باب نائون
سنڌي
ٻوليءَ جو خيرپوري لهجو
تعارف ۽ تاريخ؛
سنڌي ٻوليءَ جي خيرپوري لهجي تي تبصري ڪرڻ کان اڳ
خيرپور رياست جي جغرافيائي جزن تي تبصرو ڪرڻ لازمي
ٿيندو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ خيرپور ۾
سنڌ جي سري وارو سارو حصو شامل هو. هن وقت سندس
اتر ۾ سکر ۽ روهڙي تعلقا آهن. سندس اولهه کان سنڌو
ندي وهي ٿي، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف تي نوابشاهه،
ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن سان ملي ٿي، ۽ اوڀر ۾
جوڌپور ۽ جيسلمير (راجپوتانا) رياستن سان لڳي ٿي.
طبعي بيهڪ جي ڪري خيرپوري لهجي تي سرحدي لهجي جو
تمام گهڻو اٿر رهيو آهي، ڇو جو اتان جي ماڻهن سان
رياست جي ماڻهن جي لهه وچڙ ۽ اچ وڃ اوائل کان وٺي
رهندي آئي آهي. سکر طرف جي سريلي ٻولي ۽ نوابشاهه
طرف جي وچولي ٻوليءَ جا لهجا ٻين لهجن کان وڌيڪ
اثرانداز ٿيا آهن- ڇو جو اهي ٻئي طرف اصل کان وٺي
هڪڙي حڪومت جي حدن اندر رهيا آهن، باقي ٿرپاڪر ۽
راجپوتان جي رڻ جي ٻوليءَ جو اثر صرف ناري، فيض
گنج ۽ ميرواهه تعلقن جي ريگستاني حصي تي رهيو آهي،
ڇو جو اتان جي ماڻهن جي انهن حصن سان گهڻي لهه وچڙ
رهي آهي.
مٿين تمهيد مان معلوم ٿيندو ته خيرپور جي گهڻي
آبادي واري لهجي تي وچولي ۽ سريلي ٻوليءَ جو ۽
سندس ريگستاني علائقي تي ٿريليءَ ٻوليءَ جو اثر
آهي، ريگستاني علائقو ايراضيءَ ۾ گهڻو، آباديءَ ۾
بلڪل ٿورو آهي ۽ اتان جي ماڻهن جو تعلق شهري آبادي
سان تمام گهٽ ٿو رهي. تنهن ڪري انهن جي لهجي کي
خاص خيرپور جي لهجي ۾ شمار ڪري نه سگهبو. خاص
خيرپوري لهجو دراصل وچولي ۽ سريلي ۽ لهجن جي وچ
واري ڪڙي آهي، ۽ گهڻو ڪري ٿوري تفاوت کان سواءِ
ٻنهي لهجن سان ملي جلي ٿو.
i.
سريلو لهجو:
خيرپور رياست کان وٺي ويندي اوٻاڙي تعلقي جي ڇيڙي
تائين ۽ سيوهڻ دادو کان وٺي سڄو لاڙڪاڻو ضلعو ۽
جيڪب آباد وارو پاسو ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين
”سرو“ آهي، ۽ اتي جي ٻولي سريلي آهي.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سريلي جو سارو
علائقو خيرپور جي حڪومت هيٺ هوندو هو.
ii.
سرائڪي جو اثر:
هاڻي به خيرپور سميت انهيءَ ساري علائقي تي سرائڪي
زبان جو اثر زياده آهي. ڇو جو اتي سرائڪي زبان
ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي. روهڙي تعلقي کان مٿي
اوٻاڙي تعلقي تائين جيڪو به علائقو آهي، اتي جيڪا
سرائڪي ڳالهائجي ٿي تنهن کي اُڀي جي زبان سڏيندا
آحن. مطلب ته خيرپور سميت سري وارو علائقو سرائڪي
زبان جي اثر هيٺ رهيو آهي. هتان جي حاڪمن ڪلهوڙن ۽
ميرن جي مادري زبان سرائڪي هوندي هئي، ۽ گهڻا ٻروچ
به سرائڪي ڳالهائيندا هئا ۽ اڃا تائين ڳالهائيندا
آهن. هتان جي گهڻن شاعرن جو اڌ کان وڌيڪ ڪلام
سرائڪي ۾ آهي، هو سنڌي ڪلام ۾ به ڪيترائي سرائڪي
زبان جا لفظ، محاورا ۽ جملا استعمال ڪندا آهن
مثلا:
علم عقل سڀ ڇوڙ ڏتوسي عشق ڏنو اولارو
اکيان کول ته ظاهر ويکين
سير سڄڻ جو سارو (سچل سرمست)
تون آن صورت جو سهڻو تون آ مورت جو مهڻو گهتڪي زلف
دا زنجير
دلبر ٻاجئون دلڙي ديواني در تي ٿيون مئين فقير
خيرمحمد چئي اسان اهين دي حاضر حضرت پير (خير
محمد فقير)
هوري هسائي ايندم اٿم آسرو
پرين پارئون پانهجي من پانڌي پٺائي (محمد ذاڪر
اُڄڻ)
وڃي پياسي ملڪ امن ۾ ڏيهه انهي ۾ ناهن ڏون. (دريا
خان)
هڪ واري تون آءُ اسان ڏي ڏيک اساڏا حال (بيڪس)
جي ڪهان ته ڪوڪ نه نڪري صبر آءٌ نه سهان. (سيد
محمد بقا شاهه)
غلام حيدر گولو آهي تنهن کي درس دکائين. (غلام
حيدر فقير)
حيف انهن ارواحن آهي، جيڪي ٿا ڀانئن ڏون،
اقرار نا ڦرواڻ مردن جي شان ۾. (نانڪ يوسف)
iii.
صوتياتي خوبيون:
سرائڪي لهجي ۾ ٽن اکرن ٽ، ڊ ۽ ڍ ۽ خيرپرو کان
سواءِ ڪٿي به استعمال نه ٿيندو آهي. سريلي لهجي ۾
سٽ جو چار سٽر، پٽ جو اچار پٽر، ڊپ جو اچار ڊرپ ۽
ڏڍ جو اچار ڏڍر ڪندا آهن مثلا:
سٽون سيپارن جو پڙهڻ ٿيون ثواب. (سچل سرمست)
پٽ علي شير جا سورهه ٿا سڏجن. (سيد صالح شاهه)
گونا گوني گل ٽڙيا بسنت جي سا بوءَ (محمد ذاڪر
اڄڻ)
ڊڄي ڊڄي مون توسان ڳالهايو ڏاڍي بلوچاڻي ذات (سيد
صالح شاهه)
ننڊ نه هيرج نيڻ سک نه وسارج سسئي. (چنيهه فقير
اڄڻ)
تنهنجو ڏڍ ڏڏن کي اصل کئون آهي. (سيد اميرالدين
شاهه)
iv.
وياڪرڻي خوبيون:
سريلي لهجي ۾ ڪنهن به واحد مؤنث جي جمع جي ضيغي ۾
آڻڻ لاءِ بنيادي صورت پٺيان آن گڏيندا آهن ۽ اهو
سرائڪي لهجي کان متاثر ٿي ڪندا آهن مثلاً:
معياري لهجو سريلي ۽ خيرپور لهجو.
زال جمع زالون زال جمع زالان!
خبر جمع خبرون خبر جمع خبران.
ان لاءِ سري ۽ خيرپور جي ڪجهه شاعرن جا مثال پيش
ڪجن ٿا.
ميهر من ۾ هنيون هنيون ميخان محبت واريون.
آڻي امالڪ اڙيون اڙيون ديدان دلبر توسان (ٻڍڙو
فقير)
ديدان ڪهين دستور سان من موهي وٺن هڪ مام ۾.
(عثمان سانگي)
بيڪس فقير دانهان ٻڌوندو الله آهان.
ٻهگڻ ڏيندو ٻنهان ٻيا در ڇو پوءِ رلندي. (بيڪس)
عشق جون واٽان ٻرن لاٽان تنهن مئون نڪرن درجون
ڇاڻان،
عاشق ٿا ڪن در جون دانهان عشق منجهارئون اهي آهان.
شال اوڏاهون ايندا وٺي خاصيون خبران.
واڳان وطن پانهنجي ڦيري آءٌ في الحال.
محب مسافر ٿيا جنين جا ڪوڪان اهي سک ڪنديون.
ان جي اکين آگم ٿيا بوندان بس نه ڪن. (سچل سرمست)
دم دم نالا نينهن جون محبوبن من.
صلح صلاحان ظاهري ٻنهي جهانين ٻن.
نانڪ يوسف يار جون جوڙان جوڙي پاڪ پيارو. (نانڪ
يوسف)
غلام حيدر غير جون ڪپيون لامان لاهوتين. (غلام
حيدر فقير شير)
ڪيئي خان کپي ويا واڳان ورائي. (سيد صالح شاهه)
ضمير متڪلم:
سري ۽ خيرپور جي لهجي ۾ فارسيءَ جي ضمير متڪلم
واري ميم جو گهڻو استعمال ٿيندو آهي ۽ ٻي سڄي سنڌ
۾ ’ميم‘ جي بدران ’سين‘ آڻيندا آهن. مثلاً:
معياري لهجو
ايندس
ويندس
ٿيندس
ڏيندس |
سري ۽ خيرپور جو لهجو
ايندم
ويندم
ٿيندم
ڏيندم |
خيرپور جي شاعرن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
البت ويندم اوڏهين پل پاڙيچون ته پايو. (سچل
سرمست).
ايندم تنهنجا پير چميندم ٿيندم تنهنجو چاڪر (سيد
اميرالدين شاهه)
توکي ڏيندم سپرين پنهنجو سيس نوائي. (محمد ذاڪر
اڄڻ)
ڪان ستي هيم سيل سان پانڌڙو پائي. (سيد صالح شاهه)
زمان مستقبل:
سڄي سنڌ ۾ زمان مستقبل جا لفظ اينداسون ۽ اينداسين
ٻئي استعمال ٿيندا آهن، پر سري ۽ خيرپور ۾ صرف
اينداسين چوندا آهن، يعني ’ون‘ جي ’ين‘ ڪم آڻيندا
آهن مثلاً:
تنهنجو دراصل کئون اختيار ڪيوسين.
اسان پاڻ کئون وياسين ڪنهن جاءِ ٻي پياسين.
سچو نام سڏائي اسان لوڪن منجهه لڪياسين،
هردم هونداسين توسان فائق هيئن فرمايو،
ويڙا جي وڻڪار اڃا وري اينداسين. (سچل سرمست)
ڇڏيجو ۽ گڏيجو:
سري ۽ خيرپور ۾ ڪڏهن ”ڇڏجو“ ۽ ”گڏجو“ لفظن ۾ وڌيڪ
”ي“ ڏيئي ڇڏيجو ۽ گڏيجو چوندا آهن. مثلاً:
ڪين ويساريو مئي نه ماريو ڇوري تان نه ڇڏيجو (سچل
سرمست)
ڪينن ۽ جينن؛
خيرپوري لهجي ۾ ”ڪن“ ۽ ”جن“ لفظن جي بدران
”ڪنين“ ۽ ”جنين“ به چوندا آهن. مثلاً:
ڪنين جو نينهن نهر سان ڪنين دٻايا درياهه.
(صاحبڏنو فاروقي)
سڪ جنين جي ساهه کي سي پاڻ سڃاڻين.
مرد سي مرڪن جنين عشق الله جو. (نانڪ يوسف)
تصغير:
ساري سنڌ ۾ تصغير لاءِ ڪنهن به رسم جي پٺيان ”ڙو“
يا ”ڙي“ ملائيندا آهن. اهو استعال سري ۽ خيرپور ۾
سڀني جڳهين کان وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ هتي اسمن کان
سواءِ ضميرن، فعلن ۽ ظرفن ۾ به تصغير ڪم ايندي
آهي.
هت ڏين مارو ڏاج ۾ ڄاڻي ڄارڙيون،
پيون آهن سڀ کي اهي ويڙهي وارڙيون،
هن ڀانيو نامو شعلو هيڙو شوق جو. (سچل سرمست)
هڪ وکڙي وجود کئون ٻاهر ڪر تڏهن هر جا ايندئي حق
نظر،
خير محمد خوش جي ٿيڙيون وڃي عشق الوٽ ۾ پيڙيون،
ڪٺڙا بي تقصير خوني نينان نظر دي وو يار. (خير
محمد فقير هيسباڻي)
اڄ آءُ اڱڻ منهنجي پيهي ڏکڙا ونڊيون دلبر ويهي،
ڏکڙا ڏسي سکڙا ڀليا سڀ عيش عشرت هليا ويا. (سيد
صالح شاهه)
ڀليل پڇن ٿا حال منهنجڙو ڳالهه انهيءَ تان ڳولي
آهيان. (سچل سرمست)
چڙن چوڙيو چتڙو ٻيلي پاس ٻرن ٿا.(سيد علي گوهر
شاهه اصغر)
دوست اوهانجڙي آهيان سائينءَ لڳ سڃاڻين. (سچل
سرمست)
سگهڙو سگهڙو آءُ اسان ڏي ڏينهن گهڻا ڇو لائين.
(سچل سرمست)
هتڙي هتڙي يار اوهان جي ٻول ٻڌي مان ٻانهي. (محمد
ذاڪر اڄڻ)
ماضي معطوفي:
معياري سنڌيءَ ۾ ماضي معطوفي ٺاهڻ جا ٽي روپ آهن.
هڪ روپ ۾ فعل جي پويان اِي پڇاڙي ۾ ملائي آهي.
مثلاً:
لک + اي
=
لکي. کاءَ + اي = کائي.
هو خط لکي، ٽپال جي دٻي ۾ وجهڻ ويو، هو مائي کائي
گهر ويو.
ٻئي روپ ۾ فعل جي پويان اي پڇاڙي ملائبي آهي
مثلاً:
ڪر+ اي= ڪري، ٺاهه + اي = ٺاهي.
هو ڪم ڪري گهر ويو.
هو ميز ٺاهي گهر ويو.
ثئين روپ ۾ فعل جي پويان ”يو“ پڇاڙي ۾ ملائبي آهي
مثلاً:
پاءَ+ يو= پايو. لاءِ + يو = لايو.
هو پيچ پايو، هليو ويو.
هو رنگ لايو، هليو ويو.
سري ۽ خيرپور ۾ ماضي معطوفي جي استعمال وقت فعل جي
پٺيان ”يو“ پڇاڙي سان گڏ ”نون“ به ملائيندا آهن.
ٻي ساري سنڌ ۾ اهڙو مثال ڪونه ملندو.
ڪنهن کي مان ڏيندس دانهن درد جي،
پيچ پنهل مون سان پايون هليو ويو،
ڪانهن ڪاڻ ڪتڻ جي سچل کي،
آتڻ عشق اجاريو هليو ويو. (سچل سرمست)
حال استمراري:
ڪنهن به فعل جي پٺيان ”پيو“ ۽ ”ٿو“ گڏي زمان حال
استمراري جو استعمال فقط سري ۽ خيرپور ۾ ٿيندو
آهي.
ٻئي هنڌ اهو استعمال ڪڏهن به نه ٿيندو آهي.
بنا ڪاتي سڄڻ سهڻا ڪهن ٿا پيا. (سيد امير الدين
شاهه)
وهايان ٿو پيو جو جال نيڻن مان جدائي ۾. (پيرل
فقير)
اوهان جي پڙ ۾ دانهون ڪيان ٿو پيو. (الهيار فقير
مري)
پڪاري ٿي پئي پيرين پيادي جهنگ ۾ جهر ۾. (حافظ
اسلم مهيسر)
زمان مضارع:
سري ۽ خيرپور ۾ ”ڪرڻ“ مصدر جي مضارع مان ”ر“ جو
اکر ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ لفظ ”ڪريان“ جي بدران ”ڪيان“
چوندا آهن. سندن اهو نمونو دادرڪ ٻولين وارو آهي.
دانهن ڪيان ٿي درد جي ٻڌندو شال ٻروچ. (محمد ذاڪر
اڄڻ)
ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان ڪنهن کي ڏيان دانهن. (پيرل
فقير)
دل هٿن مان وئي هلي مان ڇا ڪيان. (حافظ اسلم
مهيسر)
نحوي خوبيون:
شڪارپور جي طرف تي ”اٿ نه“ ۽ ”ويهه نه“ جي بدران
”اٿ ني“ ۽ ”ويهه ني“ چوندا آهن ۽ ”نه“ جي اچار کي
وڌائي ”ني“ ڪري ڇڏيندا آهن. خيرپوري لهجي ۾ به
ڪڏهن اهائي ”ني“ استعمال ٿيندي آهي مثلاً:
وندر ني وڻن ۾ زور ڪري زاري. (سچل سرمست)
ڪونهي منهنجو وس ني وي ميان هاڙي منهنجو هوت وٺي
ويا،
اصغر عاشق جي حال جو ني وي ميان پيڙن ڪونه ترس.
(علي گوهر شاهه اصغر)
راض محمد کي ني ميان وري اچي ڏي تون وارا. (مير
راض محمد خان ٽالپر)
مٿي ذڪر ڪيل سڀني ڳالهين ۾ سري ۽ خيرپور جو لهجو
هڪ جهڙو آهي. باقي ٿورو گهڻو فرق هيٺين ڳالهين ۾
آهي.
نون غنون:
خيرپور ۾ نون غنون اعلانيه ڪندا آهن. شڪارپور،
جيڪب آباد ۽ اوٻاوڙي طرف اهو اعلان اصل نه ڪندا
آهن. هو اٿندو ويهندو ۽ گهمندو لفظن جي بدران
اٿدو، ويهدو ۽ گهمدو چوندا آهن.
زمان حال:
خيرپور ۽ سنڌ جي ٻين حصن کان سواءِ سري ۾ عجيب
نموني سان زمان حال مطلق کي زمان حال استمراري
وانگر استعمال ڪندا آهن. مثال طور: جملو – مان
اچان ٿو جي بدران سري وارا چوندا آهن ”مان ايندو
پيو آهيان“ اسان کائون ٿا جي بدران چوندا ”اسان
کائيندا پيا آهيون.“
فعلن ۾ ”ي“ جو استعمال:
سري وارا فعلن جي وچ مان ”ي“ جو اکر ڪڍي ڇڏيندا
آهن. مثال طور جملو: مان جهليان ٿو جي بدران ”مان
جهلان ٿو“ چوندا آهن
زمان ماضي مطلق:
سري وارا وڃڻ مصدر جي ماضي مطلق ’ويو‘ جي ”واو“ کي
هميشہ زبر ڏيندا آهن. خيرپور ۽ ٻين هنڌن تي لفظ
”ويو“ جي واو کي زبر جي بدران زير ڏيندا آهن
”ني“ جو استعمال:
خيرپور ۾ سري وانگر ”ني“ جو استعمال ٿيندو آهي،
مگر سري ۽ خاص ڪري شڪارپور طرف انهيءَ لفظ ”ني“ کي
تمام گهڻو وڌائيندا آهن ۽ هڪ قسم جو مٺو آواز
ڪڍندا آهن.
وچولوي جو لهجو:
سري ۽ لاڙ جي وچ وارو ڀاڱو وچولو سڏجي ٿو، جنهن
جون حدون ڪنڊياري ۽ دادو تعلقن جي اتر واري ڀاڱي
کان وٺي هيٺ ڪوٽڙي ڊويزن تائين آهي. اهو سنڌ جو
وچولو يعني وچ وارو ڀاڱ آهي ۽ اتي جي ٻولي وچولي
سڏجي ٿي.
ضمير:
هتي به سري ۽ خيرپور وانگر ضمير ”جنهن“ ۽ ”تنهن“ ۽
انهن جي جمع ”جن“ ۽ ”تن“ جي بجاءِ ”ت“ تي زور
ڏيندا آهن ۽ لاڙ وارا انهن اکرن تي زير ڏيندا آهن.
طرف:
سري، خيرپور ۽ وچولي ۾ لفظ ”جتي“ بدران ”جاتي“ ڪٿي
بدران ڪاٿي، جيڏي، تيڏي بدران جاڏي تاڏي ۽ ڪيڏي
بدان ڪاڏي چوندا آهن.
جاتي نقطو نينهن جو تاتي عقل نه القاب. (سچل
سرمست)
تجلو پسان هڪ تار ۾ جاتي تماشو طور جو. (شاهه
نصير)
خير محمد خيال وحدت وارو جاڏي ڪاڏي نينهن نظارو.
(خير محمد فقير)
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان ڪنهن در دانهن ڏيان. (پير
ڪمال نوشهري وارو)
وهوا سڄڻ تنهنجون اکيون جاتي لڳيون تاتي ٻگيون.
(بيڪس)
ڪاٿي ٻڍڙو پير ٿو ڪاٿي ٻولي ٻار. (سچل سرمست)
ڪاٿي نام ڪمال سڏايان ڪاٿي نام نصيري وي. (پير
ڪمال نوشهري وارو)
جاڏي تاڏي جلوو تنهنجو عجب تنهنجا چمڪار. (سچل
سرمست)
ڪڏهن ڪڏهن ”ڪٿي“ جي بدران ”ڪاٿي“ يا ڪاٿهين“ ۽
”هتي“ جي بدران ”هتهين“ يا ”اُتاهين“ ۽ ”هوڏي“ جي
بدران ”اوڏاهين“ يا ”اوڏانهون“ به چوندا آهن.
ڪاٿي ملا قاضي تون ڪاٿي سيد سڏائين ٿو،
ڪاٿهين تعظيمان ڏئي ڪاٿهين کل کلي ٿو. (سچل سرمست)
ڪانه سجهي ٿي ڪاٿهين ورنهه توريءَ واهه. (محمد
ذاڪر راڄڻ)
ڪين ڇڏيندو ڪانهين ڪهر جنين جو آءُ ميان. (غلام
حيدر فقير شر)
آءٌ ڪيئن ويهان هتهين منهنجو ڪم ڪوهيار،
هلي اتاهون اچي اتاهين هنجين پوتئي هار. (سچل
سرمست)
انالاحق اتاهون گڏيا وتن گر سان. (پير ڪمال نوشهري
وارو)
ٽ ڊ ۽ ڍ جو استعمال:
سري ۽ خيرپور وانگر ٽ، ڊ ۽ ڍ اکر وچولي ۾ به
استعمال ٿيندا آهن، پر انهن ۾ اکر ”ر“ جو اچار
شامل نه هوندو آهي.
ضميرن ۾ نون غنون:
سري ۽ خيرپور جي لهجي ۾ ”منهنجو“، ”تنهنجو“ ۽
”پنهنجو“ ضميرن ۾ نون غنون هوندو آهي، پر وچولي ۾
اهو استعمال نه ٿيندو آهي. انهن لفظن جي بدران
منهجو، تنهجو ۽ پنهجو چوندا آهن.
ضميري نشاني:
عام طور تي سري ۽ خيرپور ۾ ضمير غائب جي نشاني
”س“ ڏئي ”اٿس“ لفظ چوندا آهن ۽ وچولي ۾ اٿس جي
بدران اٿائين چوندا آهن.
تصغير:
وچولي ۾ سري ۽ خيرپور وانگر تصغير جو صيغو استعمال
ٿيندو آهي مثلاً:
ڳوڙها ڳلن جي مٿان پيا لڙڪ لڙي. (پير ڪمال نوشهري
وارو)
غلام محمد ٿو حب مان چئي رکج هيڻي تي هٿڙا ڪي.
(مخدوم غلام محمد بکاڻي)
شاهه نصير سان رس م راڻا زنگڙا ڪڍي ڇڏ وير. (شاهه
نصير)
اچي زلزلا ڪوٽ ڪسرليٰ ۾ پيڙا،
ڪنارن سندا بت ڀڄي ڀور ٿيڙا. (مولوي غلام رسول
جتوئي)
تخفيف:
خيرپور، سري ۽ وچولي ۾ لفظن جي تخفيف تمام گهڻي
ٿيندي آهي. يعني نحوي لحاظ کان لفظن جا ابتدائي
آواز حذف ٿي ويندا آهن مثلاً:
معياري لهجو
اٿم
اٿن
اٿئي
آهيان
آهن
هيس |
خيرپور، سري ۽ وچولي جو لهجو
ٿم
ٿن
ٿي
هان
هن
هس |
انهن مثالن ۾ سري، وچولي ۽ خيرپور جي لهجي ۾ فعل
جو شروعاتي سر
]
اَ[
حذف ٿي ويو آهي. اتان جي شاعرن جي ڪلام سان ڪجهه
مثال ڏجن ٿا:
مولا ڪندو شل ميلو اوهان سان، وائي ٿم وات. (سچل
سرمست)
ظاهر زهر نه ڪن ٿا ڪوئي، باطن ۾ ٿن برهه بياض.
(عثمان منگي)
جو جسم ڏسڻ ۾ آيو ٿي هيءَ تان آهي ڪونه پيو. (نانڪ
يوسف)
جالڻ جيئري جدا ٿم ڳالهه ڳري. (خير محمد فقير)
جن ڏٺو جلوو تهين جو، سو سي سدا مخمور هن،
مان نه هو پر جهيو پرينءَ کي مان سان مٺا موجود
هن.
(مولوي تاج محمد امروٽي)
ستي پئي هس کاڌم ڀڙڪو، ڪين آواز پيو کڙڪو. (مير
فيض محمد خان عاجز)
دوست اوهان جي در تي مون پيرين ڪيا هم پنڌ. (مخدوم
عبدالخالق کهڙن وارو)
نه ٿم تقويٰ نمازن، نفل، فرضن ۽ عبادت جي. (مخدوم
غلام محمد بکائي)
تو لئي سڪندي ٿيا هن سال نام خدا ڪري ملڻ جي،
منهنجي ملڻ لاءِ پهه ڪيائون وائي اها ٿن وات.
(شاهه نصير)
کورا هن کاڌل کي سڄڻ منجهه سرير. (پير ڪمال نوشهري
وارو)
حرف جر:
سنڌي زبان جي علم نحوي صورت موجب حرف جر، اسم،
ضمير، صفت کان پوءِ ايندو آهي، پر خيرپور، سري ۽
وچولي جي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ حرف جر ڪٿي ڪٿي اسم
کان اڳ ۾ استعمال ڪئي آهي. مثال طور:
کئون ترار تکي هئي ڪتابت قريب جي،
منجهئون سڀ شهر واچيندڙ ڪو لڀي.
هل ساڻ هنئين مان انهن کي ارمان ٿئي.
پيرن ۾ هيهات آتڻ واريون اتهين
ميان تائين موت ووءِ ووءِ تان نه پاريان.
ڪارڻ ڪوهيارل مٿي راهه رئان گهڻو.
موٽي اچڻ جا ٿيم ڏي سنگهارن سعيا.
سهڻن سان کي سر تئين لڳي چپ چپات،
آتڻ واريون اتهين لوٺاڻيون سا لات. (سچل سرمست)
ڪمال کي ڪيني ماري هلج مان سان. (پير ڪمال نوشهري
وارو)
ڪيفي نيڻ نصير خماري شوخ وتن منجهه شوق شڪاري.
(شاهه نصير)
سيد سرورا نظر رحمت ڪر مٿي مسمند يا سيدي.
(مخدوم الهيار ڪوٽڙي ڪبير وارو)
ڄاڻي پاڪ خدا کان روز اجل منهنجو عربي سان آهي عشق
لڳل.
(مولوي غلام رسول جتوئي)
لاڙي لهجي جو اثر:
سنڌ جي وچولي کان هيٺان ڏکڻ وارو ڀاڱو جيڪو سمنڊ
سان وڃي ٿو لڳي سو لاڙ آهي ۽ اتان جي لهجي کي لاڙي
لهجو چوندا آهن.
لاڙي لهجي تي دادرڪ ۽ دراوڙي ٻولين جو اثر تمام
گهڻو آهي ڇو جو انهن ٻولين کان متاثر ٿيل ڪافي
ماڻهو قديم زماني کان وٺي لاڙ ۾ رهيا آهن. اهو
ساڳيو اثر سنڌ جي ٻين ڀاڱن تي به ٿيو آهي. پر لاڙ
تي ان جو اثر تمام گهڻو آهي. ان کان سواءِ لاڙ جي
صوفي شاعرن جي ڪلام کان به سڄي سنڌ جا شاعر متاثر
ٿيا آهن تنهن ڪري ڪيترائي لاڙي لهجا ٻين هنڌن جي
شاعرن جي ڪلام ۾ به نظر اچن ٿا. اهو اثر خيرپوري
لهجي تي پڻ عام آهي.
حالتن جو ڦيرو:
سنڌي وياڪرڻ ۾ اسم دراوڙي ٻولين جي اسمن وانگر چئن
حالتن موجب ڦرن ٿا؛ اهي آهن حالت فاعلي، حالت جري،
حالت اضافت ۽ حالت ندا.
|