سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:4 

سن 1859ع ۾ ليفٽيننٽ فائيف (Fife) روهڙيءَ کان ٿورو، درياهه مان وَڍ ڏئي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو ۽ سکر کان بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو.

ٻيا واهه: اڳ ۾ ذڪر ڪيل وهڪرن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا واهه ۽ ڦاٽ هوندا هئا، جن جي ذريعي خريف ۾ ڪجهه آبادي ٿيندي هئي. خيرپور جي حدن ۾ هيٺيان واهه هئا، جيڪي بئراج کان اڳ ۾ هتان جي آبپاشيءَ جو ذريعو بڻبا هئا.(1)

کبڙ واهه، سٺيو واهه، مير واهه يا چريو واهه، مين واهه، بودلي واهه، لالڻ واهه، ابل واهه، فيض نهر واهه، ماڌو واهه، ۽ جادي واهه.

مير واهه ۽ سٺئي واهه جا منهن سکر بئراج کان مٿي، ٿورن فرلانگن جي مفاصلي تي هئا، ۽ ٻين واهن جا منهن مختلف جڳهن تي چاليهن ميلن اندر هئا. (2)

خيرپور جي ساري آبادي جو دارومدار انهن واهن تي هو. پوک گهڻو ڪري چرخي ٿيندي هئي. موڪ تمام هيٺانهين زمينن تي ٿيندي هئي، ۽ اها به تڏهن جڏهن درياهه ۾ چاڙهه هوندو هو. اهو پاڻي وڌ ۾ وڌ جون کان سيپٽمبر تائين هلندو هو. سياري جي موسم ۾ سمورا واهه سڪا پيا هوندا هئا.(3)

ننڍا ڦاٽ: خيرپور جي حدن ۾ درياهه جا ڪجهه ننڍا ڦاٽ به هوندا هئا، جيڪي ڪجهه ميل هلي، ختم ٿي ويندا هئا، يا وري درياهه ۾ وڃي پوندا هئا. انهن مان هيٺيان مشهور هئا:

i.     گهري: هي پريان لوءِ جي نزديڪ درياهه مان نڪرندي هئي، ۽ جسڪاڻين وٽان ٿيندي، هالاڻي تائين ويندي هئي. سندس ٻيو حصو گمبٽ مان ڪانالوئي جي ڍنڍ وٽان ٿيندو، هالاڻي تائين ويندو هو. هن گهريءَ مان دروازن وٽان پير واهه نالي هڪ واهه نڪري صوڀيديري تائين ويندو هو.(4)

ii.   ڊانگي واهه: هي عاليپور جي مٿان نڪرندو هو، اُلرن ۽ کولرن وٽان ٿيندو، ڀنڊن جي ڳوٺ جي ڀرسان چراغ واري مهاڙيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ان جي ڊيگهه اتڪل ڇهه ميل هئي.(5)

iii.                        ڪاسائن وارو ٻوگهڙ: هي نائچن جي ڳوٺ وٽان نڪري اُڍن، شرن ۽ مڱڻيجن جي ڳوٺ وٽان ٿيندي، پراڻي ڪشمير مهاڙي کي پاڻي ڏيندي هئي ۽ ان کان پوءِ جنت واري وانڍ جي مٿان درياهه ۾ پوندي هئي. هن جي ڊيگهه اٽڪل ٻارهن ميل هئي.(1)

iv.  نوري واري ٻوگهڙ: هي علائقو خروس جي ڳوٺ وٽان درياهه مان نڪرندي هئي ۽ بخاريءَ واري باهڻي، نورل ناريجي جي ڳوٺ وٽان ٿيندي، فيض محمد جي ٻنڊي وٽان وري درياهه ۾ پوندي هئي. هن جي ڊيگهه چار ميل کن هئي.(2)

v.   بانداهو: هي رازق ڏني اُڍي جي ڳوٺ وٽان نڪرندو هو ۽ ڄامڙن، ڀنگن، سکن، ڪنڀرن ۽ شڪل جي کوهه وٽان ٿيندو، وڏيري ايوب مڱڻيجي جي ڳوٺ وٽان درياهه ۾ پوندو هو. سندس ڊيگهه ڏهه ميل کن هئي. (3)

vi. بگهڙ واهه: هي ڳڙهي پٺاڻ وٽان درياهه مان نڪري ڦل واهڻ ۽ منگهن واري کان ٿيندو اڳتي ويندو هو.(4)

vii.                      حرن واري ڍنڍ: هي اُلر جاگير وٽان نڪري، ٽي ميل هلندي هئي.(5)

viii. گڊو ناريجي واري ڍنڍ: هي ٻه اُلرا جاگير جي چڪ نمبر چوٿين وٽان نڪرندي هئي ۽ چئن ميلن تائين پکڙيل هوندي هئي.(6)

ix. گهمرا ڍنڍ: هي هادل شاهه جي ڳوٺ جي ڀرسان درياهه مان نڪرندي هئي، ۽ نون ميلن تائين هلندي هئي.(1)

x.   گڻنگ: هي ديهه موهل ۽ مهيسرن جي ڀرسان نڪرندو هو، ۽ اڍائي ميل کن ڊگهو هوندو.(2)

پتڻ: خيرپور حڪومت جي پراڻي حد ۾ درياهه تي هيٺيان پتڻ هئا، جيڪي رچرڊ برٽن جي نقشي ۾ ڏنل آهن.(3) عمرڪوٽ، روجهاڻ، ملوهاري، مياڻي، بدراڻي، هوندڙي، چانڊي، ڪونڌڙي، ڪشمور، قادرپور، ماڇڪو، بڊاڻي، چڪ، گبلو، جانپور، سڌوجا داراپور، حسين بيگ سيد، کرهي، بکر، مزاري، سعود آباد، ٽنڊو، پليجا، بهار جو ديرو، دريا خان، ڄيٺا، نورپور، چنڊ ڳوٺ، سيال، لاشاري، نئون ڳوٺ، مٽڻ، باغ ۽ دولت پور.

مير علي مراد خان جي حڪومت وقت رياست جي حدن ۾ هيٺيان ڇهه پتڻ هئا.(4): ٻنڍو، عاليپور، سڳا، رفيع ديرو؛ اڳڙا ۽ نور پور.

آبپاشي: سنڌ ۾ اوائل کان وٺي آبپاشيءَ جو سٺو انتظام هوندو هو ۽ ساري هندستان ۾ آبپاشيءَ جا طريقا به سڀ کان پهرين سنڌ ۾ شروع ٿيا(5) هن سلسلي ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن جي پيروي ڪئي ۽ انتظام به ساڳيو پراڻو رکيائون. هنن ڪافي واهه کوٽايا ۽ انگريزن طرفان سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي نوي سالن تائين سنڌ جي آبپاشي ميرن جي کوٽايل واهن مان ٿيندي رهي (6).

1932ع کان اڳ آبادي خريف ۾ وهندڙ واهن جي ذريعي ٿيندي هئي. انهن واهن ۾ به پاڻيءَ تي ڀروسو ڪو نه هوندو هو، ڇو جو انهن جو دارومدار سنڌونديءَ جي چاڙهه تي هوندو هو. ڪڏهن پاڻي گهڻو ٿي ڍنڍن ۽ ڍورن کي پري ڇڏيندو هو، ڪڏهن وري آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ به پورو ڪو نه پوندو هو. ڪڏهن ته 15 جون تائين به پاڻي ڪو نه ايندو هو، ۽ ڪڏهن وري 15 سيپٽمبر کان پوءِ هوندو ئي ڪو نه هو. (1)

آبپاشي جا طريقا: ميرن جي وقت ۾ آبپاشيءَ جا چار طريقا هئا: چرخي جنهن ۾ واهن جو پاڻي نار ذريعي زمين ۾ آڻبو  هو، موڪي جنهن جو ڪڙين ۽ ڪسين جي ذريعي هيٺاهين زمين آباد ڪبي هئي، چرخي مدد موڪلي، جنهن ۾ آبڪلاڻي موسم کان پوءِ موڪليءَ وارو پاڻي هرلي جي ذريعي ٻنين ۾ آڻبو هو ۽ چاهي جنهن ۾ کوهن جي پاڻيءَ سان زمين آشباد ڪبي هئي.

کاٽي: واهن جي کاٽي لاءِ به چئن قسمن جو بندوبست ٿيندو هو (2):

i.       وڏن واهن جي کاٽي حڪومت ڪرائيندي هئي.

ii.     حڪومت واهن جي کاٽي ڪرائي، ان تي ٿيندڙ خرچ جو ڪجهه حصو ڪڙميءَ کان وٺندي هئي، جنهن کي ”شراڪتي“ سڏبو هو.

iii.  ننڍن واهن جي کاٽي ڪڙمي ڪندا هئا ۽ انهن کي بدلي ۾ هڪ خرار تي ڪجهه ڪاسا ان ملندو هو، جنهن کي ”مخادمي“ سڏبو هو.

iv.   ننڍا ڪڙيا ۽ ڪسيون ڪڙمي پنهنجي خرچ تي پاڻ صفا ڪندا هئا.

ويسٽ فيڊر جا واهه: کبڙ شاخ، ٻٻرلوءِ شاخ، فيض واهه، پير مڱيو شاخ، لالڻ واهه، مهيسر شاخ، ابل واهه، محراب واهه ۽ گرڪڻو واهه.

مٿين واهن جون شاخون: رنگل شاخ، پلهه شاخ، ڪپري شاخ، اُڀڙي شاخ، ڦلپوٽا شاخ، ڏانورو شاخ، سائدي شاخ، مين واهه، بگهڙ واهه، جمشيد واهه، نئين شاخ، مگرجي ڪڙيو، فريد آباد شاخ، ڀٽي شاخ، بودلي شاخ، چانڊيا شاخ، ميان خان شاخ، الهداد شاخ، پنجابي شاخ، ٽوري شاخ، همايون شاخ ڪمالديرو شاخ، صفر شاخ، گنگڙ شاخ، لاکا شاخ، کهڙا شاخ، راڻيپور شاخ، درازا شاخ، غلام علي شاخ، رسول آباد شاخ، هڱورجا شاخ، رپڙي شاخ، هميرجي شاخ، محمد شاخ، راضيديرو شاخ، ماڌو واهه، مهتاڻي شاخ، ٻيلهارو شاخ، سيٺارجا شاخ، گيڙو شاخ، جادي واهه، صوڀوديرو شاخ، امام واهه، تيڪڻو واهه ۽ قاضي ڀٽو شاخ. (1).

(ذ) زراعت: خيرپور ۾ جيڪا زمين آباد آهي، سا تمام زرخيز آهي، ۽ منجهس آبپاشيءَ جو بهترين نظام آهي. جتي ڪٿي واهن، واٽر ڪورسن، ڪڙين ۽ ڪسين جو ڄار وڇايل آهي. منجهس هر وقت سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جو لٽ پوندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن خطي ڪڏهن به کوٽ ۽ قلت جو منهن نه ڏٺو آهي. هتي اوائل کان وٺي هر قسم جي پوک ٿيندي رهي آهي، ۽ زمينن جو اپايل اناج هتان جي ماڻهن جي گهرج کان گهڻو ٿيندو رهيو آهي.(2)

”هتان جي جوئر ۽ ڪڻڪ جا فصل دنيا جي ڪنهن به حصي جي بهترين فصل سان مقابلي ۾ آڻي سگهجن ٿا. هتان جي جوئر جا ڪانا سورهن فوٽ ڊگها، ۽ سندن سنگ مني پائونڊ کان به ڳورا ٿيندا آهن.(3)  

زمين جا قسم: آباديءَ جي لحاظ کان هتان جي زمين پنجن قسمن ورهائي سگهجي ٿي. (4)

I.    وارياسي (Sandy) : هي اها زمين آهي، جنهن ۾ گهڻي واري ۽ ٿورو لَٽ ٿيندو آهي. هن قسم جي زمين ۾ مڱ، پٽاٽا ۽ لاهوري گجرون پوکي ٿيون سگهجن. اها زمين سموري ناري تعلقي ۽ ٻين تعلقن جي ٿورن حصن ۾ آهي.

II. لٽياسي (Loamy) : هي اها زمين آهي، جنهن ۾ گهڻو لٽ ۽ ٿوري واري ٿيندي آهي. هي زمين جو بهترين قسم آهي. هن ۾ سمورا فصل سٺا ٿيندا آهن. اها زمين ناري تعلقي کان سواءِ خيرپور جي سڀني تعلقن ۾ آهي.

III.                      چيڪي (Clay) : هن قسم جي زمين تمام سخت ٿيندي آهي. هن ۾ مختلف عناصر جو ڳار (Humous) تمام گهٽ هوندو آهي ۽ سندس سطح تي ڏار هوندا آهن. هي زمين ٽڪرن يا جهلي بندن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. خيرپور ۽ گمبٽ تعلقن جي اولاهين حصي ۾ اهڙي زمين جا ڪجهه ٽڪرا آهن. هن قسم جا زمين ۾ تيلي ٻج پوکبا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ساريون به ڪندا آهن.

IV.                      رءُ (Hilly tractsoll): هي اها زمين هوندي آهي جنهن ۾ پٿرائين واري ۽ پٿر جو لٽ هوندو آهي. اها گهاڙ وارين ٽڪرين جي آسپاس آهي. هن ۾ تيلي ٻجن جي باراني پوک ٿيندي آهي.

V. ڪلراٺي (Saline): هي اها زمين آهي، جنهن ۾ لوڻ گهڻو هوندو آهي. هن جا ٽي قسم ٿيندا آهن: شور ڪلر، ٺاٺ ڪلر، ۽ مٺو ڪلر. مٺي ڪلر واري زمين سارين جي پوک لاءِ موزون ٿيندي آهي. هن قسم جي زمين خيرپور ۽ ڪوٽ ڏيجي تعلقن جي ڪجهه حصن ۾ آهي.

فصل جون مندون: خيرپور ۾ سڄي سنڌ وانگر فصل پوکڻ جون ٽي مندون ٿينديون آهن: خريف يا ڪتي، ربيع يا چيٽ ۽ اڌائون.

خريف، سانوڻ جو فصل آهي جيڪو مارچ اپريل کان نومبر ڊسمبر تائين هلندو آهي.

ربيع، سياري جو فصل آهي جيڪو آڪٽوبر نومبر کان اپريل مئي تائين هلندو آهي.

اَڌائون، خريف ۽ ربيع جي وچ وارو فصل ٿيندو آهي، جيڪو فيبروريءَ کان مئي تائين هلندو آهي.

خريف جون پوکون: I. عام: جوئر، ٻاجهري، وونئڻ، ساريون، ڪمند، مڪئي، سڻي، سجاوتو ۽ تماڪ.

Ii. داليون: مڱ، مانهن، موٺ، گوار، راهان ۽ ارڙهه وغيره.

iii. تيلي ٻج: تر، بوهي مڱ، سويابين، هيرڻ ۽ سورج مکي.

Ix. ڀاڄيون: مرچ، ڀينڊي، ڪريلا، ميها، واڱڻ، گدرا، هنداڻا، لاهوري گجر، سنڍ، هيڊ ۽ ڪچالو.

ربيع جون پوکون: i. ان: ڪڻۡ ۽ جَوَ.

Ii. تيلي ٻج: سرنهن، ڄانڀو، توريو، رائي، موري ۽ السي.

Iii. داليون: چڻا، مٽر ۽ مهري.

IV.                      ڀاڄيون: پٽاٽا، بصر، ٿوم، گوبي، گوگڙو، پالڪ، ولائتي مٽر، ٽماٽر، سنڌي گجر ۽ چقندر.

V. متفرقه: وڏف، جيرو، اسپنگر، جاڻ، هرٻو ۽ ڦودنو.

VI.                      گاهه: برسيم، لوڻ ۽ ثفتل.

ڪجهه پوکن جون جنسون: خيرپور جي علائقي ۾ مٿي ذڪر ڪيل پوکن جون مختلف قسمن جون جنسون پوکيون وينديون آهن. انهن مان ڪجهه هي آهن:

i.     جوئر جا قسم: اڇي، ڪار تهي، ساوڙو، ڏيپر، جنپور، رهزادي تري، بگدار، ذات،  ديسي، الک، شاهين، اڇي ڪوڏڙي ۽ ميلولئنڊ.(1)

ii.  ونڻن جا قسم: منڌ، قلندري، لطيفي، سرمست. ٽنڊوڄام، ايم 4 ۽ ايم 100. (2)

iii.                        ٻاجهري جا قسم: ديسي ۽ ڄام نگر. (3)

iv. ڪمند جا قسم: ڪوئيتموپور، 321، 491، 447، 459، بي ايل 19، بي ايل4، وي آر 1000، لاهوري پنڊيه ۽ اسٽريپڊ ماريئس.(4)

v.   سارين جا قسم: ڪنگڻي، ڪنگڻي سونهري توڙ، ڪنگڻي، جَجَڻي 77، بينگالو، سونهري سڳداسي، سدا گلاب، بڙانگ، ڏوڪري، باسمتي، اِري مهراڻ، اِري 841، اِري 661، اِري 424، اري 533 ۽ اري 579. (1)

vi. مڪئي جا قسم: ديسي، دوغلي ۽ هائبرڊ.(2)

vii.                      ڪڻڪ جا قسم: مئڪسي پاڪ، پاڪ 70، يڪورا، نوري، ٺوڙهي، ڪونج، سي 591، ايڇ 68، 1132 ۽ وي 1143 (3)

ميوا: خيرپور وارو خطو ميرون کان به مشهور آهي. انب، کجي، ليمان، نارنگيون، مالٽا، توت، صوف، زيتون، ڪيلا، ڊاک، ڦاروان، ڄمون، ڏاڙهون (ديسي)، ۽ صوفي ٻير به سٺا ٿيندا آهن. انبن جون تخمي توڙي قلمي بهترين جنسون ٿينديون آهن. کجيءَ جي بهترين ۽ اڍائي سئو کن جنسن ۾ خيرپور کي انفراديت حاصل آهي.(4)

خيرپور جي باغات جو گهڻو حصو کجين سان ڀريل آهي.(5) خيرپور تعلقي جي ٺيڙهي، پريان لوءِ، پير ڳوٺ ۽ ماڇين ۾ تمام گهڻا باغ آهن. ڪجهه سالن کان ڪوٽ ڏيجي تعلقي ۾ به کجي چڱي پيماني تي پوکجي ٿي. ان کان سواءِ گمبٽ، هير واهه ۽ فيض گنج تعلقن ۾ به چڱا تجربا ڪيا پيا وڃن.

هتي جهنگلي ميون مان ٻير، پيرون، پڪا، سڱر ۽ ليسوڙا به جام ٿيندا آهن.

گل ڦل: خيرپور ۾ گلاب، رابيل، موتيو، چنبيلي، ناز بوءِ ۽ انگريزي گل تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندا آهن. قلمي گلاب جون ڪافي جنسون باغن ۾ نظر اينديون آهن. اليگزينڊر برنس لکيو آهي ته اتر سنڌ (خيرپور) جي گلابي گلن جهڙا گل هن ڪنهن به ملڪ ۾ نه ڏٺا آهن (1) لنگلي جي خيال موجب به خيرپور جي گلابي گلن جي خوشبوءِ يورپ جي گلن کان ويڪ آهي.(2)

ٻيلا: خيرپور ۾ ٻيلن جو جدا کاتو آهي، جنهن جي ذريعي شڪار گاهن جي اڪثريت ٻيلن ۾ تبديل ڪئي وئي آهي. هتي ٻيلا پنجن قسمن جا آهن (3):

I.              خاص رکيل (Reserved) ٻيلا

II.           روينيو جا ٻيلا

III.        ڪچي جا خانگي ٻيلا

IV.        پڪي ۾ خانگي ٻيلا

V.           هزهائينس جا ٻيلا

سال 1971ع ۾ خيرپور جي ٻيلن جي اُپت هڪ لک اسي هزار روپيا هئي. (4) خيرپور جي ٻيلن هيٺ آيل زمين جي ايراضي 6875 ايڪڙ آهي،(5)

هتان جي ٻيلن ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن جي ڪثرت آهي، جن مان ڪافي انداز ۾ ڪوئلو، ٻل ۽ عمارتي ڪاٺ مهيا ٿئي ٿو. درياهه جي ڀرسان باهڻ جا ڪافي وڻ آهن، جن مان جنڊيءَ جو سامان ٺهي ٿو. زرعي زمينن ۾ ٽاليءَ جا وڻ عام جام آهن، جن مان بهترين عمارتي ڪاٺ ملي ٿو. انهن کان سواءِ ٻيا وڻ جهڙوڪ ٻير، نم، سرنهن، پپل، لئو، بڙ، ڪرڙ ۽ کٻڙ وغيره به اڻ ڳڻيا آهن. ٻيلن مان عمارتي ڪاٺ ۽ ٻارڻ کانسواءِ بهترين ماکي ۽ کنئور ملن ٿا. واٽر ورسن ۽ ڪڙين جي ڪپن تي، خواهه ٻيلن ۽ شڪار گاهن ۾ بي انداز ٻوڙا ٿين ٿا، جن جي ڪانن مان پَترون، مرڙا ۽ چِکُون لهن ٿيون، ٻوڙن جي سرن مان ٽوئا، ۽ مڃَ مان ڪافي انداز ۾ واڻ ٺهي ٿو.(1)

جهنگلي ٻوٽن مان ڦوڳ، کپ آڪ، ٽوهه، اُبت ڪنڊڙي، ڪانڊيرا ۽ ٿما وغيره به کوڙ ٿيندا آهن، چوپائي مال جي چاري لاءِ هيٺيان گاهه به سٺا ۽ گهڻي انداز ۾ ڦٽندا آهن: ساوڙي، ڇٻر، ڊڀ، ڪٻهه، منڍيري، ڇپري، ڏنهي، ڳم، ڳنڍير، ڀَتَر، چِل، واهو، سنجهه، چڀڙ، جهنجهڻ، اِڪڙ، للر، مريرو، لنڀ، لوڻڪ، ناڙو، چينو، ڪل، چانهه، گڏهه چل ۽ ڍانچو وغيره

(ز) معدني پيدائش: خيرپور جو علائقو مدنيات جي لحاظ کان به پٺتي پيل نه آهي، هتي معدني پيدائش جا ڪافي ذخيرا موجود آهن، جن مان پٿر، ميٽ، لوڻ، کار، ڪوئلو ۽ چانيهو مشهور آهن،

پٿر: هتان جي جبلن مان اڻ کٽ پٿر نڪري ٿو، جيڪو عمارتي ڪمن ۽ رستن جي تعمير ۾ ڪم ايندو آهي،

ميٽ: پير ڪوڪي ۽ شادي شهيد وارين ٽڪرين ۾ ڪجهه ميٽ جون کاڻيون آهن، جن مان پاڪستان جي پيداوار جو پنجاهه سيڪڙي جيترو ميٽ نڪري ٿو (2)

لوڻ: ڪلراٺي زمين ۽ ڪجهه ڍنڍن ۾ لوڻ جا بي انداز ذخيرا آهن، انگريزن طرفان سنڌ قبضي ڪرڻ کان اڳ لوڻ کاتي جو جدا محڪمو هوندو هو، اڄ به نونارين جي ڳوٺن جي ڀرسان ڪلر جا وڏا دڙا نظر ايندا، جتي لوڻ ٺاهڻ جا ڪارخانا هوندا هئا،

ڪوئلو: ريگستاني علائقي ۾ ڦوڳ جا وڻ تمام گهڻا ٿيندا آهن، جن کي ساڙي بهترين قسم جو ڪوئلو ٺاهيندا آهن،

کارو چانيهو: ناري تعلقي ۾ کاري پاڻيءَ جون ڪافي ڍنڍون آهن، جن مان کارو چانهيو نڪرندو آهي. انهن مان هيٺيون مشهور آهن:

ناري جي پاسي واريون: ڊڀرن واري تلي، بُلا واري، بگهڙ وارو، ڊيل، سڪ چاهو، چگاري چاهي واري، چگاري ڪلر واري، ترائي پير نانگو، کريري چاچ واري، دوسي واري، ڍبريون، ڪلر واري، ورچورا سم، ڦارن واري سم، ٽيڪڻي، آچرو بيترو، پارو واري، نانگن وارو، چلهن وارو، مٺڙي، گلو واري، ڀوڄي واري، لاهوري، چنمپ واري، ترائي واري، مير واري جَتو واري، کريري موجن واري، برتڪو واري ميٽهڙي، اُبرانڊ ڍيرن واري، لالڙي سنهڙي، لالڙي لمبڙي واري، لبڙو، لالڙي وڏي، گنجا واري، متي وارو، کارا اوڪر، کبڙ وارو، ڪڪرن وارو،  ڊرگ واري، اشرف وارو، ڪِنو چاهو، ترائي بارڪو، بارڪو، سيداهو، چارکن وارو وڏو، چارکن وارو ننڍو، هزاري، سر واري، مقام واري، رام راهه، سيدن وارو، اَسر ۽ موٺڙن وارو (1) .

جبي واريون: پکيارو، گنهور وارو، نار وارو، لئي واري، ڦارن وارو، گادن واري، ڪلبو وارو، گپنم، آهيه وارو، اَچرو، بڊرو، ڪنڊي وارو، بمبالوئي وڏي، بمبالوئي ننڍي، رحيم وارو، گدڙ وارو، پڊريو، جارن وارو، واٽ وارو، وارن وارو، مٽرن وارو، ٻورن وارو، منچر، ڳاڙهو گهوٽ، کارو وارو، سوجي ننڍي، سوجي وڏي، کرو، جهنڊوئي وڏي، جهنڊوئي ننڍي، ڊڀو، ڳانڌي، سنوئي ننڍي، سنوئي وڏي، سنوئي ڪوٽن واري، سنوئي ڳاڙهي، سنوئي نار واري، گابن وارو، روجي وارو، عبدالرحيم، ليٽڻ عبدالرحيم، لالڻي واري، نئن ريٽ، ريٽ پريو، ڀائون ڪوٽ ڪوڙو، نروئي، دبورا، ساوڙي علڻ، ساوڙي اُبرانڊ، تُرهڻ، سنهڙي، مچوئي، لوڻ کاڻ اُبرانڊ، ليارا چندروئي، دڪاني، پور چندر، ڪڙي ۽ لوڻ کاڻ علڻ.(2)

(س) مڇي: خيرپور جي اقتصاديات ۾ مڇيءَ کي به اوائل کان وٺي وڏي اهميت رهي آهي. هتان جي حدن مان وهندڙ درياهه، ان جي وهڪرن، واهن، نالين، ڍنڍن ڍورن ۽ کڏن مان هميشه کان وٺي بي انداز مڇي مرندي رهي آهي. ميرن جي دور ۾ مڇي ايتري گهڻي ۽ سستي هوندي هئي جو هڪ دفعي اليگزينڊر برنس هڪ روپئي ۾ ٻه کارا خريد ڪيا هئا، جن ۾ اسي ڏنڀرا هئا.(1)

موجوده وقت ۾ گهڻا ٻيلا ۽ شڪار گاهه ڪٽجي ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڍنڍون ۽ ڍورا سُڪي آبادي هيٺ اچي ويا آهن، تنهنڪري اڳي جيتري مڇي پيدا نٿي ٿئي، ان هوندي به باقي بچيل ڍنڍن ڍورن ۽ واهن مان ڪافي انداز ۾ مڇي ملي ٿي، جنهن جا سرڪاري طور تي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن. هتي پلي ۽ سامونڊي کانسواءِ هر قسم جي مڇي ملي ٿي. هتان جي مڇيءَ جا هي قسم مشهور آهن: ڏنڀرو، موراکي، ٿيلهي، گندڻ، ڄرڪو، کڳو، سينگاري ۽ گوج.

اڄ ڪلهه درياهه جي پتڻن کان سواءِ هيٺين ڍنڍن، سم نالين، واهن ۽ کڏن مان مڇي مرندي آهي (2) :

خيرپور تعلقو: (i) سم نالي روهڙي ڪئنال کان ٽنڊو مستي تائين. (ii) روهڙي ڪئنال مختلف جڳهن تي. (iii) مير واهه مختلف جڳهن تي. (iv) ابل واهه مختلف جڳهن تي. (v) ڪارو دٻو، نئون دٻو ۽ پٽ وارو دٻو. (vi) ڄام ارو دٻو. (vii) خالقڏني وارو دٻو. (viii) سم نالي لقمان کان ڪلهوڙن جي ڳوٺ ڌڻين. (ix) شيخن ۽ اُنڙن واري ڍنڍ. (x) بچل ميربحر ۽ نواز ٻروچ وارو دٻو.  (xi) ڪوڙي وارو ڪنب ۽ چاڪر وارو دٻو. (xii) ڍنڍ ڪاٺڙي ۽ سم نالي نهال آرائين. (xiii) ورري ڳوٺ کان بورنگ مشين تائين نالي. (xiv) ڪيهرن وارو دٻو. (xv) غوثو وارو دٻو. (xvi) ميري خروس وارو دٻو. (xvii) نواز علي ناريجي وارو دٻو. (xviii) گڙنگ ڍنڍ. (xix) سڻو دٻو. (xx) پنجل شاهه وارو دٻو. (xxi) ڇتي وارو دٻو. (xxii) عيسل وارو دٻو. (xxiii) عبدالمجيد وارو دٻو. (xxiv) ڀانڀ ميربحر وارو دٻو. (xxv) ڳاڙهي ميري وارو دٻو. (xxvi) گهمرن واري ڍنڍ.

گمبٽ تعلقو: (i) جهلي بند کان گهار بهارو تائين دٻو- (ii) چانهين راضيديرو- (iii) غلام جعفر گس وارو دٻو- (iv) گهارو گلو سيال خواجن کان ميران بخش تائين.(v) ريل ٻيلي چاڻي، حسڻ ميربحر کان علي مراد ڪلهوڙي تائين- (vi) ڍنڍ شڪاري گهانگهري- (vii) ڪيٽي، ڪنوري کان منگي ماڙي- (viii) ڪوٽ وارو دٻو ۽ نجم الدين الڙ وارو دٻو- (ix) دٻو ڪوٽ چانڊڪو يعقوب ڪلهوڙو (x) ڪيٽي، انڙ کان مريد شيخ تائين- (xi) سدا واهه. (xii) گهارو گلو سيال پاڻ وارو- (xiii) ڪڪو وارو دٻو- (xiv) ڍنڍ صوڀو ڀاڳت (xv) ڪٽ چانڊڪو پتڻ.

مير واهه تعلقو: (i) واپڊا نالي عطا محمد لنڊ کان بورنگ مشين تائين-

نارو تعلقو: (i) چوٽي- (ii) ڀڪڻ- (iii) لياري- (iv) ڪنڊي- (v) پتاشو- (vi) مورو- (vii) حسڻ- (viii) ناموڪ (ix) گوپ- (x) توتن- (xi) گهوڪ (xii) ڪلڻ- (xiii) مريد علي- (xiv) گهرڪڻو- (xv) ڪچلي- (xvi) سمڻو- (xvii) ڍولي- (xviii) سانگ جيوڻو- (xix) چوڦير- (xx) مڃو- (xxi) بچايو- (xxii) اڏوهڻو- (xxiii)- اڌ دٻي-

(ش) جانور: خيرپور چوپائي مال ۽ جهنگلي جانورن کان به مشهور آهي- مير واهه، فيض گنج، ۽ نارو تعلقا، توڙي ڪچي وارو سارو علائقو ڀاڳين جي ڀاڻن سان ڀريو پيو آهي. اوائلي ميرن جي زماني ۾، مال جي ايتري گهڻائي هوندي هئي، جو مالدارن جون مينهون، ڳئون، ڏاچيون، رڍون ۽ ٻڪريون اڻ ڏڌيون ڇٽنديون هيون (1) اهو ئي سبب آهي جو هتي جا ماڻهو پنهنجين ڳئن مينهين جو ڏڌ، کير ۽ گيهه مکڻ کائي پي، ڏاڍي موج ۽ مزي ۾ بي غما ۽ بي گوندرا ٿي گذاريندا هئا.(2) شهرن ۾ مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي وڪامڻ اينديون هيون. (3) خيرپور جي ميرن ۽ ٻين اميرن کي سواريءَ جي بهترين وهٽن ڌارڻ جو شوق به عشق جي حد تائين پهتل هوندو هو.(1) هو. هر سال عاليشان گهوڙا خريد ڪندا هئا. وٽن سٺن گهوڙن کان سواءِ اعليٰ نسل جا ڪتا به هوندا هئا، جي هو اتر وارن ملڪن مان گهرائيندا هئا.(2) کين بازن ۽ گهوڙن کي هيرائڻ جو ڪم لکڻ پڙهڻ کان به وڌيڪ دلچسپ نظر ايندو هو. هو گهوڙن کي هڪدم ڦيرڻ، بيهڻ، ڇال مارڻ، زمين تي ڪري پوڻ، ۽ مشرقي نموني جي ٻن ڪرتبن جي مشق ڪرائيندا هئا. هتان جي غريبن وٽ به گهوڙي هڪ گهر جو ڀاتي ڪري ڄاتي ويندي هئي. گهڻا ماڻهو پاڻ وقت تي ماني نه کائيندا هئا، پر پنهنجن پيارن وهٽن کي بک نه ڏيندا هئا.

خيرپور جي ٻيلن ۽ جهنگلن مان هرڻ، ڦاڙها، گدڙ، لومر، سيڙهه، سها ۽ سوئر بي انداز لڀن ٿا.(3) اڳ چيتا ۽ بگهڙ به هوندا هئا، جيڪي هاڻي گهڻي آبادي سبب ختم ٿي ويا آهن. 1965ع واري هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ کان پوءِ هرڻ به گهٽجي ويا آهن.

مير علي مراد خان جي ڪوشش سان سنڌ ۾ ڪارن هرڻن جو نسل رائج ٿيو هو. هن کان اڳ هن صوبي ۾ ڪارن هرڻن جو نشان ئي ڪو نه هو. مير علي مراد خان وٽ هڪڙي ڄانگهي جا سڱ 26 انچ ڊگها هئا، ۽ هڪڙي هرڻ جا سڱ 16 انچ ڊيگهه ۾ هئا (4)

(ص) پکي: خيرپور ۾ ڪافي وڻ ٽڻ، ٻيلا ۽ جهنگ آهن. ان کان سواءِ هتان جي آبهوا ۽ زمين جون قدرتي حالتون اهڙيون آهن. جو پکين جي گذاري لاءِ جهنگ جهر ۾ ڪافي اَن پاڻي ۽ موزون غذا مهيا ٿي سگهي ٿي. ان ڪري هتي بي انداز پکي رهن ٿا.(5) سڄي سنڌ وانگر هتي به ٻن قسمن جا پکي نظر ايندا آهن: هڪڙا گهريلو ۽ ٻيا جهنگلي. گهريلو پکين مان مختلف قسمن جون ڪڪڙيون، بدڪون، ڪاز ۽ ڪبوتر مشهور آهن. ڪي شوقين مور، باز، تتر ۽ بلبليون به ڌاريندا آهن. جهنگلي پکي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا ديسي ۽ ٻيا پرديسي. ديسي ۽ پرديسي پکين مان به هڪڙا سڪيءَ جا آهن، ته ٻيا پاڻيءَ جا. هتي ٻنهي قسمن جي پکين جا نالا ڏجن ٿاِ

ديسي پکي سڪيءَ جا: ڪان، ڪٻر، جهرڪي، هيڙهو، ملهالو، ڦوسي، کٽياڻي، چتون، ڳيرو، اڇو تتر، ڪارو تتر،  پٽ تتر، سرڻ، ڳجهه، گورخر، ڪاٺ ڪٽو، بلبل، چيهو، مينا، موسڙو، ٽرڪلو، چٻرو، چنڊول، ڪبوتر، پاريهل ۽ تلور.

بازن مان لغڙ نر ۽ مادي، بحري، بحري بچو، شاهين، شاهينچو، ترمچي، چٽوو، شڪرو، چپڪ ۽ عقاب ديسي ۽ سڪيءَ جا پکي آهن.

پرديسي پکي سڪيءَ جا: چانهه، هد هد، ڪوئل، ڪڻڇي، ابابيل، ڪارو وهيو، ڪٻرو وهيو، بازن مان باز، زرو، باشو، بشين، چرخ ۽ چرغيلو سڪيءَ جا پرديسي پکي آهن.

ديسي پکي پاڻيءَ جا: ڪڪئي، ڪوڪڙاٽ، سانهن، ڪانئيرو، منگهه، جهنگ ڪڪڙ، گهگهه، ڏوئلو، ڪانيرو، ڪينائي، ٽوٻر، ڪيٽاهه، سنگ ۽ گاجر.

پرديسي پکي پاڻيءَ جا: گونج، پيڻ، نيرڳي، ڪارو ٻهار، ٻهار، هنجر، لڙانڊو، ٻڏڻو، ڦاروو، پيرولي، چهه، پينئر، ڀنئو تريلو، هاڙهي، هنج، للر هنج، ڪرڙو ۽ ٽه گوش، شيخلو.

(ض) جيت جڻيا: سنڌ جي ٻين حصن وانگر خيرپور واري علائقي ۾ به طرح طرح جا نانگ بلائون ۽ ٻيا انيڪ قسمن جا جيت جڻيا نظر ايندا آهن، جن مان ڪن جا نالا هي آهن:

نانگ: ڪاريهر، ڪنڀارو، تليهر ۽ چهڙو.

بلائون: لنڊي، سرنگهه، پيئڻ، ڪوريل، پدم، گهوڙيل، کپر ۽ هڻ کڻ.

ٻيا جيت: ڪنول، ماڪوري، ٽنڊڻ، ڪوريئڙو، پوپٽ، ڀنڀوري، گهريتڙي (ڀونگري)، اُڏهي، تڏ، مڇر، مک، ڪتي جي مک، ماکي جي مک، ڏينڀو، ڀنئور ۽ ٽانڊاڻو. انهن کان سواءِ ڪرڙي، سانڊو، نور، ڳوهه، گلوئي ۽ نوريئڙو وغيره به جام ٿيندا آهن.

باب ٻيو

خيرپور جو تعارف ۽ قديم آثار

تعارف: سن 1783ع کان اڳ خيرپور جي ڪا به سياسي حيثيت ڪا نه هئي. هيءُ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هوندو هو، جتي ڪجهه ”ٻوراوا“ ذات جا ماڻهو ڦلپوٽن جون زمينون آباد ڪندا هئا.(1) هن ڳوٺ کي ”ٻوراهڻ“ ”ٻوراون واري وانڍ“ ۽ ٻورن واري خيرپور، سڏيندا هئا. (2)

سنڌ ۾ مسلمانن جي فتح کان اڳ، هيءَ ڳوٺڙو اروڙ جي حدن ۾، هندن جي حڪومت هيٺ هو. (3) ان بعد عرب، سومرا، سما، مغل، ارغون، ترخان، افغان ۽ ڪلهوڙا هتان جا حاڪم رهيا. آخرڪار 1783ع ۾ جڏهن ٽالپرن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو، تڏهن مير سهراب خان خيرپور ۾ اچي پنهنجي الڳ رياست قائم ڪئي، جيڪا سٺ سالن تائين بلڪل خودمختيار رهڻ بعد 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويئي. انگريزن سموري سنڌ تي قبضو ڪري، مير سهراب خان جي حڪومت جو ڪجهه حصو سندس ننڍي پٽ مير علي مراد خان کي هڪ ڏيهي رياست جي صورت ۾ ڏنو. اها ڏيهي رياست جولاءِ 1947ع تائين انگريزن جي ماتحت، ۽ پوءِ پاڪستان جي نگراني ۾ رهي ۽ مير علي مراد خان جي اولاد مان هڪ ٻئي پٺيان پنج نواب: مير فيض محمد خان، مير امام بخش خان، مير علي نواز خان، مير فيض محمد خان ثاني ۽ مير علي مراد خان ثاني سندس سربراهه رهيا. آخرڪار 14 آڪٽوبر، 1955ع تي اها رياست ختم ٿي سنڌ حڪومت جو هڪ حصو بڻجي ويئي.(1) هن وقت اها سابق رياست سنڌ جو هڪ ضلعو آهي.

خيرپور جو اڌ کان وڌيڪ حصو ريگستاني علائقو آهي، جتي واري جون وڏيون ڀِٽون پکڙيل آهن. انهن ڀٽن جو سلسلو بهاولپور رياست جي چولستان جي علائقي کان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۽ ڪڇ جي رڻ سان وڃي لڳي ٿو. هن وقت اهو سارو علائقو هڪ غير آباد ريگستان آهي، مگر ڪنهن وقت پراڻي تهذيب جو گهوارو رهيو آهي. ڇو جو انهن غير آباد ڀٽن ۾ ڪيترائي ٺيڪراٺا نظر اچن ٿا، جيڪي پراڻي زماني جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. هيٺيون جڳهيون تاريخ کان اڳي واري زماني جون يادگار معلوم ٿين ٿيون.

I . ڏيجيءَ جو دڙو:

هي دڙو ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي اتر طرف کان ڪراچيءَ واري شاهراهه جي ڀرسان آهي. هن دڙي ۾ دفن ٿيل تهذيب جي نشاندهي 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ اسڪالر ماڌو سروپ ڪئي هئي. سندس خيال موجب اها تهذيب تاريخ کان اڳ واري زماني جي هئي.(2) ان کان پوءِ 1955ع ۾ قديم آثار جي محڪمي، نومبر مهيني ۾ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. وري سال 1957ع ۾ آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جا ٽي مهينا دوباره کوٽائي ڪرائي ويئي. انهيءَ کوٽائي جي ڪم لاءِ مير علي مراد خان ثانيءَ جي طرفان ويهه هزار روپين جو عطيو ڏنو ويو.(3) کوٽائيءَ مان جيڪي شيون هٿ آيون، تن کي ڏسي قديم آثارن جي ماهرن اندازو لڳايو ته ڪوٽ ڏيجيءَ جي تهذيب موهن جي دڙي واري تهذيب کان ست سئو سال پراڻي آهي (4) انهيءَ دڙي جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه طرف تي ڇهه سئو فوٽ، ويڪر چار سئو فوٽ ۽ اُچائي چاليهه فوٽ آهي.(1)

اهو دڙو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ عام ماڻهو رهندا هئا ۽ ٻئي حصي ۾ هڪ عاليشان قلعو آهي، جنهن ۾ حڪمران طبقي جي رهڻ جون جايون آهن. انهيءَ قلعي مان شهر جي حفاظت به ڪئي ويندي هئي. قلعي جي ٻاهران هڪ وڏي ۽ ويڪري ڀِت نڪتل آهي.

هن دڙي مان ظاهر ٿيل قلعو شهر جون جايون پٿر جا اوزار هٿيار ۽ مٽيءَ جا برتن هڪ محقق جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿا. انهن جي بناوت مان ماهرن اندازو لڳايو آهي ته هيءُ شهر سنڌ جي انهن ابتدائي شهرن مان آهي جتي مهذب زندگيءَ جو آغاز ٿيو هوندو. هن شهر جي تباهيءَ متعلق به ماهرن جو خيال آهي ته ڪن ماڻهن اوچتو حملو ڪري ساري شهر کي باهه ڏني هوندي، ڇو جو قلعي کان وٺي ساري شهر جي مٿان سڙيل خاڪ جا تهه ڄميل آهن. اهو به ممڪن آهي ته اها باهه هڙاپا جي ماڻهن حملو ڪري ڏني هجي جو  ٻنهي هنڌن تان هٿ آيل برتنن ۾ هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. شايد ڪوٽڏيجيءَ تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڙپا جا ڪاريگر اهو هنر سکي ويا هجن.(2)

دڙي جي کوٽائي مان هن ڳالهه جو پڪو ثبوت مليو آهي ته هتان جا ماڻهو امن امان جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ مختلف ڌنڌن ۾ مشغول رهندا هئا. برتنن ٺاهڻ جو ڪم ڪمال ترقيءَ تي پهچي چڪو هو. برتن چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيندا هئا. پٿر جا اوزار ۽ هٿيار به وڏي مهارت سان تيار ڪندا هئا.(3)

ii سيراج جي ٽڪري: هيءَ جڳهه ڪوٽڏيجيءَ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي اُڀن شاهه جي سامهون آهي. هن کي سيراج جي ٽڪري سڏيندا آهن. اتي به ڌنارن جي هٿان لڌل شيون ڏسي مير علي نواز خان سن 1935ع ۾ کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو هو، پر اُن وقت پئسي جي تنگي ۽ مهارت رکندڙ عملي جي ڪميءَ سبب اهو ڪم ڪنهن نتيجي نڪرڻ کان سواءِ روڪجي ويو.

iii. ناروءَ وارو دڙو: هيءَ جڳهه ٽنڊي مستي خان ۽ ڪوٽ ڏيجي جي رستي جي ڀرسان، ڪوٽ ڏيجيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هيءَ هڪ واريءَ جو دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهه پنجويهه سئو فوٽ، ويڪر پنڌرهن سئو فوٽ، ۽ اُچائي پنجويهه فوٽ آهي. هن تي ڪافي ٺيڪراٺو آهي. هتان ڌنارن جي هٿان لڌل ٺڪريون ۽ ڪجهه ٺڪر جا برتن پراڻي تهذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. سن 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر گهوري (Ghury) اهو دڙو ڏسي ٻڌايو هو ته اهو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي جو دڙو ٻيئي هڪڙي وقت جا ۽ پراڻي تهذيب جا يادگار آهن ۽ اتان هٿ آيل ٺڪريون ۽ برتن موهن جي دڙي مان لڌل شين سان مشابهت رکن ٿا.

1 سيپٽمبر 1955ع تي قديم آثار جي محڪمي وارن هن دڙي جو معائنو ڪيو هو. هنن ڪجهه کوٽائي ڪري اندازو لڳايو هو ته اهو ٺيڪراٺو صرف ڇهن انچن اندر آهي. هن مان ڪجهه ٺڪر جا برتن به لڌا ويا هئا، جيڪي هڙاپا واري تهذيب سان مشابهت رکن ٿا. هن دڙي ۾ عمارتون وغيره ڪين آهن. ان ڪري ماهرن جو خيال آهي ته هتي هڙاپا وارن عارضي طور تي ڪجهه وقت رهائش ڪئي هوندي.(1) راقم الحروف به هن دڙي مان هڪ سالم لوٽي ۽ ڪجهه رنگين ٺڪريون هٿ ڪيون آهن، جيڪي سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ آهن:

iv. ليلا جا آتڻ: هي جڳهه ديهه اڪڙي تعلقي فيض گنج ۾ آهي ۽ اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي.(2) هتي ٻن ميل کن جي ايراضيءَ ۾ هڪ وڏو ٺيڪراٺو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو نواب شاهه ضلعي جي حد اندر اقبال اسٽيٽ ۾ واقع آهي. هتان به ڪجهه ٺڪريون ۽ هڪ ٺڪر جي مورتي هٿ آيا. اهي شيون سنڌالاجي ۾ محفوظ آهن. اتان جا ماڻهو پنهنجن وڏن کان ٻڌندا آيا آهن ته اهو شهر برهمڻ آباد سڏبو هو ۽ ان جڳهه کي ليلا جا آتڻ به سڏيندا هئا. (3)

.v ننڍا آتڻ: هيءَ جڳهه اڪڙيءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن پنڌ تي ديهه تيلاهو، تعلقي مير واهه ۾ آهي. اُتي ٻن ويسن جي ايراضيءَ ۾ هڪ درو آهي، جيڪو پراڻين ٺڪرين ۽ پڪين سرن سان ڀريل آهي. انهيءَ جڳهه کي ليلا جا ننڍا آتڻ سڏيندا آهن(1)

.vi اڻراهه جي پٽي: هيءَ جڳهه محراب پور جي شهر ۽ ٽنڊي مير عاليءَ جي وچ تي آهي، جتي ٻن ٽن ميلن ۾ هڪ وڏو ٺيڪراٺو آهي جنهن کي اِڻراهه جي پٽي سڏيندا آهن. اها پٽي ديهه محمد اصحابي، تعلقي مير واهه ۾ آهي.

.vii ابل ويسر وارو دڙو: هي جڳهه ٺريءَ جي ڳوٺ کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ابُل ويسر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هيءَ هڪ وڏو دڙو آهي، جيڪو ٺيڪراٺي سان ڀريل آهي. اهو دڙو ديهه سانيو، تعلقي ميرواهه ۾ آهي.(2)

.vii درن جي پير وارو دڙو: هيءُ درو ديهه جلباڻي، تعلقي ميرواهه ۾ آهي.(3) هيءَ هڪ وڏو ڀٽ آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ پراڻو قبرستان آهي، جنهن کي درن واري پير جو مقام سڏيندا آهن. اتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي.

.ix باغو ڍورو وارو دڙو: هيءَ دڙو ديهه باغو ڍورو تعلقي ميرواهه ۾ ٺريءَ جي شهر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي (4) اتي ڪافي ٺيڪراٺو موجود آهي. انهيءَ دڙي جي هيٺان ڪيڻ وهائيندي، ٽي پراڻا کوهه هٿ آيا آهن. اهو درو ۽ کوهه شرف الدين پنجابيءَ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.

.x لهيري وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه ”نئون لهيرو“ تعلقي فيض گنج ۾ آهي.(1) هن دڙي جي ايراضي تقريباَ ميل کن ٿيندي. هتان ماڻهن کي ڪافي سرون ۽ سڪا هٿ آيا آهن. ڪجهه سال اڳ ماڻهن کوٽائي ڪندي هڪ جڳهه لڌي هئي، جنهن ۾ ڏاند جوٽيا بيٺا هئا ۽ ان جڳهه جي هڪ جاري ۾ هڪ لڪڻ رکيو هو. پر جڏهن انهن شين کي هٿ لاٿو ويو، تڏهن هڪدم ڀري ۽ مٽي ٿي ويون. انهيءَ دڙي مان امير بخش پاتي نالي هڪ ماڻهو سرون ڪڍي، پنهنجي جاءِ تعمير ڪرائي آهي، جيڪا اڃا تائين سلامت بيٺي آهي.

Xi. ڳاڙهو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديهه ڪرم خان راڄپر تعلقي فيض گنچ ۾ بهڻن واري ويري ۾، خير محمد بهڻ جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.(2) ڳاڙهي رنگ جي واريءَ جو هڪ وڏو دڙو اڌ ميل کن ايراضي ۾ آهي. هتي به ڪافي ٺيڪراٺو آهي ۽ برسات جي موسم ۾ ڌنار مٽي ۽ پٿر جا انيڪ رانديڪا هٿ ڪندا آهن.

Xii. علي اصحابو وارو دڙو: هيءُ دڙو ديهه جاکيري، تعلقي فيض گنج ۾ سهڻ واري ويري ۾ آهي.(3) علي اصحابو نالي هڪ بزرگ جي تربت به آهي. انهيءَ جي ڀرسان هڪ جڳهه تان کوٽائي ٿيل آهي ۽ ڪنهن نڪتل ديڳ جا نشان نظر اچي رهيا آهن. ان جاءِ تي ڪچين سرن جي اوساري ٿيل آهي. انهن سرن تي جيڪي مٽيءَ جا وڏا تهه چڙهيل آهن. انهيءَ جاءِ جي سامهون هڪ وڏي ڀت ميل کن جي ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن تي ڪافي انداز ۾ ٺيڪراٺو موجود آهي. اتان به ڪجهه رنگين چٽن واريون ٺڪريون هٿ ڪري سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن.

Xiii. ٽاريءَ وارو ٺيڪراٺو: هيءَ ٺيڪراٺو علي اصحابو جي تربت کان ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي ديهه بصيرو ۾ آهي. (4) اتان جي ماڻهن پنهنجن وڏن کان ٻڌل روايت موجب ڳالهه ڪئي، ته ڪنهن زماني ۾ اتان درياهه وهندو هو ۽ اتي هڪ مياڻي هوندي هئي. اڄ ڪلهه ان جڳهه کي ٽاريءَ وارو ٺيڪراٺو سڏيندا هئا.

.xiv شهيدن وارو ٺيڪراٺو: هيءُ شير بيگ خان مري ۽ ڏيرهه ڳوٺن جي وچ تي، فيض گنج تعلقي ۾ هڪ دڙو آهي، جنهن جي ڀرسان ٻه پراڻيون تربتون آهن، جن جي متعلق اتان جا ماڻهو چون ٿا ته سيد علي تقي ۽ سيد محمد شفيع جون آهن. ان دڙي تي ٺيڪراٺي سان گڏ هڪ کوهي ۽ جاين جا ڪجهه نشان به موجود آهن.

.xv ستهه وارو دڙو: هيءَ ديهه کنياري تعلقي جي فيض گنج ۾ ستهه واري ويري ۾ هڪ وڏو ڀِڙو هوندو هو، جنهن جو گهڻو حصو ماڻهن آباديءَ هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي به پنجن ڇهن ايڪڙن ۾ هڪ وڏو ٺيڪراٺو موجود آهي. ڏهه سال کان اڳ هن ڀڙي جي ڀرسان وڏيري سوڀاري خان ٻانڀڻ جي هارين هر ڪاهيندي هڪ هڏائون پڃرو لڌو هو، جيڪو ان جڳهه جي ڀرسان ٻيهر دفن ڪري ڇڏيائون. انهن هارين ڳالهه ڪئي ته انهيءَ لاش جا هڏا عام ماڻهن جي هڏن کان وڏا ۽ مضبوط هئا. انهيءَ دڙي مان به ڪجهه رنگين ٺڪريون هٿ ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. هتان ڪجهه ماڙيچن ٺڪر جا وڏا مٽ به لڌا هئا، جيڪي هنن ڀڃي ڀوري ڇڏيا(1).

.xvi پٽ وارو ڀڙو: هيءُ ڀڙو ديهه بصيرو تعلقي فيض گنج ۾ پَٽَ واري ويري ۾ آهي.(2) چئن پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڪافي ٺيڪراٺو آهي. اُتان جي ماڻهن جي روايت موجب اتي به ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏي مياڻي هوندي هئي. اهو درو حاجي معلوم خان راڄپر جي ڳوٺ جي ڀرسان آهي.

xvii. وستڙن جي ڀٽ: هي ڀٽ ديهه حسين پاتو تعلقي فيض گنج ۾ آهي، مٿس ڪافي ٺيڪراٺو موجود آهي. هتان جي ماڻهن ڪجهه سرون به هٿ ڪيون آهن، جيڪي هڪ وڏيءَ کٽ جيڏيون آهن.(3)

xviii درگا جو دڙو: هيءُ ديهه اڪڙيءَ ۾ محمد طفيل پنجابيءَ جي زمين ۾ هڪ وڏو دڙو آهي، جتان ڪجهه رنگين ٺڪريون ۽ ٽامي جا سڪا ماڻهن کي هٿ آيا هئا، اُتان جي ماڻهن کي وهم آهي ته انهيءَ دڙي ۾ دنيا پوريل آهي، جنهن جي حفاظت هڪ وڏو نانگ ۽ ڪجهه ديو ڪري رهيا آهن. انهيءَ دڙي کي سڌو ڪري پوک ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي پر اتفاق اهڙو ٿيو آهي، جو هڪ ٻه دفعا ٽرئڪٽر جي چين ٽٽي پيئي آهي، تنهن ڪري ماڻهن جي وهم ۾ ويتر اضافو  آيو آهي(1)

xix. ٻوهي وارو ڀڙو: هيءَ ڀڙو ديهه عثمان ملو تعلقي فيض گنج ۾ ٻوهو ريسٽ هائوس ڪجي ڀرسان آهي. هتي ڪافي انداز ۾ ٺڪريون نظر اچن ٿيون ۽ ڪجهه عمارتن جا نشان ملن ٿا.

xx. لاکرنڊ: هي به هڪ وڏو ڀڙو آهي، جيڪو فيض گنج تعلقي جي ديهه گتيرو ۾ ڳوٺ ”مامتر جو بنگلو“ جي ڀرسان واقع آهي(2) هن ڀڙي کي لاکرنڊ سڏيندا آهن، جيڪو ميل کن جي ايراضي ۾ آهي ۽ ٺڪرين سان ڀريل آهي.

xxi. ترائي وارو دڙو: هي دڙو ديهه ترائي تعلقي فيض گنج ۾ آهي. هتي ڳاڙهي واري ۽ ٺيڪراٺو آهي. هتي برسات جي موسم ۾ وڏا کنڀ ڦٽندا آهن ۽ موقعي سان ڪجهه پڪل مٽي ۽ پٿر جا رانديڪا به هٿ ڪندا آهن.(3)

xxii. سانٺ وارو دڙو: هي دڙو فيض گنج تعلقي جي سرحد سان ناري تعلقي ۾ آهي. هن جي پاسن کان ترائيءَ ۾ ڪافي گاهه ڦٽندو آهي. سارو دڙو ٺيڪراٺئي سان ڀريل آهي.

Xxiii. پاڻيءَ وارو ڀڙو: هي ڀڙو به فيض گنج تعلقي جي سرحد تي ناري تعلقي ۾ آهي. اڳ هن جي چوڌاري هيٺاهين ۾ بارش جو پاڻي ڪافي وقت تائين بيٺو هو ۽ مير هن دڙي تي کڏڻا ٺاهي هرڻن جو شڪار ڪندا هئا.(1) هي دڙو به اڌ ميل کن جي ايراضي والاري ٿو، جيڪا ٺيڪراٺي سان ڀريل آهي.

xxiv. گرهر جو ڪوٽ: هي هڪ تمام پراڻو ۽ ڦٽل ڪوٽ ناري تعلقي ۾ هڪ دڙي تي آهي، جنهن لاءِ اتي جا ماڻهو هن ڪوٽ متعلق هيٺيون بيت پنهنجن وڏن کان ٻڌندا رهيا آهن:

ماڻهن جي مٽي سرنهن جو گارو
هي ڪوٽ تڏهن ٺهيو جڏهن سڪندر جو وارو.

xxv. مامڙي ۽ ڪرنجڙي جا ڪوٽ: هي به ناري تعلقي ۾ وڏا ڀڙا آهن. اُتان جي ماڻهن ڳالهه ڪئي ته انهن متعلق هو پنهنجن ستن اٺن پيڙهين کان ٻڌندا آيا آهن ته تمام اوائلي زماني جا آهن، انهن ڪوٽن بنسبت هيءَ بيت به ٻڌو ويو:

گرهڙ ڪئي گوڙ مامڙي ڏني مام
وچئون پئي سام ڪرنجڙي ڪوٽ اڏابو.

xxvi. شير شاهه جا مسافر خانا: ديهه سيٺارجا تعقي ميرواهه ۾ ڀنڀرن جي ڳوٺ ڏانهن ويندي هڪ پراڻو پپر نظر ايندو، جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته ان جي هيٺيان نادر شاهه ايراني منزل ڪئي هئي. ان ڏينهن کان وٺي انهيءَ پپر کي سماج وارو پپر سڏيندا آهن.(2) ان پپر جي اتر ۾ سڏ کن پنڌ تي هڪ دڙو آهي، جنهن کي شير شاهه جا مسافر خانا سڏيو وڃي ٿو. (3) اهو دڙو پراڻي شاهراهه عرف تار واري سڙڪ جي ڪناري تي آهي.

  ارباب علي شاهه، سيد؛ حوالو اڳ ۾ ڏنل آهي.

(2) Colabawala, J.R: Khirpur Lilyod Barrage Project,” The Daily Gazette Press, Karachi, 1936, p.3

(3) Colabawala, J.R: op. cit. p.3

(4)  وڏن کان ٻڌل روايت: ولي محمد خان عباسي، ڪلرڪ

(5)  زباني روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري

(1)  زباني روايت: مير حسين بخش خان ٽالپر، ساڪن ڪوٽ مير محمد خان

(2)  ايضاَ؛

(3)  ايضاَ؛

(4)  ايضاَ:

(5)  ايضاَ:

(6)  ايضاَ:

(1)  زباني روايت: مير حسين بخش خان ٽالپر، ساڪن ڪوٽ مير محمد خان.

(2)  ايضاَ:

(3) Richard Burton: “Sind,” Oxford University Press, London 1973, p. map.

(4) Hughes, A.WL “Gazetteer of the province of Sind,” oip.cit. p.411

(5) Sorley,H.T: “Gazetteer of West Pakistan,” op. cit. p.451

(6) Lambrick, H.T: “Sind- A General Introduction,” op.cit. p.193

(1) Colabawala, J.R: op.cit.p.2

(2) Sorley, H.T: “Shah Abdul Latif of Bhit,” 2nd Edition, Oxford University Press, Karachi, 1975, p.131

(1) Colabawala: Op. cit. Appendix II

(2)  رحيمداد، مولائي شيدائي: ”جنت  السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص 762.

(3) Langley: “At the Court of Mir Ali Murad,” Vol. I, Hurst & Blackett, London, 1860, pp. 301, 302

(4)  زباني روايت: نور محمد خان ابڙو، اسسٽنٽ ڊئريڪٽر زراعت، لاڙڪاڻو.

(1)  دوست محمد سنديلو: ”پوکن پچارون“، امتياز پريس، خيرپور، 1974ع ص 41،

(2)  ايضاَ: ص 40.

(3)  ايضاَ: ص 42.

(4)  ايضاَ: ص 41.

(1)  دوست محمد سنديلو: ”پوکن پچارون“، حوالو ڏنل آهي، ص 39

(2)  ايضاَ: ص 43

(3)  ايضاَ: ص 54

(4) Nayer Bari: “Souvenir on Date Production,” Govt. Press, Khairpur, 1975

(5) Nayer Bari: “Souvnenir on Date Production”, Govt. Press, Khairpur, 1976.

(1) Alexzandar Burnes: “Caborl”, Govt: Press, Lahore. 1961, p. 47

(2) Langley: “At the Court of Ali Murad”, op. cit. p. 274

(3) Aslam, Memon, M: “Working Plan of Khairpur Forest Division”, 1964. A typed copy in Forest Office, Khairpur.

(4) Office Record of Divisional Forest Officer, Khairpur, 1971

(5) Ibid:

(1) Chief Minister’s Note on Khairpur, 1952

(2) Chief Minister’s note on Khairpur, 1952

(1) Cotter, G: “Alkaline Lakes & Soda Industry of Sind”,Geological Deptt Govt: Press, Bombay, 1923, pp. 216 to 228.

(2) Cotter, G: op. cit. pp. 235 to 247

(1) Alenxander Burnes: “Cabool”, op.cit. p.6

(2) Office Record District Council, Khairpur, 1976

(1)  امير علي شاهه، ”سنڌ جي تاريخ“، قلمي مسودو، مملوڪه سيد روشن شاهه ساڪن کهڙا.

(2)  فتح محمد سيوهاڻي، حڪيم؛ ”ميرن جي صاحبي“، الوحيد پريس ڪراچي، 1924ع، ص 15.

(3)  ايضاَ: ص 89.

(1)  دوست محمد خان، مير: ”سرگزشت ٽالپران“ قلمي مسودو، مملوڪه، مير وليداد خان ٽالپر.

(2)  جيمس برنس: ”سنڌ جي ٻار“، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1964ع، ص 96.

(3) Chief Miniter’s Note on Khairpur, 1952

(4)  رحيمداد، مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“ حوالو ڏنل آهي، ص 688.

(5) Sorley, H.T: “Gazetteer of W. Pakistan”, op. cit. p.58

(1) Pithawala: “A Geographical Analysis of Khairpur,” Govt: Press, Karachi, 1935, p. 33.

(2)  زباني روايت: صاحبزادو مير حاجي غلام حسين خان ٽالپر، ساڪن ڪوٽڏيجي.

(3) See Ref: 1, p.2

(1)  عطا محمد، حاجي: ”مضمون خيرپور“، قلمي، 1960ع.

(2) Pithawala: “Some Old Sites in Sindh,” Govt. Press, Karachi, 1938, p. 485

(3) Khan, F.A, Dr: “Pakistan Archaeology, No. 2-1965,” International Packing Co: Karachi, 1965, p. 14

(4) Khan, F.A, Dr.”Kotdiji,” Feroz Sons, Karachi, 1958, pp. 19, 20

(1) Khan, F.A, Dr. “Kotdiji”, Feroz Sons, Karachi, 1958, p. 19, 20.

(2)  ظفر عمر زبيري: ”قديم تهذيبن“، انٽرنئشنل پريس، ڪراچي 1961ع ص 116 ۽ 117.

(3)  ايضاَ: ص 115.

(1) Pithawala: “Some Old sites in Sind,” op.cit.p.85

(2)  Khan, F.A, Dr: “Pakistan Archaeology, No: 1- 1965,”

(3)  زباني روايت: دانل خان شر ساڪن ڳوٺ مينگهو شر ۽ سندس ڪجهه ساٿي.

(1)  زباني روايت: دانل خان شر ساڪن ڳوٺ مينگهو شر ۽ سندس ڪجهه ساٿي.

(2)  زباني روايت: حاجي محمد بچل رٽائرڊ سپر وائيزر، ساڪن شهر ٺري.

(3)  ايضاَ:

(4)  ايضاَ:

(1)  زباني روايت: رئيس شرف الدين خان راڄپر، ڳوٺ بصيرو، تعلقو فيض گنج.

(2)  ايضاَ:

(3)  ايضاَ:

(4)  ايضاَ:

(1)  زباني روايت: رئيس نور محمد خان ٻانڀڻ جو ڪمدار.

(2)  زباني روايت: رئيس شرف الدين خان راڄپر.

(3)  ايضاَ:

(1)  زباني روايت: مسٽر محمد اسلم گوراها، پرائمري ٽيچر، ساڪن ڪرونڊي.

(2)  زباني روايت: رئيس شرف الدين راڄپر.

(3)  ايضا:

(1)  زباني روايت: رئيس شرف الدين خان راڄپر.

(2)  زباني روايت: پير اُڌل شاهه صاحب، ساڪن راڻيپور.

(3)  زباني روايت: عطا محمد خان ڀنڀرو، ڳوٺ ڀنڀرا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org