سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:12 

هڪ دفعي دهلي ويو ته ڪيترائي شاعر وٽس قصيدا ٺاهي آيا ۽ مير صاحب کين شاهاڻي طريقي تي نذرانا ۽ انعام ڏنا. ان موقعي تي هڪ مولوي صاحب محمد تقي نالي آيو ته مير صاحب احترام سان سندس خير مقدم ڪيو. مولوي صاحب هيـٺيون قطعو پيش ڪيو:

حاضر شديم ماچون درين بارگاهه فيض،

از قرب شاهه عزت بيحدبيافتيم.

مي خوارت دل زيارت سلطان خيرپور،

اين مدعا به فيض محمد بيانتيم.

مير صاحب اهو شعر هڪ عالم دين جو تبرڪ سمجهي اکين تي رکيو ۽ نذراني لاءِ ڪجهه رقم پيش ڪئي، جيڪا مولوي صاحب قبول نه فرمائي. مير صاحب ٻئي ڏينهن تي مولوي صاحب جي جاءِ تي پاڻ وڃي حاضر ٿيو ۽کانئس خيرپور اچڻ جو وعدو وٺي آيو ۽ هن جي معرفت هڪ ديني درسگاهه لاءِ هڪ هزار رپيا نذرانو ڏئي آيو.

مير صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ ڪلام چوندو هو. سندس تخلص ”عاجز“ هو. سندس فارسي ڪلام جون فقط اهي مصراعون ملن ٿيون، جيڪي سندس درٻاري شاعر ۽ استاد، آگيڏني ”عشاق“ پنهنجي ديوان ۾ جاب جا تضمين طور آنديون آهن.

مير صاحب جون ڪجهه سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون سندس فرزند مير احمد علي خان جي بياض ۾ محفوظ آهن،جيڪي سڪ، سوز ۽ ترنم سان ڀرپور آهن.

مير فيض محمد خان جي فرمائش تي هتان جي هڪ وڏي عالم سيد قاسم علي شاهه سرائڪي ۾ هڪ منظوم ”قصو صيفل نامو“ لکيو. اڃا ڪتاب لکجي پورو نه ٿيو ته مير صاحب گذاري ويو، تنهنڪري اهو ڪتاب سندس فرزند مير امام بخش خان ڏانهن منسوب ڪيو ويو.  هي ڪتاب بهاولپور جي مشهور شاعر لطف علي جي جواب ۾ لکيل آهي.

.xiii مير عبدالقادر خان: هي مير علي اڪبر خان جو پٽ هو. وڏو زنده دل درويش ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. پنهنجن وڏن جي زوال کان پوءِ، زماني جي بيوفائي ڏسي، سندس دل دنيا تان  کڄي وئي. اميراڻا ساز ۽ سامان ترڪ ڪري، روهڙي تعلقي جي هڪ ڳوٺ ٺٽي ۾ وڃي فقيراڻو آسات وسايائين ۽ فيض جو صاحب بڻيو. ڪيترائي مريد ڪيائين. صوفيانه ڪلام چئي، راڳ ۽ ويراڳ جون محفلون مچائيندو رهيو. سندس مزار قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ وحدت الوجود جي تبليغ آهي.

.xiv مير سهراب خان ثاني ”مسڪين“: هي مير رستم خان جو پوٽو ۽ مير محمد حسن خان جو فرزند هو. هڪ وڏو نيڪ نيت، ساده مزاج ۽ درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. ٻين ميرن جي برعڪس، هن کي ڪنهن به عيش عشرت يا شڪار وغيره جي مشغلن سان دلچسپي ڪانه هوندي هئي. پنهنجو سمورو وقت فقيرن جي صحبت ۽ ڪتابن جي مطالعي ۾ صرف ڪندو هو. سندس فارسي غزلن جو هڪ ناياب نسخو اڄ به مير بجرخان جي پٽن وٽ منگهن واري ۾ موجود ۽ محفوظ آهي. سندس تخلص ”مسڪين“ هو. هن جي ڪلام ۾ حزن ۽ ياس جو عنصر تمام گهڻو آهي.

هو پنهنجن وڏن جي جلاوطني کان پوءِ منگهن واريءَ ۾ اچي رهيو، جتي 1292هجري، مطابق 1875ع ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جو سال هيٺين قطع مان نڪري ٿو:

 

ختم يار ما کرد رفت از جهان،

زمه چهارده بود ذوالحج زمان.

 

چو در چارشنبه نمود ارتحال،

بيا راست رضوان قصرش چنان.

 

بود مغفرش جائي جنت مڪان،

چه خوش مرد شد مير سهراب خان.

 

به پرسيدم از غيب هاتف بگفت،

چو طوطي به باغ ارم بود آن.

.xv مير خير محمدخان: هي مير محمد حسن خان جو ٽيون نمبر پٽ هو. وڏو هر دلعزيز ۽ خليق انسان ٿي گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن فارسي ۾ غزل چوندو هو، مير دوست محمد خان جي بياض ۾ سندس ڪجهه فارسي جا غزل ملن ٿا، جيڪي سندس قادر الڪلامي جي ساک ڀرين ٿا(2).

.xvi مير محمد خان: هي مير احمد خان جو وڏو فرزند ۽ ولي عهد هو. غريبن جو همدرد ۽ لڄپال امير ٿي گذريو آهي. هو هڪ وڏو مهمان نواز هو. سندس لنگر تان صبح شام غريب غربو پيو کائيندو هو. هو هڪ سٺو شاعر، اديب ۽ اعليٰ درجي جو ڪاتب هوندو هو. سندس پس ماندن وٽ سندس هٿ جا لکيل ڪيترائي ڪتاب زبون حالت ۾ موجود آهن. هو غزل سان گڏ مرثيو به سٺو چوندو هو. سندس وفات 28 آڪٽوبر، 1896ع تي ٿي(1).

.xvii مير امير علي خان امير: مير مبارڪ خان جو پوٽو ۽ مير فضل محمد خان جو فرزند مير امير علي خان هڪ وڏو شاعر، اديب ۽ انشا پرداز امير ٿي گذريوآهي. اڳ ۾ سندس نالو امير بخش خان هو ۽ ”خاڪسار“ تخلص ڪندو هو، مگر پوءِ پنهنجو نالو ۽ تخلص ٻئي بدلائي امير علي امير سڏايائين. ننڍي هوندي کيس پيار مان مير بچل به سڏيندا هئا(2).

پنهنجي استاد ۽ درٻاري شاعر آخوند محمد ابراهيم ”عشقباز“ کان هڪ بياض ”ديوان عجائب“ تاليف ڪرايائين، جنهن ۾ ”محڪ خسروي“ جي نموني تي مختلف فارسي شاعرن جو ڪلام جمع ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب جو قلمي ۽ اصلي نسخو ميان محمد اشرف خان فاروقي وٽ درازن ۾ موجود آهي. انهيءَ ديوان ۾ مير مبارڪ خان ۽ سندس اولاد جي شان ۾ ڪافي قصيدا آهن.

مير امير علي خان جا پنهنجن همعصر شاعرن، مير عبدالحسين خان سانگي، غلام محمد شاهه گدا، غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ۽ ٻين سان تمام گهاٽا تعلقات هئا. انهن سڀني جي وچ ۾ منظوم خطن جو سلسلو جاري رهندو هو ۽ هڪ ٻئي سان علمي ۽ ادبي سوال جواب ڪندا هئا.

مير صاحب کي سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي، ٽنهي زبانن تي عبور حاصل هو. فارسي غزل، قصيدي ۽ مثنوي ۾ وڏي مهارت هيس. پنهنجي وقت جي اميرن، اديبن ۽ شاعرن ڏانهن جيڪي منظوم خط لکيائين، تن مان سندس مثنوي جي صنف تي ڪمال دسترسي جو ثبوت ملي ٿو. ڪافي ۽ مرثئي ۾ کيس اعليٰ درجي جي شاعرن ۾ شمار ڪري ٿو سگهجي. سندس تصنيفات مان ديوان امير ۽ انشائي امير مير بحر خان جي پٽن وٽ منگهن واري موجود آهن. مير امير علي خان روهڙيءَ جي مشهور صوفي بزرگ سيد جان شاهه رضوي جو مريد هو(1).

.xviii مير مهر نجف خان ”غريب“: هي مير رستم خان جي پوٽي هزهائينس مير امام بخش خان جو فرزند هو ۽ جنوجي ۾ رهندو هو. سندس تخلص ”غريب“ هو. فارسي غزل ۽ سنڌي مرثئي ۾ مهارت هيس. کيس مرثئي ۾ سيرت نگاري تي ڪماليت حاصل هو(2)

.xix مير غلام نجف خان غلام: هي مير مهر نجف خان غريب جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ جنوجي ۾ رهندو هو. پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ سٺو ڪافي گو شاعر هو. سندس تخلص ”غلام“ هو. اسي سالن جي عمر ۾ سن 1320هجري، مطابق 1902ع ۾ وفات ڪيائين(3).

.xx مير گل حسن خان: مير مبارڪ خان جو پوٽو ۽ مير ولي محمد خان جو فرزند مير گل حسن خان هڪ وڏو سخن شناس ۽ اديب شهزادو ٿي گذريو آهي. زماني جي ماحول کان مجبور ٿي انگريزن جي نوڪري ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. پنهنجي نوڪري واري ايامڪاري ۾ ٽالپر خاندان جي بهتري ۽ بهبودي لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين.

هو مير عبدالحسين خان سانگي ۽ مير امير علي خان امير جو صحبتي ۽ پڳ مٽ يار هو. پاڻ شاعر نه هو، پر شاعرن سان گهڻي محبت رکندو هو. سندس نثر ۽ تصنيفات مان ”قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو“، ”رسول پاڪ جي سوانح عمري“ ۽ ”ميرن جا احوال“ مشهور آهن. سندس وفات جو سال 1912ع آهي(4).

.xxi مير خداداد خان ”مير“: هي مير خير محمد خان جو فرزند هو. سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. شڪار ۽ شاعري سندس خاص ڪمزوريون هيون. ادبي ڪچهرين ۾ علمي نڪتا ٻڌائي ماڻهن جي دل موهي ڇڏيندو هو. سندس تخلص ”مير“ هو. سندس عمر ٻاهٺ سال، ٻه مهينا ۽ اٺاويهه ڏينهن هئي. تاريخ 15، شوال، 1347هجري مطابق 28 مارچ، 1928ع تي وفات ڪيائين(1).

.xxii مير خير محمد خان ”ضيا“: هي صوڀي ديري جي مير خدا بخش خان جو فرزند هو. فارسي غزل جو هڪ سٺو شاعر هو. پنهنجو تخلص پنهنجي پڙ ڏاڏي مير خدا بخش خان اول وارو رکيائين. سندس ڪلام پختو ۽رنگين آهي. تاريخ 9 جون، 1930ع تي وفات ڪيائين(2).

.xxiii مير راض محمد خان ”عاشق“: هي مير غلام حيدر خان ثاني ڪوٽ مير محمد خان واري جو فرزند هو. شعر ۾ ڪڏهن پنهنجو نالو ۽ ڪڏهن تخلص ”عاشق“ ڪم آڻيندو هو. پر علي محمد شاهه راشدي جي تحقيق موجب ”فارسي علم جو گوهر هو. ڇا سندس گفتگو ۽ ڇا سندس وقار ۽رعب، ڇا سندس فهم ۽ معامله شناسي، هر لحاظ کان سندس شخصيت قابل قدر ۽ قابل ديد هئي“(3). هو فارسي غزل ۽سنڌي ڪافي جي سٺن شاعرن مان هڪ هو.

.xxiv مير محب علي خان: هي مير عباس علي خان جو فرزند هو. پنهنجي وقت جو هڪ سٺو شاعر ۽ ڪاتب ٿي گذريو آهي. سندس هٿ جا لکيل ڪافي ڪتاب زبون حالت ۾ مير حسين بخش خان وٽ موجود آهن. هي گهڻوڪري مناقب ۽ اهلبيت جي شان ۾ سلام چوندو هو. آگسٽ، 1929ع ۾ وفات ڪري ويو(4).

.xxv مير علي نواز خان ناز: هي خيرپور رياست جي آخري دور جو حڪمران شاعر هو. عين جواني ۾ حڪومت جون واڳون ورتائين، مگر جلدي مجاز جي تيرن جو شڪار بنجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جو ڪاروبار وزيرن جي ڪائونسل جي حوالي ڪري ڇڏيائين. پنهنجو سمورو وقت پيرن، فقيرن، عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ صرف ڪندو هو. وٽس هر وقت اديبن ۽ شاعرن جون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. کيس شعر و شاعري سان نهايت دلچسپي هوندي هئي ۽ وٽس ڪافي مشاعرا ٿيندا هئا. علم و فن جو قدردان هو ۽ عام فيض رساني سندس خاص شيوو هو(1).

هن وٽ اردو جا مشهور شاعر آغا شاعر قزلباس ۽ حفيظ جالنڌري گهڻو وقت درٻاري شاعر ٿي رهيا. سندس علم پروري ۽ ادب نوازي کان متاثر ٿي رامپور جي درٻاري شاعر شميم امروهوي چئي ڏنو:

بنده نوازيون مين هي يکتا علي نواز،

سلطان وقت اور غلام شه حجاز.

حق کا نيازمند زماني سي بي نياز،

يه مير بهي هي نيک رعايا بهي پاکباز.

هر شخص اهل دل هي عجب يان کي سير هي،

يه خيرپور اصل مين بهرپور خير هي.

سنڌي زبان جو مشهور صحافي شاعر محمد هاشم مخلص هر سال مير صاحب وٽ اچي قصيدا پيش ڪندو هو ۽ مناسب نذرانا وٺي ويندو هو. مير صاحب سنڌي سرائڪي ۽ اردو جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ ڪافي سوز ۽ گداز سمايل آهي(2).

فارسي زبان جي مشهور شاعر عمر خيام جي رباعيات جو بهترين منظوم ترجمو ”خمڪده خيام“ جي نالي سان شايع ڪرايائين. سندس اردو غزلن جو ڪتاب ”گلدسته ناز“ نولڪشور لکنو ۾ ڇپيو، جيڪو سندس قادرالڪلامي جي ساک ڀري ٿو. سندس تصنيفات مان ”خلوت عشق“ ”طوفان عشق“، ”آتش عشق“ ۽ ”گنجنيه خرد“ مشهور آهن.

.xxvi مير دوست محمد خان: هي مير ولي داد خان جو پٽ هو. پاڻ شاعر نه هو، مگر شعر شاعري سان ڪمال درجي جي دلچسپي رکندڙ ۽ هڪ سٺو اديب هو. ساري عمر پوليس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل ٿي رهيو ۽ ايمانداري سان نوڪري ڏنائين. پوليس ۾ هجڻ جي باوجود اديبانه صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس تصنيفات مان ”شخصي ڊائري“ ۽ ”سرگذشت ٽالپران“ ٻئي ڪتاب فارسي عبارت آرائي جو عمدو مثال آهن. اهي قلمي ڪتاب زبون حالت ۾ مير ولي داد خان وٽ ٽنڊي علي آباد ۾ موجود آهن. هن تاريخ 4 رجب، 1268هجري، مطابق 24 نومبر 1932ع تي وفات ڪئي(1).

.xxvii مير نثار حسين خان: مير دوست محمد خان جو فرزند مير نثار حسين خان به سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. پنهنجو سمورو وقت راڳ ويراڳ ۽ فقيراڻي رهاڻ ۾ صرف ڪندو هو. وٽس فقير ۽ ڳائڻا هر وقت موجود رهندا هئا. جڏهن اڪيلو ٿيندو هو، تڏهن دينيات ۽ تصوف جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. سن 1952ع ۾ وفات ڪيائين(2).

.xxix مير غلام حسن خان ”احسن“: هي مير احمد علي خان جو وڏو پٽ هو. اردو ۽ فارسي جو سٺو اديب ۽ شاعر هو. سندس ولادت 1884ع ۾ ٿي ۽ وفات 1966ع ۾ ڪيائين. سندس طبعيت ۾ ننڍپڻ کان وٺي شاعري جي ڏات هئي. سخن جي مشق جاري رکيائين ته سندس جوهر وڌيڪ کلي پيا ۽ هڪ باڪمال شاعربڻجي پيو. مير صاحب هڪ وڏو هر دلعزيز، ڳالهين جو ڳهير ۽وڏين خوبين وارو بزرگ ٿي گذريو آهي.

.xxx مير خان محمد خان: هي مير غلام رضا خان جو فرزند هو. سندس گهڻو وقت ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ گذرندو هو. سنڌي زبان ۾ ڪجهه ديني ڪتاب لکيائين، جن مان ”قرآن پاڪ جو تفسير“ ۽ ”قرباني“ مشهور آهن. 1965ع ۾ ڪربلا معليٰ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ شاعر نه هو، پر ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺـندو هو.

.xxxi مير غلام محمد ”فقير“: هي مير غلام حسين خان جو فرزند هو. سندس ڳوٺ ٽالپر وڏا آهي. ننڍپڻ کان وٺي فقيرن جي صحبت ۾ رهيو ۽ ڀٽ شاهه تي وڃي لائق فقير جو طالب ٿيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو حافظ هو. سارو وقت ذڪر ۽فڪر ۾ گذاريندو هو. سنڌي بيت ۽ ڪافي جو سٺو شاعر هو. تاريخ 9 جمادي الاول، 1363هجري، مطابق 1944ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار ٽالپرن جي ڳوٺ ۾ سندس ٺاهيل هڪ وڏي ٿلهي تي آهي. اهو ٿلهو پنهنجو زندگي ۾ پاڻ ٽوڪريون کڻي ٺاهيو هيائين ۽ هر هڪ ٽوڪري بسم الله پڙهي کڻندو هو. هو پنهنجي پٺيان غوث بخش نالي هڪ پٽ ڇڏي ويو.

.xxxii مير لطف علي ”فقير“: هي مير خان ٽالپر جو فرزند هو ۽ ٽالپر وڏا ڳوٺ جو ويٺل هو. هن جي پنهنجي وقت جي سگهڙن ۽ فيض وارن فقيرن سان صحبت هوندي هئي. بيت ۽ ڪافي جو سٺـو شاعر هو. روزي ۽ نماز جو پابند فقير هو. هندو، مسلمان ۽ هر فرقي جا ماڻهو کيس عزت سان ڏسندا هئا. آخري ڏينهن ۾ سندس نظر ويهجي وئي. ستر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جي تاريخ 25 صفر، 1375 هجري، مطابق 1956ع آهي. سندس مزار ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ آهي.

.xxxiii مير ڇٽل خان ”مسڪين“: هي ڳوٺ حسين آباد تعلقي ڪوٽ ڏيجي جو ويٺل هو. سندس قبيلو بهاراڻي آهي. هن جو اصلي نالو بلوچ خان هو، پر پيار سبب کيس ڇٽل سڏيندا هئا ۽ هو مير ڇٽل خان جي نالي سان مشهور ٿي ويو. سندس والد جو نالو مير حسين بخش خان هو. هو هڪ وڏو هر دلعزيز، نيڪ نيت ۽ بااثر زميندار ٿي گذريو آهي.  بيت ۽ ڪافي جو سٺو شاعر هو ۽”مسڪين“ تخلص ڪندو هو. سندس ولادت جي تاريخ 7 فيبروري، 1898ع وفات جي تاريخ 26 جمادي الثاني، 1394هجري، مطابق 17 جولاءِ 1974ع آهي(1).

ميرن جي ڪلام تي تبصرو:

 

مٿي ذڪر ڪيل مير گهڻو ڪري سنڌي ۽ فارسي غزل جي روايتي شاعري ڪندا هئا، جنهن ۾ حسن ۽ عشق جا مضمون هوندا هئا. سندن غزلن ۾ تشبيهون ۽ استعارا تمام گهڻا هوندا هئا. هو لفظي خواهه معنوي صنعتون به استعمال ڪندا هئا. سندن ڪلام ۾ فارسي ترڪيبون جام هونديون هيون.

غزل کان سواءِ سنڌي ڪافي ۽بيت به هنن جو محبوب مشغلو هوندو هو. سندن ڪافين ۽بيتن ۾ حسن ۽ عشق جا مضمون تمام سادگي سان ٻڌل هوندا هئا. سندن زبان سادي سليس ۽ رنگين هوندي هئي.

مير امير علي خان، مير علي نواز خان ۽ مير غلام حسن خان، سنڌي ۽ فارسي کان سواءِ اردو ۾ به تمام سٺو ڪلام چيو آهي. اردو ۾ ”غزل“، ”منقبت“، ۽ ”سلام“ سندن قادرالڪلامي جي ساک ڀرن ٿا.

ميرن جي ڪلام ۾ ”نعت“ ۽”منقبت“ جو عنصر تمام گهڻو آهي. هو ”مرثيي“ ۽”سلام“ کان سواءِ ”غزل“ ۾ به اهلبيت جي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. مير سهراب خان ”مسڪين“، مير مهر نجف خان ”غريب“، مير محمد باقر خان، مير راض محمد خان ۽ مير غلام حسن خان جا مرثيا مقبول عام آهن، جن ۾ هنن اهلبيت جي فضائل سان گڏ مصائب جو به رقت آميز ذڪر ڪيو آهي.

مير رستم خان، مير فيض محمد خان، مير امير علي خان ۽ مير راض محمد خان ڪافي جا تمام سٺا شاعر هئا. سندن ڪافيون دک ۽ درد جون دانهون آهن، جن ۾ گهڻو سوز ۽ گداز سمايل آهي.

(ب) تعليم ۽ تدريس ۾ حصو:

.i تعارف: ارغونن کان وٺي ميرن جي زماني تائين سنڌ ۾ فارسي زبان کي وڏي اهميت حاصل هئي. سرڪاري لکپڙهه ۽ خانگي خطن پٽن ۾ اها ئي زبان استعمال ٿيندي هئي. علمي ادبي ڪچهرين، اميرن جي محفلن ۽ حاڪمن جي مجلسن ۾ به انهي زبان جي ذريعي رسائي ڪري سگهبي هئي.

ديني درسگاهن ۽ عام مدرسن ۾ عربي سان گڏ فارسي جو رواج عام هو. قرآن پاڪ جا تفسير، توڙي حديث ۽ فقهه جا ڪتاب سڀ فارسي ۾ لکيا پڙهيا ويندا هئا. ملڪ جي عوام جي ٻولي سنڌي صرف ڳالهائڻ ٻولهائڻ تائين محدود رهندي هئي، تنهنڪري ملڪ جي اڪثريت کي ديني مسئلن سمجهڻ ۾ وقت درپيش ايندي هئي.

انهيءَ دقت کي دورڪرڻ لاءِ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪجهه عالمن ڪوشش ڪري، عربي ۽فارسي جي ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ آهستي آهستي اهي ڪتاب سندن درس ۾ داخل ٿيندا ويا.

ٽالپرن جي دور ۾ هن تحريڪ کي ڪجهه فروغ حاصل ٿيو ۽سنڌي عالمن متقدمين جي تقليد ۾ سنڌي ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏنو. ان هوندي به شهرن ۾ فارسي جي حڪومت رهي، مگر واهڻن ۾ سنڌي زبان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ادب روز بروز ترقي ڪندو ويو، ڇو جو ثانوي تعليم تائين سارو نصاب سنڌيءَ ۾ منتقل ٿي ويوته باقي اعليٰ تعليم اها ئي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڏني وئي.

ميرن جي دور ۾ سرڪاري ۽ دفتري زبان فارسي هوندي هئي پر هو سنڌي زبان جي به سرپرستي ڪندا هئا. هنن کان اڳ ۾ وقت جي ڪن عالمن عربي ۽ فارسي جا ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪري پنهنجي درس ۾ داخل ڪيا هئا. ميرن جي همت افزائي سان عالمن سنڌي زبان ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏنو ۽ سنڌي ادب روز بروز ترقي ڪندو ويو ۽ آهستي آهستي ثانوي تعليم تائين سارو نصاب سنڌيءَ ۾ منتقل ٿي ويو.

.ii تعليمي ادارا: ميرن جي ڏينهن ۾ هاڻي وانگر حڪومت جي طرفان تعليم جو جدا کاتو ڪونه هو. اهو انتظام وقت جا پير، فقير، مخدوم ۽ عالم سنڀاليندا هئا، جنهن جي صلي ۾ کين حڪومت جي طرفان وڏيون جاگيرون ۽ ٻيا لوازما ملندا هئا. تعليمي مدرسا ۽ مڪتب هوندا هئا.

کهڙا: هتي مخدومن جو هڪ وڏو ديني مدرسو هوندو هو، جتي ابتدائي تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم درس ڏنو ويندو هو. انهيءَ مدرسي سان گڏ هڪ ننڍو مدرسو به هوندو هو جتي ثانوي درجي تائين سنڌي به پڙهائي ويندي هئي. هن کان سواءِ فقير محمد اڄڻ جو مدرسو هوندو ۽ جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

راڻيپور: هتي پير صالح شاهه اول ۽ پير غلام محي الدين جو مدرسو هوندو هو، جنهن جي استادن مان ڇٽو ڄاڙو هڪ وڏو عالم هو. هن کان سواءِ قاضي عبدالله جو مدرسو به مشهور هوندو هو. جتي عربي ۽ فارسي سان گڏ سنڌي تعليم جو بندوبست به هوندو هو.

گمبٽ: هتي پير ابراهيم شاهه جيلاني جو مدرسو هوندو هو، جيڪو پوءِ پير شمس الدين شاهه جي ڪوشش سان ترقي تي پهتو. هتي به وڏا عالم ۽تعليمي ماهر پڙهائيندا هئا.

درازا: هتي ميان صاحب ڏني فاروقي جو قائم ڪيل ديني مدرسو هوندو هو، جيڪو ميان عبدالحق ۽سندس جانشين جي ڪوشش سان ڪافي وقت تائين قائم رهيو.

پريان لوءِ: هتي مخدوم محمد ابراهيم جو مدرسو هوندو هو، جنهن کي سيد صالح شاهه سوائي جي اولاد وارا ڪافي وقت تائين هلائيندا رهيا. ان کان سواءِ حاجي محمد عثمان جوڻيجو جو هڪ ننڍو مدرسو به هو، جتي عربي ۾ فارسي سان گڏ سنڌي ۾ به تعليم ڏني ويندي هئي.

هنڱورجا: هتي پير عبدالرشيد جو هڪ وڏو مدرسو هو. ميرن جي دور ۾ ان جو انتظام ابو عطا شاهه ۽ ناصر علي شاهه سنڀاليندا هئا. اهو مدرسو ننڍي پئماني تي اڄ به قائم آهي.

ڊٻ مهر شاهه: هتي سيد مهر شاهه جو مدرسو هو، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم ڏني ويندي هئي. مهر شاهه کان پوءِ مدرسي جو خرچ سندس جانشين ڪندا رهندا هئا. اڄ به اهو مدرسو ننڍي پئماني تي سيد بچل شاهه جي سرپرستي ۾ هلي رهيو آهي.

دونهون: هتي سيد ابراهيم شاهه جو مدرسو هو، جيڪو سندس ٽن پيڙهين تائين قائم رهيو.

پير جو ڳوٺ: هتي پير صبغت الله شاهه جو مدرسو دارالارشاد هوندو هو، جتي ديني اعليٰ تعليم جو پورو پورو انتظام هوندو هو. اهو مدرسو اڄ به قائم آهي، جتان هر سال ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿيندا آهن.

تجل: هتي محمد شاعر صوفي جو مدرسو هوندو هو، جتي ديني ۽ دُنوي تعليم جو بندوبست هوندو هو. هي مدرسو به ڪافي وقت تائين جاري رهيو.

سيٺارجا: هتي قاضي عمر دراز عباسي جو قائم ڪيل مدرسو هوندو هو، جيڪو سندس اولاد مان قاضي غوث محمد جي ڏينهن تائين قائم رهيو. هتي به ديني تعليم سان گڏ دنيويءَ تعليم جو جوڳو بندوبست هو.

ٽالپر وڏا: هتي قاضي بلاول جو قائم ڪيل مدرسو هوندو هو. قاضي بلاول کان پوءِ سندس اولاد مان قاضي محمد بقا، قاضي عبدالوهاب ۽ قاضي عبدالله ان مدرسي جو پورو پورو بندوبست رکيو پر پوءِ اهو مدرسو بند ٿي ويو.

لقمان: هتي قاضي گل محمد اعواڻ جو قائم ڪيل مدرسو ڪافي ڏينهن ائين عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ وڏا وڏا عالم پيدا ڪندو رهيو. قاضي گل محمد کان پوءِ سندس پٽن قاضي ابوطالب، قاضي دين محمد ۽ قاضي محمد ڪامل انهيءَ مدرسي جو بندوبست رکيو. هنن کان پوءِ به ڪجهه وقت تائين قاضي عبدالصمد، قاضي علي محمد ۽ قاضي خداداد ان مدرسي جي سنڀال ڪئي پر پوءِ بند ٿي ويو.

.iii تعليم جو نظام: ميرن جي ڏينهن ۾ هاڻي وانگر حڪومت جي طرفان تعليم جو جدا کاتو ڪونه هو. اهو انتظام وقت جا پير، فقير ۽ عالم سنڀاليندا هئا. بزرگن جي خانقاهن ۽ درويشن جي درگاهن جا سجاده نشين وڏا وڏا عالم گهرائي، پاڻ وٽ رکندا هئا، جتي عام توڙي خاص ماڻهن جا ٻار اچي علم حاصل ڪندا هئا. انهن درسگاهن جي خرچ پکي جي پورت لاءِ سجاده نشين کي حڪومت جي طرفان وڏيون جاگيرون ۽ٻيا لوازما ملندا هئا(1).


(2)  نسيم، امروهوي: ”تاريخ خيرپور“، حوالو ڏنل آهي، ص 90.

(1)  زباني روايت: سيد محمد علي شاهه جوهر، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(2)  زباني روايت: مير ٻڍو خان ٽالپر، ساڪن لقمان.

(1)  حاشيه ديوان مسڪين، مملوڪه مير بجر خان ساڪن منگهن واري.

(2)  زباني احوال: مير ولي داد خان ٽالپر، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(1)  دستاويزات خانداني، مملوڪه مير محمد باقر خان ثاني، ساڪن دارا واهڻ.

(2)  زباني روايت: مير صادق علي خان ٽالپر، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(1)  هدايت علي، تارڪ: ”تاريخ شعراءِ سنڌ“، اردو ترجمو، از محمد حفيظ الرحمان، عزيز، المطابع بهاولپور، 1365هجري ص 42.

(2)  زباني روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(3)  عبدالحميد، ميمڻ، ڊاڪٽر: ”تذڪره شعراءِ سکر“، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج، سکر، 1965ع، ص 98.

(4)  زباني روايت: مير حسين بخش خان ٽالپر،ساڪن ڪوٽ مير محمد خان.

(1)  بياض مير دوست محمد خان ٽالپر، مملوڪه مير وليداد خان، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(2)  زباني روايت: مير غلام علي خان ٽالپر، ساڪن صوڀو ديرو.

(3)  علي محمد، شاهه، راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، حوالو ڏنل آهي، ص 234.

(4)  زباني روايت: مير حسن بخش خان ٽالپر، ساڪن ڪوٽ مير محمد خان.

(1)  بشارت علي، زيدي: ”تاريخ دارالسرور“، حوالو ڏنل آهي، ص 19.

(2)  علي محمد شاهه، راشدي: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، حوالو ڏنل آهي، ص 47.

(1)  جنم پتري،مملوڪه مير ولي داد خان ٽالپر، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(2)  ايضا

(1)  زباني احوال: مير لعل بخش خان ٽالپر، ساڪن، ڳوٺ ٽالپر وڏا.

(2)  ايضا

(1)  زباني احوال: مير حسين بخش خان ثاني، ساڪن: ڳوٺ حسين آباد.

(1)  لطف الله بدوي: ”تاريخ ادبيات سنڌي“، قلمي، حصو ٻيو، ص 17.

(2)  غلام علي، الانا، ڊاڪٽر: ”مضمون نئين زندگي“، جون – جولاء، 1970ع.

(1)  لطف الله، بدوي: ”تاريخ ادبيات سنڌي“، قلمي، حصو ٻيو، ص 17.

(2)  غلام علي، الانا، ڊاڪٽر: ”مضمون نئين زندگي“، جون، جولاءِ، 1970ع.

(3)  زباني روايت: مولوي عبدالڪريم، عباسي، سابق مفتي اعظم، خيرپور.

(1)  زباني روايت: مولوي، عبدالڪريم، عباسي، سابق مفتي اعظم، خيرپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org