سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:17 

مير مراد علي خان جو درٻاري ملهه عالم خان گوپانگ هڪ وڏو پهلوان ۽ مٿير مرد ٿي گذريو آهي. قد جو ڊگهو، سيني جي تختي ويڪري ۽چيلهه سنهي هيس. آڏو ملهه کي چوندو هو، ته جيڪا وڻئي سا ڪر ڪنهن ڪون ٿي دسيس. صرف هڪ دفعي لاڙ جي ملهه جمعي ببر پوئين ملهه ورتس ان وقت عالم خان جا ساٿاري، نورو گلراڻي، عبدالنبي ڀنڊ، جعفر ککراڻي، ۽ اميد علي ڏوگر هئا.

انهن کان سواءِ نورل ڦل کرڙا، وارو، نبي بخش جوڳي ٺري وارو، ڪوڙو خان شڪارپور وارو به اتر جي ملهن ۾ مشهور هئا. لاڙ جي ملهن مان اسماعيل لبو شيدي، جمعو ببر شيدي ۽ علو مشهور هئا.

مير علي مراد خان جي آخري دور ۾ مير فيض محمد خان جي وقت ۾ سيد صالح شاهه راڻيپور وارو، مير محمد مراد خان ٽالپر، سرائي علڻ خان ڌاريجو ۽سراڻي گنهور خان سخي ملهن جي سرپرستي ڪندا هئا. سڄي سنڌ جا ملهه ڪيترو ئي وقت وٽن اچي رهندا هئا ۽ انعام اڪرام وٺندا هئا. اهو رياست خيرپور جي ملهن جو دور هو، هن دور ۾ اتر جي ملهن مان صاحب خان مڱڻيجو نواڙي وار، جيئندو مير بحر سکر وارو، جوڳي ٺري وارو، ولي محمد شيخ سڳين وارو، ۽ ڪرم علي شاهه پير ڳوٺ وارو مشهور ملهه هئا. لاڙ جي ملهن مان ڪوڏو شيدي، دالو شيدي، اسماعيل شيدي، جمعو شيدي ۽ جمال سريوال مشهور هئا.

مير امام بخش خان جي دور ۾ اتر جا هيٺيان ملهه مشهور هئا: نبي بخش گنڀير، هادي بخش ڪاسائي، غوث بخش پٺاڻ ۽ وزير شر. لاڙ جي ملهن مان احسان سانڊاڻو، صفر شيدي، حاجي شيدي، ۽ محمد شيدي مشهور هئا.

مير علي نواز خان هڪ روشن خيالي ثقافت جو رکپال امير ٿي گذريو آهي. عالمن، راڳين ۽ ٻين فنڪارن سان خوشيءَ جي موقعن تي ملهن جي سرپرستي به ڪندو هو. سندس حڪومت جي دور ۾ گمبٽ جو پير سيد نالي چڱو ۽ مير علي ڏنو خان به ملاکڙن جا شوقين ۽ ملهن جا مددي هئا. مير علي ڏنو خان ته هاڻي به پهلوانن جي سرپرستي ڪندو رهي ٿو. هن دور ۾ اترادي ملهن مان محمد بخش مهر، نواز علي خان پٺاڻ، دائم ڪٽوهر، اسماعيل کوکر ۽ نور محمد مهر سٺا ملهه ٿي گذريا آهن. لاڙ جي پهلوانن مان گل جهلڻ، حاجي شيدي، بلادي شيدي ۽ يڪو خاصخيلي مشهور هئا.

مير علي نواز خان کان پوءِ ملهن جو موجوده دور شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ اقبال جوڳي، بولو جوڳي، غوث بخش ڪلهوڙو، لعل محمد شير گوپانگ، گل حسن ڪبو، قلب علي جتوئي سٺا ملهه آهن، جن مان اقبال جوڳي پنهنجو وارو وڄائي گذاري ويو آهي. بولو جوڳي ڪراڙو ٿي ويو آهي، باقي غوث بخش ڪلهوڙو ۽ شر مير بحر چوٽيءَ جا ملهه ليکجن ٿا. انهن جي سرپرستي مير علي ڏنو خان ٽالپر ۽ پير ميران شاهه راڻيپور وارو ڪري رهيا آهن. لاڙ جي ملهن مان انب شيدي، مٽر شيدي، هوشو شيدي، دلاور شيدي، رمو مهاڻو، نگر  گوپانگ ۽ غلام محمد منچرو مشهور آهن.

مٿي ذڪر ڪيل سمورا ملهه پنهنجي پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن. خيرپور جي سرڪاري تقريبن ۽ ميرن جي شاديءَ جي موقعن تي به وڏا وڏا انعام حاصل ڪندا رهيا آهن. انهن جا وڏا مقابلا ڀٽ شاهه، سيوهڻ، دڙي، جهوڪ شريف ۽ راڻيپور جي ميلن جي موقعن تي ٿيندا آهن.

تعميرات: مير بلوچن جي جنگجو  قوم مان هئا، تنهنڪري سپاهيانه زندگي بسر ڪندا هئا. هو عيش عشرت ۽ زندگي جي تڪلفات جي بدران بلوچي روايتن قائم رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي. جو هنن تعميرات تي گهڻو توجهه ڪونه ڏنو. زياده ۾ زياده پنهنجي رهائش لاءِ هر هڪ مير پنهنجو ڪوٽ يا ٽنڊو ٻڌرائيندو هو، ته جيئن هو آرام سان رهي سگهي ۽ پنهنجي فوجي وهٽن کي آسودو رکي سگهي. مير سهراب خان اتر سنڌ جي حڪومت قائم ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ ميرپورخاص جي ميرن وانگر پنهنجي سرحدن جي بچاءَ لاءِ ڪجهه فوجي قلعا تعمير ڪرايا، جن مان احمدآباد، امام ڳڙه ۽ شاهه ڳڙ مشهور آهن.

احمدآباد: هي قلعو ڪوٽ ڏجي جي هڪ ٽڪري تي مير سهراب خان جي وزير تعميرات سرائي محمد صالح خان خدمتگار 1797ع ۾ تعمير ڪرايو. تعمير جي سال جو مادو ”قلعه محفوظ جي باڪ“ مان برآمد ٿئي ٿو. هيءَ هڪ حربي قلعو آهي، جنهن جو ديوارون ويهه فوٽ اوچيون ۽ چار فوٽ ويڪريون آهن. قلعي جي عمارت تقريبا گول دائري ۾ پڪين سرن ۽ پٿرن جي بيٺل آهي. قلعي جي چئني طرفن کان پهاڙين تي مورچا بڻائي ڪچو ڪوٽ ٺهرايل آهي، جنهن جي ديوار پنجويهه فوٽ جي ۽ ٻارهن فوٽ ويڪري آهي. هن قلعي جي خصوصيت اها آهي جو دشمن قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪنهن به طرف کان گوله باري ڪندو ته گولا اندر پهچي نه سگهندا ۽ اندران هر طرف کان مورچن مان وار ڪري سگهبو. هي قلعو پنهنجي زماني جي اڻ پڙهيل انجنيئرن جي ڪمال فن جو ثبوت پيش ڪري رهيو آهي. قلعي جي دروازي تي هيٺيون شعر لکيل هوندو هو، جو هاڻي ڊهي ويو آهي.

قلعه احمد آباد برسنگ است

دل دشمنان از و تنگ است

هن قلعي تي پنجهتر سپاهين جي دستي سان هڪ قلعه دار رهندو هو، جنهن کي نواب سڏيندا هئا. قلعي ۾ ڪافي بارود ۽ هڪ سئو کن توپون رکيل هونديون هيون، جن مان مريم، صفن صفا ۽ ملڪ ميدان مشهور هيون. مريم توب مير بجار خان دولت پور جي ڀرسان درياه مان هٿ ڪري مير سهراب خان کي ڏني هئي. توب تي پورچوگيزي زبان ۾ هڪ ڪتبو لکيل آهي. جنهن جو ترجمو هي آهي.

هي توب 1537ع ۾ پورچوگيز جي حڪومت جي حڪم سان تيار ڪئي وئي ان کان سواءِ مٿس فارسي زبان ۾ شاهه عباس صفوي جي نالي جو (2) ڪتبو به لکيل آهي. صفن صفا توب مير سهراب خان کي شاهه شجاع الملڪ ڏني هئي. ٻيون توبون مير سهراب خان پنهنجي مستري محمد احسان کان ٺهرايون هيون(1).

امام ڳڙهه: احمد آباد کان پوءِ ٻيو قلعو امام ڳڙهه آهي جيڪو ٿرجي علائقي ۾ آهي. مير سهراب خان اهو قلعو پنهنجي ٻئي نمبر پٽ مير غلام حيدر خان کي ڏنو هو ۽ مير غلام حيدر خان  جي وفات 1812ع کان پوءِ وارثن ۾ سندس وڏي پٽ مير محمد خان کي مليو هو. اهو قلعو سن 1843ع سر چارلس نيپئر بارود سان برباد ڪري ڇڏيو هو(2).

شاهه ڳڙهه: هي قلعو به ٿر  ۾ جوڌپور رياست جي سرحد تي ٺهرايو ويو هو جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن اهو قلعو جوڌپور جي راجا کي ڏئي ڇڏيائون(3). مٿي ذڪر ڪيل قلعن کان سواءِ ٿر ۾ ٻه ڪوٽ به مير سهراب خان ٺهرايا هئا. جن کي ڪڪرو ڪوٽ ۽ جبو ڪوٽ جي نالي سان سڏيندا هئا(4).

قادر بخش فقير جو قبو: هي ميرن جي اوائلي مقام ۾ آهي جنهن ۾ مير سهراب خان، مير رستم خان ۽ ٻين ميرن جون تربتون آهن. مير سهراب خان قادر بخش فقير پنهور کان زمين خريد ڪري کيس مقام جو مجاور ڪري ويهاريو هو. سندس مرڻ کان پوءِ هن جي تربت تي هڪ عاليشان قبو ٺهرايو هئائين(5).

گولي شاهه جو قبو: هي قبو قادر بخش فقير جي قبي جي ڀرسان آهي. جنهن ۾ ميرن جي فوجي سالارن گولي شاهه ۽ بهادر شاهه جون تربتون آهن. کرڙيءَ جي جنگ بعد گولي شاهه جي فرزند غلام مرتضيٰ شاهه کي به انهيءَ قبي ۾ ئي دفنايو ويو هو هن قبي تي اندران ڪاشي جو ڪم ٿيل آهي ۽ ميان محمد عالم جي هٿ سان بهترين قسم جي گلڪاري ۽ نقاشي ٿيل آهي(6).

ڌڻيءَ جو قبو: هي قبو ناري تعلقي جي ڳوٺ تجل ۾ آهي، جتي شاهه عنايت جهوڪ واري جي فرزند مخدوم سلام الله عرف ٿر ڌڻي 1192هجري ۾ وفات ڪئي هئي.مير سهراب خان سندس تڙ ڏيارڻ واري جاءِ هڪ عاليشان قبو تعمير ڪرايو هو، ۽ سندس جانشين محمد شاڪر شاهه کي قبي جي ڀرسان درگاهه لاءِ تجرون ٺهرائي ڏنيون هيون(1).

ڪوٽلو: مير سهراب خان ڪوٽ ڏيجي تعلقي ۾ مخدوم سلام الله جي جانشين پير محمد شاڪر شاهه کي نئين درگاهه لاءِ هڪ وڏو ڪوٽ ۽ تجرون ٺهرائي ڏنيون هيون، جتي مريد خادم ڪافي انداز ۾ اچي رهيا، ۽ هڪ چڱو خاصو ڳوٺ بڻجي ويو جنهن کي ڪوٽلو سڏيندا آهن. اڄ به اتي ڪجهه ڪانڌڙا قوم جا ماڻهو رهن ٿا. سنڌ جي مشهور شاعر مراد فقير زنگيجي جو مقبرو به ڪوٽلي جي ڳوٺ ۾ آهي(2).

شاهه جو ٽنڊو: مير سهراب خان ڳوٺ ديهه سوهو تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي ڀرسان پنهنجي سپه سالار گولي شاهه کي هڪ ۽ ٻيون جايون ٺهرائي ڏنيون هيون جتي هو پنهنجي لشڪر سان رهندو هو. ان جاءِکي شاهه جو ٽنڊو سڏيندا هئا. اڄ به اتي ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺڙو آهي(3).

امام بارگاهه: مير سهراب خان سيد بنده علي شاهه کي خيرپور جي شهر ۾ هڪ عاليشان امام بارگاهه ٺهرائي ڏني هئي. ان جي ڀرسان ماتامين لاءِ ڪجهه تجرون به ٺهرايون هيائين، اڄڪلهه انهي امام بارگاهه جي ايوان ۾ کهنبي ۽ اوٺي جو ماتم ٿيندو آهي. اهو ايوان علي رضا شاهه جو ٿلهو ڪري سڏبو آهي(4).

سهرابي محل: خيرپور ۾ مير سهراب خان ۽ سندس اولاد وغيره جي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان محل هو، جنهن ۾ ميرن جي ڏيڍين کان سواءِ هڪ ڪچهري جو وڏو هال به هوندو هو. جتي عوام گڏ ٿيندي هئي. اهو محل خيرپور شهر جي وچ ۾ هو جتي سترهن شهزادا رهندا هئا(1).

 هن ئي محل تان مير سهراب خان 1830ع ۾ ڪري پيو هو، ۽ دم ڏنو هيائين، اڄڪلهه ان جڳهه تي ٽالپر ٽاڪيز آهي.

ٽالپر ٽاڪيز ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عمارتون ٺهي ويون آهن. مير سهراب خان کان پوءِ مير رستم خان کي الڳ تعميراتي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻو موقعو ڪونه مليو، هو سارو وقت محلاتي سازشن ۾ ڦاٿل رهيو.ان هوندي به سچل سرمست جو روضو ۽ رستم منزل سندس بهترين يادگار آهن.

سچل سرمست جو روضو: هي روضو درازن جي شهر ۾ آهي، جنهن ۾ دراذن جي درگاهه جا سجاده نشين ۽ سچل سرمست دفن ٿيل آهن. اهو روضو سچل سائين جي نالي سان مشهور آهي. روضي تي ڪاشيءَ جو ڪم ۽ چٽسالي بهترين نموني جي ٿيل آهن.

رستم منزل: هي مير رستم خان جي رهڻ جي جاءِ هئي، هن تي ان وقت جي رواج موجب پڪين سرن جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. مير عطا حسين خان ٽالپر، خيرپور ۾ ايندو آهي ته رستم منزل ۾ اچي رهندو آهي(2).

مير رستم خان کانپوءِ مير علي مراد خان حڪومت تي ويٺو. کيس عمارتن سازي جو شوق ڪونه هو. پاڻ سياري جو تنبن ۾، اونهاري جو لانڍين ۾ رهندو هو. ان هوندي به ڪوٽ ڏيجي قلعي ۾ سندس گهر جي جاءِ سهڻي نموني جي ٺهيل هوندي هئي، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن. خيرپور ۾ مير جان محمد خان ۽ مير خان محمد خان جي والده جي ڏيڍي عاليشان نموني تي ٺهرائي هئائين.ڪوٽ ڏيجي جي شهر ۾ به سندس ڏيڍيون ٺهرايل هيون.

لال بنگلو: مير علي مراد خان خيرپور ۾ هڪ بنگلو تعمير ڪرايو هو، جيڪو اڄ تائين لال بنگلو سڏيو ويندو آهي. رياست ۾ جيڪي به وڏي حيثيت وارا مهمان ايندا هئا، تن کي لال بنگلي ۾ رهايو ويندو هو. انگريزن جو ريزيڊنٽ به اتي رهندو هو. ان کانسواءِ ڪوٽ ڏيجي شهر جي پسگردائي ۾ بنگلو چونرو ۽ آباد ڳوٺن ۾ بنگلا ٺهرايا هئائين، جن مان هر هڪ کي رنگ محل سڏيندا هئا(1).

فقيراڻا مقبرا: مير علي مراد خان ڪيترن ئي بزرگن جو صحبتي ۽ معتقد هوندو هو. تنهن ڪري سندن وفات بعد  هر هڪ جي مزار تي هڪ سهڻو قبو تعمير ڪرايائين.

الف: فقير نانڪ يوسف کوکر ساڪن ڳوٺ آڳڙا تعلقو گمبٽ.

ب: فقير محمد ملاح ساڪن لڳ ڳوٺ ٻٻرلوءِ تعلقو خيرپور

ت: فقير غلام حيدر شر ساڪن ڳوٺ مينگهو فقير تعلقو ميراهه

ث: فقير خير محمد هيسباڻي ڳوٺ هيسباڻي تعلقو فيض گنج.

مير علي مراد خان کان پوءِ حڪومت جون واڳون سندس فرزند مير فيض محمد خان جي هٿ ۾ آيون، جنهن کي مذهبي ۽ سماجي سڌارن سان گڏ، تعميراتي ڪمن جو به وڏو چاهه هوندو هو. آبپاشي ۽ مواصلات جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ هن ڪافي رستا ٺهرايا، ۽ واهن تي پڪيون پليون تعمير ڪرايون. انهن کانسواءِ هيٺيون عمارتون سندس يادگار آهن.

فيض محل: هي خيرپور شهر ۾ هڪ عاليشان محل آهي، جنهن تي لکن جي تعداد ۾ خرچ آيو. هن کي لکي بنگلو ۽ تاج محل به سڏيندا هئا(2). منجهس جديد قسم جو بهترين فرنيچر آهي. وچون هال درٻار ۽ سرڪاري تقريبات جو ڪم ڏيندو هو. هن جي اڳيان هڪ  عاليشان باغ آهي، جنهن ۾ بهترين قسم جا لان ۽ طرح طرح جا گل پوکيل آهن. پاڪستان ٺهڻ بعد منجهس قانون ساز اسيمبلي جا اجلاس به ٿيندا هئا. اڄڪلهه اهو محل مير علي مراد خان ثاني جي تحويل ۾ آهي.

شاهي محل: هي محل ڪوٽ ڏيجي شهر جي ٻاهران اوڀر طرف تي آهي. هي پنهنجي وقت جو عاليشان بنگلو آهي. جنهن جي درن دروازن تي ڪاٺ جي اڪير جو ڪم ٿيل آهي ۽ اندران درن ۽ دروازن تي نقاشي ۽ چٽسالي ٿيل آهي.(3).

ٽڪري وارو بنگلو: هي ڪوٽ ڏيجي جي ڏکڻ اولهه طرف کان هڪ ٽڪري تي عاليشان بنگلو آهي. هن تي به چٽسالي ۽ ڪاٺ جي اڪير جو بهترين ڪم ٿيل آهي.

مير احمد علي خان جو بنگلو: هي بنگلو ڪوٽ ڏيجي جي وچ شهر ۾ آهي. جنهن تي جديد قسم جي گل ڪاري ٿيل آهي. ڪوٽ ڏيجي ۾ هي پهريون بنگلو آهي. جيڪو ڊبل اسٽوري آهي. اڄڪلهه اهو بنگلو مير احمد علي خان جي فرزند مير حاجي غلام حسين خان جو مهمان خانو آهي.

ڏيڍيون: مٿي ذڪر ڪيل بنگلن کان سواءِ ميرن جي ڏيڍين جا بهترين بنگلا به ڪوٽ ڏيجي شهر ۾ تعمير ڪرايا ويا.جن ۾ اڄ ڏينهن تائين مير علي ڏنو خان، مير احمد علي خان، مير عطا حسين خان ۽ ٻيا مير رهن ٿا. 

ڏهوٽن وارو بنگلو: هي بنگلو لقمان شهر جي ڀرسان آهي جتي مير فيض محمد خان جو هڪ ديرو رهندو هو.

ڪلر وارو بنگلو: هي بنگلو خيرپور شهر جي ٻاهران شاهي روڊ جي ڀرسان آهي. هتي مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن منزل ڪندو هو. اڄڪلهه هن بنگلي ۾ خيرپور جو ايس پي رهندو آهي .

امام بارگاهه: هي ڪوٽ ڏيجي شهر جي تمام اعليٰ قسم جي عمارت آهي جنهن سان گڏ هڪ مسجد به ٺهيل آهي.

هنري اسڪول: خيرپور جي شهر ۾ هنري اسڪول ٺهرايو ويو جنهن ۾ هر قسم جي هنرن جي سکيا جو بندوبست ڪيو ويو. هنري اسڪول سان گڏ هڪ بورڊنگ هائوس به تعمير ڪرايو  ويو.

مير فيض محمد خان جي ڏينهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل عمارتن کان سواءِ سرڪاري دفترن ۽ آفيسرن جي رهائش لاءِ هيٺيون عمارتون تعمير ڪرايون ويون.

جڳهه             سال تعمير          خرچ

فاريسٽ آفيس         1895ع                        3499روپيا

مختيارڪاري خيرپور  1896ع                        10202 روپيا

مختيارڪاري سوراهه  1896ع                        16624 روپيا

پوليس لائين           1896ع                        70762 روپيا

پراڻي اسپتال           1896ع                        64179 روپيا

جانورن جي اسپتال     1896ع                        22058 روپيا

ڪجهه سنڌي اسڪول 1896ع                        6659 روپيا

انجنيئري آفيس       1896ع                        137108 روپيا

مفتي منزل            1896ع                        10253 روپيا 

دلڪشا منزل          1896ع                        6356 روپيا   

دفتر دار جي آفيس    1998ع                        25737 روپيا

سروي آفيس           1898ع                        22382 روپيا

سرڪٽ هائوس         1900ع                       104939 روپيا

اي ڊي ايم جي  آفيس 1901ع                       4200 روپيا

ان جا گودام             1902ع                      26662 روپيا

طالب منزل             1903ع                        15412 روپيا

پراڻو هاءِ اسڪول         1906ع                       5754 روپيا

فيض امام لائبريري هال  1908ع                     30511 روپيا

مير فيض محمد خان کان پوءِ مير امام بخش خان جي ايامڪاري ۾ هيٺيون تعميراتي ڪم ٿيو.

ڪچهري وارو بنگلو: هي بنگلو ڪوٽ ڏيجي شهر ۾ آهي جتي مير امام بخش خان ڪچهري ڪندو هو. اڄڪلهه اتي هاءِ اسڪول ڪم ڪري رهيو آهي.


(1)  نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر: ”مضمون سنڌ جا ملهه ۽ ملاکڙا“ ”روزانه مهراڻ“ حيدرآباد سالگره نمبر، 1961، ص 42.

(2)  زباني روايت: بولو کان جوڳي ساڪن ٺري ميرواهه.

(3)  ايضاً

(4)  ايضاً

(1)  Verbal report of Bulo Jogi of Village Thari.

(2)  Verbal Report of Serai Rale Nawaz Khan of Khairpur.

(1)  قلمي بياض مخدوم دين محمد کهڙن وارو.

(2) Langley: “At the Court Mir Ali Murad”, Vol: II, op. cit p 95-96.

(1)  Annanimous Article (typed) in old record of D.C office Khairpur.

(2)  مير دوست محمد خان: ”قلمي مسودو فارسي سرگشت ٽالپران“ سال وارو پنو ڦاٽل.

(3)  ايضا

(4)  Verbal Rreprot of Mir Murid Hyder Khan of Khairpur.

(5)  Verbal reprt of Mir Ghulam Hussain Khan of Kot Diji.

(6)  Personal observation and verbal report of Hyder Shah Shahani f Khairpur.

(1)  Verbal report of Faqir Ali Qutub of Dargah Tajal Sharif.

(2)  Ibid

(3)  Verbal report of Hyder Shah Shahani of Khaipur.

(4)  Verbal report of Mir Ghulam Hussain of Kot Diji.

(1)  Postans. T: “Perosnal observations on Sindh”, op.cit. p 213.

(2)  Personal Observation.

(1)  Verbal report of Mir Ghulam Hussain Khan of Kot Diji.

(2)  بشارت علي زيدي: ”تاريخ دارالسرو خيرپور“، مطلع العلوم نير اعظم، مراد آباد،1915ع، ص 61.

(3) Verbal report of Mir Ghulam Hussain Khan of Kot Diji.

(1)  Verbal report of Mir Ghulam Hussain Khan of Kot Diji.

(2) Ibid

(3) Ibid

(4) Ibid

(5) Ibid

(6) Ibid.

(1) Record of Xen. Buildings, Khairpur.

(2) Verbal report of Mir Ghulam Hussain Khan of Kot Diji.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org