هڪ دفعي 1219 هجري ۾ افغانستان جو بادشاهه شاهه شجاع سنڌ تي حملو ڪرڻ
ٿي
آيو ته خيرپور ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي استدعا تي
مخدوم صاحب، پير محمد راشد
۽ پير صالح شاهه راڻيپوري سان گڏجي شاهه شجاع کي
واٽ تان واپس ڪري آيو هو.مخدوم صاحب سن 1232 هجري
۾ برقو مٽايو.
مخدوم محمد عاقل جي وفات بعد سندس وڏو پٽ محمد
ضياء الدين مسند نشين ٿيو، مگر
ساڻس عمر
وفا نه ڪئي۽ ڇهن مهينن ۾ فوت ٿي ويو، ۽ سندس ننڍو
ڀاءُ مخدوم عبدالخالق ثاني گادي تي ويٺو.هو قرآن،
حديث ۽ فقہ جي علم جو وڏو ماهر هو. سنڌ جي عالمن ۾
کيس وڏي حيثيت حاصل هئي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن
مان سندس بن جلدن ۾ بياض ۽ منتخب جامع
صغير مشهور آهن.ساڍا ستٽيهه سال مخدومي جي خلافت
کي رونق
بخشي 1268 هجري ۾ رحلت
ڪري ويو. سندس وفات جو سال ”چراغ دين“ مان نڪري
ٿو.
مخدوم عبداخالق ثاني جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ
مخدوم محمد عاقل ثالث عرف مخدوم پير
محمد سجاده نشين
ٿيو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ اعليٰ درجي جو
شاعر هو.هن پنهنجي پٺيان ڪيتريون ئي تصنيفون
ڇڏيون. قرآن پاڪ جي آخري پاري جو فارسيءَ ۾ تفسير
”منبع المعاني“ ۽ ٻيا ڪيترائي حديث ۽ فقهه جا
رسالا
لکيائين، جي سندس ديني علم جي
ڪمال جو ثبوت ڏين ٿا.سندس مشهور ڪتابن تاريخ آئينه
جھان نما، چار درويش، انشائي فارسي، رياض المحافل،
ديوان غزليات، مڪتوبات ۽ انشائي مرغوبي جي مطالعي
مان سندس ادبي حيثيت جو اندازو لڳائي ٿو
سگھجي.سندس نظم خواه نثر جي تحريرن ۾ معنوي توڙِي
لفظي صنعتن جو تمام گھڻو استعمال ٿيل آهي.مثال طور
هڪ طويل خط، جيڪو پنهنجي دوست قاضي غلام محمد
ڏانهن لکيو هئائين.ان جي هر هڪ فقري مان قاضي غلام
محمد جي نالي جا عدد برآمد ٿين ٿا. سندس انتقال
تاريخ 6 شعبان، 1293 هجري تي ٿيو.
هن کانپوءِ سندس وڏي پٽ مخدوم عبدالخالق ثالث عرف
مخدوم دين محمد
مخدومي جي مسند کي زينت بخشي. هي به پنهنجن وڏن جي
سنت تي عمل ڪري، دين جي عظمت قائم رکڻ جي ڪوشش
ڪندو رهيو.هن جي ڏينهن ۾ سنڌ تي انگريزن جي حڪومت
جو تسلط قائم ٿي چڪو هو. هڪ دفعي گمبٽ تعلقي جي
ڳوٺ بهاري ۾ سڀاڳي نالي
هڪ هندوءَ
کي زوريءَ مسلمان ڪيائين، جنهن تي مير مراد علي
خان کيس جماعت سميت احمد آباد جي قلعي (ڪوٽڏيجي) ۾
پنج مهينا قيد ۾ رکيو. مخدوم صاحب جي جماعت سمهن
هڻندي بي اختيار ڪجھ بددعا جا فقرا
ڪڍيا، جيڪي حرف بحرف پورا ٿيا ۽ مير صاحب
مجبور ٿي مخدوم
صاحب کي سندس جماعت سميت آزاد ڪيو.هو تاريخ پهرين
صفر، 1316 هجري تي هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو..
مخدوم عبدالخالق ثالث جي وفات کانپوءَ سندس فرزند
مخدوم محمد عاقل رابع عرف مخدوم شفيع محمد سجاده
نشين ٿيو. هو هر دل عزيز، مهمان نواز ۽ عالم شخص
هو. اميرن توڙِي غريبن سان سندس مٺو
رستو هوند هو. ويجهڙائي ۾ ٻه پٽ نيڪ
محمد ۽ پير محمد ڇڏي وفات ڪري ويو آهي.هن وقت
مخدومي جي پڳ مخدوم نيڪ محمد کي ورثي ۾ ملي آهي.
(ب) ڪوٽڙي ڪبير جا مخدوم: ڪوٽڙي ڪبير جا مخدوم عرب
جي مشهور صديقي
قبيلي سان واسطو رکن ٿا. سندن موروث اعليٰ محمد
اسحاق پنهنجي پٽ سخي هارون سميت محمد بن قاسم سان
گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ مڪران
۾ اچي ويٺو،سخي هاورن جي اولاد مان مخدوم محمود
ڪوٽڙيءَ جي ڀرسان اچي رهيو.هو پنهنجي زماني جو وڏو
عالم
۽ معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي.مخدوم جي وفات
کانپوءِ مخدوم معرفت جي مسند تي ويٺو. هيءُ به
پنهنجن وڏن وانگر وڏوفيض جو صاحب ٿي گذريو آهي.
مخدوم محمد خان کان پوءِ سندس فرزند مخدوم محمد
ڪبير اٺين صدي هجري ۾ ڪوٽڙي جو شهر وسايو ۽ اهو
شهر سندس نالي پٺيان ڪوٽڙي ڪبير سڏجڻ لڳو. کيس
رحمت شاهه، محمد قاسم، الله دوست ۽ الهيار نالي
چار فرزند ٿيا ۽ چارئي باعمل عالم ۽ باڪمال بزرگ
ٿيا. سڄي سنڌ ۾ سندن علم ۽ فيض جو چرچو عام ٿي
ويو. مخدوم الهيار وڏو متوڪل ۽ پرهيزگار شخص هوندو
هو، جيڪو سخي الهيار جي نالي سان مشهور آهي.
مخدوم رحمت شاهه جا ٻه فرزند مخدوم وجهه الدين ۽
مخدوم عبدالاول عرف مير اول به وڏا اهل الله ٿي
گذريا آهن. مخدوم وجهه الدين کان پوءِ سندس فرزند
مخدم محمد عاقل عرف صاحبڏنو اول مخدوميءَ جي گادي
تي ويٺو ۽ معرفت جو فيض جاري رکندو آيو. مخدوم
محمد عاقل کان پوءِ سندس فرزند مخدوم يار محمد
سجاده نشين ٿيو. سندس ولادت 8 ذوالقعد، 1149 هجري
۾ ٿي ۽ وفات 1219 هجري ۾ ڪيائين.
هو ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ڄائو ۽ ميرن جي اوائلي
دور ۾ وفات ڪيائين. خيرپور جا حاڪم مير سهراب خان
سندس معتقد هوندو هو. پاڳارن جي درگاهه جو وڏو پير
محمد راشد سندس شاگرد هو. مخدوم يار محمد کان پوءِ
سندس پٽ صاحبڏنو ثاني سجاده نشين ٿيو. هي به وڏي
فيض ۽ برڪت جو صاحب هو. مخدوم صاحبڏني هڪ ٻئي
پٺيان مخدوميءَ جي گاديءَ تي ويٺا. مخدوم نور محمد
کي نرينو اولاد ڪونه هو. تنهن ڪري سندس وفات کان
پوءِ ان جو ڀاڻيجو ميان غلام قادر مسند نشين ٿيو،
جيڪو تاحال وڏڙن جا ڪک وسايو ويٺو آهي. هو هڪ وڏي
خوش خلق، مهمان نواز ۽ تاريخدان شخص آهي. سندس
صحبت ڏاڍي قربائتي آهي. هي مخدوم وجهه الدين جي
ڀاءُ مخدوم عبدالاول جي اولاد مان آهي. سندس والد
بزرگوار مخدوم عبدالاول ثاني به هڪ اهل دل درويش
ٿي گذريو آهي. سندس وفات 1909ع ۾ ٿي هئي. مخدوم
عبدالاول ثاني مخدوم عزت الله ثايءَ جو فرزند هو،
جنهن 1293 هجري ۾ وفات ڪئي هئي. مخدوم عزت الله
ثاني مخدوم عبدالواحد بن عزت الله اول بن مخدوم
عبدالاول جو فرزند هو.
(ت) لقمان جا قاضي: ميرن جي زماني ۾ لقمان شهر ۾ قاضين جا چار خاندان اچي ڪري ويٺا.انهن چئني خاندانن
۾ وڏا عالم ۽ فاِضل شخص ٿي گذريا آهن. انهن جو خاص
ڪم هوندو هو ميرن جي ٻارن کي پڙهائڻ ۽ ميرن لاءِ
بهترين ۽ نادر ڪتابن جا نسخا لکڻ.هنن جون عورتون
ميرن جي عورتن کي قرآن پاڪ کانسواءِ سنڌي ۽ فارسي
۾ به تعليم ڏينديون هيون. درس تدريس ۽ ڪتابت جي ڪم
کانسواءِ ڪجھ قاضي ميرن جا خاص مصاحب به ٿي رهندا
هئا.انهن چئن خاندانن مان ٽي قطب
شاهي ۽ علوي اعواڻ هئا ۽ هڪ روهڙي جي قريشين مان
هو.هتي هر خاندان
جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
پهرين خاندان جو وڏو قاضي گل محمد اعواڻ هو، جنهن
جا پٽ قاضي ابو طالب، قاضي محمد ڪامل مير سهراب
خان
وٽ وڏي اثر ۽ رسوخ وارا هئا.قاضِي
ابو طالب
روهڙي ، پني عاقل ۽ گھوٽڪي ۾ مختيار هوندو هو. وڏي
عزت ۽ اقبال وارو ماڻهو هو.قاضي دين محمد هڪ وڏو
عالم هو ۽ سارو وقت درس تدريس ۾ گذاريندو هو.قاضي
محمد ڪامل هڪ اعليٰ درجي جو اديب
۽ مير سهراب خان جو درٻاري شاعر هوندو هو.
قاضي ابو طالب جو فرزند قاضي گل محمد ثاني هڪ سٺو حڪيم هو.قاضي ڪامل جا ٻه فرزند قاضي عبدالصمد ۽ قاضي نواز علي پنهنجي وقت
جا سٺا عالم ۽ بهترين ڪاتب هوندا هئا. قاضي
عبدالصمد جا ٻه پٽ قاضي الهرکيو ۽ قاضي فضل محمد
ميرن جي ٻارن کي تعليم ڏيندا هئا.مير فيض خان کين
عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. قاضي نواز علي جو پٽ
قاضي احمد ۽ سندس پوٽو قاضي علي به بهترين ڪاتب ٿي
گذرياآهن.(1).
قاضين جو ٻيو خاندان قاضي محمد صادق ۽ قاضي
عبدالرحيم جي نالن سان
مشهور آهي.ٻنهي قاضين قاضي گل محمد
اعواڻ جي خاندان
سان مٽيون مائٽيون ڪيون.قاضي محمد صادق
جا ٽي پٽ قاضي عبدالغني، قاضي جمال الدين ۽ قاضي
لطف علي سٺا حڪيم ۽ بهترين خوش نويس هئا. سندن هٿ
جا لکيل ڪتاب خطاطيءَ جو بهترين مثال پيش ڪن
ٿا.قاضي عبدالغني کي قاضي غلام محمد، قاضي محمد
صادق عرف
الهڏنو ،قاضي
خدابخش ۽ قاضي نبي بخش نالي چار پٽ هئا ۽ چارئي
پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ خوش نويس هئا.قاضي خدا بخش جو فرزند
قاضي ابو طالب
ثاني آخري زماني ۾ هڪ بهترين ڪاتب ٿي گذريو آهي.هن
جو سمورو عرصو خيرپور رياست جي فارسي رڪارڊ جي سنڀال
۾ گذريو. پراڻي فارسي رڪارڊ
جو ترجمو هن کان ڪرائيندا هئا.سندس اکر
موتين جي داڻن وانگر هوندا هئا. هو هڪ سٺو شاعر به
هو ۽ سنڌي زبان ۾ سٺيون ڪافيون چوندو هو.
قاضي جمال الدين جو پٽ قاضي نور محمد هڪ فقير تن
انسان هوندو هو – سمورو وقت فقيرن جي صحبت ۾
گذاريندو هو. قاضي محمد صادق وڏي جو ڀاءُ قاضي
عبدالرحيم هڪ يگانو ۽ بي نظير عالم هوندو هو. سندس
فرزند قاضي عبدالله هڪ عالم هجڻ سان گڏ وڏو اديب
به هو. انشاء جي فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڪافي
تصنيفون ۽ تاليفون ڇڏيائين، جيڪي سندس اولاد وڃائي
ڇڏيون(2).
قاضي عبدالله جا ٽي پٽ قاضي عبدالرحيم ثاني، قاضي
ٻڍل ۽ قاضي خير محمد لاثاني حڪيم ۽ چڱا اديب ٿي
گذريا آهن. قاضي عبدالرحيم ثانيءَ جا چار پٽ قاضي
دوست محمد، قاضي شير محمد، قاضي فيض محمد ۽ ڪوڙل
به سٺا حڪيم ۽ عالم هئا. قاضي خيرمحمد جا ٽي فرزند
قاضي خدا داد عرف تڳيل، قاضي علي محمد ۽ قاضي غلام
نبي ۽ حڪمت جو ڌنڌو ڪندا هئا. قاضي علي محمد جا ٻه
پٽ قاضي محمد عاقل ۽ قاضي محمد بخش درويش صفت
انسان هئا ۽ اهي به لقمان ۾ حڪومت ڪندا هئا(1).
لقمان جي قاضين جو ٽيون خاندان قاضي سچيڏني سان
شروع ٿئي ٿو. هن خاندان وارا بلوچن جي هوت قبيلي
مان آهن. قاضي سچيڏنو ۽ سندس پٽ قاضي الهبندو،
قاضي ضياء الدين ۽ قاضي ضياء الحق اصل ۾ هالن جي
ڀرسان سالارو نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جتان مير
سهراب خان جي دعوت تي خيرپور جي ڀرسان لقمان ۾ اچي
رهيا. هنن کي مير سهراب خان ۽ مير رستم خان وٽ وڏي
رسائي هوندي هئي ۽ پنهنجي وقت جا بي نظير حڪيم ٿي
گذريا آهن(2).
قاضي ضياء الدين جو پٽ قاضي پير محمد ۽ قاضي
الهبندي جا پٽ قاضي گل محمد ۽ قاضي خوش محمد ٽيئي
نه فقط سٺا حڪيم هئا، پر پنهنجي وقت جا سٺا عالم
به هئا. قاضي پير محمد جا ٽي فرزند قاضي عبدالحق،
قاضي محمد انس ۽ قاضي احمد پنهنجي زماني جا جيد
عالم ۽ سٺا حڪيم هئا. اهي مير رستم خان جا خاص
مقرب هوندا هئا. سندس هٿن جا لکيل بياض خطاطي جا
شاهڪار آهن(3).
قاضي عبدالحق کي قاضي گل محمد ثاني، قاضي محمد
علي، قاضي محمد عباس، قاضي محمد بخش ۽ قاضي واحد
بخش نالي پنج پٽ هئا ۽ پنجئي پنهنجي وقت جي بهترين
حڪيمن مان هئا. قاضي محمد بخش کي به قاضي محمد
حسن، قاضي غلام حسين، قاضي محمد باقر، قاضي محمد
محسن ۽ قاضي اميد علي نالي پنج پٽ هئا. انهن به
پنهنجو حڪمت وارو آبائي ڌنڌو جاري رکيو(4).
قاضي محمد حسن جا ٻه پٽ قاضي سچيڏنو ثاني ۽ قاضي
عبدالحق ثاني سنڌ ۽ خيرپور رياست ۾ وڏن عهدن تي
رسيا. قاضي سچيڏنو سنڌ جي آزمودگار ڪليڪٽرن مان هڪ
هو ۽ قاضي عبدالحق سول سرجن ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي
رهيو. هاڻي به سندس اولاد سرڪاري نوڪرين ۾ آهي.
قاضي عبدالحق وڏي جو پوٽو قاضي غلام حسين خيرپور
جي پرائمري اسڪول ۾ استاد آهي.
قاضين جو چوٿون خاندان روهڙي مان آيو، جنهن جو
مورث اعليٰ قاضي محمد بقا هڪ وڏو درويش هوندو هو.
سندس فرزند قاضي محمد حسن هڪ لاثاني حڪيم ٿي گذريو
آهي. خيرپور جا سڀئي مير سندس عزت ڪندا هئا. سندس
چار پٽ قاضي محمد مسعود، قاضي علي نواز، قاضي خدا
داد ۽ قاضي غلام حيدر سڀئي پنهنجي وقت جا وڏا حڪيم
هوندا هئا. مير علي مراد خان سڀني کي پنهنجي ڪچهري
۾ گهرائي انعام ڏيندو هو. قاضي علي نواز جا ٻه پٽ
قاضي عبدالرؤف ۽ قاضي محمد حسين ثاني به لاجواب
حڪيم ٿي گذريا آهن. قاضي محمد حسين اول مير مبارڪ
خان جو خاص حڪيم هوندو هو. قاضي محمد حسين ثاني جا
ڇهه پٽ قاضي خدا داد ثاني، قاضي عبدالرؤف ثاني،
قاضي ممتاز علي، قاضي بهاء الدين ۽ قاضي علي نواز
ثاني به سٺا حڪيم هئا. قاضي خداداد ثاني جو گهڻو
وقت ڪنڌرن جي ڀرسان ٽنڊي علي آباد وارن ميرن سان
گذرندو هو. قاضي علي نواز ثاني اسي سالن جي عمر ۾
شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ ڄاوا. اهي ذڪر ڪيل سمورا
قاضي پنهنجي زماني جا مڃيا مڃايا حڪيم ٿي گذريا
آهن(1).
روهڙيءَ
جي قاضين مان قاضي جان محمد ولد حسن بخش هڪ وڏو
عالم ۽ خوش نويس هوندو هو. سندس مورث اعليٰ قاضي
جيئند اروڙ ۾ هڪ وڏو قاضي ٿي گذريو آهي. قاضي جان
محمد مير علي مراد خان جي خاص ماڻهن مان هڪ هو.
مير صاحب جڏهن لنڊن ويو هو، تڏهن قاضي صاحب کي به
پاڻ سان وٺي ويو هو لندن مان موٽڻ بعد قاضي صاحب،
سنڌي زبان ۾ هڪ سفرنامون لکيو هو، جيڪو سندس اولاد
وٽان گم ٿي ويو آهي. هن 1931ع ۾ وفات ڪئي(2).
(ث) ٽالپرن وڏن جا قاضي: ٽالپرن وڏن جي قاضين جو
خاندان نسب ۾ ايراني آهي. جڏهن هندستان جو شهنشاهه
همايون ايران ويو هو، تڏهن هن خاندان جا ڪجهه
ماڻهو پاڻ سان دهلي وٺي آيو هو. گهڻي وقت کان پوءِ
دهليءَ مان قاضي عبدالوهاب حيدرآباد سنڌ ۾ اچي
رهيو(1).
هو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم هوندو هو. کيس ولي محمد،
محمد بلال، جان محمد ۽ نالي چڱو نالي چار فرزند
هئا. انهن سڀني کي حيدرآباد جي ميرن جي سرپرستي
حاصل هوندي هئي. جڏهن مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن کي
شڪست آئي، تڏهن قاضي بلال پنهنجن ڀائرن ۽ پٽن سميت
حيدرآباد ڇڏي خيرپور ۾ آيو ۽ پنجهٽيءَ واري پاڙي ۾
اچي ويٺو. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ مير شاهنواز
خان جي جاگير ۾ اچي ملا جو ڳوٺ ٻڌايائين، جيڪو
آهستي آهستي ٽالپر وڏا جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
ڇو جو اتي ٻيا ٽالپر به اچي ويٺا. انهن قاضين،
پاڙي جي رتڙ قوم وارن مان شاديون ڪيون ۽ ان قوم ۾
ايترو ته ضم ٿي ويا، جو هاڻي سڀ رتڙ سڏجن ٿا. اهو
خاندان ٽالپرن جي شهر ۾ مير علي مراد خان جي ڏينهن
کان وٺي مير علي نواز خان جي ڏينهن تائين شاهي
طبيبن جي حيثيت سان رهندو آيو.
قاضي بلال کي الهرکيو، محمد بقا، عبدالله ۽ گل
محمد نالي چار پٽ ٿيا، چارئي سٺا حڪيم هئا. انهن
مان قاضي محمد بقا جو نالو ملڪن ۾ مشهور هو.
ڪيترائي لاعلاج هن وٽان شفاياب ٿيا. قاضي محمد بقا
جو پٽ قاضي محمد پريل حاذق حڪيم هجڻ سان گڏ هڪ اهل
درويش به هو ۽ نوشهري جي پير شاهه نصير جو مريد
هو. هو بيت ۽ ڪافي جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
سنڌ جي مشهور شاعر خير محمد فقير هيسباڻي سان
دوستي هيس. هن صفر 1301 هجري ۾ وفات ڪئي(2).
قاضي محمد پريل کي غلام حسين، غلام علي، غلام الله
۽ غلام رسول نالي چار فرزند هئا، جن مان غلام علي
۽ غلام الله حڪمت ۾ سٺو نالو ڪڍيو. قاضي غلام علي
حڪمت ۾ ڪجهه ڪتاب به تصنيف ڪيا، جيڪي سندس اولاد
وٽ محفوظ آهن. قاضي غلام علي کي غلام قادر، غلام
عباس ۽ غلام قاسم نالي ٽي فرزند ٿيا، جن مان قاضي
غلام قادر هڪ لاجواب حڪيم ٿي گذريو آهي. هن تاريخ
23 جمادي الثاني 1370 هجري مطابق اپريل 1951ع تي
وفات ڪئي(1).
هن وقت قاضي غلام قادر جو فرزند قاضي محمد حسين ۽
قاضي غلام عباس جو فرزند قاضي محمد تقي خانگي حڪيم
آهن ۽ سندن هٿن مان ڪيترائي مريض شفا حاصل ڪري چڪا
آهن.
(ج) سيٺارجن جا قاضي: سيٺارجن جا قاضي عرب جي
مشهور عباسي خاندان سان واسطو رکن ٿا. سندن وڏا
کهڙن جي مخدومن سان سنڌ ۾ آيا هئا. هنن جو مورث
اعليٰ يحييٰ سيٺارجن جي شهر ۾ ديني مدرسو کولي
ويٺو. هو هڪ وڏو عالم ۽ باڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي.
سندس وفات کان پوءِ سندس ٻه پٽ قاضي عمر دراز ۽
قاضي الهيار به پنهنجي وقت جا وڏا عارف ٿي گذريا
آهن. قاضي الهيار عالم هجڻ سان گڏ قرآن پاڪ جو
حافظ به هو. پنجاب جي جهنگ علائقي ۾ پنهنجن مريدن
وٽ وڃي رهيو ۽ وفات به اتيئي ڪيائين.
سيٺارجن ۾ قاضي يحييٰ جي مسند تي قاضي عمردراز
ويٺو. خيرپور جا مير سهراب خان ۽ رستم خان ٻيئي
کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. سندس ديني فتويٰ
کي وڏي وقت هوندي هئي. هن جا ٻه پٽ قاضي خير محمد
۽ قاضي خان محمد به وڏا درويش ۽ عالم هئا. خيرپور
جا حاڪم ۽ رعيت جا ماڻهو کيس قدر جي نگاهه سان
ڏسندا هئا. سندس ديني فتويٰ کي وڏي وقعت هوندي
هئي. هن جا ٻه پٽ قاضي خير محمد ۽ قاضي خان محمد
به وڏا درويش ۽ عالم هئا. خيرپور جا حاڪم ۽ رعيت
جا ماڻهو کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. قاضي
خان محمد کي فضل الله، نصر الله ۽ لطف الله نالي
ٽي پٽ هئا جن مان قاضي فضل الله مير فيض محمد خان
وٽ مير منشي ٿي رهيو هو هڪ اعليٰ درجي جو ڪاتب،
انشاپرداز، ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڀاءُ
نصرالله سزاولڪار ٿي رهيو ۽ لطف الله پوليس ۾
نوڪري ڪئي.
قاضي عمردراز جو جانشين سندس وڏو فرزند قاضي خير
محمد هو، جنهن کي غلام قادر، غوث بخش ۽ علي محمد
نالي ٽي پٽ هئا. ٽيئي وڏا عالم ۽ انشاپرداز هئا.
قاضي غلام قادر، غوث بخش ۽ علي محمد نالي ٽي پٽ
هئا. ٽيئي وڏا عالم ۽ انشاپرداز هئا. قاضي غلام
قادر مير فيض محمد خان جو منشي هو ۽ قاضي غوث محمد
پنهنجن وڏن جو مدرسو سنڀاليندو آيو(2).
هن وقت هي مدرسو بند ٿي ويو آهي، انهن قاضين مان
قاضي غوث محمد جو فرزند قاضي غلام قادر ثاني زندهه
آهي، ۽ ماستري جي عهدي تان رٽائر ڪيو اٿس. هو هڪ
سفيد پوش ۽ خوش خلق ماڻهو آهي.
(ح) ڪوٽ ڏيجي جا قاضي: ڪوٽ ڏيجيءَ جي قاضين جو
خاندان سيوهڻ جي صديقي قريشين سان تعلق رکي ٿو.
سندن مورث اعليٰ آخوند محمد فاضل قاضي مير علي
مراد خان جي حڪومت ۾ سيوهڻ ڇڏي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ اچي
ويٺو. هو ميرن جي ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ ڪوٽ
ڏيجيءَ ۾ نڪاح خواني به ڪندو هو. هو هڪ درويش صفت
انسان ۽ وڏو عالم هوندو هو. مير علي مراد خان کيس
ڪوٽ ڏيجي شهر ۾ گهر جي جاءِ ٺهرائي ڏني. هن ميرن
کان ڪابه زمين وغيره ڪانه ورتي. کيس ميرن وٽان
ڪافي نذرانه ملندا هئا.
قاضي محمد فاضل جي وفات کان پوءِ سندس فرزند قاضي
يار محمد درس تدريس جو سلسلو قائم رکيو. هو به
پنهنجي پيءُ وانگر هڪ وڏو متوڪل ۽ عالم شخص هوندو
هو. ڪتابت جي فن ۾ يدطوبيٰ حاصل هيس. کيس آخوند
مراد علي، آخوند دوست محمد، آخوند عزيز الله ۽
آخوند فتح الله نالي چار پٽ هئا، جيڪي علم جا
اڪابر، ۽ هر دلعزيز ماڻهو ٿي گذريا آهن. هنن مان
آخوند مراد علي ۽ آخوند عزيز الله پنهنجن وڏن وارو
پڙهائڻ جو مشغلو جاري رکيو، باقي دوست محمد ڪنڍي
دوزي جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ فتح الله پوليس ۾ نوڪري
ڪئي. هن وقت آخوند دوست محمد جو فرزند فضل محمد
سرڪاري اسپتال ۾ اسٽور ڪيپر آهي ۽ آخوند عزيز الله
جو وڏو پٽ فيض الله خان تعليم کاتي ۾ بيٽ
عملداريءَ تان رٽائر ڪري، سفيد پوشيءَ جي زندگي
گذاري رهيو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ حيبب الله خان
اسڪول ۾ استاد آهي. آخوند فتح الله جو فرزند شاهه
محمد خان انجنيئري کاتي ۾ سروير آهي(1).
(خ) راڻيپور جا قاضي: راڻيپور جا قاضي اصل ۾ ميمڻ
آهن، پر علمي قابليت ۽ ديني ڪمال سبب قاضي سڏبا
آهن. سندن مورث اعليٰ قاضي سليمان هڪ سٺو عالم ٿي
گذريو آهي. هو پنهنجي ديني ڪم سان گڏ حڪمت جو ڌنڌو
به جاري رکندو هو. قاضي سليمان جو فرزند قاضي
سچيڏنو هڪ لاثاني حڪيم ٿي گذريو آهي. کيس لقمان
ثاني ڪري سڏيندا هئا. سندس ئي عزيزن مان حافظ محمد
پڃيل قاضي به هڪ سٺو حڪيم هوندو هو. حافظ محمد
پڃيل کي عيسو، موسو ۽ هارون نالي ٽي پٽ هئا، جن
مان عيسو پنهنجن وڏن وارو حڪمت جو ڌنڌو جاري رکندو
آيو(1).
حافظ محمد پڃيل کان پوءِ سندس سؤٽ قاضي الله بخش
حڪمت ۾ وڏو نالو ڪڍيو. ڪيترن ئي لاعلاج مريضن کي
ٿورن ڏينهن ۾ نوبنو ڪري ڇڏيائين. پير غلام محي
الدين سائين کيس وڏي عزت سان ڏسندو هو. قاضي الله
بخش جو ڀاءُ قاضي واحد بخش به سٺو حڪيم هوندو هو.
واحد بخش کي در محمد، گلڻ ۽ شير محمد نالي ٽي پٽ
هئا. جن مان قاضي در محمد حڪمت ۾ چڱو نالو ڪڍيو.
قاضي در محمد هن خاندان جو آخري حڪيم هو(2).
هن وقت سندس فرزند قاضي عبدالله خان هڪ سٺو وڪيل
آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن وڏن جا طب جا ڪتاب ويهي
پڙهندو آهي، ۽ مجرب نسخا استعمال ڪندو آهي.
(د) سادات باره: هن خاندان جي نسب جو سلسلو امام
زين العابدين سان ملي ٿو. سندن وڏو ڏاڏو سيد ابو
الفرح وسطي هندستان مان آيو هو(3).
هن خاندان وارا شمس الدين التمش جي ڏينهن ۾
هندستان ۾ آباد ٿيا، جن مان سيد احمد ۽ سيد هاشم
شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ وڏي اثر رسوخ وارا هئا(4).
سادات باره جي جانشيني پاڙي مان سيد پناهه علي
شاهه تاريخ 24 شعبان 1420 هجري مطابق 1842ع ۾
خيرپور ۾ اچي فقيرانه زندگيءَ بسر ڪئي. هو وڏو
معرفت جو صاحب هو. مير سهراب خان ٽالپر کيس خيرپور
۾ هڪ عاليشان امام بارگاهه ٺهرائي ڏني. سندس وفات
کان پوءِ سندس فرزند سيد امام علي شاهه اول گاديءَ
تي ويٺو، جيڪو وڏو عالم ۽ زنده دل شخص هو. سيد
امام علي شاهه کان پوءِ سندس فرزند سيد جعفر علي
شاهه اول جانشين بڻيو. هو مير علي مراد خان جو
مقرب خاص ۽ روحاني پيشوا هوندو هو. کيس ديني
تقريبن ۽ مذهبي ڪمن جي اشاعت لاءِ رياست جي اپت
مان چاليهون حصو ملندو هو. ان کان سواءِ مير علي
مراد خان هڪ پرواني جي ذريعي حڪم ڪري ڇڏيو هو ته
خيرپور
رياست جي هر گادي نشين جي تاجپوشي واري موقعي تي،
هن خاندان کي هڪ سؤ ايڪڙ زمين ۽ ڏهه هزار رپيا نقد
ملندا رهندا. مير فيض خان ثاني جي ڏينهن تائين هن
پرواني جي باقاعده تعميل ٿيندي رهي(1).
سيد جعفر علي شاهه کي ٻه فرزند سيد علي رضا شاهه
اول ۽ سيد علي حسين شاهه نالي هئا. جيڪي پنهنجي
وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن(2).
سيد علي رضا اول جو فرزند سيد امام علي شاهه ثاني
به هڪ جيد عالم ۽ وڏو مجتهد هو. جعفري فقهه ۾ امام
علي شاهه جي فتويٰ کي آخري حرف جي حيثيت هوندي هئي(3).
سيد امام علي شاهه جو ڀاءُ سيد محمد علي شاهه هڪ
وڏي عالم هجڻ سان گڏ هڪ اعليٰ درجي جو مرثيه گو
شاعر ٿي گذريو آهي(4).
سيد علي حسين شاهه جو وڏو پٽ سيد عابد علي شاهه
شيد مير علي نواز خان ناز جو مقرب ۽ خاص ۽ درٻاري
شاعر هوندو هو(5).
سندس غزل ۽ مرثيا اردو ادب جا شاهڪار آهن. سندس
ننڍو ڀاءُ سيد جعفر علي شاهه ثاني عرف ٻڍل شاهه به
هڪ وڏ سخي مرد ۽ سخن شناس بزرگ ٿي گذريو آهي، جيڪو
هر سال پنجين محرم تي هڪ وڏي مجلس ڪرائيندو هو(1).
سيد امام علي شاهه ثاني جو فرزند سيد علي رضا شاهه
ثاني 2، آڪٽوبر، 1903ع تي ڄائو ۽ پنهنجن وڏن جي
گادي وسائي 1975ع ۾ گذاري ويو(2).
(ذ) مرزائن جو خاندان: خيرپوري مرزا ترخاني مغلن
جي خاندان سان تعلق رکن ٿا. سندن وڏا ترخانن جي
زماني ۾ ٺٽي ۾ رهندا هئا ۽ اهلبيت جي مدح ۽ سوز
خواني جي ذريعي شيعه مذهب جي تبليغ ڪندا هئا.
ڪلهوڙن جي زماني ۾ هو لڏي پراڻي خدا آباد ۾ اچي
رهيا. وري جڏهن ٽالپرن سنڌ جي حڪومت ورتي، تڏهن
هنن مان مرزا محمد فاضل بيگ ولد مرزا مهر حسن بيگ
پنهنجي فرزند مرزا مراد علي بيگ سائل سان گڏجي
خيرپور ۾ اچي مير سهراب خان ٽالپر جو مصاحب بڻيو.
ٻئي پيءُ ۽ پٽ سياسي ڪمن کان ڪنارو ڪري، خيرپور ۾
شيعه مذهب جي تبليغ ڪندا رهيا. هو وڏا مرثيه گو
شاعر هئا. شاعري سان گڏ طباعت، نقاشي ۽ خطاطي ۾ به
ماهر هئا. مرزا مراد علي بيگ سائل خيرپور ۾ 1827ع
۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس فرزند مرزا فتح علي
بيگ، مير علي مراد خان جو مصاحب بڻيو. جڏهن مير
حسن علي خان 1863ع ۾ ڪلڪتي جي قيد کان آزاد ٿي،
حيدرآباد واپس آيو، تڏهن مير علي مراد خان کان
اجازت وٺي مرزا فتح علي بيگ کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽
پنهنجو مصاحب ڪري رکيائين. ان کان پوءِ خيرپوري
مرزا حيدرآباد ۾ رهيا ۽ سندن اولاد اڄ تائين ٽنڊي
آغا ۾ مقيم آهي. ان هوندي به هنن خيرپور سان
تعلقات نه ٽوڙيا. مختلف موقعن تي خيرپور ۾ پڙهڻ
ايندا هئا. مرزا قربان علي بيگ ته حيدرآباد ڇڏي
مير علي نواز خان وٽ اچي سندس توشڪي ٿي رهيو هو.
هن خاندان سان مرزا ٻڍل بيگ مرثئي جي صنف ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ هوندو هو. سندس مرثين کي سنڌي زبان ۾ وڏي
وقعت حاصل آهي. اڄ ڪلهه مرزائن جي اولاد مان مرزا
عباس علي بيگ مشتري هڪ وڏو اديب، شاعر ۽ هر دلعزيز
ماڻهو آهي. جنهن وٽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي
ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي(1).
(ر) مهيسرن جو خاندان: ميرن وٽ ٻين عالمن، فاضلن ۽
اديبن کان سواءِ قرآن پاڪ جي ٻارهن حافظن جو عملو
به موجود هوندو هو، جن مان چار ڄڻا سفر خواهه حضر
۾ هرهڪ مير وڏي سان همرڪاب هوندا هئا ۽ باقي سندن
ٻارن ۽ مستورات کي ديني تعليم ڏيندا هئا. اهي حافظ
مهيسرن جي خاندان مان هوندا هئا ۽ سڄڻ مهيسر، رفيق
مهيسر، ۽ مهيسر وڏا جي ٽن ڳوٺن مان مقرر ٿيندا
هئا. انهن مان ڪجهه مشهور حافظن جو ذڪر ڏجي ٿو:
(i)
حافظ محمد افضل اول: هي پنهنجي زماني جو وڏو عالم
۽ قاري حافظ ٿي گذريو آهي. مير سهراب خان کيس وڏي
عزت سان ڏسندو هو، ۽ هميشه ساڻس ڪٺو هوندو هو.
سندس ديني فتويٰ کي وڏي وقعت هوندي هئي.
(ii)
حافظ سڄڻ: هيءَ به مير سهراب خان جي خاص مصاحبن
مان هوندو هو ۽ قرآن پاڪ جو قاري حافظ هو. مير
صاحب کيس خيرپور تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ ٻڌرائي ڏنو، جيڪو
اڄ تائين سندس نالي سان مشهور آهي. مير سهراب خان
کانپوءِ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جو زمانو
به ڏٺائين. اهي ٻئي حڪمران به سندس قدردان هوندا
هئا.
حافظ زين الدين: هيءُ مهيسر وڏن جي ڳوٺ جو هو ۽
مير سهراب خان جي حافظن ۾ شامل هوندو هو. سمورا
مير کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. وڏو درويش
صفت انسان ٿي گذريو آهي.
حافظ جان محمد: هيءُ هڪ وڏو عالم ۽ معرفت جو صاحب
ٿي گذريو آهي. مير سهراب خان هن جي علمي ڪمال ۽
بزرگي کان گهڻو متاثر ٿيل هو. کيس سندس سڄي ڳوٺ
تائين ڇيڙ جي معافي جو پروانو مليل هو.
حافظ عبدالقادر: هيءُ به مهيسر وڏن جي ڳوٺ جو هو ۽
مير رستم خان جي مصاحبن ۾ شامل هوندو هو. قرآن پاڪ
جي حافظ هجڻ سان گڏ، هڪ وڏو عالم به هوندو هو.
حافظ محمد افضل ثاني: هيءُ مير علي مراد علي خان
جي حافظن مان هو. وڏو عالم ۽ معرفت جو صاحب هو.
جڏهن مير علي مراد خان ٻه ڀينرون گڏ نڪاح ۾
آنديون، تڏهن احتجاج طور نوڪري ڇڏي هليو ويو. هو
فارسي زبان جو هڪ سٺو شاعر هو ۽ افضل تخلص ڪندو
هو. سندس ڪلام جو ذخيرو سندس پسماندن وٽ محفوظ
آهي.
حافظ احمد ٻيو: هيءُ رفيق مهيسر جي ڳوٺ جو هو مير
فيض محمد خان وٽ رهندو هو ۽ مستورات کي تعليم
ڏيندو هو.
حافظ جان محمد ثاني: هيءُ به مير فيض محمد خان جي
حافظن ۾ شامل هو ۽ رفيق مهيسر جي ڳوٺ جو هو. ڪجهه
وقت ڪاردار به ٿي رهيو.
حافظ محمد سليم: هيءُ سڄڻ مهيسر جي ڳوٺ جو باشندو
هو ۽ مير فيض محمد خان وٽ رهندو هو. مير صاحبن سان
گڏجي ٻه دفعا ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪري آيو. هو
مستورات جي تعليم تي مقرر هوندو هو.
(11)
حافظ عبداللطيف: هيءُ به سڄڻ مهيسر جي ڳوٺ جو هو ۽
مير احمد علي خان جي ٻارن کي پڙهائيندو هو. ميرن
کيس هڪ بهترين گهڙي انعام ۾ ڏني هئي، جيڪا اڄ
تائين سندس پسماندن وٽ موجود آهي. هو هڪ وڏو عابد
شخص ٿي گذريو آهي.
(12) حافظ جان محمد ثالث: هيءُ مير احمد علي خان
جو استاد هو ۽ وڏو فيض ۽ برڪت جو صاحب ٿي گذريو
آهي. هن جو گهڻو وقت زهد ۽ عبادت ۾ گذرندو هو ۽
وڏو پرهيز گار شخص هوندو هو. رفيق مهيسر جي ڳوٺ جو
ويٺل هو.
(13) حافظ محمد موسيٰ: هيءُ سڄڻ مهيسر جي ڳوٺ جو
هو. مير فيض محمد کان وٺي مير علي نواز خان جي
ڏينهن تائين حافظن جي عملي ۾ هوندو هو ۽ وڏو نيڪ
نمازي ماڻهو ٿي گذريو آهي.
(14) حافظ محمد عالم: هيءُ رفيق مهيسر جي ڳوٺ جو
هو. مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز خان جي
ايامڪاريءَ ۾ ميرن وٽ قرآن خواني ڪندو هو. وڏوعلم
دوست ۽ هردلعزيز ماڻهو ٿي گذريو آهي. هو بت ۾ ڀريل
هوندو هو، تنهنڪري کيس حافظ ٿلهو ڪري سڏيندا هئا(1).
(15)
مولانا غلام محمد مهيسر: هيءُ خيرپور جي مشهور
خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس والد مولانا
عبدالڪريم به پنهنجي زماني جو سٺو عالم هوندو هو.
کيس نرينو اولاد نه ٿيندو هو. هڪ دفعي پنهنجي دوست
لونگ فقير ٺوڙهي واري کان دعا گهريائين، جنهن جي
نتيجي ۾ کيس ست پٽ ڄاوا، جن مان وڏو غلام محمد هو.
سندس والد کيس ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ پورو
ڪرائي، تعلقي سانگي واري عالم مولانا عبدالقادر
صديق جي مدرسي ۾ مزيد تعليم لاءِ موڪليو ويو. اتي
مولانا غلام صديق، مولانا نور محمد ۽ مولانا گل
محمد جي سرپرستي ۾ پورا يارهن سال تعليم جي تحصيل
ڪيائين، مولانا غلام صديق کيس پيار مان”سعدي بچه“
ڪري سڏيندو هو. انهن استادن وٽان دستاربندي ڪري
پنهنجي اصل ڳوٺ ڪمال ديري ۾ اچي درس و تدريس ۾
مشغول رهيو. هن ننڍپڻ ۾ ڪجھ سبق مخدوم پير محمد
کهڙن واري کان به ورتا هئا، تنهن ڪري مخدومن جي
خاندان جو گهڻو خيال رکندو هو. مخدوم پير محمد جي
فرزند مخدوم دين محمد جي چوڻ تي کهڙن ۾ اچي رهيو ۽
پورا نو سال مخدومن جي ٻارن کي تعليم ڏنائين.
مخدوم الله بخش عباسي به مولوي صاحب جو شاگرد هو.
ان کانپوءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي،
مولوي نبي بخش کي ديني علم جي تحصيل ڪرايائين،
مولوي عبدالحق کاٽ وارو ، مولوي پير محمد فريد
آباد وارو ۽ مولوي جان محمد ڪلهوڙو گھاڙي وارو
مشهور آهن.
مولوي صاحب پنهنجي زماني جو وڏو عالم ٿي گذريو
آهي. وقت جا پير، مخدوم ۽ ٻيا عالم کيس وڏي عزت
سان ڏسندا هئا هو هڪ درويش صفت ۽ فقير تن انسان
هو، سندس لباس ڪارو ۽ جوڙيءُ جو هوندو هو. کاڌو
گهڻو ڪري ٺڪر جي ٿانون ۾ کائيندو هو. سندس ڪڍهري ۾
هميشہ الله جي ۽ رسول ؐ جي ڳالهه هوندي هئي. هر
منصب جا ماڻهو کيس پيار سان ملندا هئا، هن پنهنجي
ساري حياتي ۾ ڪنهن کي به رنج ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو.
سلطان باهو جي خليفي مولانا غلام حيدر جيڪب آباد
واري جو مريد هو. تاريخ 10 شعبان 1358 هجري مطابق
1939ع تي وفات ڪيائين انهيءَ تاريخ تي هر سال سندس
عرس ملهايو ويندو آهي
(1).
(16)
آخوند ڇٽو ڄامڙو: آخوند ڇٽو ولد غلام ڄامڙو
راڻيپور جي ڀرسان ڄامڙن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، هو هڪ
وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. راڻيپور جي پير
غلام محي الدين شاهه جو استاد ۽ سندس ديني مدرسي
جو مهتمم هوندو هو. سندس ڪلام ناصحانه قسم جو آهي.
هن پنهنجي حياتيءَ ۾ فقهه تي ڪافي رسالا لکيا.
سندس تاليف ڪيل هڪ ڪتاب ”جنت الفردوس“ راقم الحروف
وٽ محفوظ آهي. هن ڪتاب ۾ فقهي مسئلن جي تشريح آهي
(1).
(ز) خيرپور جو رضوي خاندان: هن خاندان جو مورث
اعلى سيد محمود شاهه رضوي بهاولپور رياست ۾ سرڪاري
حڪيم هوندو هو. پنهنجي ننڍي ڀاءُ دين محمد شاھ سان
ڪنهن ڳالھ تان ناراض ٿي خيرپور ۾ آيو، کيس شاهنواز
خان پٺاڻ جي معرفت مير علي مراد خان ٽالپر وٽ
رسائي ٿي ۽ خيرپور ۾ سرڪاري حڪيم ٿي رهيو. هن کي
علي احمد شاھ ۽ علي اڪبر شاھ نالي ٻه پٽ هئا
۽ ٻئي پنهنجي وقت جا حاذق حڪيم ٿي گذريا آهن. هو
وڏا پرهيزگار ۽ سٺا عالم به هئا. سيد علي اڪبر شاھ
کي شرف علي شاھ، حسن علي شاھ، دين محمد شاھ ۽
محمود شاهه نالي چار پٽ ڄاوا ۽ چارئي خيرپور ۾ سٺن
عهدن تي رهيا. شرف علي شاھ جيل جو سپرنٽيڊنٽ هو ۽
لاولد گذري ويو. سيد حسن علي شاھ تعليم کاتي ۾
ڪامورو ٿي رهيو. سيد دين محمد شاهه پوليس انسپيڪٽر
ٿي رٽائر ڪيو. هن وقت سندس ٻه فرزند علي اڪبر شاهه
ثاني ۽ شرف علي شاھ ثاني زمينداري ۾ مشغول آهن،
سيد محمود شاھ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو. هن وقت
سندس اڪيلو فرزند برڪت علي شاھ ڊاڪٽر آهي
(2).
(س) مکيه ديني عالم
مخدوم الله بخش آسي: هيءُ کهڙن جي مشهور مخدومن جي
خاندان ماڻهو هو ۽ مخدوم محمد عاقل عرف پير محمد
جو ٽيون نمبر فرزند هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو عطا
محمد هو. پر ننڍپڻ کان پيار مان کيس الله بخش
سڏيندا هئا ۽ انهيءَ نالي سان مشهرو ٿي ويو. سندس
استاد ڪمال ديري جو بزرگ ۽ عالم مولانا غلام محمد
مهيسر هو. راڻيپور جي پير غلام مهي الدين ۽ سندس
پٽ صالح
شاھ وٽ منشي هوندو هو، جتان رياست جي وزير سردار
محمد يعقوب خان کيس وٺي اچي پنهنجو رشتيدار ڪري
رکيو. سرڪاري نوڪري ۾ اچڻ بعد هائير ج امتحان پاس
ڪيائين، ۽ هيڊ منشي ٿيو. ايمانداريءَ سان نوڪري
ڏيندي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ٿيو. آخر ۾ مير امام بخش
خان جي وقت ۾ ڪجھ وقت رليف جج ٿي رهيو ۽ پوءِ مير
صاحب جي ڪئمپ جو مير منشي مقرر ٿيو.
هو هڪ وڏو حڪيم، شاعر ۽ اعليٰ درجي جو اديب ٿي
گذريو آهي. سندس تصنيفات مان تفسير تحصيل القرآن،
فوزالا سلاف، علم غيب رسول، ۽ ايسانحو جي جو حاشيو
مشهور آهن
(1).
سندس وفات 1335 هجري مطابق 1916ع ۾ ٿي
(2).
ملا محمد: ملا محمد سولنگي جو اصلي ڳوٺ سيٺارجن ۾
هو، جتي سندس والد مولوي ميول الدين بن محمد هڪ
وڏو عالم ۽ فاضل شخص ٿي گذريو آهي، سندس خاص مشغلو
دين جي تبليغ ۽ اشاعت هوندو هو. هڪ دفعي مير علي
مراد خان کيس گهرائي باران نماز پڙهرائي هئي. مير
صاحب سندس علم ۽ فضل کان متاثر ٿي، کيس نوڪري جي
آڇ ڪئي، پر مولوي صاحب قبول نه ڪئي. سندس وفات
کانپوءِ سندس پٽ ملا محمد کي مير فيض محمد خان پاڻ
وٽ ڪوٽ ڏيجي ۾ اچي رهايو. هو پاڻ سان پنهنجي سئوٽ
ملا نبي بخش کي به وٺي آيو ۽ ٻنهي سئوٽن ڪوٽڏيجي
شهر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. ٻئي ڄڻا عربي ۽
فارسي جا وڏا عالم ٿي گذريا آهن هو ميرن ۽ سرائين
جي ٻارن کي ديني تعليم ڏيندا هئا.
ملا محمد کي علي بخش، عبدالله ۽ حمز علي نالي ٽي
پٽ ۽ هڪ نياڻي غلام فاطمه هئي. هن جي وفات بعد
سندس وڏو پٽ ملا علي بخش ۽ نياڻي فاطمه ٻئي پنهنجي
پيءُ وانگر ميرن جي ٻارن کي تعليم ڏيندا رهيا. اڄ
به ڪوٽ ڏيجي ۾ سندن ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون
موجود آهن.
ملا محمد جا ٻيا پٽ عبدالله ۽ حمز علي به پڙهيل
هئا،پر پنهنجن وڏن وارو مشغلو ڇڏي سرڪاري نوڪريون
ڪيائون. عبدالله خان ڪمپائونڊر ۽ حمز علي خان
فارسيءَ جو ماستر رهيو. مال نبي بخش جو فرزند حسين
بخش به انگريزي اسڪول ۾ ماستر ٿي رهيو، ۽ 1944ع ۾
وفات ڪري ويو
(1).
مولانا حبيب الله: سنڌ جي مشهور معروف ديني مدرسي
دارالهديٰ ٺيڙهي جو بنياد وجهندڙ مولانا حبيب الله
ولد مولانا عبدالله قاضي، پنهنجي زماني جو هڪ جيد
عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ٺيڙهي جي شهر ۾
1890ع ۾ ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي
والد بزرگوار کان ورتائين، پوءِ هاليجي ۾ وڃي
مولانا حمادالله جي درس ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت کان
پوءِ پنهنجي استاد جي مشهوري سان پير جهنڊي جي
مدرسي دارالرشاد ۾ ويو ۽ شيخ الحديث مولانا محمد
صاحب وٽ تعليم جي تحصيل ڪيائين. ان کان پوءِ
ديوبند وڃي، علامه سيد انور صاحب جي درس حديث ۾
شريڪ ٿيو. اتان موٽي پنهنجي استاد حضرت حمادالله
صاحب جي سرپرستيءَ ۾ مدرسي دارالهديٰ جو بنياد
رکيائين. اهو زمانو 1332 هجري، مطابق 1911ع جو هو.
مولوي صاحب پنهنجي ساري زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذاري
ڇڏي ۽ 1958ع ۾ وفات ڪري ويو(2).
مولانا فضل الله: مولانا حبيب الله جو فرزند قاضي
فضل الله به پنهنجي والد وانگر وڏو عالم ٿي گذريو
آهي. سندس ولادت 1934ع ۾ ٿي. ديني تعليم جي لحاظ
کان درس نظامي، درس سيالڪوٽي ۽ درس ديوبندي جو
ماهر هو ۽ دنيوي تعليم ۾ مولوي فاضل ۽ ايم اي هو.
پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ مدرسي جو نائب
مهتمم هوندو هو. مولوي صاحب وڏي جي وفات کان پوءِ
مدرسي جو سارو ڪاروبار نهايت خوش اسلوبي سان
سنڀاليندو رهيو. هو نهايت هردلعزيز ۽ خوش خلق
انسان هو. 1971ع ۾ فرقه بندي جو شڪار بڻجي شهيد ٿي
ويو(3).
مولانا محمد سعدالله: مولانا محمد سعدالله هالن جي
انصاري قبيلي مان هو. مير امام بخش خان جي ڏينهن ۾
رياست خيرپور جو سني فرقي جو مفتي مقرر ٿيو. هو
پنهنجي زماني جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. کيس
حديث ۽ فقهه جي علمن تي وڏو عبور حاصل هوندو هو.
مير علي نواز خان جي ڏينهن ۾ سال 1930ع ۾ شيعن جي
هڪ ڪتاب ”پستول حيدري“ جي جواب ۾ ”توب محمدي“ جي
نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين، ان ڪتاب سبب هن جي مير
صاحب سان اڻبڻت ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس نوڪري
ڇڏڻي پيئي ۽ پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ وڃي رهيو، جتي ٻن
ٽن سالن اندر وفات ڪري ويو. رياست واري زماني ۾
دينيات تي ڪافي رسالا لکيائين. هو هڪ وڏو ڪاتب به
هوندو هو(1).
مولانا عبدالڪريم: مولانا صاحب قوم جو عباسي هو ۽
پني عاقل تعلقي جي هڪ ڳوٺ بچو ڌاريجو جو رهاڪو هو.
مولانا سعدالله جي رياست ڇڏڻ بعد خيرپور ۾ مفتي
مقرر ٿيو. هو حديث ۽ فقهه جو وڏو عالم هوندو هو.
فقهه ۾ ڪجهه رسالا تاليف ڪيائين. ون يونٽ لهڻ کان
پوءِ ممتاز ڪاليج ۾ دينيات جو استاد مقرر ٿيو.
خيرپور ۾ هڪ ديني مدرسو کوليائين. پنهنجي پٺيان ٻه
پٽ ميان عبدالرحمان ۽ حبيب الرحمان نالي ڇڏي،
تاريخ 7 جنوري 1957ع تي وفات ڪري ويو(2).
مولوي محمد صادق: هيءُ مولوي الله بخش چاچڙان واري
جو فرزند هو. سندس ڏاڏو مولوي صادق علي خواجه
فخرالدين اوجدي جو مريد هو. اهو خاندان بهاولپور
رياست جي ڳوٺ عبدالواحد کنڀڙي ۾ رهندو هو. خواجه
غلام فريد مولوي محمد صادق کي ٻالڪپڻ ۾ ئي پير
غلام محي الدين جي حوالي ڪيو هو. پير صاحب جي وفات
بعد مولوي الله بخش به راڻيپور ۾ اچي رهيو ۽ پير
صالح شاهه جو سهرو بڻيو. مولوي محمد صادق جي تعليم
به پير صالح شاهه جي سرپرستي ۾ ٿي. سندس استادن
مان مولانا عبدالغفور همايوني، مخدوم الله بخش
عاصي ۽ مولانا عبدالرؤف مشهور آهن.
هڪ هڪ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن ڪافي علمي
۽ ادبي رسالا لکيا ۽ گيتا جو منظوم ترجمو ڪيو.
سندس اردو رسالو دعوت الاعتماد مشهور آهي. ان کان
سواءِ سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام به ترتيب ڏنائين.
اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم به
هوندو هو. هو مير علي نواز خان جي خاص مقربن مان
هڪ هو(1).
مخدوم امير احمد: مخدوم الله بخش عباسي جو ڏوهٽو
مخدوم امير احمد به سنڌ جي وڏن اديبن ۽ عالمن ۾
شمار ٿئي ٿو. هو عربي ۽ فارسي جو تحصيل يافته عالم
هو. سنڌ جي مشهور عالمن حافظ محمد سليمان، مولوي
بخش علي ۽ مولوي محمد هاشم ڦلجي واري جو شاگرد هو.
قرآن پاڪ جو حافظ هو. نوشهري فيروز ۽ نوابشاهه جي
اسڪولن ۾ ڪافي وقت عربي جو استاد ٿي رهيو. 1945ع ۾
جامعه عربيه حيدرآباد جو سربراهه ٿيو. هڪ سال کان
پوءِ پرنسپال مقرر ٿيو. سندس ئي ڪوشش سان اسلاميه
ماڊرن هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ قائم ٿيو. هو جماعت
حمايت الاسلام جو به سرگرم ڪارڪن هوندو هو(2).
هن ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا ۽ ڪتاب
تاليف ڪيائين. سندس وفات 1971ع ۾ ٿي(3).
حاجي محمد عثمان: حاجي محمد عثمان ولد محمد پريل
جوڻيجو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. سندس وڏن جو ڳوٺ
ڪنڊو واهڻ ضلعو سکر هو، جتان سندس ڏاڏو مولانا
نبهندو ولد محمد هاشم لڏي اچي پريان لوءَ ۾ ويٺو.
هن شاهه حسين جي درگاهه واري مسجد ۾ پنهنجو درس ۽
تدريس جو ڪم جاري رکيو.
اهو مير رستم خان جي حڪومت جو دؤر هو. هن مير علي
مراد خان جي حڪومت وقت وفات ڪئي.
مولانا نهندو کان پوءِ سندس پوٽو محمد عثمان علم
جي زيور سان آراسته ٿيو. علم جي تحصيل بعد پيادل
حج ڪيائين. حج تان موٽندي بزرگن جون زيارتون ڪندو
بغداد ۾ آيو. اتي جي سجاده نشين سندس علمي حيثيت
کان متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. هو پنج سال
مدرسي ۾ پڙهائي پوءِ پريان لوءِ واپس آيو ۽ اتي به
پڙهائڻ جو ڌنڌو جاري ڪيائين. هو وڏو فيض ۽ برڪت جو
صاحب ٿي گذريو آهي. ڀرچونڊي جي بزرگن جو مريد هو.
مير فيض محمد خان سندس فتوائن جو قدر ڪندو هو. هن
سندس درگاهه جي لنگر لاءِ ڏهه ايڪڙ زمين جو پروانو
ڏنو. حاجي صاحب 1919ع ۾ وفات ڪري ويو(1).
سيد قاسم علي شاهه: مولوي سيد قاسم علي شاهه ولد
سيد علي شاهه ڪشمير جي رضوي خاندان سان تعلق رکي
ٿو. سندس مورث اعليٰ سيد موسيٰ مبرڪه جي مزار
ايران جي مشهور شهر قم ۾ آهي. هو ڪشمير مان لڏي،
دين جي تبليغ لاءِ ڪيترائي سال ڪوهاٽ ۾ اچي رهيو ۽
ڪوهاٽي سيد جي نالي سان مشهور ٿي ويو. وري ڪوهاٽ
مان لڏي پشاور ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتان پنجاب
جي استادالذاڪرين سيد علي شاهه جي معرفت خيرپور ۾
آيو ۽ ڪوٽ ڏيجي ۾ رياست خيرپور جو مفتي ٿي گذريو
آهي. سندس تصنيفات مان فقهه جعفريه جا ڪيترائي
رسالا ۽ حاشيه سندس پوٽي سيد محمد علي شاهه جوهر
وٽ محفوظ آهن. سرائڪي ۾ سيفل ملڪ جو قصو (منظوم)
سندس سخنوري جي ساک ڀري ٿو. مولوي صاحب هڪ وڏو
موحد ۽ مبلغ ٿي گذريو آهي. محرم شريف جي ماتمي
جلوس ۾ دهلن شرناين ۽ نغارن وڄائڻ جو رواج بند
ڪيائين ۽ مذهبي ڪمن ۾ اصلاح آندائين. علامه سيد
علي حائري ۽ سيد عبدالعلي هروي سان دوستانه تعلقات
هيس. اهي ٻئي عالم وٽس اچي مهمان ٿي رهندا هئا.
تاريخ 4 ربيع الاول 1337 هجري، مطابق 1916ع تي
وفات ڪري ويو. سندس مزار ڪوٽ ڏيجي جي شهر ۾ آهي(2).
سيد خادم حسين شاهه: هيءُ ديري غازي خان جي نقوي
خاندان مان هو ۽ رياست خيرپور جي مفتي سيد قاسم
علي شاهه جي وفات کان پوءِ مفتي بڻيو. هيءُ به هڪ
وڏو عالم ۽ پرهيزگار شخص ٿي گذريو آهي. کيس فقهه
جعفري ۾ وڏي مهارت هوندي هئي. رياست خيرپور ۾ شيعه
مذهب جو وڏو پرچار ڪيائين ۽ ماتم داري جي رسمن ۾
صلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. جعفري فقهه تي ڪجهه
رسالا لکيائين. هو هڪ وڏو خليق ۽ روادار انسان ٿي
گذريو آهي. سني مذهب وارا به هن کي عقيدت جي نظر
سان ڏسندا هئا. هن 1946ع ڌاري وفات ڪئي. پنهنجي
پٺيان باقر شاهه، طاهر شاهه ۽ صابر شاهه نالي ٽي
پٽ ڇڏيائين. جن مان ٻه سال کن ٿيندا جو باقر شاهه
گذاري ويو، باقي ٻئي ڄڻا سرڪاري ملازمت ۾ آهن(1).
سيد عبدالڪريم شاهه: هيءُ سائدي ڳوٺ جو ويٺل هو ۽
هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. علم جي دولت سان مالا
مال هجڻ سان گڏ معرفت جو صاحب به هيو. سندس ولادت
1885ع ۾ ٿي ۽ وفات آڪٽوبر 1959ع ۾ ڪيائين(2).
سندس مرشد رامپور جو مشهور بزرگ حاجي محمد مجتبيٰ
خان نقشبندي هو، جيڪو پنهنجي عمر جا آخري ٻه سال
وٽس اچي رهيو ۽ سائدي ڳوٺ ۾ دفن ٿيو. سيد
عبدالڪريم شاهه کي حيدر شاهه به سڏيندا هئا. ڪجهه
فقهه جا رسالا تاليف ڪيائين، جيڪي سندس فرزند صالح
شاهه وٽ محفوظ آهن(3).
(2).
ايضاً:
(3)
ايضآً
(1)
الله
بخش مخدوم، عاصي:
حوالو
ڏنل آهي.
(2)
لله
بخش، مخدوم، عاصي: حوالو ڏنل آهي.
(1)
زباني
احوال: ميان غلام قادر، سجاده نشين درگاهه ڪوٽڙي
ڪبير.
(2)
ابو
طالب، قاضي ثاني:”قاضيان لقمان“فارسي
۾ تعليمي مسودو، مملوڪ، قاضي صاحب جي بيوه.
(1)
ابو طالب: ثاني، قاضي: ”قاضبان لقمان،“ حوالو
ڏنل آهي.
(2)
ايضاً
(1)
ابو
طالب ثاني، قاضي: ”قاضيان لقمان،“ حوالو ڏنل آهي.
(2)
ايضاً
(3)
ايضاً
(4)
ايضاً
(1)
ابوطالب
ثاني، قاضي: ”قاضيان لقمان،“ حوالو ڏنل آهي.
(2)
زباني
احوال: قاضي شاهه بخش خان، ساڪن روهڙي.
(1)
زباني
روايت: سرائي غلام شبير خان سهاڳ، ساڪن ٽالپر وڏا.
(2)
قلمي
بياض: قاضي غلام علي خان، حوالو ڏنل آهي.
(1)
زباني
روايت: قاضي محمد حسين، ساڪن ٽالپر وڏا.
(2)
زباني احوال: قاضي غلام قادر ثاني، ساڪن سيٺارجا.
(1)
زباني
احوال: قاضي فيض الله خان، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.
(1)
زباني
روايت: لعل بخش ميمڻ، ساڪن راڻيپور.
(2)
زباني
روايت: محمد جمن ميمڻ، ساڪن راڻيپور.
(3)
احمد
بن علي: ”عمدة الطعالب عربي“ مطبع جعفري لکنئو،
1080 هجري ص 285.
(4)
Henry,
M. Elliot: “Memoirson the History,” Turbner and
Ca London, 1844, P 12
(1)
مير
علي مراد خان جو پروانو، مملوڪ سيد امام علي شاهه
ثالث.
(2)
زباني
روايت: سيد علي رضا شاهه ثاني.
(3)
ايضاً
(4)
زباني
روايت: سرائي رب نواز خان، ساڪن خيرپور.
(5)
زباني
روايت: سيد پناهه علي شاهه بڪياري، ساڪن خيرپور.
(1)
زباني
روايت: سيد پناهه علي شاهه بڪاري، ساڪن خيرپور.
(2)
زباني
روايت: سيد امام علي شاهه ثالث، موجوده سجاده
نشين.
(1)
زباني
حوالو: مرزا سلطان حيدر بيگ، ساڪن ٽنڊو آغا،
حيدرآباد.
(1)
محمود
خان مهيسر: ”مهيسرن جو احوال“ قلمي مسودو، 1976ع
(1)
عنايت الله مولانا، مهيسر: ” سوانح حيات مولانا
غلام محمد“ قلمي، 1968ع.
(1)
قلمي بياض سيد امير الدين شاهه امير گمبٽ واري تان
ورتل، مملوڪ سيد حاجي ميرڻ شاهه.
(2)
زباني احوال: سيد احمد شاھ، پرنسپال ٽريننگ ڪاليج
خيرپور.
(1)
امير احمد مخدوم: مضمون ”مهراڻ“ سوانح نمبر، ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص ص 79-80.
(2)
قلمي بياض: (خانداني جنم پتري)، مملوڪه مخدوم غلام
احمد ساڪن کهڙا.
(1)
زباني ااحوال: ماستر ممد بخش خان ساڪن ڪوٽڏيجي.
(2)
لکيل
احوال جو مسودو: ماستر نورالله ميمڻ، ساڪن ٺيڙهي.
(3)
زباني
احوال: ماستر نور محمد خان ميمڻ، ساڪن ٺيڙهي ۽
ذاتي مشاهدو.
(1)
زباني
روايت: مولانا عبدالرحمان ولد مولانا عبدالڪريم
عباسي، ساڪن پنو عاقل.
(2)
زباني
احوال: ميان عزيز الرحمان عباسي، ساڪن خيرپور ۽
ذاتي مشاهدو.
(1)
زباني
احوال: ميان محمد اظهر، مولوي صاحب جو فرزند، ساڪن
راڻيپور.
(2)
ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ: مضمون ”مهراڻ، سوانح نمبر“
حوالو ڏنل آهي. ص 244، 246
(3)
قلمي
بياض: محمد علي خداد، ساڪن خيرپور.
(1)
زباني
احوال: عبدالغفور خان جوڻيجو، ساڪن پريان لوءِ.
(2)
زباني
احوال؛ سيد محمد علي شاهه جوهر، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.
(1)
زباني
احوال: سيد طاهر شاهه، ساڪن خيرپور ميرس.
(2)
زباني
روايت: سيد صالح شاهه، ساڪن سائدو ڳوٺ.
(3)
ايضاً
|