سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:20 

لاڙي لهجي ۾ حالت جري ۽ حالت اضافت جي ڦيري لاءِ ڪڏهن اهڙا حرف ڪم ايندا آهن. جيڪي سندن حالت ڦيرائي ڇڏيندا آهن. اها حالت ڪڏهن حرفن سان ڪڏهن اعرابن سان ڦرندي آهي. اها ڦيرڦار لاڙ وانگر  خيرپوري لهجي ۾ به ٿيندي آهي مثلاً:

اباڻاء + اباڻا + ء = اباڻن کان.

ڏاڏاڻئون = ڏاڏاڻا + ئون = ڏاڏاڻن کان.

ڪم ئون = ڪم + ئون = ڪم جي ڪري.

ويچاريء = ويچاري + ء = ويچاري جو.

لوء = لوءِ + زير = لوءِ ڏانهن.

برهه = برهه + زير = برهه جي.

سيج = سيج + زير = سيج تي.

ماکئيون = ماکي + ئون = ماکيءَ کان.

ماکيان = ماکي + ان = ماکيءَ کان.

سر = سر + زبر = سر تي.

ڪجهه شاعرن جي ڪلام مان مثال پيش ڪجن ٿا:

ڄڻ آيم اباڻاء ماڻهو موٽائڻ جو.

مون کي رات رسيون ڏيهه ڏاڏاڻئون خبران.

ڪيهي ڪمئون ڪانگڙو اڄ ٿو ويڙهي منجهه وتي.

ناهي ويچاريءَ وس جو ڪري ماٺ پئي رهي.

ويم لالن لوءَ هيءَ اڻا سي ننڊ ۾. (سچل سرمست)

پرهه بهاري ٿي چوڌاري، محبت وٺڙا مينهن،

سي ڪيئن سيج سمهن، ڇا ڪن زيب زري. (سيد صالح شاهه)

ماکيئون مٺي ڀانئيان پريان سندي پڪ. (حمل فقير)

علي محمد عشق اڻائو اهو ڄاڻي جنهن سر آيو. (علي محمد شاهه)

ماکيان مٺي ڀانئيان، محبت تو مصري. (محمد ذاڪر اڄڻ)

مرڪب لفظ: لاڙي لهجي ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن ڪيترائي مرڪب الفاظ آڻي انهن مان زير اضافت جو ڪم ورتو آهي. ساڳي نموني سان خيرپور جي شاعرن به مرڪب لفظ استعمال ڪيا آهن.

اديون آتش عشق جا من ڪي مچ مچن ٿا،

روز ازل کان تنهنجڙي آهيان، غير نه مون کي ڀانئين وي.

 (سچل سرمست)

جنهن کي حملي حسن حيران ڪيو،

تنهن دين ڪفر يڪسان ڪيو. (سيد صالح شاهه)

برهه بهاري ٿي چوڌاري، محبت وٺڙا مينهن. (بيڪس)

تنهن منهن ڇائي ڇڄ جا واريءَ ويس ڪري گمي. (حمل فقير)

هيڻي حال اوهان گري دم دم آيو عيان. (نانڪ يوسف)

حرفن جي تخفيف ۽ واڌارو: لاڙي لهجي وارا ڪڏهن ڪڏهن لفظن ۾ حرفن جي تخفيف يا واڌارو ڪندا آهن. اهي ساڳيون تخفيفون ۽ واڌارا خيرپور جي شاعرن به ڪيا آهن.

سنگهارا سانگ پئي ونهيا وس ويام. (سيد محمد بقا شاهه)

نئون لکيو آيوم پريان سندي پار جو،

دعا ڪريجو جيڏيون ڀيرون تان نه ڀڃن. (سچل سرمست)

اچي شال ڀنڀور ۾ ٻاروچو ٻيهار،

ڪوڙئين ڪيم ڪيترا انهن ڪان ڪشال،

اوهان جي ته اچڻ جو آسر هڙ نه لاهيان. (سچل سرمست)

ماڳ ٿيندو مون ميلو ملينديوم ڌڻي. (سيد صالح شاهه)

پرين پارئون پانهجي من پانڌي پنائي. (محمد ذاڪر اڄڻ)

ريءَ پروڙڻ پانهجي ٻيو آهي محض گناهه. (غلام حيدر فقير شر)

مٿين مثالن ۾

ويام = ويم

ڪريجو = ڪجو

ڪشال = ڪشالا

ملينديوم = ميليندم

آيوم = آيم

ٻيهار  =  ٻيهر

آسر  =  آسرو

پانهجي = پنهنجي

 

لفظن جي ڦير ڦار: لاڙ وارا ڪجهه لفظن جي ڦير ڦار به ڪندا آهن آهن. مثلاً: مانکئون جي بدران مانهئون، توکئون جي بدران توهئون، ڇو جي بدران ڪوهه، ڏانهن جي بدران مڻين، تنهن کان جي بدران تهان، ڇاکئون جي بدران ڇاهئون، ۽ متان جي بدران مڇڻ وغيره خيرپور جي ڪجهه شاعرن به انهن جي تقليد ڪئي آهي.

ماريون ڙي مانهئون اها ويل نه وسري،

توهئون الاجي ڪيئن سئائين سو وعدو وسري ويو،

منج ڏهاڙي مون مڻين اهو ڏاهو ڏياري،

پڇن ڪوهه طبيب او سوز واريون سرتيون،

گهڻا ڏينهن لڳاءِ ڇاهئون ڪانگ قريب جا،

عمر آءُ مڇڻ تن کئون وڃان وسري. (سچل سرمست)

حرف جر ۽ فعلن جي ڦيرڦار: لاڙ ۾ حرف جر ”سان“ جي بدران ”سين“ ۽ فعلن ۾ ”ٿين“ جي بدران ”ٿئين“ چوندا آهن. مثلاً:

محبت موج سندين سدا سانوڻ جان وهي. (غلام حيدر فقير)

ههڙا هاڃا ٿئين ڀينر هن ڀنڀور ۾. (شاهه عبداللطيف ڀٽائي)

خيرپور جي ڪن شاعرن به اهائي ڦير ڦار ڪئي آهي. مثلاً:

محبت موج سندين سمنڊ سانوڻ جان وهي. (غلام حيدر فقير شر)

اٿم سار سندين اڄ پنهوار پري ٿيا،

مشڪل موٽڻ تنجو جي هي لڪ لنگهين،

وري هيڄ ورين جي سانگين ڪو سانگ پيو. (سچل سرمست)

عدد: لاڙ ۾ ”يارهن“ جي بدران ”ڪارهن“ چوندا آهن. خيرپور وارا به ڪڏهن ڪڏهن سندن تلقيد ڪندا آهن. مثلاً:

رسالو راس ٿيو منجهه اٺين ڏينهن،

ڪارهن سؤ گذريا ساٺيڪو ورهن. (مخدوم محمد شريف راڻيپور وارو)

مٿين سڀني مثالن مان اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته خيرپور جي لهجي تي لاڙي لهجي جو ٿورو، ۽ سريلي ۽ وچولي لهجي جو اثر تمام گهڻو آهي، تنهن ڪري اسان آسانيءَ سان چئي سگهنداسون ته خيرپوري لهجو سريلي، ۽ وچولي لهجي جي وچ واري ڪڙي آهي.

ix. خيرپوري لهجي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ: سري ۽ خيرپور وارين حدن ۾ مختلف قومن جي مختلف ٻولين جا لفظ ٻڌجن ٿا. اهڙين ٻولين مان ڪن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

آسٽرو ايشياٽڪ ٻولين جا لفظ: لسانيات جا ماهر چون ٿا ته اول اول جنهن قوم ٻاهران اچي لاڙ ۽ اتر سنڌ کي آباد ڪيو، سا ڪا آسٽرو ايشياٽڪ قوم هئي(1). سنڌ ۾ آباد ٿيل انهن باشندن ۾ ڪي منڊا قوم جا ماڻهو به هئا. انهن جي ٻولين کي ڪوليرئين (Kolarian) ۽ منڊا (Munda) ٻوليون چيو وڃي ٿو(1). انهن ٻولين جا ڪي لفظ هي آهن؛ جيڪي اڄ به خيرپوري لهجي ۾ موجود آهن.

ڪوڙي ۽ خيرپور رياست جي ڳوٺن ۾ ويهون ويهون ڪري انگن ڳڻڻ جو رواج اڄ به عام آهي. سٺ دوران ٽي ويهون، يا ٽي ڪوڙيون چوندا آهن(2).

هيٺيان لفظ به انهن ٻولين جا آهن.

مور > ميول (سنتالي)(3).

باڻ > بان (آسٽرو ايشياٽڪ)(4).

ڄنگهه > جنگهه (مان – گمير)(5).

ناريل > ناريڪيل (ملائي)(6).

درواڙي ٻولين جا لفظ: آسٽرو ايشياٽڪ نسل کان پوءِ جنهن ٻئي نسل سنڌ کي آباد ڪيو، سو ڀونو چوبو نسل هو، جنهن کي درواڙي نسل ڪوٺيندا آهن(7). هي نسل آرين کان گهڻو اڳ سنڌ ۾ آباد هو(8). انهن دراوڙي نسل جي ٻولين جا ڪيترائي لفظ اڄ به خيرپور ۾ ڳالهايا ويندا آهن. اهڙا لفظ هي آهن:

 

سنڌي

درواڙي

سنڌي

دراوڙي

ڪتڻ

ڪتڻ

کٽ

کٽ

نير

نير

ڪلا

ڪلا

ڦل

ڦل

ٻر

بل

روپ

ڙوپ

ڪور ڪور

ڪور ڪور

 

يوناني زبان جا لفظ: ڪنهن زماني ۾ يوناني به سنڌ تي ڪاهي آيا هئا. اهو زمانو عيسوي سن کان 180 ورهيه اڳ جو آهي، جڏهن ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي ڪاهي آيا، ۽ پوءِ سنڌ به فتح ڪيائون(1). سندن وقت جي نشاني خيرپوري لهجي ۾ هيٺيان لفظ آهن:

بغدي ۽ بختي = ڀلو مهري اُٺ

بلغاري = سٺي متل چلم يا چڱو متل حقو

دام = ملهه

دم = سڪو

سنسڪرت ۽ پالي زبان جا لفظ: جن سنسڪرت لفظن ۾ ٻٽا اکر بنا گڏيل حرف صحيح آهن، تن جا اُچار پاليءَ ۾ ملي هڪ روپ ٿي ويا آهن. مثلاً: سنسڪرت سپت، پالي ست، ۽ سنڌيءَ ۾ چئون ست(2). خيرپوري لهجي ۾ سنسڪرت ۽ پاليءَ جا هيٺيان لفظ اڃا تائين استعمال ۾ آهن.

 

سنسڪرت

ڌرم

پريم

للاٽ

پالي

ڌم

پريم

نلاٽ

سنڌي

ڌرم

پريم

نرڙ

 

عربي زبان جا لفظ: عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربي ٻوليءَ جو اثر سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ لڳو. سنڌ وارن اسلام، اسلامي تهذيب ۽ عربي زبان کي پنهنجو سمجهي جيءَ ۾ جاءِ ڏني. گفتگو ۽ مذهبي معرڪن ۾ عربي ٻوليءَ جا نوان نوان لفظ ڪم اچڻ لڳا، ايتري قدر جو عربن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو روپ ئي بدلجي ويو(3). خيرپوري لهجي ۾ عربي جا ڪافي لفظ استعمال ٿين ٿا. مثلاً:

ڪتاب، قلم، استاد، معلم، متعلم، مسجد، شهيد، مجاهد، ڪافر، مشرڪ، ايمان، شيطان، حج، زڪوات، ڪلمو، شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت، علم، عالم، دين، قرآن، حديث، فقہ ۽ محبت وغيره.

فارسي زبان جا لفظ: سنڌي ۾ ارغونن جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي زماني تائين سرڪاري ۽ دفتري زبان فارسي رهي آهي. تنهن ڪري فارسيءَ جا به ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن. جيڪي خيرپوري لهجي ۾ استعمال ٿيندا رهن ٿا. مثال: برادر، مادر، پٺر، دوست، پختو، ڪارگر، ڪار آمد، پروردگار، دست، بازو، چشم گوش، رخه، ڪشادو، شريف، ڪاڪل، حال، تيمار، تيمادار، پيالو، گفتگو، جستجو، ابرو، رخسار، يار، طرفدار، ناز، نياز، بادشاهه، گنج، رنج، شاگرد ۽ درد وغيره.

ترڪي زبان جا لفظ: خيرپور جي لهجي ۾ هيٺيان لفظ ترڪي زبان جا آهن. مثلاً:

ترڪي

آغا يا آقا

اطاق

ايلچي

سنڌي

آگو

اوطاق

ايلچي

بندوق

چاغ

چوغا

چت

قلي

بندوق

چاق

چوغو

چڪ (پردو)

ڪولي (مزدور)

 

پورچوگيزي زبان جا لفظ: سنڌ جي ٻين لهجن وانگر خيرپوري لهجي ۾ به ڪيترائي پورچوگيزي لفظ شامل ٿي ويا آهن. انهن مان ڪي هي آهي(1).

پورچوگيزي لفظ

Ambar

Batel

Bafo

Bucha

Pipa

Tabaco

خيرپوري اچار

انبار

بتيلو

ٻاڦ

ٻوچ

پيپ

تماڪ

پورچوگيزي لفظ

Lemao

Pagar

Pistola

Saboo

Falto

Leiluo

خيرپوري اچار

ليمون

پگهار

پستول

صابڻ

فالتو

نيلام

 

انگريزي زبان جا لفظ: پورچيگيزي وانگر انگريزي زبان جا به هزارين لفظ سنڌي زبان ۾ شامل ٿي ويا آهن، ۽ خيرپوري لهجي ۾ استعمال ٿين ٿا. مثلاً: اسڪول، اسپتال، ماچيس، باڪس، ٽيبل، ڪلاس، پين، پينسل، آفيس، آفيسر، جج، ڪورٽ، سول، انسپيڪٽر، سپرنٽينڊنٽ، ماسٽر، ڊائريڪٽر، بوٽ، سوٽ، ڪوٽ، واچ، چين، بٽن، سوچ، بوتل، گلاس، پليٽ، چاڪ، ڊسٽر، بوڪ، نوٽ، سگريٽ، ڪوپ، ساسر، ٿرماس، ريڊيو، ٽيليويزن، فون ۽ ڪٻٽ وغيره.

خيرپوري لهجي جو ٻين ٻولين تي اثر:

عربي زبان ۾ خيرپوري لهجي وارا لفظ: لاڙ جي بندرن تي ٻين ملڪن جي واپارين ۽ تاجرن وانگر عرب واپارين جي آمدرفت به هوندي هئي، انهيءَ ڪري لاڙي زبان جا ڪيترائي لفظ عربي لغت ۾ داخل ٿي ويا (1). انهن لفظن ۾ لاڙي ۽ خيرپوري لهجي جو اشتراڪ آهي، ۽ اڄ به اهي لفظ ساڳئي مطلب ۽ معنيٰ سان خيرپور ۾ ڳالهائجن ٿا. انهن مان ڪي لفظ هي آهن:

خيرپوري لفظ

ڪتڻ

سداڻ

ڪک (طب جا)

چندن

ڪپور

سر

عربي لفظ

قيطون (ڪپهه)

سندان

ڪحه

صندل

ڪافور

نيلج

خيرپوري لفظ

سڙهه

کنڊ

جت

واڻيا

ڇيٽ (ڪپڙي جو قسم)

عربي لفظ

سرعه

قند

زط

بنيانهه

شيت

ڪڇيءَ جا لفظ: هيٺيان لفظ خيرپوري لهجي ۽ ڪڇيءَ ۾ ساڳي معنيٰ وارا آهن. اهي لفظ ڪڇ وارن هتان ورتا آهن.

خيرپوري

گولو

جوڙو

بابو

گائو

ڪڇي

گولو (ٻانهو)

جوڙو (جتي)

پاٻو

گانو

خيرپوري

وانگي

ڄيرو

کانو

اڍائي

ڪڇي

وانگي(پهريدار)

ڄيرو

کائو

اڍي

پشتو جا لفظ: هيٺيان خيرپوري لهجي جا لفظ پشتو زبان ۾ اچي ويا آهن:

سنڌي لفظ

اڱڻ

ڏڪار

کٽ

پشتو لفظ

انگن

دڪال

ڪت

سنڌي لفظ

ڀنگ

ڌڪ

هڏو

پشتو لفظ

بنگ

ثق

هڊ

ix. خيرپوري لهجي جو جائزو:

صوتياتي جائزو (Phonetic Analysis): خيرپوري لهجي جو صوتياتي نظام سنڌيءَ جي علم صوتياتي نظام جهڙو آهي. هن ۾ ٻچيوان، ڏنڊوان، مهاروان، مور ڌني، بهنت تارون ۽ نرم تارون وارا آواز آهن. اهي آواز ڌوڪڻا، چوسڻا، گسڻا، گهَڻا (نڪوان)، ڦرڪڻا، گول، روان، ۽ نيم سر قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا. خيرپور جا ماڻهو عربي زبان جي اڌارن آوازن ] ف، ز، ق، خ، ع، غ[ کي پنهنجي ڏيهي عادت موجب بدلائي ] ڦ، ج، ڪ، ک، گ[ اچاريندا آهن. البته ڪي پڙهيل ماڻهو ]ق، خ، ۽ غ[ جي اچار ڪرڻ مهل خبردار رهندا آهن.

ڪي ڳوٺاڻا ماڻهو اچارن ۾ هيٺ ڏيکاريل تبديليون به ڪندا آهن.

مثال طور:

ش/ جي بدران/ چ ۽ ي/ جي بدران/ ج ڪم آڻيندا آهن.

شال < چال

ياد <   جاد   

يتيم<         جتيم

يوسف<         جوسف

اصواتي جائزو (Phonetogical Analysis): مختلف آوازن جي استعمال جي جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته ڪيترائي آواز لفظن جي آخري صورت ۾ معياري لهجي يا ٻين لهجن جي عام استعمال کان ٻي طرح اچارجن ٿا. مثلاً:

معياري لهجو

گهاوَ

ڀاءُ

پاءُ

خيرپوري لهجو

گها

ڀا

پا

تبديل

واو حذف

ءُ حذف

ايضاً

سنڌي ٻوليءَ جي ٻين اڪثر لهجن ۾ ڪن لفظن جي ابتدائي سرن کي حذف ڪيو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن خيرپوري لهجي ۾ انهن ابتدائي صورت وارن سرن جو اچار قائم رکيو ويندو آهي. مثلاً:

معياري لهجو

لهڻ

پٽڻ

کولڻ

تي

خيرپوري اچار

اُلهڻ

اُپٽڻ

اُکولڻ

اتي

وياڪرڻي جائزو:

ضمير خالص: سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن ۾ ضمير خالص جي اچارڻ ۾ هڪ جهڙائي ڪانهي خيرپوري لهجي ۾ انهن جو استعمال هن ريت ٿيندو آهي.

معياري اُچار

خيرپوري اُچار

آءٌ

تون

هو، هوءَ

اسين

توهين، اوهين

مان

تون

هو، هوءَ

اسان

اوهان، توهان

زمان ماضي: خيرپوري لهجي ۾ ڪن ڪن مصدرن جا ماضي معياري لهجي ۾ به ڪم ايندڙ ماضي فعلن کان مختلف هوندا آهن. مثلاً:

مصدر

معياري لهجو

خيرپوري لهجو

وسڻ

گسڻ

گُسڻ

لائڻ

پائڻ

وٺو

گٿو

گُٺو

لاتو

پاتو

وسيو

گسيو

لايو

لايو

پايو

xii. خيرپور جي ميرن جي ٻولي: خيرپور جا مير مڪران کان سنڌ ۾ اچڻ ڪري ائين پنهنجي مادري زبانبلوچڪي وساري چڪا هئا، ۽ پنجاب جي علائقن، ملتان جي آسپاس ۽ ديري اسماعيل خان، ساهيوال ۽ ديري غازي خان ۾ گهڻو وقت رهڻ ڪري سرائڪي ٻولي اختيار ڪري چڪا هئا. ايتري قدر جو سرائڪي سندن مادري زبان بڻجي وئي. هو جڏهن سنڌ ۾ آيا تڏهن هتي جي حاڪمن ڪلهوڙن جي زبان سرائڪي هئي. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ هو وڏي درجي جا امير ۽ فوجي سالار هوندا هئا. سندن وقت جي حاڪمن ۽ ٻين سردارن ليکين، پتافين، کهاوڙن، کٽياڻن، کوکرن ۽ خاصخيلين جي زبان به سرائڪي هئي. تنهن ڪري کين سرائڪيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ کين وقت پيش نه آئي. وري جڏهن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيائون، تڏهن به سرائڪي ڳالهائيندا هئا.سندن فوجي سردار بلوچ، ڪهيري ۽ ٻيا به سرائڪي ڳالهائيندا هئا. تنهن ڪري کين گهر ۾ توڙي درٻار ۾ هر وقت سرائڪي ۾ ڳالهائڻو پوندو هو. سنڌ ۾ پنهنجي رعايا سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪري سنڌي زبان به سکي ويا، ۽ ان تي ايترو عبور حاصل ڪيائون جو سنڌي زبان ۾ شاعري به ڪرڻ لڳا. ڪيترا مير پنهنجي وقت جا سٺا اديب ثابت ٿيا.

فارسي زبان: سنڌي ۽ سرائڪي زبان ٻنهي کي پنهنجي خاص آئيويٽا ڪانه هئي. تنهن ڪري ڪلهوڙن وانگر ميرن جي ڏينهن ۾ به سرڪاري زبان فارسي رهي ۽ سموري لکپڙهه فارسيءَ ۾ ٿيڻ لڳي. ميرن جو سمورو رڪارڊ فارسي ۾ رهيو. ادبي لحاظ کان به فارسي زبان جو درجو بلند هو، تنهن ڪري ان وقت جو گهڻو ادبي سرمايو فارسي زبان ۾ پيدا ٿيو.

سنڌي ۽ سرائڪي زبان: ميرن جي درٻار ۾ گهڻا صوفي پير ۽ فقير به اچڻ لڳا جن پنهنجي تبليغ جو دارومدار سنڌي ۽ سرائڪي زبان تي رکيو ۽ انهن زبانن ۾ شعر ۽ ادبي نڪتا بيان ڪندا رهيا. مير سندن سرپرستي ڪندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ اهي زبانون اڳتي وڌيون ۽ خود ميرن کي سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪلام چوڻو پيو.

صدائون: مير جڏهن گهر کان نڪرندا هئا يا ٻاهران گهر ڏانهن ايندا هئا ته ٻلهاڻي ۽ ٻيا فقيراءَ وٺي صدائون ڪندا هئا، ۽ دعا جا ڪلمان چوندا هئا. مثلاً: مير سائين، الله نگهبان، چڙهي عمان، هڪ هڪ وار سؤ سؤ ڄمار.

ميندا دولهه دلير بنا   ساري سنڌ دا ونا

جندڙ جوانيان ماڻي   سڀ دا حق سڃاڻين

سنڌ ديا لطان الله نگهبان     تيڏا دارا هي دربان

پنجان دي پاکر هووئي    علي دي آڌر هو وئي

تيڏا مٽ نه ڪوئي ثاني   ڏيهه تيڏا هي ڏاني

علي نگهبان تيڏا   پنجان دي پناهه هووئي

نبي دي نگاهه هووئي  هادي همراهه هووئي

سهرابي سرڪار- ڏيهه ڌڻي ڏاتار – سڀ کي ناڻو – منهنجو عرض اگهاڻو ڪوجهو توڙي ڪاڻو – تيسان سڀ جو ماڻو.

اچ مرادڻ مير – دعا ڪني فقير – پي کنڊون ۽ کير

سچو لنگهايئي سير – حامي تنهنجا پير – اچ منهنجا مير.

شاهنوازڻ سائين- جي وچ ميدان جائين – سڀ جي آس پڄائين

ٿورا مئين تي لائين – گيت مئين – تيڏي ڳائين.

فيض محمد ڍولڻ – توتان اولڻ گهولڻ – مٺڙو تنهنجو ٻولڻ-

وات اسان جي وائي – جيوين يار سدائين.

جان محمد جاني – هت نه تنهن جو ثاني – ڏيهه سمورو ڏاني

قائم تنهنجي خاني – ڪر عاجز تي احساني – جانڻ منهنجا جاني.

خان محمد خان – الله نگهبان – عليءَ جي امان – اعليٰ تنهنجو شان.

سڀ کي ڏيندس دان.

هوي جيڏا مير – کنڊا پيوين کير – حامي حضرت پير –

ٿيوين نا دلگير – ڪري دعا فقير.

مير ميڏا بلي بلي – جهول اتان جو جهلي – آيا مول نه ولي-

حڪم تيڏا پيا هلي – دشمن دي سر کلي – ميڏا مير بلي بلي.

جو دم اٿڙي جيسان – تيڏا دعاڳو ٿيسان.

ڪير ڪريسين ريسان – تيڏي ٻولي حريتان.

جيوين هووين – لک ٿيوين – سو مرادان ماڻي.

دارا تون وڌ شان هووئي – سڪندر دربان هووئي.

بخت بلند سلامت هووئي – تت تي تاج حڪومت هووئي.

تيڪون ڪوسا واءُ نه لڳي – دشمن تيڏي ڀڳي.

عمر وڏي اقبال هووئي – هر گهڙي سو سال هووئي.

ونگا نه هڪڙا وال هووئي – دم دم حق دي نال هووئي.

چوڻيون ۽ پهاڪا: ميرن جي سنڌ ۾ اچڻ کان وٺي ڪيترائي پهاڪا ٺهي ويا ۽ ضرب المثال بنجي ويا. مثلاً:

(i) مير الهيار خان ٽالپر ٽنڊي آدم جي باني رئيس آدم خان حاجي زئي مري، کان سندس ڀيڻ بيبي مريم جو سڱ گهريو، جيڪا حد کان وڌيڪ حسين، پرهيزگار ۽ نيڪ عورت هئي. آدم خان اهو ناتو قبول نه ڪيو ۽ مير الهيار خان کي محروم رهڻو پيو، انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي ڪنهن ماڻهونءَ چئي ڏنو ته:

”ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار“

اها چوڻي آهستي آهستي پهاڪو بڻجي ويئي.

(ii) مير بجر خان ولد مير بهرام خان کي جڏهن راجپوتن سازش تحت شهيد ڪيو هو. تڏهن هن کي اڪيلائپ ۾ آڻي ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ جو بهانو بڻايو هئائون، ان ڏينهن کان وٺي مشهور ٿي ويو ته:

”ڪن جي ڳالهين مير بجر مارايو“

ڪن جون ڳالهيون ڪرڻ معنيٰ ڪا سازش سٽڻ.

مير سهراب خان جو ڀاءُ مير عالي خان ننڍپڻ ۾ هڪ لا اُبالي ۽ اٻهرو امير هوندو هو. هڪ دفعي سندس پيارو ڪتو مري ويو. ته وڃي مسجد جي دروازي تي دفن ڪرايائين. ان تي کهڙن جي مخدومن کيس تعزير ڏيڻ ٿي گهريو، پر هن بندوق سان مٽريراڻي مخدومن تي حملو ڪرايو. اها ڳالهه ٻڌي مير سهراب خان پنهنجي ڀاءُ تي ناراض ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مير عالي خان رسامو ڪري ڊگهڙي طرف هليو ويو. ان هوندي به مخدومن جي دل نه ٺري، ۽ تنهجس ۾ کهڙن جي فقيرن هڪ مصرعه چئي ته:

”ڪنڊي لڳي باهه عالي منجهه سڙندو“

اها مصرعه ان ڏينهن کان وٺي زبان زد عام ٿي وئي.

مير علي مراد خان جو ننڍو پٽ مير غلام مهدي خان به هڪ اڻ ٽر ۽ البيلو شخص هوندو هو. ڪيترا دفعا ننڍن ناشائسته دوستن جي ڪري بلوچ سردار مٿس ناراض ٿيا، ۽ مير وڏي وٽ شڪايتون ڪيائون. مير صاحب هر وقت سردارن کان معافي وٺندو رهيو، ڇو جو پنهنجي پٽ سان ڏاڍي دل هوندي هيس. انهن ڳالهين کان متاثر ٿي ڪنهن چئي ڏنو ته:

”مهدي پنهنجو مير مهڻي هاب ڪري ڇڏيو“.

اها چوڻي ان ڏينهن کان وٺي وجود ۾ آئي.

مير رستم هڪ وڏو نرم دل وزير، خدا ترس ۽ فقير دوست ماڻهو هوندو هو. پيرن فقيرن ۽ درويشن کي جاگيرون ۽ پروانا ڏيندو هو هڪ دفعي هڪ درويش ڪلام ٿي چيو ته: ”ڪوئي واٽ مندر جي ڏسي“ اهو ٻڌي هڪ ٻئي درويش ڪلام چوندڙ درويش کي طعنو هڻندي چئي ڏنو ته:

”ڏئي جاگير جٺ ڪري – ويئي رمز رستم کسي

لڄ وڃايئه لوڙي جي – لڳين پورهئي لسي

پڇ وري به رستم کان – ته توکي واٽ مندر جي ڏسي“

مير سهراب خان وعدي جو تمام پڪو هوندو هو، ۽ سندس قول پٿر تي ليڪي وانگر ليکبو هو. ان ڪري مشهور ٿي ويو هو ته:

”سهرابي قول سوني سڪي تول“

ميرن جي سنڌ وڃائڻ کانپوءِ ڪجهه ننڍا مير عياشي جيوڙا بڻجي پيا ۽ سمورو وقت عيش عشرت ۾ گذارڻ لڳا. ان تي ڪنهن ماڻهوءَ چئي ڏنو ته.

”مير ڏينهن جا پٽ آهن“

يعني هو عياشي ماڻهو ڪنهن ڪم ڪرڻ جهڙا نه آهن.

مير سهراب خان ايترو سخي هوندو هو جو سندن باورچي خاني تائين آيو ويو پيو کائيندو هو، ۽ اتي بهتر ماني ملندي هئي. ان ڪري اهو مثال مشهور ٿي ويو ته.

”سهراب خان جي بٺي هرڪو اچي وٺي“

مير، پيرن ۽ فقيرن جا حد کان وڌيڪ معتقد هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن کي سزا ڏيندا هئا ته، ۽ ڪو پير يا فقير سفارشي ايندو هو ته ڏوهيءَ کي ڇڏي ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن امير يا وزير موٽي ويندا هئا، پر پير يا فقير ڪڏهن خالي نه موٽندا هئا، تنهن ڪري عام مشهور ٿي ويو ته.

”ميرن جا هنيا پيرن فقيرن کنيا“

مير علي مراد خان هڪ ڪرڙو حاڪم هوندو هو، ۽ چورن کي عبرتناڪ سزائون ڏيندو هو، تنهن ڪري سندس ايامڪاريءَ ۾ سمورا عادتي ڏوهاري رياست خيرپور جي حدن مان لڏي ويا. ان ڪري اها چوڻي عام ٿي ويئي ته.

”مير علي مراد آيو چورن چاڳ مٽايو“

XIII. خيرپوري لهجي جا مهاورا ۽ خاص لفظ: ميرن جي ڏينهن ۾ ڪجهه نوان محاورا وجود ۾ آيا، جن کي خاص ميرن جا محاورا سڏي ٿو سگهجي. ان کان سواءِ ڪجهه خاص ۽ انوکن لفظن به جنم ورتو.

بپائي ڪري   = زمين جي ڍل جنس ۾ وٺڻ

ٺپو هڻڻ        = ان جي ٻاري ۾ ڪارائو اَن کي ٺپو هڻندو هو

جيئن اَن چورائي نه سگهن.

ڇانڊي ڏيڻ    = لاباري ڪندڙن کي سنگن جي صورت ۾ مزوري ڏيڻ.

نميري ڏيڻ     = زميندار کي ڇيڙن مهيا ڪري ڏيڻ، جي بدران ڪجهه

 زمين يا اَن عيوض ڏيڻ.   

ٽنگر ٿيڻ      = ڪارائي طرفان ڪڙمين تي هڪ چغل مقرر ڪرڻ.

ميريون ٺاهڻ   = سرڪاري اَن جون وڏيون پليون ٺاهڻ.

گلم جو توبچي ٿيڻ = خوشامندي بڻجڻ.

سرائي بڻجڻ   = ميرن جو خاص ماڻهو بڻجڻ.

چولي جي جونءَ هجڻ = ڪنهن امير جو خاص ماڻهو ٿيڻ.

ڪوٽ تي چاڙهڻ      = ميرن جو ڪنهن کي قيد ۾ وجهڻ.

اوسر کڻڻ      = صبوح جو ساجهري شڪار لاءِ جانور هڪلڻ.

لڌڙيا ڇوڙڻ     = جهنگ ۾ جانور ڳولڻ لاءِ ڪتا ڇڏڻ.

هاڪو ڪرڻ    = شڪار لاءِ جانور کي تڙڻ.

چوڻ وجهڻ     = جهنگ ۾ جانورن کي هيرائڻ لاءِ اَن هارڻ.

باهه ڏيڻ               = باز کي چست بنائڻ لاءِ دوا ڏيڻ.

ڇيڙ وهڻ       = رعايا جو ميرن لاءِ ڪم ڪرڻ.

گهگهليو هجڻ        = بلوچ قوم جو هجڻ.

ڏيڍي تي وڃڻ = ميرن جي سراءِ ڏانهن وڃڻ.

خلوت ڪرڻ    = ميرن جو ڪنهن سان اڪيلائپ ۾ ملڻ.

باولي ڏيارڻ    = باز کي هيرائڻ لاءِ ڪو مئل پکي اڇلي ڏيڻ.

تار پائڻ                = پري ڀڄي وڃڻ.

نظير کٽڻ      = ڪا آکاڻي ٻڌائڻ.

لونگي وجهڻ  = ميرن جو ڪنهن کي انعام ڏيڻ.

اڙي ڏيڻ               = ملهه جو هڪ داءُ ڪرڻ يا ڪنهن سان ڦڏو ڪرڻ.

ڪتري هڻڻ    = ملهه ۾ ڪنهن کي ڌڪ ڏئي مٿي تي مٿو هڻڻ.

جاٺو هڻڻ              = ملهه ۾ مقابلي ڪندڙ جي ڄنگهه تي ڄنگهه رکي

 وار ڪرڻ يا ڪوشش ڪرڻ.

ٻلهڻ ڏيڻ      = ملهه ۾ سڄي ڄنگهه سان مقابلي ڪندڙ جون ٻئي

 ڄنگهون ڪڍڻ.

ويل وٺڻ        = شادي مرادي جي موقعي تي ٻلهائڻ يا ميراسڻ

 جي گهور وٺڻ.

منڍا کولڻ      = ونواهه وقت ڪنوار جا وار کولڻ.

چنگ جا ڪپڙا  = شادي تي گهوٽ کي ڪنواريتن طرفان مليل ڪپڙا، جن کي صرف ٽوپا ڏنل هوندا آهن، ۽ ڪينچي استعمال ٿيل نه هوندي آهي.

شادمانو ڪرڻ  = شادي لاءِ سنڱ جي هائو ڪرڻ کان پوءِ هڪ

شغل ڪرڻ.

صندليءَ تي هجڻ     = پائخاني ۾ هجڻ.

دڳي جا ڪپڙا = پنجن مهينن جي پيٽ کان پوءِ ڪنوار ڏانهن، سندن

مائٽن جا آندل ڪپڙا.

شاهه ڪاسو    = تمام وڏو پيالو جنهن جي ٻاهران نقاشي ٿيل هوندي

 آهي.

پڇل           = ميرن جي شادي واري پکي کي ٻاهران ويڙهيل

 ڪپڙو.

ڪڻ ڪڻ يا ڀوڳاڙو= ونواهه جي موقعي تي ڪڻڪ جو ڀڳل اٽو، جنهن ۾ هر

قسم جي مغزات وجهي، ڪنا ڀري ورهايو وڃي.

پينئر           = شادي جي موقعي تي کهنبن جي رڱائي وارو پاڻي

 جيڪو گهوٽيتن کي مذاق طور هڻندا آهن.

ٻيلهڙا          = نکيٽي واري رات ڪنوار جي مٿي تي ڏاس جو

سينهون رکي ان جي مٿان کير جون ٻه دکيون رکبيون آهن. انهن دکين کي ٻيلهڙا چون.

بٺي جهلڪو   = شادي جي موقعي تي جو هڪ ساٺ جنهن ۾ پنج

عورتون پنج مٽ اٽي جا پچائينديون آهن ۽ انهن مان هڪ عورت جي مٿان چار ويجها عزيز تراريون جهلي بيهندا آهن. ترارين تي کهنبو وجهبو آهي. انهن پڪل مانين مان ڪٽي ٺاهي تقسيم ڪبي آهي. ان وقت هڪ جانور ذبح ڪري، ان جو ڪچو جيرو ۽ هڪ پڪل ماني گهوٽ ڪنوار واري پکي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهيءَ ساري ساٺ کي بٺي جهلڪو سڏبو آهي.

قرابين         = ننڍي توب.

سريهرو         = ميرن جي شادماني جي موقعي وارو لاڏو.

ڪامڻ         = ونواهه جي موقعي وارو لاڏو.

هالو            = ڇٺيءَ ۽ شاديءَ جي موقعي وارو لاڏاڻو.

متنجن         = کٺمٺڙو پلاءُ.

مزعفر          = زعفران پيل تمام سٺي چاشني.

دولمو           = وڏن ميهن ۾ بند ٿيل هڪ قسم جو ٻوڙ جنهن ۾

قيمو ۽ مغزات پيل هجي.

يخ در بهشت  = مغزات ۽ خوشبو پيل فالودو.

ڪوڪ         = ڪپڙي ۾ مصالحه لڳل مڇي ويڙهي ان جي مٿان

ڪچو چونو ڏئي وهندڙ نار ۾ ٻڌي ڇڏبي آهي. جيڪا پنجن ڇهن منٽن  پچي پوندي آهي.

ماڪوني               = هڏن مان مک ڪڍي زعفران ۽ ٻي خوشبو وجهي

ٺاهيل جيلي.

بادو            = ڏنڍو هٿ ۾ کڻڻ جيترو پيالو.

خلڪو، چولو يا لباتو = ڊگهين ٻانهن وارو ۽ پيرن تائين ڊگهو چولو، خلڪو

سياري ۾ پائبو آهي ۽ لباتو اونهاري ۾ پائبو آهي ۽ چوغو ٻنهي مندن ۾ پائبو آهي.

ڏندوڻ          = سينگارڻ.

اساٿري         = ڪاغذن جو ٿيلهو.

ڌڳي           = ڪپڙي جو ٿان.

علي بند               = هڪ قسم جو پٽو يا ڪراس بيلٽ.

قصابو         = هڪ قسم جو پٽو جيڪو زالون ويم جي وقت يا

پوڙهيون عورتون مٿي سان ٻڌنديون آهن.

چبڪلي               = هڪ قسم جو هار جيڪو ڳچيءَ جي هيٺيان ۽

 سيني کان مٿي هوندو آهي.

گنگال          = تڙ ڪرڻ لاءِ پاڻي جو وڏو ٿانءُ يا ٽٻ.

پلو             = ننڍي جاگير.

مهاڙي         = شڪار لاءِ مقرر ٿيل جهنگ.

ڦير             = اها مهاڙي جنهن کي لوڙهو ڏنل هجي.

ٻانڌاڻو         = ڦير.

ڪهو           = ٿر جي ماٿري.

بٺو             = جبل جي چر جنهن ۾ هرڻ منجهند جو آرام ڪندا.

 آهن.

نلي            = ساول وارو زمين جو هيٺاهون ٽڪرو.

لوڙ             = واري جو دڙو.

ويرو            = واريءَ جي ڀٽن جي وچ وارو سخت زمين جو ٽڪرو.

وڌ              = ڪنهن واري جي ڀٽ تان چڙهڻ جو رستو.

شگهه          = هرڻ جو ٽولي.

ڪارچوب      = سلمي ستاري جو ڪاريگر.

گل انداز        = توبون ڇوڙيندڙ.

تيورو           = توبون صفا ڪندڙ.

صيقليگر       = تراريون صاف ڪندڙ.

بٺي            = بورچي خانو.

سيني          = کائڻ لاءِ بيضوي شڪل جي وڏي رڪابي يا ڊش.

ميرن جي فرنيچرن جا نالا: تخت، ڇپر کٽ، صندلي، صندل، دري (ڀت ۾ لڳل)، منجي، هندورو، چاندني، کيس، قد آدم آئينو (ڀت ۾ لڳل)، گائو تڪيه (وڏا وهاڻا).

ميرن جي برتنن جا نالا: ميانو، ڍولي، خومچو، (ست رڇيءَ لاءِ اٺ ڍاڪون رکيل)، مخبا، طشت، سيني، وٽي، بادو، ڪاسو، شاهه ڪاسو، قاشق، پيپ، گنگال، طاس، مرتبان، اُگالدان، عطردان.

ميرن جي مخصوص طعامن جا نالا: خشڪا، پلاءَ، چاشني، قورمو، متنجن، مزعفر، دمپخت، بادامين جو ٻوڙ، اڇو پونو، دولمو، ڪباب، گندي، بخني، قورمو پلاءَ، مٺا ٻوڙ، ٽڪرن جو ٻوڙ، مختلف قسمن جي مڇي (سيئل، داسيل، ڪوڪ ۽ تريل)، حلوو، مسقطي حلوو، دندان گير حلوو، آنن جو حلوو، پستن جو حلوو، بادامين جو حلوو، بادامين جي ماني، پراٺو، نان ختائي، اڇو حلوو سوهن، ڳاڙهو حلوو سوهن، کيرتي، ماڪوتي، يخ در بهشت، رائتو، آچار، چٽڻي، مربو، تترن ۽ هرڻن جا ڪباب، سيخون ۽ ٻوڙ، ڪڪڙن جا ڪباب ۽ ٻوڙ، تلور جو ٻوڙ ۽ ڪباب، وهين جا ٻوڙ ۽ سيخون، ڦاڙهن جا ٻوڙ ۽ سيخون، پاڻيءَ جي پکين جا ڪباب ۽ ٻوڙ، مختلف ڀونا، ملائي، ڏڌ، ڌونرو، کير، شربت مختلف قسمن جا.


(1)  John Marshall: “Mohan- jo- Daro and Indus Civilization Arthur Probestbain”, Lahore, 1931, P. 33

(1)  Griorson. J. A. Linguistic Survey of India, Vol,. VIII, Part I. Culcutta, 1919, PP 35 & 132.

(2)  Ibid.

(3) Chakaravarti: “Literary History of India”, Vol. VIII, Part I-6, P 70.

(4)  Ibid.

(5)  Chakarvarti: op. cit. P 33.

(6)  Ibid.

(7)  John Marshall: op. cit. P 33

(8)  Ibid. P 33.

(1)  ڀيرو مل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 49.

(2)  ايضاً. ص 47.

(3)  غلام علي الانا، ڊاڪٽر: ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڊي فل لاءِ تحقيقي مقالو، 1971ع، ص 197.

(1)  Anthonyxavier Soares: “Portuguese Vocables in Asiatic Languages”, Oriental Institute of Baroda, 1936, P 496.

(1)  سليمان ندوي، سيد: ”عرب والون ڪي تعلقات“، هندستاني اڪيڊمي، الله آباد، 29- 1928ع، ص 63.

(1)  رئيس دوست محمد خان مري، ساڪن ٽنڊو مستي خان جي زباني روايت.

(2)  رئيس باقر خان مريءَ، جي زباني روايت.

(1)  زباني روايت: مير حسين بخش خان، ساڪن مير رستم خان جو ڪوٽ

(2)  زباني روايت: مير محمد خان مري، ساڪن، ٽنڊو مستي خان.

(3)  زباني روايت: الهرکيه خان رند بلوچ، ساڪن سنهڙو خيرپور.

(4)  زباني روايت: مير امام بخش خان ٽالپر، ساڪن ڳوٺ بنگلو.

(1)  زباني روايت: مير فدا حسين خان، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(2)  زباني روايت: صاحبزادو مير حاجي غلام حسين ٽالپر، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(3)  زباني روايت: مير حسين بخش ٽالپر، ساڪن مير محمد خان جو ڪوٽ.

(4)  زباني روايت: مير وليداد خان ٽالپر، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org