ميرن جي پوشاڪن جا نالا:
لونگي، ڊگهي ٽوپي، قرئي ٽوپي، سلمي ۽ ستارن واري
ٽوپي، پهراڻ، سلوار، پاپوش (جتي) لباتو، ڪڙتي،
ڪڙتو، چوغو، نيم تنو، گڊلو، گڊي، خلڪو، سندرو، علي
بند، دستانا، دوشالو، پشمينو، رئو، گهگهو، سٿڻ،
قصابو، مشروع جو پڙو، اجرڪ، سوڙ، چادرون،
چاندنيون، سيج بند، طول وهاڻو، عصا، ترار، ڀالو،
خنجر، ڪٽاري، ڍال، بارود جون دٻيون، سنگين، گرز،
بندوقون، ڪمر بند.
ميرن جي بندوقن نالا:
سوڀاري، دلپذير، بينظير، ڪرواري، تٻيلي، سهاڳڻ،
بديعل، دلجاٰءِ، ماڪه، دلنواز، دلارام، چوٽ، رئفل
ڪافي، شيرين، گلچين، حسيني، شمشاد، دلستان، بجري،
رومي، آهوچين، درچين،شينهڻ، بگي، شيردهان.
ميرن جي ترارين جا نالا:
موج، فتح جنگ، الماس، بينظير، سيراهي، بوداڻين
واري، جلاباڻن واري، کهاوڙن جو صقيلو، صوفين وارو
صقيلو، ڌوپار، ڪردي، قزويني، تجديد، صوفين وارو
صقيلو، ڌوپار، ڪردي، قزوني، تجديد، ڪمانگر واري،
بديعل، بي معيار، دلبر، بي رحم، هڻ کڻ، دلدار،
قلعي ڪٽ، بجلي، بانوري بيوس، آبڻ، اجوجڻِي. غٽار.
ميرن جي اٺن جا نالا:
رنگلو، چنگلو، رانجھو، سنيهو، نياپو، بگھڙ، سچاڻو،
سورهه، ڪاريهر، واسينگ، هندورو، پکي، مورڙو، لال
داڻو، لال پر، منٺار.
ميرن جي گھوڙن جا نالا:
فتح جنگ، گلرنگ، طائوس، گلشن، آهو، رانجهو، نگينو،
مڪڙو، ارجل، يزدي، سمنڊ، چنبلو، فيروز، زيتون،
ديرهه ودني، وڄ، واچوڙو، چئنچل، دشتي، بيراگي،
صدورو، ناچو، موج.
ميرن جي ڪتن جا نالا:
چهرو، چهيڪ، اڪڙ، مڪڙ، باشو، بازيگر، بان، ڀڃر،
بانولو، موتي، ٻهڙو، ٻڙڌڪ، لولائي وارو، چقمق،
جاٺر، ڄانگهو، لهري، جهٽ پٽ.
ڪجهه ڪتن متعلق بيت:
چهرو چهيڪ باشو بان ڪتو ٿو باهي،
ڀڄ ڙي لونگ شڪاري جو نر سوئر آهي.
ميرن جي شڪارگاهن جا نالا:
ٻيلي، ٽڪر ۽ ٿر ۾ مختلف قسمن جا شڪار گاهه هوندا
آهن ۽ هرهڪ نموني جي شڪارگاهن جا نالا ڌار ڌار
هئا.
ٻيلي جون مهاڙون:
هاسي، راهه واير، روجهال، جهلو، قريشيون،
تاڪاريون، نرويتو، نئين مهاڙي، کهرڙو، گابرڪو،
ڊامڙو، سهر، گاگي، هيڪارا، دينگڙهه، غلام وارو،
گجڻ، ريڊر، کانپڙي، دڙگ ، شاهن، ڪمال واري، ڌونري،
ماڻهوڙو، شريفان، لڇ، وارياسا، ٽيلنگھ ، چچيهل،
کپرو پاڙن واري.
ٺڪر جا بٺا:
سوري وارو، شير، محمد واريون ، پاڙن واريون،
وارياسن واري.
خيرپو جي ٿر جون ڀٽون ۽ پڙ:
لنڊ جي دڙي، تورين جو دڙو، ڪڪڙي واري، ٻيڙي وارو
وڍ، کارڙيون، پياري جو ٽوڙ، الله وارو توڙ.
پانڀرڪو لنڊو،
ايسان وارو، راڄڙڪو، ڪاڪرو وارو، ڪنڊڙي وارو، ڳجھه
وارو، بٽئي وارو، هوت وارو، لوڻ وارو، مرکيجي، اٺ
ٿوهو، ڌونري، مڪني واري، واڻڪو گهوپ جو، ڪرنجڙي،
مامڙو، اگياري جو، گرهه جو.
خيرپور جي ميرن جا ڪها:
ساهه پيو، چپٽو، رٻڻي، واهڙي، ڪوهيڙي، نوري، ٻٻر
واري، پير پنهون، ڪوڇو، اڇي ڪيٽي، محمد وارو، وٽو،
هنڱورو، پيرن وارو، کيٽ، پٻڻ، خانن وارو، پيريابو،
ٽانگيل ٻيلهاڻي، ڦير ڪنڌو، درگاهي، دٻي، دڙو،
ديهه، مهراڻو، توپڻو، ڦوڳ، ڪرمٽي، فقير واري،
گلزار، گمبٽ، کهڙا، حويلي، منو، اڌوهڻي، ميرن
وارو، پير مسافر، ڇٽو، شيدن وارو، ڍنڍن وارو،
گندي، ٻڪن وارو، سيالن وارو، ڀونڀت پور، اڱن واري،
بنڊي، ڪشمير، چڪڻ واري، سدا بهار، مهتاڻي، ٺٽي،
مجهد، موريو ڪچو، ڏنگڙي، ٽنگي واري، مير عالي
واري، ترائي، واڳهه، ڪانون وارو، ٻانڀڻ واري،
ٻيلاٽ.
خيرپور جي ٿر جا تڙ:
پرڪيون، ماڏورجي، گنجي، مڱرڪو، گرهر، است وارو،
اڱيارو، ٻاڙي، قبر وارو، پياري جو ميراهو، کاڻل،
ڪوريائي وارو، پاهو، ورو، بلوئي، کارئو، جسئو،
کاراهو، سومري جو، ورئي جو، ڇهي جو، رهرائو، ڪورڙ
وارو، دانگي ڇهو، اُڌڙ، راڄهر، نوري واري، ڪنڊن
وارو.
خيرپور جي ٿر جون ڍنڍون:
ڀارڙو، ڪنگن وارو، ڪوڙائو، ڏگهڙ، رپ، ڇنڀ، ڪڪڙي
واري، کارڙي، منڇر، دٻو، ڪڪو ويڙهو، راڙ وارو،
دڙڳ، اڱيارو، دانگي ڇهو، ساڏورجي، ترڪيون، گنجي،
اڪ وارو، ڪنڊيون.
خيرپور جي ٿر جا ديرا:
باٺير، ڀنڀراٽ، سانٺ، ڌاڪڻ، جاکيري، کارڙو،
ڌياچيون، پاڻيءَ وارو، آويءَ وارو، روڻي واريون،
سمي وارو، اڪ وارو، کٻڙ وارو، ترن وارو، ڏني واري،
ڪنڊي وارو، لڌي وارو، اٿر وارو، هڙي وارو، دودي
وارو، جنڊ وارو، الله وارو، ڪرڙن وارو، مانيءَ
وارو، کار وارو، جهاز وارو، ڀترن واري، جوئي واري،
احمد وارو، لنب وارو، جمال وارو مڙهه، کجي، سانگهر
يارو، ڇڄڙا، پتيهل، سهڻ، پنيري، دنيرو، ڀت،
اَڻاهه، سونايون، ڪٽوري، لوٺي، ڪونج نئون، لولڪي،
کرهر، ساوڙي، وڳوراهه، رپ، بصيرو، ٽاري، ساهتو،
ڪاٺڙي، کٿورو، سانگهڙ، لنڊو، وهلير، گاداڻو،
ڇپريرو، ڏياچي، ننڍي ۽ وڏي، لنڊيون، مسافر، جج،
ڪڪرا، ڪرم ٽار، پاهڻ، ٻليون، اوجھري، خاتون،
سليدا، کاريون، کارڙيون، ڇڄ،پير نانگو، ميهليون،
گهٽاهه، ڪلرو، ننڌيرو، گنجا، مٽيهڙ، ميٽهڙي،
ٻيرڙي، ڦولهڙي، دلاهو، جھم، ڳاهڪيون، اُڇ. دٻي،
ڪوٽ تلي، لاڪڙو، روڏي، ڳجھڙو، ڏنگڙو، ٻوڀر، شڪ
کرِڙي، سبڪ اٿر، ٻڪر، سيون، بانٽ، آڏاڻو لٻڪاڻو،
ڀوڄر؛ ماريجو، پوکيل،فوجو، موڙو؛ ٿنڀ، سنهڙو،
حبيب، مڪائڪو، سرتياڻيون، مڱيو، ٻولهه، لاڏلو،
ماڻڪ، پسايا، لوهر، ڍڳائڻ، لاکرنڊ، موڙهلون، ٻنا،
وڇون، پڪو، گجو، ڦٽي، قيصر، تيڪڻي، ملير، بٺو،
اهنجي، بهار، چيروليون
ديهن جا نالا:
خيرپور تعلقو:
خيرپور لقمان، ٺيڙهي، پلهه، ڦنٽ، رائنا، شاهلڌاڻي،
ٻٻرلوءِ، ڇڄڙا، اڀري، ڳاڙهي، موري، راميجا،
عاليپور، ڪيٽي مهاڙي، ڪيٽي مهر، ڪيٽي مير محمد،
پنڊي محمد پناهه، پريان لوءِ ڀرڳڙي، نظاماڻي، گجو،
بگرو، مهر علي، آئيري، پير مڱيه، گھڻو ڪلهوڙو،
خانپور مٺو مري، ٽنڊُو نهال خان، دنيل شاهه، چاچڙ،
صدر جون ڀٽيون، پير شهبازي، ٻيليچاڻي، عبدالله
ڪلهوڙو، منگرجي، ڪنگري، ڪوٺار، ڀنڀلو، خرم، فريد
آباد، راڄو ديرو، ڪيٽي باندي، ماڃيون، ڪولاب جيئل،
گاڏهي، ڊٻ مهر شاهه، لانگاهه، مياڻو، رفيق مهيسر،
منگي، لعلو شيدي، ڪانگڻ، فتح علي چانڊيو ڏانورو،
شادي شهيد، آباد جاگير، ڇاڙهه جاگير.
ڪوٽ ڏيجي تعلقو:
ڪوٽ ڏيجي، چونرو آباد، بنگلو، لياري، رند، حسين
آباد، بهارو لاشاري، بکو لاشاري، قناصره، رين
راجپر، گوندرڙو، پير مصري، راڄپاري، محبت واهه،
سوهو، مٺڙي، ڪوٽلو مٺڻ فقير، جسڪاڻي، عارب
ماڇي،پير گڊو، شفيع محمد اڄڻ، قائم گوپانگ، فتح
پور، خدابخش هيسباڻي، مهراڻو، پنهواري، چوڏاهو،
سونو گوپانگ، نارو ڍورو، جھنڊو مشائخ، ملڪو واهڻ،
جوڻا، ننگريجا، مير خان محمد، نصير فقير، بگو
دڙو، ٽالپر وڏا، ٻٻر، ٻاڦو نور بوزدار، لهراڻي،
دادلو، آغا هاشم شاهه، نياهو پاتو، ٽنڊو شاهه،
عارباڻي پاتا، ولي محمد ڌڪڙ،محمد حجام.
گمبٽ تعلقو:
گمبٽ، پيارو، درازا، مياڻي، سيٺارجا هيٺيان، لاڙڪ،
مير خان شاهاڻي، ڄامڙا،لاکا، ٺٽي، مڏ، کهڙا، مهرو
واهڻ، ڦوري، پير عيسو، جادو واهڻ، صوڀو ديرو،
اڳڙا، ٻيلهاڙو، گلو واهڻ خيروديرو، ڦتو سيال، راضي
ديرو، بهارو، ڪيٽي موريو، ڪيٽي موسو ٻگھيو مجاهد،
سنهڙي ٿيٻا، تنيا، ڪمال ديرو، کيمٽيا، سائدي،
سروهي، ستابو بهارو ديرو، پير تاج محمد، گڏيجي،
ڀيلار، پير مشائخ، مڱڻا ٻوٽا، بسمي، ميرڪ سهتا،
خليفو هرياءُ، کرل، سڳيون، ڳڻهو ڀاڳت، سهڻي ديرو،
ڪوٽ چونڊڪو، ڪيٽي نهال، رپڙي، پليجا، ڪيٽي دودو
ڀٽو. ٽوري، گگرا ڪلهوڙا، بليدو، گھلپور، پنڊي
موٽايو، هڱورجا، راڻيپور، واطڻي، عمر شاهه، رسول
آباد، رڪڻاڻي، مڇر، شاهه اويس، ڀونڀٽ پور، سيال
پٺاڻ، مياڻي ماڙي.
ميرواهه تعلقو:
ٺري، سيري، جلباڻي، تارڪو، مانڊڻ، مراڙو، راڻي،
ستيارو، ڪلرو، مٿورو، واگهه، ستواري، گگهرو، ٽنڊو
مير عالي، الله ڏنو آمر، حبيب ڦل، جارج علي مراد،
فيض محمد موجاڻي، سائينڏنو حاجي، کرڙو، پير وسڻ،
تيلاهو، هاليپوٽا، پنهيار، الوسايو، ڪئينچي
بوزدار، مينگهو شر، ناظم شر، صابو رند، تلي، بگو
ڍوڙو، ڏاتو دستي، مٽ سنجراڻي، گاهي چاڪراڻي، محسن
شاهه، بابر، وريام ونڊير، شير خان، شاهنواز
ڏيپارجا، صوفيائي، ڇتو ونڊير، محمد اصحابي، احمد
علي وارهه، هنڊ واري ڍيڍاڻو، سانيسو، خدا بخش ڪٻر،
مريد حاجي، سائينداد ماڇي، وليداد لنڊ.
فيض گنج تعلقو:
پڪا چانگ، مٺو چانگ، آرارو، ننگر شر، جمن شاهه،
سجاول راڄپر، ڪرونڊي، ترائي، عبدالله هيسباڻي،
جعفر لاشاري، عظمت خان شر، ماڙي، اڪڙي، الهورايو
چنو، محب شاهه، حسين پاتو، ڌنڌ، رتڙ، ڪنڊياري،
کنياري، نڌيرو، وهلير، پليو لاشاري، سهتو گاداڻو،
آمن، مبيجا، کيترو، ڀتگو، جلالجي، امين پاتو، نظر
بهڻ، لهيرو انوئي، عثمان ملو، پريو مري، ڪوٽ لعلو،
محمد موجائي، ٻڍو ملو، ڄينا، مهر علي انڙ، ڪرم خان
ڪٻر، بصيرو، جاکيري، پنيري، ڦولهڙي، راڌڻ مشائخ،
اڪڙو، انب، انهيري، بشير، ڌيراهه، ٻوهه، ڪپ، پنهل
راڄپر، لکرانڊ، چيراڙو.
نارو تعلقو:
سوراهه، چونڊڪو، ڦاڙهيارو، گينڊاهو پير غلام حسين،
چاچڙو، ٻير واري، دادلو، ڪمواهو، سنتراهو، ڪلهاڻو،
ڀٽ ڪنڊيري، ڀٽ ڀونگي واري، ڀٽ جهريارو، ڪاٺ ڳڙهه،
ٿاروجي، ٻيواٽو، راضي ديرو، مراڌڻو، گلاڀ ڀنڀرو،
تاج محمد ملو، دائوجي، الياس واري، بخش علي
آرائين، دودي واري، دادو، ڪاٺوڙي منيري، لئي واري،
ليمو راڄپر، نصرالله، سمي پوٽا، احسان جاڙو،
جهڙيارو، کيراپ، تجل، گوگو، ڌناڻو، پير بخش
آرادين، ڪرڙي، سومر واري، کيراچ، لڪ ترڪو، پاتي
جي، ڊنگهيري، چوهڙ شر، ڍنڍ سمڻي، پير بخش ڳاهو،
ڪاڪيپوٽا، کينواري اڍوئي، محمد خان ڀرڳڙي، پير
صابو، جبو، ڊيڊاهون.
انتظاميه جا لفط:
مدارالمهام، وزير، ڪاردار، ڪوٽوال، ناظم، فوجدار،
چبوترائي، مختيارڪار، داروغو، منشي، پٽيوالو،
هرڪار، سوار.
عدليه جا لفظ:
ناظم عدالت (چيف جج)، ڪاردار، قاضي، منصف، منشي،
عامل، ارباب، وڏيرو، امين ڪامدار.
ماليات جا لفظ:
ديوان (سردار)، تحويلدار (خزانچي)، متصدي
(اڪائونٽنٽ)، محرر، مودي.
فوجي عملي جا لفظ:
سپهه سالار، سالار، حوالدار جمعدار، دفعدار،
سپاهي، سوار، اوٺي، خود اسپه.
تعليم کاتي جا لفظ:
معلم، مدرس، آخوند، ملا، ناظم مدارس، خطيب، متعلم،
شاگرد، کٿابي.
آبپاشي کاتي جا لفظ:
آبدار، داروغو، ناظر انهار.
جنگلات کاتي جا لفظ:
راکو، مهراڻي، جمعدار، داروغو، شڪاري، ٻاليشاهي.
باب
ڏهون
ميرن متعلق لطيفا
خيرپور جا مير پنهنجن ڪچهرين ۾ پنهنجن اميرن ۽ خاص
ماڻهن سان بالڪل آزادانه گفتگو ڪندا هئا، ۽ ڪڏهن
ڪڏهن ته بالڪل بي تڪلفي جو ماحول قائم ٿي ويندو
هو. انهن ڪچهرين ۾ سگهڙ، شاعر ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به
هوندا هئا، جيڪي مختلف موقعن تي ميرن سان بي تڪلف
ٿي ڳالهائيندا هئا، ۽ بعضي ته ناقابل برداشت چرچا
به ڪندا هئا. اهڙن موقعن تي مير ناراض ٿيڻ جي
بدران، اُٽلو انهن ماڻهن جي همت افزائي ڪندا هئا،
ته جيئن ڪوبه ماڻهو سندن آڏو سچ چوڻ کان نه
گهٻرائين. اهڙن موقعن جا ڪجهه لطيفا هيٺ ڏجن ٿا.
هڪ دفعي مير سهراب خان جي خزانچي ديوان دنيچند،
مير صاحب جي موديءَ جي بل پاس نٿي ڪيو. مودي مير
صاحب کان چٺي وٺي آيو، خزانچي کيس ٻئي ڏينهن تي بل
پاس ڪرڻ جو وعدو ڪيو، ۽ شام جو مير صاحب کي وڃي
چيائين ته ”خزاني ۾ پئسا ٿورا آهن، تنهن ڪري في
الحال اهو بل پاس نه ڪندس، ڇو جو اهي پئسا سرڪار
جي سخت ضرورت ۾ آهن.“ مير صاحب هن جي ڳالهين ۾ اچي
ويو، ۽ چيائين ته اهو بل ڀلي ٻئي دفعي ادا ڪيو
وڃي. ان کان پوءِ هو مزي سان ويهي رهيو. ٻئي ڏينهن
تي جڏهن مودي چٺي کڻي آيو، تڏهن ان کان رشوت
گهريائين، جيڪا هن نه ڏني. ان تي خزانچي صاحب اها
چٺي ڦاڙي ڇڏي. مودي ويچارو منهن مٿو پٽيندو گهر
موٽي ويو. هڪ دفعي مير صاحب جي ڪچهري ۾ ويٺو هو، ۽
سندس بل جي ڳالهه نڪتي، جنهن تي مودي ٻانهو ٻڌي
چئي ڏنو:
چٺي مير صاحب جي هيڏي نه هوڏي،
لانگ مٿان لوڏي دنيچند دفعي ڪئي.
ان تي مير صاحب غصي ۾ آيو، ۽ رشوت جي خبر ٻڌڻ تي
خزانچيءَ کي گهرائي کيس سزا ڏنائين، ۽ موديءَ کي
سمورا پئسا اُتي جو اتي ڏياريائين.
هڪ دفعي مير سهراب خان جي ڪچهري ۾ هڪ عطر فروش عطر
کڻي آيو، ۽ ان وقت جي رواج موجب هر هڪ ماڻهوءَ جي
ڏاڙهيءَ کي عطر لائيندو ويو. ان ڪچهري ۾ ٻين
صاحبزادن سان گڏ ننڍڙو مير علي مراد خان به ويٺو
هو. جڏهن عطر فروش سندس ڀرسان آيو، تڏهن هن دستور
جي خلاف هن کان عطر وٺي پاڻ کي پاڻ لاتائين. مير
سهراب خان خوش ٿيو ۽ پٽ کي بغل ۾ آڻي چيائين ته
”منهنجو هي صاحبزادو پنهنجن ڀائرن يا ٻئي ڪنهن جو
محتاج نه ٿيندو. هو حڪمت عملي سان پنهنجي کٽي پاڻ
کائيندو.
هڪ دفعي مير سهراب خان پنهنجي پيرسنيءَ واري زماني
۾ ڪچهري لڳايون ويٺو هو ته سندس پٽن جي پاڻ ۾
اڻبڻت ۽ حڪومت جي معاملي ۾ سندن نرميءَ جي ڳالهه
نڪتي. مير سهراب خان ٿڌو ساهه کڻي چيو ”اسان
پنهنجو وارو وڄايو، ۽ حڪومت جو بنياد پختو ڪيو،
هاڻي ڇوڪرا ويٺا پنهنجي رياست کي لتون هڻندا“.
هڪ دفعي مير سهراب خان جي ننڍي ڀاءُ مير عالي خان
جو پيارو ڪتو مري ويو، ۽ هن ڪتي کي مسجد جي دروازي
جي اڳيان دفن ڪرايو. ان تي کهڙن جا مخدوم ناراض
ٿيا، ۽ مير صاحب کي تعذير ڏيڻ آيا. مير صاحب
بندوقن ۾ مٽر وجهرائي مٿن حملو ڪرايو، جنهن تي
مخدوم ناراض ٿي هليا ويا. اها ڳالهه ٻڌي مير سهراب
خان پنهنجي ڀاءُ کي سخت فرمائش ڪري، مخدومن کان
معافي وٺڻ لاءِ چيو، مير عالي خان ناراض ٿي پنهنجي
ڀاءُ کان رسي ڊگهڙيءَ طرف لڏي ويو. هو اڃا جلاوطن
هو ته سندس نوڪر خوش محمد ڪنهن ڪم سانگي خيرپور
آيو، ۽ مير سهراب خان جي منهن پئجي ويو. مير صاحب
هن کان پنهنجي ڀاءُ جي عافيت پڇي، ۽ چيو ته کيس
ڏاڙهي آئي آهي يا نه؟ جڏهن خوش محمد خان موٽي مير
عالي خان کي اها ڳالهه ٻڌائي، تڏهن يڪدم ڊگهڙيءَ
مان ٽپڙ کڻي خيرپور موٽي آيو، ۽ چيائين، ”ادي ٽوڪ
هنئي آهي ته ڏاڙهي هوندي پرائي در تي ويٺو آهيان.“
مير سهراب خان مخدومن کي گهرائي مير عالي سان صلح
ڪرائي ڇڏيو.
هڪ دفعي مير عالي ان جي نوڪرن سندس سونن سيجن سميت
هاٿي گم ڪري ڇڏيو. مير صاحب جي پڇڻ تي چيائون ”هت
ڪرون ڌت ڪرون هاٿي آکي ڪربلا.“ يعني اسان هاٿي کي
گھڻو ڇڪيو، پر هو ڪربلا ڏانهن هليو ويو. ان تي مير
صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. ڪجھ ڏينهن کان پوءَ اهو هاٿي
سنجن کانسواءِ حاضر ڪيائون، ۽ چيائون ته هو پنهنجا
سنج ڪربلا ۾ نذرانو ڏيئي آيو آهي. ان تي به مير
صاحب خوش ٿيو ۽ چيائين، ”شڪر ٿيو جو سنج سرڪار جي
خزاني ۾ جمع ٿيا ۽ قبول پئجي ويا“.
هڪ دفعي مير مبارڪ خان هڪ فقير کان ناجائز محبت جو
تعويذ وٺي آيو. اها خبر ٻڌي مير سهراب خان ان فقير
کي گھرائي موت جي سزا ڏني ۽ پنهنجي پٽ کي به سخت
تنبيهه ڪيائين ۽ ڪيترا ڏينهن کيس پاڻ وٽ اچڻ نه
ڏنائين.
هڪ دفعي مير صاحب خان جي لشڪر جو سالار گولي شاهه
ڪنهن ڪم سان، حيدرآباد مير غلام علي خان جي درٻار
۾ ويو. اتي هن غاليچي تي ٿڪ اڇلائي، جنهن تي اتان
جي ميرن اعتراض ڪيو ۽ ٽوڪ طور چيو ” مير سهراب خان
کي الائي ڇا ٿيو آهي، جو ڪاڻا ماڻهو ٿو موڪلي
. ان تي گولي شاهه چيو، ”انڌن وٽ ڪاڻا ماڻهو نه
ايندا ته ٻيو ڪير ايندو. ايڏي ساري درٻار ۾ چلمچي
به نه رکي وئي آهي.“ ان کان پوءِ هڪ ڳائڻي راڳ
ڳائيندي چيو:
” مير ميڏا هي ساري سنڌ دا ونا.“
ان مصرع ٻڌڻ تي گولي شاهه کي غصو اچي ويو، ۽ هن
ڪاوڙ مان چيو:
ايوين نه آ مئين ڪنڌ نه تيڏا ڀنان،
اڳتي نه وڌ جو سرڻي هي ٻنا.
هڪ دفعي مير چاڪر خان پنهنجن ڀائرن سان گڏجي مير
سهراب خان جي سلام تي ويو. اتي چوزي جي چون چون جو
آواز آيو. مير سهراب خان جي پڇا ڪرڻ تي مير چاڪر
خان پنهنجي ٽوپي لاهي، ان مان هڪ ڪڪڙ جو ٻچو ڪڍي
چيو، ”لا غرض جي بنيادن مان اهو هڪ ٽانگو وڃي بچيو
آهي. ان جي حفاظت ٿو ڪيان ۽ کيس سر سان سانڍيون ٿو
وتان.“ ان تي سڄي ڪچهري کلي ڏنو.
نواب محمد خان ولد مير لقمان خان ٽالپر جي ديري تي
قاضين جي هڪ عورت ٻارن کي پڙهائڻ ايندي هئي. مير
صاحب سندس حسن ڏسي، ساڻس دست درازي ڪئي. جڏهن ان
عورت جي پيءُ کي خبر پئي، تڏهن هو مير صاحب جي گهر
ويو ۽ کيس ماري اڌ مئو ڪري آيو. جڏهن مير صاحب چاڪ
ٿيو، تڏهن مير رستم خان وٽ فرياد کڻي ويو ته هو
قاضيءَ کي سزا ڏئي. مير رستم خان ورندي ڏني ته
”قاضي صاحب اوهان کي ٺيڪ سزا ڏني آهي. اسان جي
پاران اوهان کي اها سزا آهي ته اڳتي اوهان سان قطع
تعلقات جاري رکنداسون.“ مير رستم خان جو اهو جواب
ٻڌي، نواب صاحب ناراض ٿي لقمان جو شهر ڇڏي، هميشه
لاءِ هليو ويو ۽ جهڏي ۾ وڃي رهيو.
هڪ دفعي مير صاحب سهراب خان جي ڪچهري ۾ ڌار ڌار ٿي
سيد خير شاهه جهانيان پوٽو گمبٽ وارو، الهرکيو
ميربحر ۽ بادل منگي ٽيئي ڄڻا اچي ويٺا. بادل
منگيءَ کي هڪ ڇيڙو ڇڏرائڻو هو، تنهنڪري هن هيٺيون
بيت چيو:
عجب ٽيلو ٽالپرن جو دودي خان وڌ داٻ،
نه ڪو مٽ ميرن جو نه ڪوئي ڪنهن جو باب،
تن ۾ سچو مير سهراب سچو مير سهراب.
اهو بيت ٻڌي مير الهرکئي فقير هون هون ڪري ڪاوڙ ۾
ڪنڌ ڌوڻيو. بادل فقير پنهنجي فوقيت جتائيندي چيو:
اڙي مير بحر هون هون نه ڪر وڃي ڪرڙيءَ جي ڪر،
ڏسين نٿو ٽالپرن جي ٽوپيءَ ۾ ظاهر تون زر،
موٽي وڃ تون گهر؛ ڇڏ بيتن جي بيان کي.
اهو تلخ جواب ٻڌي الهرکئي فقير في البديهه بيت
ڏنا:
(1) برج نه ڄاڻين بيت جو ٿو شاعر سڏائين،
قلعي پنهنجي ڪفر جي ٿو لباسي لائين،
ڇيڙو ٿو ڇڏائين، سچو ڪيو سهراب کي.
(2) منگي توتي مير جو تکو پيو آ تاب،
ٻهون هن ٻروچ جي سارهه ناهي ثواب،
تائيا انهيءَ تڪ جو مونکي جاهل ڏي جواب،
تون ڪڍ اهو ڪتاب، جنهن ۾ سچو ڪيئي سهراب کي.
اهي بيت ٻڌي بادل فقير خاموش ٿي ويو، ۽ ڪجهه نه
ڪڇيو، باقي هڪ اُڙدائي بجار خان بگٽي اُٿي الهرکئي
فقير تي حملو ڪرڻ لڳو، مگر مير سهراب خان هن کي
منع ڪئي. الهرکيو فقير اُن تي اچي مٽيو، ۽ ڪافي
بيت چيائين، جن مان هيٺين بيت ۾ بجار خان کي مخاطب
ٿي تنبيهه ڪيائين:
تون ڊڄ فقر دي پار ڪنون، جنهن دا لفظ تکا تلوار
ڪنون
متان پٽ سٽئي منڍ پاڙ ڪنون، متان ڇٽ وڃين جوڳي دي
جهاڙ ڪنون
سائل صفت ڪئي دي ڪر، سائل صفت ڪئي دي ڪر.
مير سهراب خان الهرکئي فقير جي مرشد سيد خير شاهه
کي عرض ڪيو ته هو فقير صاحب کي بس ڪرائي ۽ رحم جي
نظر ڪري. سيد خير شاهه جي چوڻ تي الهرکيو فقير
خاموش ٿي ويٺو ۽ مير صاحب ٻانهون ٻڌي فقير صاحب
کان معافي ورتي.
جڏهن مير محمد خان ولد مير غلام حيدر خان،
مياڻيءَ جي جنگ مان نڪري، ٻار ٻچا وٺيون، خيرپور
ٿي آيو، تڏهن رستي تي مير علي مراد خان جي لشڪر
سندس قافلي تي تير هنيا هئا، ۽ انهن مان ٻه تير
سندس گهر واري (مير رستم خان جي نياڻي) جي ڪجائي
کي لڳا هئا. صحيح سلامت بچي اچڻ کان پوءِ، هوءَ
مير علي مراد وٽ آئي، ۽ کيس ڪجائي جو پوش ڏيکاري،
چيائين ته انهن تيرن جي بدلي ۾ هوءَ مير صاحب کان
نياڻيون وٺڻ آئي آهي. مير علي خان کيس نياڻيون ڏيڻ
قبول ڪيون. ان وقت مير علي مراد خان جي گلم جي
توبچين (خوشامدي ماڻهن) مير صاحب کي چيو ته پنهنجن
دشمنن کي سڱ نه ڏئي. مير علي مراد خان مٿن ناراض
ٿي چيو ته ”ملڪن جا جهيڙا ملڪن سان ٿيندا، باقي
سڱن جا وارث اهي آهن. مان پنهنجيون نياڻيون ٺٽي جي
قاضين کي ته ڪونه ڏيندس.“ ان تي سمورا خوشامدي
ماڻهو لڄي ٿيا. پوءِ مير علي مراد خان پنهنجيون
نياڻيون مير محمد خان جي پٽن کي پرڻائي ڏنيون.
هڪ دفعي مير علي مراد خان ڪنهن ڏوهه ۾ هڪ سيد کي
ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيو. انهيءَ سيد جي ڀاءُ ڪافي ڪوشش
ڪئي، پر مير صاحب راضي نه ٿيو. هڪ ڏينهن ڇا ڪيائين
جو مير صاحب جي ڪئمپ تي ويو، جيئن مير صاحب شڪار
تي نڪتو، تيئن وڏي آواز سان هي بيت ڏنائين:
ڪتا تنهنجا قائم هوندا سوئر هوندئي سر،
مير صدقي مهاڙيءَ جي قرب سيد تي ڪر.
مير صاحب بيت ٻڌي کلي ڏنو. ۽ سيد جي ڀاءُ کي آزاد
ڪيائين.
مير علي مراد خان جي ڏينهن ۾ عدالت جو ڪم سندس
وليداد مير فيض محمد خان سنڀاليندو هو. مير صاحب
جا ٻه نوڪر ڏتو ۽ سمندر سندس ڏاڍا دادلا هوندا
هئا. ۽ ماڻهن کان رشوت وٺندا هئا. هڪ دفعي مير علي
مراد خان جي ماڻهو شادي خان جو ڪيس مير فيض محمد
خان وٽ ويو. جنهن جي فيصلي ۾ دير ٿي. هڪ ڏينهن مير
علي مراد خان شادي خان کان فيصلي جي خبر پڇي، جن
تي هيٺيون بيت پڙهيو:
ڏتي ڪون مليا ڏتا سمندر ڪون ملي ستي،
تيڏي پٽ ڪون الله رکي ميڏي کس ڳئي جتي.
ان بيت ٻڌڻ کانپوءِ مير صاحب ڪيسن ٻڌڻ جو ڪم هڪ
انگريز آفيسر مسٽر فيني
(Fenny)
جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هڪ دفعي مير علي مراد خان هڪ ماڻهوءَ کي ڪوٽ تي
چاڙهيو، مجرم جي ماءُ سيد محمد شاهه مست کي مير
صاحب کان پٽ جي آزاد ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. محمد شاهه
ڏينهن جو هڪ بتي ٻاري، مير صاحب وٽ آيو. مير صاحب
هن کان ڏينهن ڏٺي جو بتي ٻارڻ جو سبب پڇيو، جنهن
تي سيد جواب ڏنو ته ”مون بتي ان لاءِ آندي آهي ته
جيئن اوهان مون کي ڏسي ۽ سڃاڻي سگهو.“ مير صاحب
اهو جواب ٻڌي کلي ڏنو. ۽ مجرم کي آزاد ڪيو.
خير محمد فقير هيسباڻي جا مير علي مراد خان سان
سٺا تعلقات هوندا هئا. ۽ هو گهڻو ڪري سفارشي بڻجي،
مير صاحب کان قيدي آزاد ڪرائي ويندو هو. هڪ دفعي
اهڙي سفارش تي مير صاحب فقير صاحب کان وعدو ورتو
ته آئنده هو ڪنهن کي به سفارش ڪري نه ڇڏرائيندو.
فقير صاحب اڃا ڪچهري کان ٻاهر مس نڪتو، ته هڪ رن
زال کيس الله پاڪ جو واسطو وجهي عرض ڪيو ته هو
سفارش ڪري کيس پٽ ڇڏرائي ڏئي. فقير صاحب الله جو
اسم ٻڌي مير صاحب وٽ موٽي اچي سفارش ڪئي. مير صاحب
کيس پنهنجو وعدو ياد ڏياريو. جنهن تي فقير صاحب
چيو ”مون الله جتي نالي ۽ پنهنجي وعدي جو وزن ڪري
ڏٺو. پنهنجي ڏاڙهي ۽ اوهان جي ڏاڙهي ٻنهي کان الله
کان ڳورو نظر آيو تنهن ڪري مجبور بڻجي وري به
اوهان وٽ آيو آهيان.“ مير صاحب کلي ڏنو ۽ قيديءَ
کي آزاد ڪيو ويو.
هڪ دفعي مير غلام نبي خان ولد مير محمد خان مير
علي مراد خان سان گڏ هو. جڏهن عالي پور جي ويجهو
آيا، تڏهن هڪ مهراڻي، مير غلام نبي خان کي صحافي
کان پٺ تي ٿيڻ لاءِ چيو ۽ تاڪيد ڪيو ته هو مير وڏي
سان ايترو گستاخ بڻجي ويجهو ٿي نه هلي. ان تي مير
غلام نبي خان انهي مهراڻي کي تلوار هڻي، ماري وڌو.
مير علي مراد خان مير غلام نبي خان کي ڪاوڙ مان
چيو ”تون ڪچهري ۾ آڻڻ جهڙو ناهين.“ مير غلام نبي
خان جواب ۾ چيو ”واقعي اسان اوهان جي ڪچهري جهڙا
ناهيون، اسان نبي پاڪ جي ڪچهري ۾ وڃڻ جهڙا آهيون.“
ائين چئي سڌو گهر هليو ويو ۽ اتان حج تي ويو، جتي
وڃي وفات ڪيائين.
مير رستم خان جي زماني ۾ مير علي مراد خان پنهنجي
ڀائيٽي مير محمد حسن خان ولد مير رستم خان کي چيو
”بابا جي رواج موجب اوهان به رستم خان کان جيئري
پڳ وٺو. اوهان حاڪم ٿيو ۽ مان اوهان جو وزير
ٿيان،“ مير محمد حسن خان کيس جواب ۾ چيو ”چاچا مان
حڪومت جي لالچ ۾ باباگير نه ٿيندس.
هڪ دفعي مير علي مراد خان جي ڪچهري ۾ سندس ٻئي
داماد مير غلام حيدر خان ثاني ۽ مير حسن علي خان
(مير محمد خان جا پٽ) ويٺا هئا. گفتگو جي دوران
مير علي مراد خان مير رستم خان تي ٽوڪ ڪندي چيو
”توب جو هڪ ٺڪاءُ ٻڌي مير رستم خان ڀڄي وڃي ٿر
نڪتو.“ هو ٻئي مير رستم خان جا ڏوهٽا هئا. هنن
گڏجي چيو ”ناني جو احسان مڃو، جو هو صبر ۾ رهيو.
جيڪڏهن هو انگريزن سان عهد ڪري، ٻه چپ چوري ها، ته
توهان کي مير صوبدار خان حيدرآبادي وانگر توڙ جي
پڳ ٻڌرائن ها.“ اهو جواب ٻڌي مير علي مراد خان ماٺ
اچي ويو.
هڪ دفعي قلات جو شاعر مرزا احمد علي مير علي مراد
خان جي ڪچهري ۾ آيو. مير صاحب پنهنجي درٻاري شاعر
سيد جعفر علي شاهه کي شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي.
سيد جعفر علي شاهه في البديهه چيو:
ز عمر خويش بيزام که اونام عمر دارد،
ز چشم خود در آزارم که برسني نظر دارد.
اهو شعر ٻڌي، مرزا احمد علي في البديهه چئي ڏنو:
بود برکنده آن چشمي که رز سني ضرر دارد،
دو صد خنجر برآن سينه که اوکين عمر دارد،
روافض گر زند طعنه به يارِ غارِ پيغمبر،
مکن عيش که او لعنت ز ميراث پدر دارد.
مير علي مراد خان ايڏي سخت جواب ٻڌڻ تي به ناراض
ٿيڻ بدران مرزا احمد علي کي انعام ڏيڻ چاهيو، جيڪو
هن نه ورتو.
هڪ دفعي مير علي مراد خان جي ڪچهري ۾ ٻه شاعر شير
خان ميسائو ۽ پيرو شاهه ويٺا هئا. ڪچهري هلندي
سسئي پنهونءَ جي ڳالهه نڪتي. ان تي مير صاحب جي
آڏو شير خان هي بيت ڏنو:
ڪيچي ڪچا ڪين هئا ڪامڻ هئي ڪچي،
برهم بلوچ سان لايو نينهن نچي،
پردي سان بچي، شل گڏ بم شير خان چئي.
اهو بيت ٻڌي پيرو شاهه منهن خراب ڪيو. مير صاحب هن
کان منهن خراب ڪرڻ جو سبب پڇيو. هن جواب ۾ هي بيت
چيو:
بي ننگا بلوچ هئا ڳالهيا ڪهين نه ڳاهه،
هڏ نه هئي هوتن جي هئي ننگ ٻڌي نڪاح،
ڏس دل ڪري داناهه، ڪيچين ڪم ڪچو ڪيو.
اهو بيت ٻڌي مير صاحب پيرو شاهه کي انعام ڏنو.
مير علي مراد خان پنهنجن ٻين پٽن کي معقول وظيفا
مقرر ڪري ڏنا ۽ مير فيض محمد خان کي ٿورو وظيفو
ڏنو. ان تي مير فيض محمد خان پنهنجي پيءُ ڏانهن هي
بيت لکي موڪليو:
انصاف ٻين کي ساقئي مجلس به دور ما،
مئي اين قدر به جام نه ريزد که بو دهد.
انهيءَ بيت پڙهڻ کان پوءِ مير علي مراد خان مير
فيض محمد خان جو وظيفو به وڌايو.
هڪ دفعي مير علي مراد خان محافي تي چڙهيو، ٽنڊو
مستي خان جي طرف ٿي ويو. رستي تان ايندڙ ۽ ويندڙ
سمورا ماڻهو پري هٽندا پئي ويا، مگر هڪڙو ماڻهو
عطر فقير نالي پري نه ٿيو. مير صاحب محافو جهلرائي
عطر فقير کان پڇيو ته ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مون
کي عطر جي خوشبوءَ نٿي اچي.“ عطر فقير به مذاق طور
ورندي ڏني، ”سرڪار کي نڪ ئي ڪونهي ته پوءِ خوشبوءَ
ڪٿان ايندي؟“ مير صاحب مذاق جي ڳالهه تي ڪاوڙجڻ جي
بدران خوش ٿيو، ۽ عطر فقير کي انعام ڏنائين.
مير فيض محمد خان جي درٻار ۾ هڪ ايراني عالم
اورنگزيب جي پٽ شاهه عالم بهادر شاهه جي رباعي
ڪجهه تغير سان پڙهي:
دعوائي خلافت به سند مي بايد،
من کنت حديث در مدد مي بايد،
اين جائي نفاق و منکر و خائن نيست،
اين مسند شير است اسد مي بايد.
انهيءَ رباعي جي ٻڌڻ تي مخدوم الله بخش عاصي جواب
۾ چيو:
انڪار خلافت به سند مي بايد،
من کنت نبياً به مدد مي بايد،
اين جائي زهي صدق حق سخا است،
ترتيب خدا کرد خرد مي بايد.
مير فيض محمد خان مخدوم صاحب جو جواب ٻڌي خاموش ٿي
ويو، ۽ کيس انعام ڏنائين.
هڪ دفعي رات جو مير علي مراد خان جي ڪئمپ جي
ٻاهران ٻن ڇيڙن ڳالهيون ويٺي ڪيون. ڳالهين جي
دوران هڪڙي، ٻئي کي پٽ ڄمڻ جي مبارڪ ڏني، جنهن تي
هن ورندي ڏني، ”مبارڪ ته علي مراد خان کي ڏيڻ
گهرجي، جنهن جو هڪ ڇيڙو وڌيو آهي.“ مير علي مراد
خان اها گفتگو ٻڌي ورتي، ۽ ڇيڙن کي پاڻ وٽ
گهرايائين. هنن ويچارن جو خوف کان منهن سڪي ويو.
مير صاحب ٻنهي کي انعام ڏنو، ۽ پٽ ڄمڻ واري ڇيڙي
کي ان ڏينهن کان وٺي ڪجهه پگهار مقرر ڪري ڏنو.
هڪ دفعي مير امام بخش خان جسڪاڻين جي ڳوٺ جي
ٻاهران منزل اچي ڪئي. مير صاحب جي آمد جو ٻڌي
ڪيترا غريب هجوم ڪري خيرات وٺڻ آيا، ڇو جو مير فيض
محمد خان جي زماني ۾ هر منزل تي غريبن کي پئسا
ملندا هئا. مير امام بخش ڪرڙو حاڪم هو. ماڻهن جي
هجوم جو سبب پڇيائين. کيس چيائون ته هو پئسا وٺڻ
آيا آهن. مير امام بخش خان چيو، ”اهو پئسن ڏيڻ
وارو مري ويو، هاڻي ماڻهن کي چيو وڃي ته هو پنهنجن
عزيز کان وڃي پئسا وٺن“.
|