سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:25 

ساڳئي وقت تي ملڪ خان وڏي جي ڀاءُ لشڪر خان جي اولاد مان راڄو خان رند به لڏي اچي ڪامل خان جي ڳوٺ جي ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ڪامل خان ۽ راڄي خان ٻنهي کي مير علي مراد خان وٽ وڏي رسائي هوندي هئي. راڄي خان جو پڙ پوٽو راڄو خان ثاني ڪوٽ ڏيجي تعلقي جو چڱو زميندار آهي.

(ج) ڪهيرين جو خاندان: خيرپور جي ميرن وٽ ڪهيرين جي خاندان کي به اهميت هوندي هئي. هي خاندان پاڻ کي شاهه عمر قتال جو اولاد سڏرائيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ڪهيري نعمت شاهه سان گڏجي مڪران مان هجرت ڪري، بلوچستان جي علائقي ڪڇيءَ ۾ آيا هئا، جتان کين بگٽي بلوچن تڙي ڪڍيو هو ۽ هو بهاولپور ۾ وڃي رهيا هئا.

خيرپور ۾ هن خاندان وارن کي شاهاڻي به سڏيندا آهن. خيرپور جي حاڪم مير سهراب خان جو مشهور سپهه سالار گولي شاهه ڪهيري به بهاولپور مان آيو هو. مير صاحب کيس ڪوٽ ڏيجي کان اتر طرف چئن ميلن جي فاصلي تي هڪ ٽنڊو ٻڌرائي ڏنو هو، جيڪو اڄ به ٽنڊو شاهه جي نالي سان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ گولي شاهه خيرپور ۾ اچي ويٺو، جتي اڃا تائين سندس اولاد مان ڪجهه ماڻهو رهن ٿا. هو هڪ وڏو پهلوان ٿي گذريو آهي. هن 1237 هجري مطابق 1821ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ آهي.

گولي شاهه جي وفات کان پوءِ سندس فرزند غلام مرتضيٰ شاهه ميرن جي لشڪر جو سپهه سالار بڻيو. هي پنهنجي والد وانگر وڏو دلير ۽ مٿير مرد ٿي گذريو آهي. خليفي نبي بخش خان لغاري سندس تعريف ۾ ڪافي بيت چيا آهن، جن مان هيٺيان مشهور آهن:

هي گل گولي شاهه، پرکا ڪارڻ پوکيو،

ڪندو سنجهه صباح، مقابلو ميدان ۾.

___‏

مرڪايائين مير، پت پاڙيائين پانهنجي،

اهڙو مرد منير، گهر سڀاڳي سپجي.

___

سو مر مرڪي مير ملهه جنهين جو مرتضيٰ،

دٻائي دشمن کي ڪنڌ ۾ کوڙي ڪير،

هادي همه گير، هڻي ڪنڌ هٿن سان.

__

مرتضيٰ جي من ۾ وڙهڻ جي وائي،

شجاع سالم سنگتي ساڻس سپاهي،

قضا الاهي، آئي سر امير جي.

هو حيدرآبادي ميرن جي سپهه سالار سيد ڪاظم علي شاهه جو گهاٽو دوست هوندو هو. سندس شجاعت جون ڳالهيون ملڪن ۾ مشهور آهن. خيرپور جي مشهور شاعر عالم ڪربلائي جي لفظن ۾:

سر سر وارن شاهه اعليٰ امير،

ميان وزيران والا وزير.

 

ز نامداران سر نامدار.

ز شاهانيان شاهه والا تبار.

 

بهر سر بلندان او سر بلند،

بهر سرفرازان او ارجمند.

درين عالم مريد ضيغم لقا،

نباشد دگر چون غلام مرتضيٰ.

ترجمو:  هو سڀني اميرن ۾ وڏو امير هو، سڀني وزيرن ۾ سندس مرتبو وڏو هو، هو وڏن نام ڪٺين کان مشهور هو ۽ سڀني شاهاڻين ۾ عزت وارو هو، سندس سر سڀني سردارن کان اوچو هو ۽ سڀني ۾ نيڪ بخت هو. هن غلام مرتضيٰ جهڙي شينهن مڙس وانگر دنيا ۾ ڪوبه ڪونه هو.

هو کرڙيءَ جي جنگ ۾ شجاعت جا جوهر ڏيکاريندي تاريخ 18 شعبان، 1249 هجري، مطابق 1833ع تي شهيد ٿيو. کيس پنهنجي والد واري قبي ۾ دفن ڪيو ويو.

هن خاندان مان اسماعيل شاهه ۽ دائم شاهه ٻه وڏا پهلوان ٿي گذريا آهن، جيڪي پڻ کرڙيءَ واري جنگ ۾ شهيد ٿيا.

گهڻي وقت کان پوءِ غلام مرتضيٰ شاهه جي پوٽي حسين شاهه جو فرزند نور شاهه شاهاڻي مير غلام حسين خان ولد مير جان محمد خان جو مختيارڪار ٿي رهيو ۽ مير غلام حسين خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽن مير غلام رضا خان ۽ مير الهداد خان وٽ به مختيارڪار ٿي رهيو. هو هڪ وڏو هر دلعزيز ۽ مهمان نواز امير ٿي گذريو آهي، آيو ويو سندس اوطاق تان ماني پيو کائيندو هو. کيس ساري رياست جا ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هن  جهڙو سخي ۽ مهمان نواز ڪو ورلي ٿيو هوندو.

نور شاهه جو جانشين بڻيو. هن نوڪري وغيره ڪانه ڪئي، سمورو وقت پنهنجي زمين جي نگھباني ۽ آئي وئي کي ماني  کارائڻ ۽ خدمت ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. پاڙي جي غريب غربي تي هٿ ڏيندو هو ۽ هر ڪنهن کي آئي ويل ڪم ايندو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لفظن ۾ نهايت مهمان نواز، خوش خلق ۽ هڪ همت ڀريو پهلوان مڙس هو، جنهن کي ڏسي سندس وڏي ڏاڏي غلام مرتضيٰ شاهه جو خيال دل تي تري آيو . هو 1963ع ۾ ڪنهن گهرو سازش ماتحت گهر ۾ ستي قتل ٿي ويو.

هن وقت هن خاندان مان گولي شاهه ثالث ۽ حيدر شاهه زندهه آهن، جيڪي سفيد پوشي جو گذران ڪري رهيا آهن.

(ح) جانورين جو خاندان: سنڌ جا جانوري چانڊين جي هڪ شاخ مان آهن. سندن مورث اعليٰ ڌيرڻ خان چانڊيو ۽ سندس هڪ ڀاڻيجو نواب غيبي خان اول جا خاص ماڻهو هوندا هئا. هڪ دفعي هڪ ماڇي سردار کي ماري، ان جي ترار کڻي اچي غيبي خان کي ڏني هئائون، انهيءَ ترار تي ٻروچاڻي نالو رکيو ڌيرڻ خان ۽ سندس ڀاڻيجي کي جنهوري سڌيو. اهو جنهوري لفظ بدلجي جانوري ٿي ويو آهي.

هن خاندان مان علي بخش ۽ سنبڙ خان ڪلهوڙي جا درٻاري هوندا هئا. ميرن جي لشڪر م به ڪافي جانوري هئا. جيڪي کرڙي، مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگين ۾ شجاعت جا جوهر ڏيکاري شهيد ٿيا هئا .

مير علي مراد خان ٽالپر جا دربان الهداد خان ۽ گل حسن خان وڏا بهادر ٿي گذريا آهن، هڪ دفعي گل حسن خان مير غلام مهدي خان جي ماسي بيبي بخت بلند عرف الھ بچائي جي ڏيڍيءَ تي پهرو ڏيئي رهيو هو ته کيس هڪ ماڻهو ڪوٽ تان ٽپندو نظر آيو، هو ڊوڙ پائي ڏيڍيءَ ۾ گهڙي پيو، مگر مشڪوڪو ماڻهو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،  گل حسن خان خار ۾ بيبي صاحبه وٽ آيو ۽ انهيءَ ماڻهو متعلق پڇاڳاڇا ڪرڻ لڳو. بيبي صاحبه هن کي آڏيون ورنديون ڏنيون، تنهن تي هن تلوار جو وار ڪري کيس ماري وڌو ۽ پاڻ کي به طمچو هڻي ماريائين. ان تي وڏو ممڻ مچي ويو. مير غلام مهدي خان جي مرضي هئي ته ٻروچ جو لاش هنن جي حوالي ڪجي، ان تي هئرو خان جانوري ٻيا ٻروچ ڪٺا ڪري مير علي مراد وٽ ويو. جنهن کيس لاش کڻي وڃڻ ۽ عزت سان دفنائڻ جي اجازت ڏني. ان کانسواءِ گل حسن خان جي پيءُ جهان خان کي گهرئي هڪ ٻيلو جاگير ڪري ڏنو.

(خ) چانگن جو خاندان: هي خاندان بلوچن جي هوت قبيلي مان آهي. هنن جو مورث اعليٰ مٺو خان مير سهراب خان جو مصاحب ۽ پيارو امير هوندو هو. کيس هڪ سوء سوارن جو دستو هميشه ساڻ هوندو هو. هو جڏهن به خيرپور ايندو هو، تڏهن ڪونه ڪو صاحبزادو سندس استقبال ڪندو هو .

مٺو خان جو ڀاڻيجو گل محمد خان ۽ ان جو فرزند غلام قاسم خان به وڏا پهلوان هوندا هئا. مٺي خان جو پٽ باغو خان غلام مرتضيٰ شاھ ڪهيري جو گهاٽو دوست هوندو هو. کرڙي واري جنگ ۾ باغي خان جو دستو ڪهيرين جي دستي سان ڪٺو هو. انهيءَ جنگ ۾ باغي خان جا پنجاھ چانگ شهيد ٿيا هئا. پر پاڻ زندھ بچي آيو هو. کرڙيءَ جي جنگ کانپوءِ هو ڏاڍو اداس گذاريندو هو .

غلام قاسم خان جو فرزند گل محمد خان ثاني وري مير علي مراد خان جو پيارو زميندار هوندو هو. مهيني ۾ ڪم از ڪم ٻه دفعا مير صاحب جي سلام تي ويندو هو. هن جي دين محمد خان جلباڻي سان اڻبڻت هوندي هئي. هڪ دفعي مير علي مراد خان کي چئي سندس يارهن سوء جريب زمين، يارهن سوء ڏاچيون ۽ ٻه سانَ ضبط ڪرايائين، هو هڪ سٺو شاعر به هو .

باغي خان جي وفات کانپوءِ سندس پنجن پٽن مان وڏي پٽ غلام قاسم خان ثاني زمينداري جي پڳ ٻڌي. هن وقت غلام قاسم خان جو فرزند علي مراد خان پنهنجي برادري جو پريو مڙس آهي. هو ڏاڍو ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ مهمان نواز ماڻهو آهي.

(د) جسڪاڻين جو خاندان: جسڪاڻي بلوچ رندن جي هڪ شاخ مان آهن، سندن اصلي مقام لهڙي بلوچستان ۾ آهي ۽ اتي اڄ تائين سندن واھ ارگو ۽ ڦرگو مشهور آهن. هنن جو مورث اعليٰ دريا خان هالاڻي جي جنگ وقت مير سهراب خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. ۽ جنگ فتح ٿيڻ کانپوءِ شهدادپور ۾ اچي رهيو هو. جڏهن مير سهراب خان خيرپور ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، تڏهن دريا خان جسڪاڻي به پنهنجي راڄ سميت اچي خيرپور جي حدن ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو. اهو ڳوٺ ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ ڪراچي واري شاهراھ جي ڀرسان آهي. دريا خان ۽ سندس ڀاءُ نصير خان وڏا بهادر ۽ نام ڪٺيا پهلوان ٿي گذريا آهن. جڏهن کرڙيءَ جي جنگ لڳي، تڏهن ٻئي ڀائر پنهنجا فوجي دستا وٺي ميدان ۾ آيا ۽ بهادري ساڻ وڙهندي شهيد ٿيا . انهيءَ جنگ ۾ دريا خان جو عزيز ۽ وڏو پهلوان چاڪر جسڪاڻي به شهيد ٿيو . انهيءَ جنگ بلوچن جي ڪمر ٽوڙي وڌي ۽ ميرن جي به پاڻ ۾ بي اتفاقي وڌي ويئي، تنهن ڪري جسڪاڻي غير جانبدار ٿي گهر ۾ ويهي رهيا.

گهڻو وقت پوءِ هن خاندان مان مراد خان ولد غلام حسين خان، مير علي مراد خان وٽ نوڪري ڪئي ۽ ترقي ڪري مير صاحب جو خاص مصاحب بڻجي ويو. مير صاحب جو مٿس تمام گهڻو اعتماد هوندو هو، هو هڪ وڏو آزمودگار ۽ مرتبي وارو ٿي گذريو آهي. مير صاحب جي ولائت وڃڻ وقت مراد خان سياھ سفيد جو مالڪ هوندو هو ۽ صاحبزادا به هن کان ڪن هڻندا هئا، ان ڪري هن جا ڪيترائي حاسد بڻجي ويا ۽ مير صاحب ڏانهن هن جي خلاف گهڻو ڪجھ لکي موڪليائون، هي بي خبر رهيو ۽ جڏهن مير صاحب پنهنجي ملڪ ۾ موٽي آيو، تڏهن ناراض ٿي کيس گرفتار ڪرايائين، مراد خان پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجھ پاڻ پتوڙيو، مگر قدرت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ مير صاحب راضي نه ٿيو. هن کي قيد ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون ويون ۽ مهيني اندر مري ويو. سندس لاش آڻي پنهنجي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو.

(ذ) لاشارين جو خاندان: ميرن سان لاشارين جي خاندان جو تعلق تمام گھڻو رهيو آهي، مگر سندن فوجي ڪارنامن جو ڪو به حوالو ڪو نٿو ملي. هنن جي وڏن مان رئيس بهارو خان لاشاري جو نالو مليو آهي، جيڪو مير سهراب خان جا هرڻ پچائيندو هو. هو هرڻ جي سيخ ۽ گندي پچائڻ جو وڏو ماهر هو. هن جي وفات کان پوءُ سندس پٽ حسين بخش خان به اهو ئي ڪم ڪندو هو. مير علي مراد خان ۽ سندس فرزند مير فيض محمد خان مٿس گھڻو مهربان هئا. حسين بخش خان کان پوءِ سندس پٽ غلام حسين خان به مير امام بخش خان جي ايامڪاري تائين ميرن جا هرڻ پچائيندو رهيو ۽ آخري عمر ۾ رٽائر ڪري پنهنجي ڳوٺ بهارو خان لاشاري ۾ اچي رهيو. سن 1955ع ۾ وفات ڪئي.

بهاري خان جي خاندان کان سواءِ ٿر جي لاشارين مان پنجو خان ۽ سندس پٽ مير علي مراد خان وٽ حاضر باش نوڪر هوندا هئا. هڪ دفعي مير فيض محمد خان سان گڏ شڪار ڪندي مير خان جي پٽ فتح خان کي مير صاحب جي هٿان بندوق لڳي وئي ۽ هو مري ويو. مير سندس ڀاءُ پنجو خان کي هڪ جاگير عطا ڪئي.

پنجو خان جي ڳوٺ مان ٻه ٻيا ماڻهو خدا بخش خان ۽ قادر بخش خان لاشاري به مير علي نواز خان وٽ دربان هوندا هئا. انهن کان سواءِ جان محمد خان ولد مصري خان لاشاري مير صاحب جو ڪنجڪي هوندو هو.

مير علي مراد خان جي زماني ۾ لاشارين مان پليو خان ولد محمد خان لاشاري هڪ وڏي شان ۽ شوڪت وارو امير ٿي گذريو آهي. هو مير صاحب جي خاص مصاحبن مان هوندو هو. مير صاحب جڏهن ولائت ويو هو، تڏهن کيس به پاڻ سان وٺي ويو هو. هن کي مير صاحب جي طرفان پنج جاگيرون مليل هيون. کيس ست ڪوٽ هوندا هئا، جن ۾ سندس ديرا ۽ سريتون رهنديون هيون. اڄ به فيض گنج تعلقي ۾ پليو خان جي نالي سان هڪ ديهه آهي. هڪ دفعي پليي خان جي پٽ محمد خان ثاني ست خون ڪري وڌا، پر مير صاحب مقتولن جي وارثن کي دهرا دان عطا ڪري راضي ڪري ڇڏيو، ۽ پلئي خان جي پٽ موت جي منهن مان بچي ويو. پلئي خان سن 1297 هجري، مطابق 1880ع ۾ وفات ڪئي.

لاشارين جي خاندان مان هڪ محمد خان لاشاري پنهنجي عزيزن کان رسي مير علي مراد خان وٽ اچي دربان ٿيو هو. هن چانڊين مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس واحد بخش خان، شاهه بخش خان، مولا بخش خان، ۽ الاهي بخش خان نالي چار پٽ ڄاوا، ۽ چارئي مير فيض محمد خان وٽ نوڪر ٿيا. هو ميرن جي نوڪري ۾ سرائي سڏبا هئا. انهن مان الاهي بخش خان مير نواز خان وٽ پرائيوٽ عملدار هوندو هو. سندس ڀائيٽو سرائي قلندر بخش خان ولد شاهه بخش خان به وڏي حيثيت رکندو هو. مير علي نواز جي ڏينهن تائين هن جا ميرن سان تمام سهڻا تعلقات هئا. اڄڪلهه هو گوشه نشيني جي زندگي گذاري رهيو آهي.

نظاماڻين جو خاندان:- هي خاندان بلوچن جي رند قبيلي سان تعلق رکي ٿو. نظاماڻين جو مورث اعليٰ شير محمد خان مير سهراب خان سان گڏجي خير پور ۾ آيو ۽ ناري تعلقي ۾ اچي ويٺو. سندس ڪجهه عزيز لقمان جي ڀر سان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺا. شير محمد خان جو فرزند علي بخش خان پنهنجي زماني جو وڏو پهلوان ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي مير علي مراد خان، ناري جي شڪار تي ويو ته سندس ماڻهن علي بخش خان سان گهوڙن جي گاهه تي تڪرار ڪيو ۽ انهيءَ تڪرار ۾ مير صاحب جا ڪجهه ماڻهو علي بخش خان هٿان مارجي ويا. مير علي مراد خان هن کي پاڻ وٽ گهرايو. مير صاحب جي ڪئمپ ۾ تون ڇا تون ڇا تائين معاملو وڃي پهتو. علي بخش خان تلوار ڪڍي وڙهڻ لڳو ۽ اتي به ڪجهه ماڻهو ماري وڌائين. آخرڪار سندس سٿڻ تنبوءَ جي سرخ ۾ اٽڪي پئي ۽ گهرام خان مريءَ پٺيان واري ڪري علي بخش خان کي ماري وڌو. پوءِ مير صاحب پنهنجي بگهڙ نالي اٺ تي چڙهي ڀڄي ڪوٽ ڏيجي اچي نڪتو. اها ڳالهه ٻڌي مير رستم خان پنهنجي وزير اعليٰ فتح محمد خان غوري کي قرآن کڻائي علي بخش خان جي پيءُ شير محمد خان ڏانهن موڪليو، جنهن پنهنجي پٽ جو خون معاف ڪيو ۽ وڏو تڪرار دور ٿي ويو. انهيءَ واقعي کان پوءِ نظاماڻي هڪ هڪ ٿي خيرپور ڇڏي ويا ۽ سانگهڙ جي طرف وڃي رهيا. مير علي مراد خان کي ساري عمر انهيءَ سانحي جو ڏک رهيو. علي بخش خان جي شهادت جو واقعو ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي. انهن مان سارنگ فقير ڀٽ جو ڳايل منظوم قصو ملڪن ۾ مشهور ٿي ويو. علي بخش خان جي شهادت جو اثر مير رستم خان تي به پيو ۽ هو ساري عمر پنهنجي ڀاءُ مير علي مراد خان کي ننديندو رهيو.

ڀرڳڙين جو خاندان:

هن خاندان جو ميرن سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، جنهن جي ساک خيرپور جي ٻاهران ڀرڳڙين جي محلي مان ملي ٿي، پر افسوس آهي جو گهڻي ڪوشش جي باوجود مفصل احوال ملي نه سگهيو آهي. مرزا قليچ بيگ جي تحقيق موجب هن خاندان مان مدد خان ڀرڳڙي مير علي مراد خان جو خاص معتمد مصاحب هوندو هو. انهيءَ خاندان وارا مير رستم خان ۽ سندس ڀائرن جي اڻبڻت سبب خيرپور کي ئي ڇڏي ويا. مدد خان ناري تعلقي ۾ رهندو هو. هنن مان هڪ ٻيو الله بخش خان ڀرڳڙي ميرن جي حڪومت ۾ برجستو عملدار ۽ مختيارڪار ٿي گذريو آهي هن وقت به هن خاندان جا ڪجهه ماڻهو ناري تعلقي ۾ رهن ٿا.

لغارين جو خاندان:

ٻين ٻروچن وانگر لغارين جو به ميرن سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، پر افسوس اهو آهي جو هن خاندان جو سربستو احوال به ملي نه سگهيو آهي. هن خاندان جا ڪجهه ماڻهو هن وقت تائين مير واهه تعلقي ۽ ناري تعلقي ۾ رهن ٿا. هنن مان رئيس الهداد خان لغاري ڦاڙهياري وارو علي مراد خان جو خاص ماڻهو هوندو هو. مير صاحب جي اميرن ۾ هن کي خاص اهميت هوندي هئي. جڏهن مير علي مراد خان لنڊن ويو هو، تڏهن الهداد خان به مير صاحب جي فرزند مير فيض محمد خان جو ساٿي هو. لنڊن مان مير فيض محمد خان سان موٽندي جهاز ۾ انتقال ڪيائين.

هن خاندان مان هڪ ٻيو امير رئيس بختبار خان لغاري به مير علي مراد خان جو ڪاردار هو. کيس ميرن جي عملي ۾ چڱي حيثيت هوندي هئي. هو تجل جي بزرگن جو مريد هو.

پٺاڻن جا دستا: خيرپور جي ميرن وٽ ڪوبه باقاعده لشڪر ڪونه هوندو هو. وقت پوڻ تي بلوچ امير ۽ سردار لشڪر موجود ڪري ڏيندا هئا.  مير علي مراد خان جي فوج جو ڪاروبار ٻين ميرن کان علحدو هوندو هو. سندس لشڪر کي زر طلب سڏيندا هئا ۽ فوج جا سمورا ماڻهو هندستان، ڪابل، پنجاب ۽ پشاور جا هئا جن مان هر هڪ دستي کي روهيلن يا پٺاڻن جو دستو سڏيندا هئا.  انهن پٺاڻن جا دستا هيٺين سردارن جي هٿ هيٺ رهندا هئا:

1-   حافظ حڪومت خان: هي اصل ۾ ملتان جو هو ۽ هڪ سٺو فوجي سالار هوندو هو. ملتان جي حاڪمن کان ناراض ٿي بهاولپور ۾ آيو ۽ اتي به رسائي ڪانه ٿيس، تنهن ڪري خيرپور ۾ آيو ۽ مير علي مراد خان جي لشڪر ۾ نوڪري ڪيائين. مير علي مراد خان سندس سرپرستي ڪئي ۽ کيس پنهنجي هڪ فوجي دستي جو سالار مقرر ڪيائين. هو قرآن پاڪ جو حافظ ۽ باشريعت انسان هو. مير صاحب کي منجهس مڪمل اعتماد هوندو هو.

2-      در محمد خان: در محمد خان ولد محمد خان خاڪواڻي به ملتان کان خيرپور ۾ آيو ۽ پنهنجو فوجي دستو به پاڻ سان ورتيون آيو. هن خاندان جا وڏا پٺاڻن جي سدوزئي قبيلي جا پڦاٽ هئا ۽ احمد شاهه دراني جي فوج ۾ اعليٰ عهدن تي فائز هئا. مير علي مراد خان، در محمد خان کي ٽي جاگيرون ۽ پنج سئو گهوڙا ڏنا. هو گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ جادو واهڻ ۾ رهندو هو. مير صاحب جو ساڻس تمام گهڻو پيار هوندو هو. هن جا جهونا ڳڙهه جي مدارالمهام شيخ محمد بهاءَ الدين سان به گهاٽا تعلقات هوندا هئا.

در محمد خان، ميرن جي نونارين واري جنگ ۾ به شامل هو. ان کان پوءِ جڏهن مير صاحب چارلس نيپيئر سان گڏ بجار خان ڊومڪي ۽ ٻين ٻروچن تي چڙهائي ڪئي هئي، تڏهن به سندس فوجي ڪمان در محمد خان جي هٿ ۾ هئي. هن سن 1263 هجري مطابق 1847ع ۾ وفات ڪئي.

درمحمد خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ علي محمد خان سندس جانشين ٿيو ۽ مير علي مراد خان جي لشڪر جو سالار بڻيو. هن کي محمد علي، احمد علي، نجيب علي ۽ حبيب علي نالي چار پٽ هئا. علي محمد خان جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ محمد علي خان مير فيض محمد خان وٽ رساله دار ٿيو ۽ پوءِ ڪئمل ڪور جو ڪماني بڻيو. هو هڪ وڏو حڪيم هو ۽ حڪمت تي ڪجهه ڪتاب به لکيائين، جيڪي سندس وڏي پٽ امان الله خان وٽ محفوظ آهن. هن سن 1954ع ۾ وفات ڪئي. سندس وڏو فرزند امان الله خان سب انسپيڪٽر پوليس ٿي رٽائر ڪري ويو آهي ۽ ننڍا پٽ عنايت الله خان ۽ حميد الله خان سرڪاري نوڪرين ۾ آهن.

ناصر خان:-  هي پٺاڻن جي مليزئي خاندان مان هو. سندس والد احمد خان بهاولپور جي وزيرن مان هڪ هو. هڪ دفعي بهاولپور جي نواب سان اڻبڻت سبب مٿس لشڪر ڪشي ٿي ۽ هو پنهنجي خاندان سميت شهيد ٿي ويو. ناصر خان کي اتان جي رضوي سيدن پناهه ڏئي پاڻ وٽ لڪائي ڇڏيو. ٿورن ڏينهن بعد هو اتان ڀڄي مير علي مراد خان وٽ آيو، جنهن کي پنهنجي فوج جي هڪ دستي جو سالار بڻايو. هن کي به مير علي مراد خان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ عطا محمد خان فوج ۾ جمعدار ٿيو. ٿورا سال نوڪري ڪرڻ بعد مير صاحب سان ناراض ٿي ملتان هليو ويو ۽ سندس جاءِ تي هن جو پڦاٽ شاهنواز خان پوپلزئي جمعدار مقرر ٿيو.

شاهنواز خان: هي شڪارپور جي نواب سخي مدد خان جو پوٽو ۽ محمد عمر خان جو فرزند هو. مير علي مراد خان ۽ سندس پٽ مير فيض محمد خان وٽ ايمانداري سان نوڪري ڏنائين. هن 1912ع ۾ وفات ڪئي کيس حسن علي خان ۽ نواز علي خان ٻه پٽ  هئا. حسن علي خان زمينداري ۾ مشغول رهي 1948ع ۾ وفات ڪري ويو. نواز علي خان هڪ وڏو پهلوان ٿيو. کيس ملاکڙن جو مور سڏيندا هئا.

الهداد خان:- هي پٺاڻن جي مليزئي خاندان مان هو. سندس وڏا ملتان ۾ هئا، جتان الهداد خان علي مراد خان جي لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيو ۽ ٿورن ڏينهن ۾ هڪ دستي جو جمعدار بڻجي ويو. هڪ دفعي اڪيلي سر تلوار سان مقابلو ڪري شينهن ماريائين، جنهن تي مير صاحب کيس وڏو انعام ڏنو. الهداد خان جي وفات کانپوءِ سندس پٽ نبن خان، غلام مصطفيٰ خان ۽ غلام رضا خان ڪجهه وقت ميرن جي فوج ۾ رهيا ۽ جلدي رٽائر ڪيائون. نبن خان ڪجهه وقت ڪاردار به ٿي رهيو. نبن خان کان پوءِ سندس فرزند غلام رسول خان پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيو. هن وقت هو زمينداري جو ڌنڌي ۾ مشغول آهي.

سنجر خان:- هي ڪاڪڙ قبيلي مان هو ۽ احمد يار خان جو فرزند هو. ملتان مان اچي مير علي مراد خان جي فوج ۾ شامل ٿيو. کيس مير صاحب جي فوج ۾ چڱي حيثيت هوندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن بٽائي عملدار به مقرر ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مير علي مراد خان جي ولي عهد مير فيض محمد خان جي خيرپور جي ٻاهران بگري ۾ منزل هئي. اتان سنجر خان ڪجهه سوارن سان اچي لنگهيو ته ڪجهه ڌوڙ اڏاڻي، جنهن تي ولي عهد صاحب ناراض ٿيو ۽ سنجر خان کي نالائق سڏيائين. سنجر خان به کيس الٽو جواب ڏئي هليو ويو. مير فيض محمد ناراض ٿي، مير وڏي کي دانهن ڏني. مير صاحب سنجر خان کي گهرائي، ٻنهي کي ٺاهي ڇڏيو ۽ پٽ کي چيائين، ”اهڙي وفادار عملدار سان سٺو سلوڪ رکڻ گهرجي.“ سنجر خان جي وفات کان پوءِ مير فيض محمد خان سندس پٽ بهادر خان کي پاڻ وٽ نوڪريءَ ۾ رکيو ۽ کيس جاگير طور ڪجهه زمين به عطا ڪئي. بهادر خان پنهنجي پٺيان شير دل، عبدالرحمان ۽ عبدالله خان نالي ٽي پٽ ڇڏي وفات ڪري ويو. سندس پٽن مان ڪنهن به نوڪري ڪانه ڪئي.

بهادر ان جو ننڍو پٽ عبدالله خان خيرپور جي مارڪيٽ ۾ هڪ هوٽل هلائيندو هو. هو هڪ وڏو بهادر، بيباڪ ۽ آزاد خيال ماڻهو هوندو هو. تاريخ 25 مئي 1976ع تي پنهنجي هڪ نوڪر هٿان قتل ٿي ويو.

سرائي چڱا مڙس

 

1.    سرائي محمد صالح خان: خيرپور ۾ جيڪي به سرائي ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو سرموڙ سرائي محمد صالح خان خدمتگار هو. هن جو تعلق بلوچستان جي زهري قبيلي سان هو ۽ هالاڻي جي جنگ وقت مير سهراب خان سان گڏجي آيو هو. هو مير سهراب خان جي خاص صلاحڪارن مان هڪ هو. کيس تعميراتي ڪمن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. ڪوٽ ڏيجي جو مشهور قلعو احمد آباد سندس ئي نظرداريءَ ۾ تيار ٿيو. هن کي جمعو خان، خميسو خان، فاضل خان ۽ روجهو خان نالي چار پٽ هئا، جن جي پٺيان خيرپور جي سرائين جا چار مشهور قبيلا جمعاڻي، خميساڻي، فاضلاڻي ۽ روجهاڻي ٿيا. اهي چار ڄڻا مير صاحب وٽ نوڪريءَ ۾ هئا ۽ وڏي اثر رسوخ وارا امير ٿي گذريا آهن.

2.        سرائي علي گوهر خان: هي مير سهراب خان جي پهرئين وزير شير محمد خان ٻگهئي جو ڀاءُ هو. سرائي محمد صالح خان سان به رشتيداري هيس. هو پنهنجي وقت جو وڏو امير ٿي گذريو آهي. هو ڪوٽ ڏيجي واري قلعي احمد آباد جو قلعدار هوندو هو ۽ نواب به سڏبو هو. هن وٽ هڪ فوجي دستو هميشه موجود رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا فرض به ادا ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ بگٽيءَ، لشڪر خان کي لڪڻ هنيو هئائين، جنهن تي هن هڪ رات چوري قلعو ٽپي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. مير سهراب خان کيس توب جي منهن ۾ ڏئي مارائي ڇڏيو.

3.        سرائي گهنور خان: هي مير علي مراد خان جي اميرن ۾ هڪ برک ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو سخي ۽ مهمان نواز امير ٿي گذريو آهي. هن جي والد جو نالو غلام محمد خان هو. سندس اوطاق رات ڏينهن کليل هوندي هئي. هو ايڏو مهمان نواز هوندو هو، جو اڌ رات تائين مسافرن جي انتظار ۾ پنهنجي ماني به نه کائيندو هو. هن جي خيرپور جي خميساڻين سان رشتيداري هوندي هئي.

مير علي مراد خان کان پوءِ مير جان محمد خان ۽ سندس پٽن جو مختيارڪار ٿي رهيو. سندس عمر هڪ سؤ سالن کان مٿي هئي. کيس امير توڙي غريب عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، سندس تڪيه ڪلام ”الله بادشاهه“ هوندو هو. سن 1920ع ۾ وفات ڪيائين.

4.   سرائي پيارو خان: هي سرائي سيفل خان جو فرزند هو ۽ ذات جو خاصخيلي هو. مير علي مراد خان جي خاص خدمتگارن مان هو ۽ ڪوٽ ڏيجي جي شهر ۾ رهندو هو. سندس پڙ ڏاڏو سرائي غلام قاسم خان مير سهراب خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو ۽ سندس دايو ٿي رهيو هو. ان کان پوءِ سندس پٽ سرائي پانڌي خان مير سهراب خان ۽ مير رستم خان وٽ حاضر باش نوڪر ٿي رهيو. سرائي پانڌي خان کي مچندو خان، سيفل خان ۽ عبدالله خان نالي ٽي پٽ هئا ۽ ٽيئي مير رستم خان جا نوڪر هئا.


(1)  زباني احوال: الهرکيو خان ولد ڪرم خان رند، ساڪن ڳوٺ سنهڙو واهه.

(2)  “ Baluchistan Gazetteer”, Vol. VIA The Time Press, Bombay, 1907, P 44.

(1)  مزار جو ڪتبو.

(2)  نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”خليفي جو رسالو“، حوالو ڏنل آهي، ص 43، 44.

(1)  محمد عالم ڪربلائي: ”شاهنامو کرڙي فارسي“، قلمي نسخو، حوالو ڏنل آهي، ص 12.

(2)  زباني روايت: حيدر شاهه شاهاڻي، ساڪن خيرپور ميرس.

(3)  ايضاً

(1)  زباني روايت: سرائي ربنواز خان ساڪن خيرپور ميرس.

(2) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر؛ ”خليفي صاحب جو رسالو“ ، حوالو ڏنل آهي، ص 280.

(3)  زباني روايت: الهداد خان جانوري ساڪن لقمان.

(4) زباني روايت: ماستر تاج محمد خان جانوري، ساڪن ڳوٺ جانوري لڳ خيرپور.

(1) وڏن کان ٻڌل روايت : الهداد خان جانوري ، ساڪن لقمان

(2) وڏن کان ٻڌل روايت: علي مراد خان چانگ، ساڪن ڳوٺ مٺو خان.

(3) ايضاً:

(4) ايضاً

(1) زباني احوال: علي مراد خان چانگ.

(2) زباني احوال: خان بخش جسڪاڻي، ساڪن ڳوٺ جسڪاڻي.

(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”خليفي صاحب جو ڪلام“ حوالو ڏنل آهي، ص 269.

(1)  زباني احوال: پيارو خان جسڪاڻي، ساڪن ڳوٺ جسڪاڻي

(1) زباني احوال ڪوڙو خان لاشاري، ساڪن ڳوٺ بهارو خان لاشاري

(1)  زباني احوال: رئيس فتح محمد خان لاشاري، ساڪن ڳوٺ بهارو خان.

 (2) ايضا:

(3) زباني احوال: خير بخش خان مري، ساڪن ڳوٺ قافڪو.

(4) زباني احوال: سرائي مختار حسين، ساڪن ڳوٺ ڏيجي.

(1)  سارنگ فقير: ”علي بخش خان جو منظوم قصو“، ماستر هادي بخش خان جي لکيل بياض تان ورتل.

(1)  قليچ بيگ مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 176.

(2)  زباني روايت: رحمت الله خان ڦلپوٽو ساڪن محلو ڀرڳڙي.

(3)  زباني روايت: علي مراد خان چانگ، ساڪن فيض گنج تعلقو.

(4)  زباني احوال: ماستر شڪر علي خان لغاري، ساڪن ڳوٺ ڦاڙهيارو.

(5)  Postans, T: of.cit. P 231

(1)  Postans, T: op. cit. P 216.

(2)  امير علي شاهه سيد: ”خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي ص 94، 95.

(3)  زباني روايت: امان الله خان پٺاڻ، ساڪن ڳوٺ جادو واهڻ.

(4)  ايضاً:

(5)  ايضاً:

(1)  امان الله خان جو خانداني شجرو.

(2)  زباني روايت: امان الله خان پٺاڻ.

(3)  زباني روايت: شاهنواز خان پٺاڻ؛ ساڪن خيرپور.

(1)   زباني روايت: شاهنواز خان پٺاڻ، ساڪن خيرپور.

(2)  ايضاً

(3)  زباني احوال: عبدالله خان ولد بهادر خان پٺاڻ.

(1)  وڏن کان ٻڌل روايت: سرائي واحد بخش خان خميساڻي، ساڪن خيرپور ميرس.

(2)  وڏن کان ٻڌل روايت: رئيس شاهنواز خان بگٽي، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  زباني روايت: سرائي واحد بخش خان خاصخيلي، ساڪن خيرپور.

(2)  زباني روايت: سرائي واحد بخش خان خميساڻي، ساڪن خيرپور

(3)  زباني روايت: سرائي ربنواز خان رتڙ، ساڪن خيرپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org