سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:22 

باب يارهون

ميرن جو گهريلوُ لوڪ ادب

تمهيد:- جهڙيءَ طرح ميرن جي درٻار ۾ شعر و شاعري جون محفلون ۽ سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، تهڙي طرح سندن ڏيڍين تي شادي مرادي جي موقعن وقت مخصوص قسمن جا گيت ۽لاڏا ڳايا ويندا هئا. ميرن جا اهي گيت ۽ لاڏا عام سنڌي لوڪ گيتن وانگر آهن، مگر انهن ۾ بلوچي روايتن جو ذڪر زياده هوندو آهي. بهادري؛ مهمان نوازي، رواداري، حسب نسب تي فخر ڪرڻ، ۽ قومي فوقيت قائم رکڻ تي زياده زور ڏنو ويندو آهي. ان سان گڏ هرهڪ گيت ۾ حاڪميت جو عڪس شامل هوندو آهي، جنهن مان سندن اعليٰ نصب العين جي جهلڪ نظر ايندي آهي. انهن جي برعڪس عام سنڌي گيتن ۽ لاڏن ۾ حاڪميت جو تصور ۽ قومي برتري جو احساس ڪونه هوندو آهي. هنن ۾ عام دعائيه ڪلما هوندا آهن، جن ۾ پيار، محبت ۽ انسان ذات جي بهتري جو بيان ڪيو ويندو آهي. عام سنڌي گيتن ۽ ميرن جي گيتن ٻنهي ۾ مذاحيه رنگ هڪ جهڙو هوندو آهي. ميرن جي مختلف گيتن ۽ لاڏن مان هيٺيان مشهور آهن:

ڪوڏاڻا:- ڪوڏاڻو بلوچن جي مشهور ۽ قديم ادبي صنف لولي جو سنڌي نالو آهي. مائرون پنهنجن ٻارن کي پينگهي ۾ لوڏڻ وقت ترنم سان لولي ڏينديون آهن. انهيءَ لوليءَ ۾ ٻار جي آئيندي لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن ته جيئن هو وڏا ٿي مثالي ڪردار بڻجي سگهن. هتي ميرن جي ڪوڏاڻن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

هالو:- هالو بلوچن جي هڪ پراڻي صنف سخن آهي، ۽ سندن قديم گيت لالاڙو جي ترقي يافته صورت آهي. اهو خوشي وارن ٻولن، وزن ۽ بامعنيٰ جملن جو مرڪب هوندو آهي، ۽ شادي مرادي يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳايو ويندو آهي. هالو جا ٻه وزن ٿيندا آهن. پهريون:

هلو هالو هلو وهشين هلو،

هلو هالو هلو مان شاذهانين.
 

۽ ٻيو:  هلو هالو هلو مني،

ميري مروشي شاذهين.

ڳائڻ واريون عورتون هالو ڳائينديون وينديون آهن، ۽ هرهڪ بند پوري ڪرڻ کانپوءِ ٻيون سموريون عورتون پهريون بند ورنديءَ طور ڳائينديون رهنديون آهن. بلوچڪني زبان ۾ هڪ هالي جا ڪجهه بند پيش ڪجن ٿا.

هالو هلو هالو ورشين هلو.

وني شهزادا را پيشي مرادان،

بهانه ٿئي هاران موتيان جڙائتا،

بهانه ٿئي پيش ٽڪا لغام،

چاڙهائڪي ٿئي ڪابه ڪئي دست ڪمان.

هزارين ٿئي تونڪ گراني قيمتي ٿئي،

بهانه ٿئي سنج کن خانين سلام.

بهانه ٿئي سنج کن ميرين سلام،

خانا بشڪيدا ڌا ڏيهه انعام.

 

بهاري ٿئي نوڪري زر خريد،

ديان وڻجن گران ميري جنخي.

اڄ ڪلهه ميرن جي شادي مرادي ۽ ڇٽيءَ جي موقعي تي جيڪي هالا چوندا آهن، تن جا ٻول هيٺئين قسم جا آهن:

هالو هلو هالو هلو شل وهشين هلو.

الاهي ماموا ماني ميرل منگي آ،

الاهي جهڙ – لار سڀ وهشين هلو.

اي الاهي ماموا سڀ موتي جڙاء،

الاهي ماموا شل ڪري شڪار.

شل وهشين هلو.

الاهي ماموا تنهنجا خان غلام،

سارا مير امير ڪن تنهنجو سلام.

شل وهشين هلو.

 

اي الاهي ماموا تنهنجو بخت بلند،

آهي عرش مٿان مير تنهنجو ڪمند.

شل وهشين هلو.

 

اي الاهي ماموا منهنجيون اکڙيون ٺار،

ابا سؤ سؤ ڄمار تنهنجو هڪ هڪ وار.

شل وهشين هلو.

 

اي الاهي ماموا منهنجا گل گلزار،

توتان سڀ ڪي نثار منهنجي دل جا قرار.

شل وهشين هلو.

ٻي هالي جا ٻه بند:

اي هلو هالين هلو،

اي مرد شئي جهڙ کزا،

باب ٻارهون

مشاهير خيرپور

(الف) خيرپور جا مير

خيرپور جي حڪمرانن ۽ اديبن ۽ شاعرن جو احوال اڳ ۾ اچي چڪو آهي – باقي ڪجهه مشهور ميرن جو احوال دلچسپي کان خالي نه ٿيندو.

1-   مير غلام محمد خان:- هي مير سهراب خان جو ٻيو نمبر ڀاءُ هو. وڏو بهادر ۽ جنگي جوان ٿي گذريو آهي. مير سهراب خان سان سڀني جنگين ۾ ڪٺو هوندو هو. ميرن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن هڪ سؤ سوارن جي دستي سان شڪار ڪندي عمرڪوٽ جي حد ۾ نڪتو.ا تي راجپوتن جي ٽن سؤن ماڻهن جي نرغي ۾ اچي ويو- ٻنهي طرفن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. راجپوتن جي لشڪر مان هڪ سؤ ڄڻا مارجي ويا. باقي ماڻهو ڀڄي وڃي هڪ وڏو لشڪر وٺي آيا. دوباره مقابلو ٿيو جنهن ۾ ٻيا به ٽي سؤ راجپوت مارجي ويا ۽ مير صاحب به پنهنجن ماڻهن سميت مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. انهيءَ واقيع کي مير حسن علي خان پنهنجي شاهنامي ۾ هيٺين طرح نظم ڪيو:

اهو واقعو 1201 هجري مطابق 1786ع جو آهي (1)

1-   مير سليمان خان:- هي مير سهراب خان جو ٽيون نمبر ڀاءُ هو. هيءُ به پنهنجي وقت جي وڏن اميرن مان هڪ هو. وڏو دورانديش ۽ هر دلعزيز انسان ٿي گذريو آهي. کيس مير محمد خان، غلام شاهه خان، مير حيدر خان ۽ مير علي مراد خان نالي چار پٽ هئا. جن مان مير محمد خان کانسواءِ سمورا اولاد مري ويا. مير محمد خان کي الله ڏني نالي هڪ پٽ هيو، جنهن جو اولاد اڄ ڪلهه راهوجن جي ڳوٺ ۾ آهي. مير سليمان کان پوءِ سندس فرزند مير مريد حيدر خان هڪ چڱو جاگيردار هوندو هو جنهن 6 نومبر 1869ع تي وفات ڪئي(1).

2-  مير عالي خان:- هي مير سهراب خان جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو. ننڍي عمر کان وٺي البيلو ۽ لاغرض شهزادو ٿي رهيو. ڪتن ۽ ڪڪڙن جو شوقين هوندو هو. ان کانسواءِ ڀنگ به پيئندو هو. هڪ دفعي سندس هڪ پيارو ڪتو مري ويو ته مسجد جي دروازي جي ڀرسان ان کي دفن ڪري سندس قبر تيار ڪرايائين، جنهن تي وقت جي مخدومن کيس تعزير ڏيڻ چاهي. هن مخدومن تي بندوق ۾ گولين جي بدان مٽر وجهرائي فائر ڪرايا ۽ کين ڀڄائي ڪڍيو. ان تي مير سهراب خان مٿس ناراض ٿيو ۽ هو رسي ٿرپارڪر ضلعي جي ڊگهڙي ڳوٺ ڏانهن لڏي ويو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ واپس آيو. مير واهه تعلقي ۾ ٽنڊو مير عالي خان ۽ خيرپور ۾ مير عالي بازار سندس يادگار آهن. هي جيترو البيلو هو اوترو سادو هو. هڪ دفعي سندس نوڪرن سندس هاٿي هفتي ڏيڍ لاءِ گم ڪري ان جا سونا ۽ چانديءَ جا زيور ڦٻائي ڇڏيا هئا. هن کي چيو هئائين ته هاٿي ڪربلا هليو ويو هو ۽ اتي سنج نذراني ۾ ڏئي آيو. مير صاحب مٿن ڪاوڙجڻ بدران خوش ٿيو ۽ سندن ڳالهه تي اعتبار ڪيائين. هو جون 1837ع ۾ وفات ڪري ويو (2).

3-  مير غلام حيدر خان:- هي مير سهراب خان جو ٻيو نمبر پٽ هو. وڏو دلير ۽ جانباز امير ٿي گذريو آهي. جيستائين جيئرو هو تيستائين مير سهراب خان جي لشڪر جو مهندار هوندو هو. پنهنجي پيءَ سان گڏ ڪيترين ئي جنگي مهمن ۾ حصو ورتائين. کيس محمد خان، احمد خان، غلام مصطفيٰ نالي ٽي فرزند هئا. پنهنجي والد جي زندگي ۾ سن 1812ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ آهي.

4-  مير محمد خان:- هي مير غلام حيدر خان جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ ڪرڙو حاڪم ٿي گذريو آهي. روهڙي تعلقي ۾ الرن جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ٻڌي ويٺو جيڪو ڪوٽ مير محمد جي نالي سان مشهور آهي. اڄ ڏينهن تائين سندس اولاد اتي رهي ٿو. هي خيرپور رياست جو وڏو جاگيردار هو. هو مير رستم خان جو ڄاٽو هو. کيس هيٺين نالن سان اٺ پٽ هئا(1): مير غلام حيدر خان ثاني- مير غلام نبي خان- مير عباس علي خان- مير حسن علي خان – مير فضل علي خان- مير شير علي خان- مير علي حيدر خان ۽ مير صادق علي خان. انهن مان مير غلام حيدر خان ۽ مير حسن علي خان، مير علي مراد جي نياڻين سان شادي ڪئي هئي.

خيرپور جي ريزيڊنٽ مسٽر فاربس (Forbes) جي تحقيق موجب مير محمد خان ڏسڻو وائسڻو ۽ سهڻو امير هو، مگر ڏاڍو ڪنجوس هوندو هو ۽ پنهنجي ڇيلو وغيره ڪڏهن به ذبح نه ڪندو هو. سندس گذران ماني چانورن ۽ ڪڪڙن تي ٿيندو هو. هو هڪڙي ڪڪڙ کي ٻه ڏينهن کائيندو هو، تنهن ڪري کيس سڏيندا ئي ميرمحمد خان ڪوڪوڙائي هئا(2).

هي مير رستم خان جي ڪوٽ ڏيجي مان ڀڄي وڃڻ وقت ساڻس ڪٺو هو ۽ مياڻي جي جنگ ۾ حصو ورتو هئائين. انگريزن جي فتح بعد پنهنجا ۽ مير رستم خان جا ٻار وٺي ٿر ڏانهن ڀڄي ويو هو(3). هن تاريخ 10 نومبر 1864ع تي وفات ڪئي.(4)

6 – مير احمد خان:- هي مير غلام حيدر خان جو ٻيو نمبر پٽ هو ۽ انگريزن سان جنگ وقت پنهنجي چاچي مير علي مراد خان جو طرفدار هو ۽ پنهنجي ڀاءُ محمد خان کان پوءِ رياست خيرپور جو وڏي ۾وڏو جاگيردار هو. انگريزن سندس جاگيرون 16600 بينگا بحال ڪيا هئا .

انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد هو روهڙي تعلقي جي دارا وهڻ  شهر ‎۾ ڪوٽ ڪڍرائي اچي ويٺو هو، جتي اڄ تائين سندس اولاد رهي ٿو.هو هڪ وڏو مهمان نواز –هر دل عزيز  ۽ بردبار امير ئي گذريو آهي.کيس هيٺين نالن سان اٺ پٽ هئا محمد باقر خان، علي محمد خان-فتح خان-لطيف علي خان-دوست علي خان-سطان علي خان ۽ غلام علي خان.

مير احمد خان تاريخ پهرين فيبرروي 1884ع تي وفات ڪئي.

7. مير چاڪر خان:- هي مير سهراب خان جو چوٿون نمبر پٽ هو.طبيعت جو ڏاڍو سادو هوندو هو؛ ايتري قدر جو هڪ دفعي مير سهراب خان جي ڪچهري ۾ پنهنجي ڊگھي ٽوپيءَ ۾ ڪڪڙ جو ٻچو وجھي آيو هو.مير سهراب خان جي پڇڻ تي چيو هئائين ته ”هي لاغرض جي بنياد مان فقط هڪ ٽانگو بچيو آهي جنهن جي حفاظت لازمي سمجھي سر سان کنيو ٿو وتان“.

خير پور جي ريزيڊنٽ مسٽر فاربس جي لفظن ۾ ته ”هو هڪ خاموش طبيعت وارو بيوقوف، بي ضرر ۽ اڻ پڙهيل امير هو.سندس پنهنجي ڀاءُ مير علي مراد خان سان اصل نه پوندي هئي. جيڪڏهن انگريز سندس مدد نه ڪن ها ته جيڪر مير مراد علي خان سندس سموريون جاگيرون ضبط ڪري ڇڏي ها.هو مير علي خان جو داماد هو.سندس سالياني اپت پنڌرنهن هزار روپيه هوندي هئي. کيس نبي بخش خان، غلام مرتضيٰ خان ۽ احمد علي خان نالي ٽي پٽ هئا.

تاريخ 14 ربيع الاول 1271هه ۾ وفات ڪيائين.

8. مير غلام مصطفيٰ خان:- هي مير غلام حيدر خان جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ ننڍي هوندي کان وٺي رحمدل ۽ هر دلعزيز شهزادو هوندو هو، کيس ننڍو. وڏو عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. هو ديني ڪمن ۾ به گهڻِي دلچسپي وٺندو هو.جڏهن سندس وڏا ڀائر مير محمد خان جي ڪوٽ ۽ دارا واهڻ ۾  وڃي رهيا هئا ته هي وري پنهنجي عزيزن ڏانهن محرابپور هليو ويو.اڄ به سندس اولاد اتي رهي ٿو.مياڻي جي جنگ وقت هو حرمين شريف ڏانهن حج تي هليو ويو.حج تان موٽڻ بعد پنهنجي جاگيرن جي بحالي ۾ کيس صرف چار سو روپيه مهيني ۾ ملندا هئا.


(1)  مرزا قليچ بيگ ”خيرپوري تاريخ“ ص 28-

(1)  History of Ali Nation P. 145.

(2) History of Ali Nation P. 145.

(1)  خانداني شجرو.

(2) Melvill: “Scinde” East India House, 1854, P. 367.

(3) History of “Ali Nation” P. 149.

(4) – do -  P. 151.

(1) History of “Ali Nation” P. 152.

(2) خانداني شجرو.

(3) بياض مير محمد خان مملوڪ مير  محمد باقر خان  ثاني.

(4) زباني روايت مير محمد نواز خان صوڀيديرائي مرڪن راهوجا.

(5) Melvill: “Science”, East India House, 1854 P.367.

(6) Khudadad Khan Shajra Of Talpurs, Govt.press Karachi,1886.

(7) سندس مزار تي ڪتبو.

(1) Melvill:”sind”op,cit P.367


(2)  مٺا خان مري، مير: حوالو ڏنل آهي؛ ص 106

(3)  ايضا

(4)  مراد علي خان بگٽي، ساڪن ڪوٽ ڏيجيءَ جو، گهران لکرائي ڏنل مواد.

(1)  زباني روايت: مائي غلام فاطمه زال پريل ٻلهاڻي، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  مير امام بخش خان، ساڪن: بنگلو جو گهران لکرائي ڏنل مواد.


(1)   مٺا خان مري، مير ”ثقافت اور ادب واديءَ بولان مين“ بزم ثقافت ڪوئيٽا 1966ع؛ ص 107-

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org