جي
”خيرپور هائوس“ ۽ ”ٽالپر هائوس“ ۾ وڃي رهندا هئا،
جتي مئٽرڪ تائين تعليم وٺندا هئا، اتي به سندن خرچ
رياست برداشت ڪندي هئي. ان کان پوءِ اعليٰ تعليم
لاءِ کين ”سر علي مراد خان اسڪالرشپ“ ملندي هئي.
مير فيض محمد خان جي ڏينهن ۾ به ديني مڪتبن ۽
مدرسن جو پراڻو انتظام مٿي ذڪر ڪيل اسڪولن کان الڳ
هو، جن کي دستور موجب رياست مان امداد ملندي رهندي
هئي.
مير امام بخش خان جو دور: 1907ع کان 1921ع:
مير امام بخش خان به پنهنجي پيءُ وانگر نهايت فياض
۽ روشن خيال رئيس هو ۽ تعليم سان وڏي دلچسپي رکندو
هو. تعليمي سڌارن ۾ سندس وزير خان صاحب محمد
ابراهيم خان جو وڏو هٿ هو.
هو به مختلف تعليمي ادارن کي پنهنجي رياست جي
طرفان عطيا ڏيندو رهندو هو، جن مان ڪي هي آهن:
”محمدن يونيورسٽي“، علي ڳڙهه لاءِ هڪ لک رپيا.
”مدرسته الاسلام“، ڪراچي لاءِ ساليانه ٻارهن هزار رپيا.
”مدرسته الاسلام“، لاڙڪاڻه لاءِ ساليانه ٻه هزار رپيا.
”مدرسته الاسلام“ميهڙ، لاءِ ساليانه ڇهه سئو رپيا.
”علي ڳڙهه ڪاليج“ لاءِ ساليانه ڇهه هزار رپيا.
”انجمن حمايت الاسلام“ لاهور لاءِ هڪ هزار رپيا.
مير امام بخش خان جي ايامڪاريءَ ۾ خيرپور رياست جي اسڪولن جو
تفصيل هي آهي:
سال اسڪولن جو تعداد شاگردن جو
تعداد
10-1909ع 98 3458
11-1910ع 109 3858
12-1911ع 114 4385
13-1912ع
122 4478
14-1913ع 123 4511
15-1914ع 131 4941
16-1915ع 129 5278
17-1916ع 135 5213
18-1917ع 137 5057
19-1918ع 124 5200
20-1919ع 123 5100
21-1920ع 127 5223
22-1921ع 137 5489
مير امام بخش خان جي ڏينهن ۾ ”ال انڊيا محمدن
ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ جو 1919ع وارو اجلاس خيرپور جي
شهر ۾ ٿيو هو، جنهن جو سمورو انتظام رياست جي
طرفان ڪيو ويو هو. انهيءَ اجلاس ۾ ساري هندستان
مان تعليمي شوق رکندڙ مسلمان اچي گڏ ٿيا هئا.
مير علي نواز جو دور: 1921ع کان 1935ع:
مير علي نواز خان تعليمي ادارن لاءِ نه صرف پنهنجي
وڏن وارا منظور ٿيل گرانٽ جاري رکيا، پر انهن ۾
اضافو به ڪيو. 1925ع ۾ لاڙڪاڻي لاءِ ٻه هزار رپيا
ساليانه مقرر ڪيائين ۽ حيدرآباد جي هڪ بورڊنگ
هائوس لاءِ ٽي هزار رپيا عطا ڪيائين. هن وٽ مختلف
جڳهن تان تعليمي خواهه ٻين ادارن جا ڪارندا ايندا
۽ امداد حاصل ڪندا رهندا هئا. هو ڪنهن به سواليءَ
کي نه موٽائيندو هو. ڪراچيءَ جي مشهور هاسٽل جناح
ڪورٽس، جنهن کي اڳ ۾ ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“
سڏيندا هئا سا به خيرپور رياست جي خرچ تي تعمير ٿي
هئي.
سندس ڏينهن ۾ 8 فيبروري، 1925ع آل سنڌ مسلم
ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو اجلاس خيرپور ۾ ٿيو هو، جنهن
۾ سنڌ جي تعليمي ترقي لاءِ بهترين رٿون بحال ڪيون
ويون هيون. انهيءَ ڪانفرنس جو سمورو انتظام رياست
جي طرفان ٿيو هو.
1924ع ۾ مير صاحب جي طرفان ”ناز هاءِ اسڪول“ جو
پرنسپال آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾شرڪت ڪرڻ
لاءِ دهلي ويو هو ۽ موٽي اچي ڪانفرنس جي رپورٽ پيش
ڪئي هئائين.
مير علي نواز خان جي ايامڪاير جي اسڪولن جو ڪجهه
تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
سال اسڪولن جو تعداد
شاگردن جو تعداد
24-1823ع 148 6116
25-1824ع 150 6315
26-1825ع 141 6383
27-1826ع 124 5798
29-1828ع 120 5371
30-1829ع 134 5430
33-1932ع 129 6863
35-1934ع 133 6600
36-1935ع 128 6776
مير فيض محمد خان ثاني جو دور: 1935ع کان 1947ع:
مير علي نواز خان 1935ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ
پاڪستان بڻجڻ تائين مير فيض محمد خان ثانيءَ جي
نالي ماتر حڪومت رهي اهو سارو عرصو حڪومت جو
ڪاروبار سندس وزير خانبهادر اعجاز علي خان
سنڀاليندو رهيو. انهيءَ عرصي ۾ نه فقط اسڪولن جي
تعداد ۾ اضافو آيو، پر شاگردن کي وڌيڪ سهولتون به
مليون.
هن دور جي اسڪولن جو ڪجهه تفصيل هي آهي
سال اسڪولن جو تعداد
شاگردن جو تعداد
37-1936ع
131 6616
38-1937ع
153 7801
39-1938ع
202 9123
40-1939ع
209 9496
48-1947ع
363 ------
ميرن علي مراد خان ثاني جو دور: 1947ع کان 1955ع:
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي 1955ع تائين رياست
جي آخري تاجدار، مير علي مراد خان ثاني جي دور
اقتدار ۾ خيرپور جي تعليم اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪئي.
پرائمري تعليم بالڪل مفت ۽ لازمي ڪئي وئي ۽ ثانوي
اسڪولن ۾ في جي معافي ڏني وئي. اعليٰ تعليم لاءِ
شاگردن جي اسڪالشپن جو تعداد وڌايو ويو ۽
اسڪالرشپن سان گڏ خرچ جي پورائي لاءِ کين قرض حسنه
(Debt of Honour) به ڏنو ويو. قرض حسنه وٺندڙ شاگردن کي تعليم پرائڻ کان
پوءِ، نوڪري جي ضمانت ڏني وئي
مير علي مراد خان جي طرفان هيٺين ادارن کي مستقل ۽
عارضي طور تي امداد ملندي رهي:
”سنڌ يونيورسٽي“.
”جناح ڪورٽس“، ڪراچي.
”انڊسٽريل اسڪول“، ڪراچي.
”جامع مليه ڪاليج“، ڪراچي.
”جناح لئبريري“، لاهور.
”انجمن ترقي اردو“، ڪراچي.
”سر سيد گرلز ڪاليج“، ڪراچي.
”آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس، ڪراچي.
1952ع ۾ خيرپور ۾ ”آل سنڌ پرائمري تعليمي ڪانفرنس“
۽ ”ڪل پاڪستان اردو ڪانفرنس“ جا ٻه عظيم اجلاس
ٿيا، جن ۾ ملڪ جا وڏا وڏا تعليمي ماهر شريڪ ٿيا.
ساڳئي سال ”محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ ڪراچي جي هڪ
اجلاس ۾ خيرپور جي وزيراعليٰ مرزا ممتاز حسن
قزلباش صدارت ڪئي ۽ رياست طرفان پنجن هزارن جو
عطيو ڏنو ويو.
رياست خيرپور جي ون يونٽ ۾ ملي وڃڻ ڪري هتي ٻين
اسڪولن سان گڏ هڪ ڊگري ڪاليجبه هو، جنهن ۾ آرٽس
سائنس ۽ ڪامورن جي تعليم جو بندوبست ٿيل هو. ان
کان سواءِ هڪ اعليٰ پئماني تي يونيورسٽي کولڻ جو
پروگرام به هو.
هن وقت خيرپور ۾ هيٺيان تعليمي ادارا آهن:
پرائمري اسڪول 800
اي. پي ڪلاس 17
ايليمينٽري اسڪول 6
نئشنلائيزڊ مڊل اسڪول 7
مڊل اسڪول 40
ٽريننگ ڪاليج 1
ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول 1
هاءِ اسڪول 17
ٽريننگ ڪاليج فار وومين 1
گرلز هاءِ اسڪول 1
آرٽس ڊگري ڪاليج 3
سائنس ڪاليج 1
ڪاليج آف ٽيڪنالاجي 1
ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ 2
|