(ت) ديوان
(1) ديوان ڀڳوانداس:
خيرپور جي ديوانن جو وڏو ديوان ڀڳوانداس ملتان جو
ويٺل هو ۽ ڪڪريجا خاندان جي نواب سورج مل جي
پيڙهيءَ مان هو. ملتان مان سنڌ ۾ اچي مير سهراب
خان وٽ مير منشي ٿيو. مير صاحب جا سمورا مراسلا
پاڻ لکندو هو. کيس مير صاحب وٽ وڏي عزت هوندي هئي
.
(2) ديوان لال داس:
منشي ڀڳوانداس جو ڀاءُ ديوان لال داس پنهنجي وقت
جو وڏو حڪيم ۽ طبيب هوندو هو. وڏي شان ۽ شوڪت سان
رهندو هو. هميشه ٻالڪيءَ ۾ چڙهندو هو ۽ ماڻهو کيس
لال داس پالڪيءَ وارو سڏيندا هئا. هو مير سهراب
خان جي خاص حڪيمن مان هوندو هو .
(3) ديوان ڀڳوان داس جا پٽ:
منشي ڀڳوان داس جا ٽي پٽ ديوان وشن داس، ديوان ڪشن
داس ۽ ديوان ڪانسنگھ به اڳ ۾ مير رستم خان جا ۽
پوءِ مير علي مراد خان جا منشي هوندا هئا. ٽنهي
مان منشي ڪشن داس جو اثر وڌيڪ هو. مير علي مراد
خان جڏهن پنهنجي وزير شيخ علي حسين تي ناراض ٿيو.
تڏهن ان جي جاءِ تي وزارت جي چارج منشي ڪشن داس کي
ڏنائين. هو شاعر به هو ۽ بيڪس تخلص ڪندو هو. سن
1975ع ڌاري پيرسني سبب گوشه نشين ٿي ويٺو.
(4) ديوان ڪانسنگھ جا پٽ:
منشي ڪانسگهه جا چار پٽ ديوان اتمچند، ديوان سجان
سنگھ، ديوان چندا سنگھ مفتون، ۽ ديوان مولرام، مير
علي مراد خان جا خاص معتمد ۽ وڏي اثر ۽ رسوخ وارا
ماڻهو هئا. کين خيرپور جي حڪومت جا چار عناصر سڏيو
ويندو هو. مير صاحب جي پٽن کان پوءِ انهن کي وڏا
وڏا ۽ جوابداري جھڙا عهدا هئا. بلڪ حڪومت جو سارو
ڪارخانو انهن جي حوالي هوندو هو .
منشي سجان سنگھ صلح پسند، ۽ نرم طبع جو ماڻهو هو.
منشي اتمچند صاف دل، پرهيز گار ۽ رعب وارو مدبر
هو. فارسيءَ سان گڏ قرآن ۽ حديث جي علمن مان به
واقف هو. هو هڪ سٺو شاعر به هو ۽ صبا تخلص ڪندو
هو. کيس ”بلبل بوستان خيرپور“ سڏيو ويندو هو .
منشي چندا سنگھ انگيزي دان، تيز فهم، انشاء پرداز،
قائدي ۽ حاضر جواب شاعر هو. سندس تخلص مفتون هوندو
هو .
منشي وشن داس جو پٽ ديوان منگھارام مير علي مراد
خان جي خاص ديري عالي سرڪار جو ساري عمر مختيارڪار
ٿي رهيو آهي .
(ر) ٻيا ديوان:
مٿي ذڪر ڪيل ديوانن کان سواءِ سندن عزيزن مان
ديوان پرتابراءِ ۽ ديوان لکميچند به مير رستم خان
جي وقت ۾ وڏي اقتتدار وارا وڪيل ۽ سفير هوندا هئا
.
مير سهراب خاب جي خزابي جو علمدار ديوان دنيچند
هوندو هو، جيڪو حساب ڪتاب جي ڪم ۾ تمام هوشيار
هوندو هو ۽ سڀني ڪامورن کان سرڪاري خرچ پکي جو
حساب وٺندو هو .
ديوان واڌو مل مير سهراب خان جو مختيارڪار هوندو
هو، جنهن کي کهڙن جي مخدومن زوري مسلمان ڪيو هو.
مير علي مراد خان جي خزاني جو علمدار ديوان
پرتابراءِ هو، جيڪو ڪامورن جي حساب ڪتاب جي چڪاس
به ڪندو هو ۽ مير صاحب جي سموري خرچ پکي جو بندبست
به رکندو هو .
شڪارپور جو ديوان هوت سنگھ مير علي مراد خان جو
مختيارڪار هوندو هو، جيڪو مدارالمهام مير خان محمد
خان کان سواءِ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍندو هو، ۽ ننڍا
وڏا ڪامورا هن کان ڪن هڻندا هئا .
ديوان هوت سنگھ کانپوءِ سندس پٽ ديوان کٽڻ سنگھ
مير علي مراد خان وٽ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جيڪو
ترقي ڪري مختيارڪاريءَ جي عهدي تي وڃي پهتو. مير
فيض محمد خان جي ڏينهن ۾ هو ڪئمپ شاهي جو نائب
وزير هوندو هو .
باب تيرهون
فوجي سردار ۽ سرائي
مري جو خاندان:
مري بلوچ اصل ۾ رند آهي. مري جو لقب کين رندن جي
سردار مير چاڪر خان ان وقت ڏنو هو، جڏهن هو مغل
شهنشاھ همايون جي مدد لاءِ وڃي رهيو هو، مرين جي
مورث اعليٰ بجار خان مير چاڪر خان سان گڏجي وڃڻ
کان انڪار ڪيو هو، ۽ هن کيس ’مري‘ يعني ضدي سڏيو
هو. ان وقت کان وٺي بجار خان ۽ سندس راڄ مري سڏجڻ
۾ آيا .
مرين کي ميرن جي حڪومت ۾ وڏي اهميت هوندي هئي. هو
نه فقط فوجي سردار پر ميرن جا رشتيدار به هوندا
هئا. سندن وڏو ڏاڏو حاجي خان ولد نمي داد خان
ڪاهان مان لڏي سنڌ ۾ آيو هو. هو ٽالپرن جي مورث
اعليٰ مير سليمان خان عرف ڪڪو خان جو سهرو هو. کيس
هيٺين نالن سان اٺ پٽ هئا: مستي خان، جعفر خان،
ابراهيم خان، حيدر خان، شادي خان، دولت خان ۽ شڪل
خان. انهن جو اولاد حاجي زئي جي نالي سان مشهور
آهي.
(1)
مير حاجي خان:
مير حاجي خان سنڌ ۾پنهنجي برادري جا ٻيا پاڙا به
وٺي آيو هو، جن مان ڳهڻي پوٽا، ڏاهياڻي، بڊاڻي،
هيسباڻي، بنگل زئي، ڪنگراڻي. شيراني ۽ لهراڻي
مشهور آهن.
حاجي زئي مرين مان ڪيترائي بهادر ٿي گذريا آهن جن
هالاڻي، کرڙي مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگين ۾ پنهنجي
شجاعت جا جوهر ڏيکاريا هئا. سجاول خان، قائم خان ۽
جلال خان هالاڻي جي جنگ جا سورما هئا. کرڙيءَ جي
جنگ ۾ محبت خان، گل حسن خان ۽ جھان خان وڏا
ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگين
۾ گهنور خان، خير محمد خان ۽ ڪمال خان ڪم آيا هئا.
مطلب ته هي قبيلو سنڌ جي ميرن جو رشتيدار ۽ جانثار
هو ۽ هر طرح سندن سڏ تي لبيڪ چوڻ وارو هو. هتي ڪجھ
مري سردارن جو مختصر احوال ڏجي ٿو:
(1)
اميد علي خان:
هي شڪل خان جو پوٽو ۽ الهداد خان جو فرزند هو. هڪ
دفعي پنهنجي ڀائرن کان ناراض ٿي پنجاب هليو ويو ۽
راجا رنجيت سنگهه سندس بهادري جي ڪارنامن کان
متاثر ٿي چيو ته ”اوهان جي ملڪ ۾ تو جهڙا پهلوان
به آهن يا نه؟“ امير علي خان جواب ڏنو ته ”اسان وٽ
اهڙا پهلوان آهن، جن مون جهڙي ماڻهو کي چيلهه سان
جتي ٻڌرائي ڇڏي آهي“.
(2)
مستي خان ثاني:
هي حاجي خان جي پوٽي بهادر خان جو فرزند هو.
پنهنجي ڀائرن شهه علي خان، ڌڱاڻي خان ۽ بختيار خان
سان گڏجي مير سهراب خان وٽ آيو ۽ ٽنڊو مستي خان
نالي ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ٽنڊي آدم جو شهر سندس وڏي ڀاءُ
قائم خان جي پٽ آدم خان ٻڌرايو هو. آدم خان کي
مريد خان ولد جلال خان شهيد ڪيو هو ۽ هن کي پٽ جو
اولاد ڪونه هو، تنهنڪري آدم خان واري پڳ به مستي
خا ٻڌي. مير سهراب خان ۽ ٻيا مير سندس وڏو قدر
ڪندا هئا. هو جنگ جي وقت مير صاحب کي وڏو لشڪر
مهيا ڪري ڏيندو هو. کيس محبت خان، عطر خان، گل حسن
خان ۽ علي محمد خان نالي چار پٽ هئا، جيڪي پنهنجي
وقت جا وڏا بهادر ٿي گذريا آهن.
(3)
محبت خان:
مستي خان جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ محبت خان
مري بلوچن جو سردار ٿيو. هو کرڙيءَ جي جنگ ۾ وڏي
بهادري سان وڙهيو هو. کيس ’روجھي، ’هزار نار‘ نالي
ٽي مشهور گھوڙيون هونديون هيون سندس تلوارن مان ’
باور‘ ۽ ’ڪڙاڪڙٽ‘ مشهور آهن. نونارين واري مشهور
جنگ وقت مير علي مراد خان وٽس ميڙ ٿي آيو هو ته هو
سندس طرف کان لڙائي تي هلي، پر محبت خان کيس جواب
ڏنو ۽ مير رستم خان جي خلاف نه ٿيو. آخر ڪار گھڻن
منٿن تي پنهنجي خاندان سميت پنهنجو شهر ڇڏي
ٻيراني طرف هليو ويو ۽ ڀائر جي لڙائي ۾ پاڻ کي
ملوث نه ڪيائين. جنگ ختم ٿيڻ تائين مهيني کان
پوءِ موٽي آيو.هن تاريخ 27 جولاءِ، 1956ع تي وفات
ڪئي
.
(4)
گل حسن خان:
هي محبت خان جو ننڍو ڀاءُ هو. نيڪ خصلتن ۽ اعليٰ
ڪرادار جو مالڪ هو ۽ بلوچي روايتن قائم رکڻ ۾
وڏي ڪوشش ڪئي.مير رستم خان پيار مان کي کيس پنهنجو
پٽ سڏيندو هو-عين جواني جي وقت سندس شادي ٿيڻ
واري هئي ۽ سندس ڳانو ٻڌجي چڪو هو، ته کرڙي جنگ جو
نقارو وڳو ۽ بلوچ سردارن کي جنگ جو سڏ ٿيو. هي
مانجهي مرد شادي ڇڏي ڀائرن سان گڏجي جنگ جي ميدان
۾ آيو ۽ بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو. سندس شهادت
کان متاثر ٿي ڪنهن چئي ڏنو ته ”گل حسن گل ٿيو جنهن
مستي ملهايو“. سندس شهادت 1834ع ۾ ٿي.
(5)
مير محمد خان اول:
محبت خان جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ مير محمد
خان اول بلوچن جو پڳدار ٿيو. هو هڪ جرات وارو بلوچ
سردار هو. وقت جا حاڪم کيس وڏي عزت سان ڏسندا هئا.
انگريزن به سندس جاگيرون بحال رکيون ۽کيس قدر جي
نگاهه سان ڏٺو. وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي. غريب
غربي جي سنڀال لهندو هو. پاڙي جا زميندار ۽ هاري
ناري مٿس عاشق هوندا هئا.
هو بنا اولاد جي گذاري ويو، تنهنڪري پڳ سندس ڀاءُ
علي محمد خان تي آئي. هن وقت علي محمد خان جو
فرزند مير محمد خان ثاني مري بلوچن جو سردار آهي ۽
سندس عمر هڪ سو ورهين جي قريب آهي، وڏو هر دلعزيز
۽ سخن جو سچو ماڻهو آهي. پراڻين روايتن قائم رکڻ
جي وڏي ڪوشش ڪندو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ مستي خان
ثالث به هڪ مٺڙو ماڻهو آهي.
(6)
مريد خان:
هي بهار خان جي ڀاءُ جلال خان جو پٽ هو. ۽ وڏي شان
۽ شوڪت وارو امير ٿي گذريو آهي. هو مير سهراب خان
جو سهرو ۽ مير علي مراد خان جو نانو هو. کيس ميرن
وٽ وڏي عزت هوندي هئي. ٻيا سردار ۽ وزير به هن کي
عزت سان ڏسندا هئا. کيس نظر علي خان، جلال خان،
صوڀو خان، ڪرم خان ۽ مهر علي خان نالي پنج پٽ هئا،
جيڪي وڏا بهادر ۽ بيباڪ امير ٿي گذريا آهن.
(7)
نظر علي خان:
مريد خان کانپوءِ برادري جي پڳ سندس وڏي پٽ نظر
علي خان تي آئي. هن ٽنڊي نظر علي خان جو شهر
ٻڌاريو. هن کي صوڀو خان نالي هڪ پٽ ڄائو، جيڪو
سندس زندگي ۾ وفات ڪري ويو، تنهن ڪري هن جي مرڻ
بعد سندس ڀائٽي گل محمد خان کي پڳ ٻڌرايائون. گل
محمد خان جي ٻن پٽن حسين بخش خان ۽ قلندر بخش خان
هلڪڙائي ڪري هڪ بلوچ سردار بهاول خان جي بي عزتي
ڪري ٽوپي لاهي ورتي، جنهن جي نتيجي ۾ مري بلوچن جي
ٽوپين واري جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪافي خون خرابو ٿيو.
اڃا به وڌيڪ فساد پوڻ جو انديشو هو، پر مير علي
مراد خان وچ ۾ پئي، ڌرين جو صلح ڪرائي ڇڏيو.
(8)
نهال خان:
هي حاجي خان وڏي جي پوٽي زنگي خان ولد جعفر خان جو
پٽ هو. سندس پاڙو جعفراڻي سڏبو آهي. هو پنهنجي
پاڙي جو پريو مڙس ۽ وڏي اثر رسوخ وارو سردار ٿي
گذريو آهي. خيرپور تعلقي ۾ ٽنڊو نهال خان
ٻڌرايائين. اهو شهر روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد ڦٽي زبون
ٿي ويو آهي. هو وفات وقت الله بخش خان ۽ شير خان
نالي ٻه پٽ ڇڏي ويو.
(9)
عالم خان:
هيءَ نهال خان جي ننڍي ڀاءُ جهان خان اول جو فرزند
هو. مير سهراب خان ۽ مير رستم خان جي اميرن ۾ وڏي
حيثيت وارو ماڻهو هو. کيس فوجي جرنيلن ۾ اهميت
هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا ڪم به سرانجام
ڏيندو هو. جڏهن ميرن شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو هو،
تڏهن عالم خان، خيرپوري ميرن طرفان اتان جو ناظم
مقرر ٿيو هو. کرڙيءَ جي جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شجاع
الملڪ جي محالڪار حاجي هدايت الله خان سان جنگ
ڪندي شهيد ٿيو. سنڌ جي مشهور شاعر خليفي نبي بخش
لغاري کرڙيءَ جي شهيدن جي تعريف ڪندي، عالم خان
لاءِ چيو آهي ته ”ظاهر بت بشر جو سڀني اندر
شينهن“.
(10)
جهان خان ثاني:
هي عالم خان شهيد جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ کان
به وڌيڪ بهادر ۽ جري مرد ٿي گذريو آهي. پنهنجي
والد جي شهادت کان پوءِ حاجي هدايت الله خان تي
لشڪر ڪشي ڪري ان کي قتل ڪيائين. ٻئي ڏينهن تي
پنهنجن پنجاهه سٺ بهادرن سان گڏ کرڙي جي جنگ ۾
گهڙي پيو. بلوچن جي رسم موجب جهان خان ۽ سندس
ساٿي، پاڻ کي هڪ ٻئي سان ڏانوڻن ۾ ٻڌي، تلوارون
هلائڻ لڳا ۽ دشمن جي فوج جا ڪيترائي ماڻهو ماري
شهيد ٿيا. شجاعت نشان جهان خان جي بهادري تحسين
جوڳي هئي. هو دليري جي ديوان جي غزل جو شاهه فرد ۽
بهادري جي قصيدي جو مطلع هو.
خيرپور جو مشهور شاعر عالم ڪربلائي جهان خان جي
تعريف ۾ لکي ٿو:
جهان خان جهان را به حيرت فگند، |
که بيخ درخت ديو سان بکند، |
چو حر شهيد از جهان فنا، |
روان شد روانش به عالم بقا، |
چو او در جهان کيست شمشير زن |
پرچون پدر شد زهي صف شکن. |
ميان شجاعات ماهه لقا،
منورچون خورشيد شد درسها. |
ترجمو: جهان خان جهان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ۽
خبيثن جي وڻ جي پاڙ پٽي ڇڏيائين. هو بقا جي ملڪ
ڏانهن حر شهيد وانگر ويو. هو بهادرن جي وچ ۾ چنڊ
وانگر هو ۽ سج جهڙو روشن هو.
(11)
ڌڱاڻو خان:
هي ٽنڊي مستي خان جي باني رئيس مستي خان جو ڀاءُ ۽
بهادر خان جو فرزند هو. جڏهن مستي خان ثاني پنهنجو
ٽنڊو ٻڌو، تڏهن ڌڱاڻو خان به ڀرسان هڪ ڳوٺ ٻڌي
ويٺو. هو هڪ وڏو پهلوان ۽ بيباڪ مرد ٿي گذريو آهي.
بڪيرن جي سادات جو مريد هو. کرڙيءَ جي جنگ ۾
پنهنجي ڀائٽي محبت خان سان گڏجي لڙيو هو ۽ ڏاڍا
شجاعت جا جوهر ڏيکاريا هئائين. نونارين واري جنگ ۾
مير رستم خان جو طرفدار هو. سندس پوٽو غلام علي
خان ولد غلان نبي خان ميرن جو ڪاردار هو ۽ وڏي
جرات وارو سردار هو. غلا علي خان جو فرزند رئيس
رسول بخش خان به هڪ پڙهيو لکيو ۽ قربدار ماڻهو ٿي
گذريو آهي. رئيس رسول بخش خان ڪوشش وٺي مري خاندان
جو شجرو تيار ڪيو جيڪو هن وقت سندس وڏي فرزند غلام
الله خان وٽ محفوظ آهي.
(ب) بگٽين جو خاندان:
مير سهراب خان جي لشڪر ۾ بگٽي بلوچن جو هڪ علحدو
دستو هوندو هو، جنهن جو سالار سونو خان ولد کنگهر
خان هوندو هو. بگٽي بلوچ مير سهراب خان سان هالاڻي
جي جنگ ۾ گڏجي آيا هئا، جتي پنهنجي بهادري جا جوهر
ڏيکاريا هئائون. مير سهراب خان کي سوني خان جي
ٻانهن، بگٽين جي سردار محراب خان کان ملي هئي.هو
بلوچستان ۾ بگٽين جي کلپر پاڙي سان تعلق رکندو هو.
سندس ڏاڏي جو نالو سندر خان هو، تنهنڪري سنڌ ۾
سندراڻي سڏايائين.
سوني خان جا ڀائر پيارو خان ۽ فقير محمد خان وڏا
دلير مرد ٿي گذريا آهن. سندس سؤٽ غلام علي خان به
ميدان جو مرد هوندو هو. مير سهراب خان انهن چئني
جوڌن کي ڪوٽ ڏيجي شهر جي ٻاهران هڪ ڳوٺ ٻڌي ڏنو.
ڪوٽ ڏيجي جي ٻاهرئين ڪوٽ جي چئني دروازن تي انهن
چئن بگٽين جو پهرو هوندو هو ۽ چارئي دروازا سندن
نالن سان سڏبا هئا. کرڙي جي جنگ وقت غلام علي خان
زندهه هو ۽ پنهنجي بگٽين جي دستي سان جنگ ۾ حصو
ورتو هئائين. هن جنگ ۾ نو سؤ بگٽي شهيد ٿيا هئا ۽
غلام علي خان زندهه موٽيو هو.
سوني خان جي دستي ۾ لشڪر خان نالي هڪ سپاهي به وڏو
بهادر ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي ڪوٽ ڏيجي واري قلعي
جي نواب علي گوهر خان کيس ڪنهن ڳالھ تان ناراض ٿي
هڪ لڪڻ هنيو هو. ان تي هن نواب صاحب کي انتقام وٺڻ
جو چئلينج ڪيو هو ۽ رات جو چوريءَ قلعي تي چڙهي هن
کي ماري آيو هو. مير سهراب خان کيس توب جي منهن ۾
ڏئي مارائي ڇڏيو .
ان کان پوءِ پياري خان جو پوٽو الهڏنو خان ولد
موٽڻ خان ميرن جي نوڪريءَ ۾ آيو ۽ پوليس ۾ صپنيدار
ٿي رهيو. هو هڪ وڏو جفاڪش ۽ ڪرڙو ڪامورو ٿي گذريو
آهي. مير علي نواز خان جي ايامڪاري ۾ سن 1934ع ۾
وفات ڪري ويو . هن وقت الهڏنو خان ثاني هوائي سروس
۾ هڪ برجستو ڪامورو آهي.
بگٽي بلوچن مان رهاڻ خان نالي هڪ ماڻهو مير احمد
علي خان ٽالپر جي ڏيڍيءَ تي دربان هوندو هو، جيڪو
پڻ وڏو پهلوان ۽ مٿير مرد ٿي گذريو آهي .
(ت) چانڊين جو خاندان:
سنڌ ۾ چانڊيا سڀني ٻروچن کان اڳ ۾ آيل آهن،
لاڙڪاڻي وارو سارو علائقو سنددن سرداري ۾ هوندو هو
.سندن سردار نواب غيبي خان، مير سهراب خان جو
گهاٽو دوست هوندو هو. هڪ دفعي نواب غيبي خان جي
راڄ جا ٻه ماڻهو احمد خان ۽ محمد خان گهوڙن گهمائڻ
جي شوق ۾ خيرپور ۾ آيا ۽ مير سهراب خان کي پنهنجي
شهسواريءَ جا اعليٰ ڪرتب ڏيکاريائون. مير صاحب
ٻنهي ڀائرن تي راضي ٿيو ۽ نواب صاحب کان سندن
ٻانهن وٺي، کين پنهنجي فوج ۾ رکيائين. کين پريالوء
جي ڀرسان ڪجهه زمين به ملي، جتي هو ٽنڊو حيدر نالي
ڳوٺ ٻڌي ويٺا. ٻئي ڀائر وڏا بهادر ۽ تلوار جا ڌڻي
ٿي گذريا آهن. مير سهراب خان جو سپهه سالار گولي
شاهه سندن وڏو قدردان هوندو هو ۽ محمد خان کي
پنهنجو پٽ سڏيندو هو. جڏهن 1933ع ۾ سکر ۾ کرڙي جي
جنگ لڳي، تڏهن محمد خان پنهنجي پٽن گل علي خان ۽
شفاعت علي خان سان گڏ اوڻونجاهه ماڻهن جو فوجي
دستو وٺي ميرن جي سپهه سالار غلام مرتضيٰ شاهه
ڪهيري جي لشڪر ۾ اچي شامل ٿيو ۽ شجاعت جا جوهر
ڏيکاريندي پنهنجن پٽن ۽ ماڻهن سميت شهيد ٿيو. ان
کان پوءِ گل علي خان شهيد جو پوٽو بخشڻ خان ولد
محمد خان پنهنجو پراڻو ڳوٺ ٽنڊو حيدر ڇڏي خيرپور ۾
اچي ويٺو. بخشڻ خان ۽ سندس سؤٽ همت علي خان ٻئي
ڄڻا ميرن جي درٻار امير هوندو هو. سندس ٻه پٽ غلام
علي خان ۽ سردار خان پوليس جي نوڪريءَ ۾ ڀرتي ٿيا
۽ سب انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيائون. هن وقت ٻئي ڄڻا
زمينداريءَ ۾ مشغول آهن. همت علي خان جو پوٽو
امداد علي ولد فيض علي خان انجنيئري کاتي ۾ داروغو
هوندو هو.
چانڊين جي خاندان جو هڪ ٻيو امير رئيس صوڀو خان به
لاڙڪاڻي مان لڏي مير رستم خان وٽ اچي فوج ۾ شامل
ٿيو هو. مير صاحب کيس گمبٽ تعلقي ۾ ڪجهه زمين ڏني
هئي. هيءَ به ميرن جي طرفان کرڙيءَ جي جنگ ۾ شريڪ
ٿيو ۽ زندهه بچي آيو. وري جڏهن 1842ع ۾ ميرن جي
نونارين واري گهرو لڙائي لڳي، تڏهن مير رستم خان
جي طرفان لڙندي شهيد ٿيو. هن جي فوجي دستي جا ٻيا
سورهن ماڻهو به انهيءَ لڙائي ۾ شهيد ٿيا. صوڀي خان
جي شهادت متعلق ڪنهن شاعر چيو آهي:
صوڀي سان سورهن ڄڻا هوڏانهن نو ويهان نروار،
گهڙڻ ڪم غازيءَ جو سوڀون وس ستار،
الله جي آڌار، مانجهي مرد شهيد ٿيو.
چانڊين جي خاندان ۾ بيگو خان به هڪ سٺو زميندار ٿي
گذريو آهي. کيس مير رستم خان وٽ وڏي رسائي هوندي
هئي. بيگو خان جو پٽ غلام حسين خان هڪ وڏو سخي مرد
هوندو هو. هو رات ڏينهن آئي وئي جي ٽهل ٽڪور ڪندو
هو ۽ اٺئي پهر سندس بٺي تتل هوندي هئي. غلام حسين
خان جو سالو مير محمد خان چانڊيو مير علي مراد خان
وٽ اردلي هوندو هو. غلام حسين خان جو ننڍو ڀاءُ
رحيم خان مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز خان وٽ
نوڪر ٿي رهيو. هن وقت غلام حسين خان جو وڏو پٽ
بيگو خان ثاني اسي سالن جي عمر جو ٿيندو. هيءَ به
پنهنجي پيءُ وانگر مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ نٿو
رکي. جنهن وقت به سندس اوطاق تي وڃبو، تنهن وقت
گرم ماني ملندي. سندس اوطاق هر وقت مهمانن سان
ڀريل هوندي آهي. وڏو هر دلعزيز، ڳالهين جو ڳهير، ۽
نيڪ نيت انسان آهي.
(ث) رندن جو خاندان:
خيرپور جي رندن جو مورث اعليٰ ملڪ خان ۽ سندس پٽ
سوائي خان پنهنجي سردار سندر خان اول جي حڪم تي
شڪارپور جي ڀرسان لالن جو شهر ٻڌي اچي ويٺا هئا
سوائي خان جو وڏو پٽ بهارو خان ذوالنون پٺاڻ سان
وڙهندي شهيد ٿيو هو. ان وقت سندن سردار عظمت خان
هو، جنهن بهاري خان ۽ سندس ساٿين جي دفن ڪفن جو
بندوبست ڪيو هو. ان کان پوءِ بهاري خان جا ڀائر
يارو خان، ٺارو خان ۽ سونهارو خان مير سهراب خان
سان گڏجي هالاڻي جي جنگ ۾ وڃي لڙيا ۽ شهيد ٿيا
هئا. ياري خان جو پٽ بهارو خان ثاني مير سهراب خان
سان گڏجي خيرپور آيو ۽ اروڙ جي ڀرسان ننڍڙو ڳوٺ
ٻڌي اچي ويٺو. مير سهراب خان جي وفات کان پوءِ
جڏهن کرڙيءَ جي جنگ لڳي، تڏهن بهار خان ثاني
پنهنجي فوجي دستي سميت ان ۾ شريڪ ٿيو ۽ بچي آيو.
سندس ٽي ڀائر فضل خان، غازي خان ۽ ڪيهر خان به
انهيءَ لڙائي ۾ شريڪ هئا. فضل خان جو فرزند سوائي
خان ثاني ٻين ڪيترن جانثارن سان گڏ کرڙيءَ جي جنگ
۾ شهيد ٿيو هو. بهاري خان جي وفات کان پوءِ سندس
پٽ ڪامل خان مير علي مراد خان جي زماني ۾ سنهڙي
واهه جي ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو، جتي اڄ
تائين سندس اولاد رهي ٿو.
|