سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:30 

ميان نظر محمد: سخي قبول محمد جي گادي تي سندس فرزند ميان نظر محمد ويٺو. سندس ولادت 1201 هجري ۾ وفات 1252 هجري ۾ ٿي. هي به پنهنجي وقت ۾ هڪ زندهه دل درويش ۽ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي(2).

ميان نجم الدين: ميان نظر محمد کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان نجم الدين ٻارهن سالن جي عمر ۾ سجاده نشين ٿيو. سندس ولادت جو سال 1239 هجري آهي. پورا ٽيٽيهه سال مٽيءَ جي ملڪ تي رهي، عين جواني جي وقت 1272 هجري ۾ وفات ڪيائين(3).

ميان قبول محمد ثاني: ميان نجم الدين کان پوءِ سندس اڪيلو پٽ سخي قبول محمد ثاني گادي تي ويٺو. سندس ولادت 1261 هجري مطابق 1842ع ۾ ٿي ۽ ڏهن سالن جي عمر ۾ مسند نشين ٿيو. هيءُ به سخي قبول محمد اول وانگر هٿ جو ڇٽل ۽ سخي مرد هوندو هو. جيڪي به نذرانو وغيره ايندو هو، سو اتي جو اتي غريبن ۽ مسڪينن کي ڏئي ڇڏيندو هو. پنهنجن ڪڙمين کان زمين جي بٽائي به نه وٺندو هو. ان هوندي به غيبي امداد سان سندس لنگر اٺئي پهر جاري رهندو هو. هن مسلمانن سان گڏ ڪيترائي هندو به مريد ڪيا، جيڪي توحيد ۽ رسالت جو اقرار ڪري، فيض وارا فقير بڻيا رهيا. کيس ميان محمد بچل، ميان نظر محمد ثاني، ميان صاحڏنو ثاني ۽ ميان رستم علي نالي چار فرزند هئا. سندس ابدي وصال 23 ذوالقعد، 1343 هجري، مطابق 1924ع تي ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ هيءَ درگاهه ملڪن ملڪ مشهور ٿي ويئي(4)، ۽ پري پري جا پڙهيل ۽ انگريزي خواندا اچي مريد ٿيا. راڳ ۽ ويراڳ جون محفلون به اڳي کان وڌيڪ عيڻ لڳيون. عام ماڻهن کانسواءِ سنڌ جا ڪيترا ڪامورا به هن درگاهه تي اچي عقيدت جا نذرانه پيش ڪرن لڳا.

ميان صاحبڏنو ثاني: سخي قبول محمد ثاني کانپوءِ سندس فرزند ميان صاحبڏنو ثاني فقيري جي گادي تي ويٺو. سندس ولادت جو سال 1307 هجري ۽ وفات جو سال 1350 هجري آهي(1).

ميان قبول محمد ثالث: ميان صاحبڏني ثاني کانپوءِ ميان قبول محمد ثالث مسند نشين ٿيو. سندس ولادت 1332 هجري ۾ ٿي ۽ وفات 1371 هجري ۾ ڪيائين. هيءُ به پنهنجن وڏن جون سڪون لاهي ويو(2).

ميان عبدالحق ثاني: هن وقت ميان عبدالحق ثاني سجاد نشين آهي. سندس تاجپوشي 25 فيبروري 1952 تي ٿي هئي. ميان صاحب هڪ زنده دل درويش آهي. ڪڏهن ڪڏهن جذب ۽ مستيءَ جي حالت ۾ رهندو آهي. سخي مرد آهي. ۽ پاڻ وٽ ڪجهه به سانڍي نه رکندو آهي

درازن جا پانڌيڙا: درازن جي درگاهه جا مريد هزارن جي تعداد ۾ آهن. انهن مان نانڪ يوسف ۽ غلام حيدر گودڙيو تمام مشهور فقير ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو مختصر احوال دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.

فقير نانڪ يوسف: هي سچل سرمست جو روحاني فرزند هو. سندس والد جو نالو مولوي هاشم کوکر هو، جيڪو بلوچستان جي علائقي جهل جو ويٺل هو. سندس خاندان وارا سمورا ماڻهو راڻيپور جي پيرن جا مريد هئا. فقير محمد يوسف ننڍي عمر کان وٺي حق جو طالب هوندو هو. پنهنجي روء سوء ويٺو عبادتون ۽ رياضتون ڪندو هو. ديني تعليم جي تحصيل کانپوءِ، حق جي ڳولها ڪندي درازن جو درويش بڻجي ويو ۽ سچل سائين جو ٻالڪو ٿي ويٺو. مرشد جي نظر فيض اثر سوني ٿي سهاڳي جو ڪم ڪيو. ۽ هو ذري مان آفتاب بنجي ويو. سندس ولادت 1792ع ۾ ٿي، ۽ وفات 1845ع ۾ ڪيائين. سندس مزار گمبٽ تعلقي جي اڳڙن جي ڀرسان رنگپور ۾ آهي. رنگپور کي اڄ ڪلهه فقير نانڪ يوسف جو ڳوٺ چوندا آهن. سنڌي سرائڪي ۽ هندي زبانن ۾ سندس ڪافي ڪلام آهي(1).

غلام حيدر فقير: غلام حيدر فقير ولد رئيس قائم خان شر بلوچ ويٺل مينگهو فقير شر، فقير نانڪ يوسف جو ٻالڪو هو. هو غلام حيدر گودڙئي جي نالي سان به مشهور آهي. اڳ ۾ سرڪاري نوڪر هو، پوءِ فقيري اختيار ڪيائين. وقت جي پيرن، فقيرن ۽ عالمن سان دوستي هوندي هيس. فقير خير محمد هيسباڻي، لونگ فقير مهيسر ۽ عثمان فقير سانگي سان گهاٽا تعلقات هوندا هيس. راڻيپور جو پير غلام محي الدين شاهه کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. وقت جو حاڪم مير علي مراد خان سندس وڏو معتقد هوندو هو.

فقير صاحب سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ چڱو ڪلام چيو آهي. سندس ڪلام ۾ خيالات جي بلندي ۽ فڪر جي گهرائي آهي. سندس ولادت 1215 هجري ۾ ٿي ۽ وفات 1278 هجري ۾ ڪيائين. سندس مقبرو مينگهي فقير جي ڳوٺ ۾ آهي(2).

مينگهو فقير: غلام حيدر فقير کي مينگهو فقير، علي مراد فقير، دين محمد فقير، در محمد فقير، خدا داد فقير، ڳوڌو فقير ۽ غلام نبي فقير نالي ست فرزند هئا، جن مان سندس وڏو فرزند مينگهو فقير پيءَ جو جانشين ٿيو.

مينگهو فقير پنهنجي والد وانگر هڪ فيض وارو فقير هو. ظاهري علم حاصل ڪونه ڪيائين، پر سندس اندر واري اک کليل هوندي هئي، تنهنڪري ديني ۽ دنيوي مسئلا آسانيءَ سان سمجهي سگهندو هو. وڏو متوڪل شخص هو. سمورو وقت پنهنجي درگاه تي معتقف ٿي رهيو. مينگهي فقير جو اصلي نالو حبيب الله هو ۽ ننڍي هوندي کان بيمار گذاريندو هو. هڪ دفعي مجذوب ساڌو فقير درگاهه تي آيو ۽ ننڍڙي حبيب الله کي مٿي تي هٿ رکي مينگهو ڏنگزاج سڏيائين ۽ سڀني کي چيائين ته کيس انهيءَ نالي سان سڏين. ان ڏينهن کان وٺي هو مينگهو فقير سڏجڻ ۾ آيو. سندس ولادت 20 رجب، 1233 هجري ۾ ٿي هئي ۽ وفات 1313 هجري ڌاري ڪيائين(1).

غلام شاهه فقير: مينگهي فقير کان پوءِ سندس وڏو فرزند فقير غلام شاهه فقيري جي مسند تي ويٺو. هيءُ فقير به پنهنجن وڏن وانگر نرم سڀاءُ وارو، خوش خلق ۽ سالم طبع وارو انسان ٿي گذريو آهي. سخاوت ۾ پنهنجن وڏن کان وڌيڪ هو. سندس سخاوت جي هاڪ ٻڌي، ڪيترائي بيروزگار ماڻهو سندس درگاهه تي ڌرڻو ماري اچي ويهي رهيا. فقير صاحب سڀني جي کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ جو بندوبست ڪندو هو. هونئن به سندس لنگر جي بٺي هميشه تتل رهندي هئي، ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سائل جي اچڻ وقت فقير صاحب کي ٻيو ڪجهه ڪونه هوندو هو ته پنهنجي جان جا ڪپڙا به لاهي سائل کي ڏيندو هو، روزي نماز جي سختيءَ سان پابندي ڪندو هو. سندس ولادت 21، ربيع الثاني 1258 هجري تي ٿي هئي، ۽ وفات 1335 هجري ۾ ڪيائين(2).

قائم فقير: فقير غلام شاهه جو ٻيو نمبر ڀاءُ قائم فقير به هڪ وڏو درويش ۽ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام تشبيهن، استعارن ۽ فني صنعتن سان سينگاريل آهي. تصوف جا نادر نڪتا سندس ڪلام ۾ جابجا نظر ايندا. قائم فقير سجاده نشين نه هو. پنهنجي ڀاءُ غلام شاهه جي زندگي ۾ وفات ڪيائين.

مراد علي فقير: فقير غلام شاهه کي نرينو اولاد ڪونه هو، تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ٽيون نمبر ڀاءُ مراد علي فقير سجاده نشين ٿيو. هي فقير به پنهنجن وڏن جي پيروي تي ڪاربند رهيو ۽ سمورو وقت ذڪر فڪر ۾ گذاريائين. وڏو بردبار، متوڪل ۽ هردلعزيز شخص ٿي گذريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس ڪلام ۾ وحدت الوجود جي وضاحت ٿيل آهي. سنڌي ۽ سرائڪي سان گڏ فارسي ۾ به ڪجهه ڪلام چيو اٿس. سندس ولادت جي تاريخ 26 شعبان، 1303 هجري ۽ وفات جو سال 1361 هجري آهي(1).

ٻڍل فقير: مراد علي فقير جي وصال کان پوءِ سندس وڏو فرزند ٻڍل فقير گادي نشين ٿيو. هي به هڪ وڏو هردلعزيز ۽ درد واري دل رکندڙ انسان هو. ويجهڙائي ۾ وفات ڪري ويو آهي. سن 1960ع ۾ درگاهه جي جانشين جو ڪلام ڪٺو ڪري ديوان غلام حيدر فقير جي نالي سان شايع ڪرايو هئائين.

هيسباڻي فقير: خيرپور جا هيسباڻي فقير وڏي اثر رسوخ وارا ۽ معرفت جا صاحب ٿي گذريا آهن. فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي شهر جي ڀرسان سندن درگاهه آهي، جتي هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو آهي. اتي هر سال ذوالحج مهيني جي 17، 18، 19 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي.

خير محمد فقير: هيسباڻين جي درگاهه جو باني خير محمد فقير ولد سرائي غلام حيدر خان آهي. سندس وڏا اصل ۾ پنجاب جي ساهيوال ضلعي ۾ ويٺل هئا، جتان آدم شاهه ڪلهوڙي سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ پؤنرن جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا. خير محمد فقير جي ولادت 1224 هجري ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد هيسباڻي ۾ ٿي. ابتدائي تعليم ڀنئورن ۾ آخوند بخش علي گاڏهي جي مدرسي ۾ ورتائين جتي قرآن شريف ختم ڪري ڪجهه فارسي جا ڪتاب پڙهائين. ان کان پوءِ، تڳڙن ۾ مولانا عبدالقدوس وٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين(2).

فقير صاحب جا وڏا نوشهري جي پيرن جا مريد هئا. سندس چاچو راوت خان وڏي هلندي وارو ماڻهو هو، ۽ ميرن وٽ سندس ڪافي اثر هو. ان جي معرفت خير محمد فقير کي سرڪاري نوڪري ملي ۽ ڪارائو مقرر ٿيو. هڪ دفعي پنهنجي عملي سان گشت ڪندي تڳڙن جي ڀرسان هڪ پوڙهي عورت کي ڏٺائين، جنهن مٽرن جي ڀري کڻائڻ لاءِ ماڻهن کي پئي سڏيو. فقير صاحب کي سندس حال تي رحم آيو ۽ عملي سميت گهوڙن تان لهي عورت کي مٽرن جي ڀري کڻائڻ لڳو. عورت ويچاري سرڪاري ماڻهن کي ڏسي مرعوب ٿي وئي ۽ چيائين، ”ابا مون ڪنهن ماڻهو کي پئي سڏيو، اوهان ته ڪامورا آهيو.“ انهن لفظن فقير صاحب جي دل تي ايترو ته اثر ڪيو، جو مٿس وجد جي حالت طاري ٿي وئي. دانهن ڪري چيائين: ”ڇا ڪامورا ماڻهو ئي ناهن؟“ بس ان وقت ئي نوڪري ڇڏي پير شهاب الدين نقشبندي جي فرزند پير عبدالحي وٽ نوشهري ۾ ويو ۽ باطني فيض حاصل ڪري، باقي حياتي جو عرصو فقيري ذوق شوق ۾ گذاريائين. خيرپور جو حاڪم مير علي مراد خان سندس وڏو معتقد هوندو هو. فقير صاحب کي لنگر جي خرچ لاءِ زمين جو پروانو ڏنائين. مير صاحب سندس ڪو سوال نه مٽائيندو هو. هن مير صاحب وٽان ڪيترائي قيدي آزاد ڪرايا(1).

فقير صاحب ستر سالن جي عمر ۾ تاريخ 2، محرم 1294 هجري تي تڳڙن جي شهر ۾ برقعو مٽايو ۽ کيس دفن به اتي ڪيو ويو. وري جڏهن 1905ع ۾ درياهه جي اٿل آئي، تڏهن سندس عزيزن، سندس ابدي آرام واري صندوق تڳڙن مان ڪڍرائي موجوده درگاهه تي اچي دفن ڪئي.

خير محمد فقير کي، شير محمد، مير محمد ۽ عرض محمد نالي ٽي ڀائر به هئا، جن جو اولاد اڄ ڪلهه خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعي ۾ آباد آهي.

خير محمد فقير بيت ۽ ڪافي جو هڪ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام فني سٽا، زبان جي سلاست ۽ سادگي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

در محمد فقير: خير محمد فقير جي وفات کانپوءِ سندس فرزند در محمد هيسباڻين جي درگاهه جو سجاد نشين ٿيو. هي پنهنجي پيءُ وانگر وڏو شاعر هو. گھڻو وقت سڪر ۽ مستي جي حالت ۾ گذاريندو هو. ڪنهن به امير يا وزير جي درٻار ۾ نه ويو. سمورو وقت اهل درويشن ۽ فيض وارن فقيرن جي صحت ۾ گذاريائين. هو هڪ وڏو متوڪل ۽ تارڪ فقير ٿي گذريو آهي.سندس مزار پنهنجي پيءُ جي پاسي ۾ آهي(2).

کھڙن جا اُڄڻ فقير: کهڙن جي شهر ۾ اڄڻ فقيرن جي درگاهه جو بنياد ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جي خليفي ميان چنيهه فقير ولد ميان محمد عثمان رکيو. چنيهه فقير جو وڏو ڀاءُ چنڻ عرف غني مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙن واري جو نوڪر هو. هڪ ڏينهن ڪاٺيون ڪندي کيس ڪاٺي لڳي ۽ مري ويو. ان وقت مخدوم صاحب جذب جي حالت ۾ هو. ميان محمد عثمان کي گھرائي دعا ڪيائين ۽ کيس بشارت ڏنائين ته کيس ٻيو پٽ ڄمندو. جيڪو پير ٿيندو ۽ميان صاحبڏني فاروقيءَ کان فيض وٺندو. الله پاڪ اها دعا اگهائي ۽ چنيهه فقير تولد ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو فيض وارو فقير ۽ شاعر بنيو(1).

ميان چنيهه فقير جا ٽي فرزند ميان فقير محمد، ميان خاوند ڏنو ۽ ميان محمد ذاڪر به وڏا درويش ٿي گذريا آهن. چنيهه فقير جو  سجاده ميان فقير محمد سن 1128 هجري مطابق 1812ع ۾ گّذاري ويو. ميان محمد  ذاڪر مدح، معجزي، بيت ۽ ڪافي جو وڏو شاعر هو.

ميان فقير محمد کي ٻه فرزند ميان محمد علي ۽ ميان محمدفاضل هئا. ميان محمد علي سجاده نشين ٿيو. کيس پکي ڌڻي به سڏيندا هئا. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون آهن. شڪارپور وارو خليفو ڪرم الله سندس مريد هو. ميان محمد پکي ڌڻي 1256 هجري، مطابق 1840ع ۾ رحلت ڪئي(2).

ميان محمد ذاڪر جو فرزند ميان راز ڏنو به بيت ۽ ڪافي جو وڏو شاعر ۽ اهل دل درويش هو.

ميان محمد علي جو فرزند ۽ سجاده نشين ميان خدا دوست هڪ ڏو عالم ۽ ڪامل درويش هو. کيس سماع سان  وڏو شوق هوندو هو. پير علي مراد خان ٽالپر هن کي مخدوم دين محمد ۽ سندس جماعت سان گڏ گمبٽ تعلقي جي هڪ هندو سڀاڳي مل کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪري ڪوٽ تي چاڙهي پنج مهينا قيد ۾ رکيو هو(3).

ميان خدا دوست کي هيٺين نالن سان ست فرزند هئا. ميان الهه بخش (سجاده نشين)،ميان شفيع محمد، ميان ولي محمد، ميان درمحمد، ميان جان محمد، ميان طالب علي ۽ ميان ڦلڻ(1).اهي ٽئي ڄڻا فيض وارا فقير ٿي گذريا آهن.

ميان الهه بخش 1342 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس سجاده نشين ميان محمد علي عرف بچل فقير ٿيو. هن وقت ميان محمد علي جو فرزند ميان نياز حسين سجاده نشين آهي(2).

هن درگاهه جي خصوصيت اها آهي جو وڏن کان وٺي اڄ تائين ، ڪنهن به فقير دنياداريءَ سان واسطو نه رکيو آهي. وقت جا حاڪم کين لنگر لاءِ جاگيرن ۽ پروانن جي آڇ ڪندا رهيا، پر هنن ڪجهه به قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي خريد ڪيل زمين جي پيدائش مان لنگر هلائيندا رهيا، جتان آيو ويو کائيندو رهيو(3).

اڄ به سندن درگاهه تي وڃبو ته الله ۽ رسول الله ﷺ جن جو نالو ياد ايندو. سندن مدرسي ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت، خدا جي ذڪر، درود و صلواة کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو.

فقير شادي شهيد: شادي خان ولد محراب خان رند بلوچن جي جاڙو زئي قبيلي سان واسطو رکي ٿو. سندس مورث اعليٰ بچل خان رند ٻين بلوچن سان گڏجي ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ اروڙ جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو هو. بچل خان کان پوءِ برادري جو پريو مڙس سندس فرزند قادر بخش خان ٿيو. قادر بخش خان کان پوءِ جمن خان سرداريءَ جي پڳ ٻڌي. جمن خان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محراب خان پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حڪومت ميرن جي قبضي ۾ آئي. مير سهراب خان، محراب خان کي ٻين ٻروچن وانگر پاڻ وٽ گهرائي، سندس عزت افزائي ڪئي ۽ گوندرڙي شهر جي ڀرسان ڪجهه زمين به ڏني. محراب خان مير صاحب وٽ تمام گهڻو ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس پٽ شادي خان به هن سان گڏجي مير صاحب جي سلامي تي ويندو هو. مير صاحب شادي خان جي گفتگو ۽ اٿڻي ويهڻي کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ هن کي پنهنجو مقرب خاص بڻايائين.

مير سهراب خان جي مصاحبن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ شادي خان جي عزت ۾ تمام گهڻو اضافو آيو. پر هو ڪڏهن به مير صاحب جي عزت افزائي تي فخر نه ڪندو هو. وقت جا پير ۽ فقير، جيڪي به مير صاحب جي ڪچهري ۾ ايندا هئا، اهي شادي خان جي راست گوئي ۽ انفرادي طبيعت کان گهڻو متاثر ٿيندا هئا. انهن مان کهڙن جا مخدوم، روحل فقير، مراد فقير ۽ سچل سرمست، سمورا شادي خان جا دوست بڻجي ويا.

هڪ دفعي بهاولپور طرف جو هڪ حامد گنج بخش نالي مير صاحب کان لڙائي لاءِ مدد وٺڻ آيو. مير صاحب جي ماڻهن مان ڪنهن به هن سيد سان گڏجي وڃي وڙهڻ جو ست نه ساريو ۽ هو خالي موٽڻ لڳو. ان تي شادي خان اٿي بيٺو ۽ مير صاحب کان موڪلائي اڪيلو شاهه صاحب سان گڏجي هليو. اتي شاهه صاحب جو خط کڻي سندس مخالف نواب ڏانهن هليو ويو. نواب صاحب ۽ سندس ماڻهن شادي خان  ۽ شاهه کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نوبت وڃي دوبدو مقابلي تي پهتي. شادي خان اڪيلي سر نواب صاحب خان جا ڪيترائي ماڻهو ماري وڌا ۽ پاڻ به زخمن کان چور ٿي بيهوش بڻجي ويو. نواب صاحب جا ماڻهو کيس مئل سمجهي شاهه صاحب جي طرف تي اڇلي آيا. شاهه صاحب پنهنجي گهراڻي وارن کي گڏ ڪري دعا گهري ۽ شادي خان هوش ۾ اچي ويو. اهڙيءَ طرح شادي خان ٻه ٽي دفعا شاهه صاحب جي طرفان وڙهندو ۽ اڌ مئو ٿيندو رهيو. آخرڪار شاهه صاحب هن کي دعا ڪئي ۽ سنڌ ڏانهن واپس ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي هو شادي شهيد جي نالي سان مشهور ٿي ويو(1). شادي خان جي موٽي اچڻ کان پوءِ، مير سهراب خان پنهنجو ۽ حيدرآباد جي ميرن جو لشڪر موڪلي، بهاولپور تي ڪاهه ڪئي ۽ شاهه صاحب کي نواب صاحب کان پنهنجو حق وٺي ڏنو(2). شادي خان 1233 هجري، مطابق 1817ع ۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان سندس مزار تي قبو تعمير ڪرايو. شادي شهيد جي درگاهه تي سندس اولاد مان هڪ ٻئي پٺيان الاهي بخش فقير، قادر بخش فقير، ۽ الله بچايو فقير سجاده نشين ٿيندا آيا آهن. هن وقت الله بچائي فقير جو فرزند خادم حسين فقير سجاده نشين آهي(1).

لونگ فقير: خيرپور تعلق ۾ هيسباڻين جي ڳوٺ جي ڀرسان شهيد جي درگاهه کان هڪ ميل جي فاصلي تي لونگ فقير جي درگاهه آهي. لونگ فقير ذات جو مهيسر هو ۽ رفيق مهيسر جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو حافظ خميسو هو. هو ننڍي عمر ۾ ئي قرآن پاڪ پڙهي، ڳوٺان ڀڄي نڪتو ۽ قناصرن جي ڳوٺ ۾ اچي مال چارڻ لڳو. هڪ ڏينهن مال چاريندي جهنگ ۾ غيبي آواز ٻڌائين ته: ” پنهنجو اصلي ڪم ڇڏي نقلي ڪمن جي پٺيان ڇو لڳو آهين؟“ ان آواز ٻڌڻ بعد مالڪن کي مال ڏيئي،پراڻي سکر ۾ وڃي شاهه خيرالدين جي درگاهه تي حاضري ڀريائين ۽ چله ڪشي ڪيائين(2). ڪجهه ڏينهن بعد کيس خواب ۾ اشارو ٿيو ته قلندر شهباز جي درگاهه تي وڃي. انهيءَ اشاري ملڻ بعد سيوهڻ شريف ۾ وڃي قلندر شهباز جي مزار مبارڪ تي حاضري ڀريائين. اتي به ڪجهه ڏينهن بعد ڀٽ شاهه تي وڃڻ جو حڪم ٿيس ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه تي اچي مٽي ڀرڻ لڳو. ٻه چار سال رياضت ڪرڻ بعد کيس روحاني فيض حاصل ٿيو ۽ سندس رڳ رڳ ۾ فقيري سمائجي ويئي(3).

ان کان پوءِ ڀٽ شاهه جي درگاهه تان ئي اشارو وٺي موجود درگاهه واري جاءِ تي اچي معتڪف ٿي رهيو. پورا نو سال وڻن جي پنن ۽ پاڻيءَ تي گذارو ڪيائين. هڪ مسجد ٺهرائي دين جي تبليغ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ پنهنجي فقيري جو فيض جاري ڪيائين. پنهنجن خليفن جي ذريعي سنڌ جي مختلف جڳهن تي مسجدون ۽ لوڙها (اعتڪاف جون جايون) ٺهرايائين، جن مان جيڪب آباد، لاڙڪاڻي،ڳڙهي خيرو، سيٺارجن، ڪوٽ ڏيجي، نوشهري فيروز، ٺارو شاهه ۽ پني عاقل جا لوڙها مشهور آهن(1).

فقير صاحب جي حڪم سان سندس وڏو خليفو محمد عارف فقيرن جي جماعت سان عرب جي ملڪن ڏانهن ويو ۽ مختلف جڳهن تي مسجدون ۽ مسافرخانا ٺهرايائين ۽ کوهه کوٽايائين. اتان موٽڻ بعد پراڻي اروڙ جي ڀرسان ڪالڪان جي آستان جي سامهون هڪ مدرسو جاري ڪيائين، جتي اڄ تائين قرآن پاڪ جي تعليم ڏني وڃي ٿي(2).

لونگ فقير 27 ذوالقعد، 1279 هجري مطابق 1873ع تي برقعو مٽايو. سندس درگاهه تي هرسال ذوالعقد مهيني جي تاريخ 25 کان 27 تائين ٽي ڏينهن عرس مبارڪ ٿيندو آهي(3). فقير صاحب کي اولاد ڪونه هو. تنهنڪري سندس درگاهه جا سجاده نشين سندس خليفن مان ٿيندا رهندا آهن. هن وقت ميان غلام الرسول ولد ميان الهورايو فقير درگاهه جو سجاده نشين آهي.

نصير فقير: خيرپور رياست جي فيض وارن فقيرن ۾ نصير فقير جلالاڻي هڪ وڏو درويش ٿي گذريو آهي. هو سلطان خان جلالاڻي جو پٽ ۽ نواب خان جو پوٽو هو. سندس ڳوٺ جلالاڻي ڪوٽ ڏيجي تعلقي ۾ آهي. هن خاندان مان مراد فير، نورنگ فقير ۽ محمد علي فقير به وڏا فيض جا صاحب ٿي گذريا آهن. نصير فقير جي ولادت 1840ع ۾ ٿي ۽ وفات 16 ڊسمبر 1960ع تي ڪيائين. هو جهوڪ شريف جي سجاده نشين عبدالستار شاهه جو مريد هو. هزارن جي تعداد ۾ هندو ۽ مسلمان سندس مريد ٿيا(4). هو نماز روضي جي سختي سان پابندي ڪندو هو ۽ سادگي سان رهندو هو. سمورو وقت پنهنجن مريدن سان روحاني رهاڻ ڪندو هو. سندس روضو 1965ع ۾ تيار ٿيو. جتي ڦڳڻ مهيني جون ٽي راتيون 27، 28 ۽ 29 هڪ فقيراڻو ميلو لڳندو آهي. هن وقت درگاهه جو سجاده نشين فقير صاحب جو فرزند لطف علي فقير آهي.

فولاد فقير: هيءُ ڪل جڳ جو ڪاپڙي ذات جو شر هو ۽ مينگهي فقير شر جي ڳوٺ جو ويٺل هو. سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر بڻيو. مگر ڪجهه سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏنائين ۽ فقيري اختيار ڪيائين. سندس مرشد جو نالو محمد علي شاهه هو. فولاد فقير پنهنجي عمر جا پورا پنجاهه سال شريعت جو پابند رهيو ۽ تهجد گذار ٿي زندگيءَ بسر ڪيائين. آخرڪار مٿس حقيقي عشق جو غلبو ٿيو ۽ هو سڪر جي حالت ۾ رهڻ لڳو. کيس فارسي زبان تي وڏي قدرت حاصل هئي. ڪچهريءَ جو به ڏاڍو ڪوڏيو هو. هو پنهنجي گفتگو ۾ صنعنت توريه جو گهڻو استعمال ڪندو هو، تنهن ڪري عام ماڻهو سندس گفتگو کي شريعت جي برخلاف سمجهندا هئا. هن نثر ۾ هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو روح اعظم رکيائين. اهوئي ڪتاب فقير صاحب جي فرزند علي گوهر فقير وٽ محفوظ آهي. فقير صاحب 125 سالن جي عمر ۾ 1960ع ۾ گذاري ويو(1).

آخوند محمد حيات حاتم: درازن جي فاروقي خاندان مان آخوند محمد حيات ولد آخوند محمد صالح هڪ وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تخلص حاتم هو. مخدوم نور محمد بوبڪائي سندس دوست ۽ همعصر اديب هو. هڪ دفعي مير ڪرم علي خان جي درٻار ۾ ويٺو هو، ته مخدوم نورمحمد به آيو، ادبي محفل گرم هئي. مخدوم صاحب فارسي شاعر ’هلالي‘ جي شهادت جو واقعو بيان ڪيو. جنهن تي مير صاحب کيس هڪ لونگي عطا ڪئي. وري جڏهن آخوند محمد حيات جو وارو آيو، ته هن مخدوم صاحب جي ذڪر ڪيل بيان مان ڪجهه غلطيون ڪڍي، صحيح واقعو پيش ڪيو. جنهن تي سڄي درٻار ۾ واهه واهه جو شور برپا ٿي ويو ۽ کيس خلعت سان گڏ ٻه لونگيون مليون. مخدوم صاحب پڻ پنهنجي لونگي کيس ڏيئي ڇڏي. اهو ذڪر محمد ابراهيم فاروقي جي قلمي بياض تان نقل ڪيو ويو آهي(2).

آخوند محمد حيات ان وقت عالم خان نظاماڻي جي فرزندن جو استاد هو. ان کان پوءِ هو مير سهراب خان جي فرزند مير مبارڪ خان جو استاد ۽ درٻاري شاعر ٿي رهيو. هو ميان عبدالحق جو مريد هو. 1255 هجري مطابق 1839ع ۾ وفات ڪيائين(1).

آخوند گل محمد: هيءُ آخوند محمد حيات جو وڏو ڀاءُ هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. سندس ڪلام ۾ جابجا تصوف جو رنگ نظر ايندو هو. هن فارسي مدح ۽ غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو هڪ وڏو معرفت جو صاحب ۽ درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي. 1268 هجري، مطابق 1852ع ۾ وفات ڪري ويو(2).

آخوند عبدالهادي: آخوند عبدالهادي ولد آخوند صادق علي فاروقي به پنهنجي وقت جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر سچل سرمست جو دوست ۽ مرشد ٿي گذريو آهي. سچل سائين جي وفات جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ٻئي ڏينهن 16 رمضان 1242 هجري، مطابق 1826ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس ڪلام ۾ عاشقانه جذبات جي ترجماني ٿيل آهي(3).

آخوند محمد صالح: هيءُ آخوند عبدالهادي جو سوٽ ۽ محمد اسماعيل فاروقي جو فرزند هو. فاروقي خاندان جي شاعرن ۾ کيس چڱي حيثيت هوندي هئي. فارسي زبان ۾ غزل چوندو هو(4).

آخوند باغ علي: هيءُ آخوند محمد صالح جو ويجهو عزيز هو. هڪ درويش ماڻهو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر جي ذريعي ناصحانه نڪتا ٻڌائيندو هو. سندس ڪلام ۾ رواني تمام گهڻي آهي(5).

آخوند محمد نشان: هيءُ آخوند گل محمد فاروقي جو فرزند هو. پنهنجي زماني جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. فقط ٻه فطع تاريخون ملن ٿيون، جيڪي هن مير سهراب خان اول، ۽ محمد عالم ڪربلائي جي وفات متعلق لکيون هيون. سندس تصنيفات مان هڪ فارسي لغات (قلمي) راقم الحروف وٽ محفوظ آهي(1).

محمد عالم ڪربلائي: هيءُ قوم جو پنهور هو. سنڌي مرثئي جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سيد ثابت علي شاهه جو همعصر هو. لاڙ ۾ ثابت علي شاهه جا ۽ اتر ۾ محمد عالم جا مرثيا مشهور آهن. ٻنهي شاعرن سنڌي مرثئي کي اردو جي شاعرن انيس ۽ دبير وانگر ڪمال تي پهچايو آهي(2).

محمد عالم مرثئي کان سواءِ مثنوي جو به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مثنوي ۾ کرڙي جي جنگ متعلق شاهه نامو (فارسي) سندس استادي جي ساک ڀري ٿو. هو مير رستم خان جو درٻاري شاعر هو. 1870ع ۾ وفات ڪيائين(3). سندس تخلص عالم هو.

الهرکيو فقير: هيءُ ناري تعلقي جو ويٺل هو ۽ سبب فقير ميربحر جو پٽ هو. پنهنجي والد کي سيد صادق شاهه بخاري گمبٽ واري جي دعا سان ڄائو هو. هن جو ننڍو ڀاءُ بچو فقير به هڪ درويش صفت انسان هوندو هو. الهرکيو فقير پنهنجي وقت جو وڏو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. مير سهراب خان جي ڪچهري ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مير صاحب سندس ناز برداري ڪندو هو. هن جا ڪبير شاهه، پيرو شاهه ۽ بادل فقير سان شاعرانا معرڪا ٿيندا رهندا هئا(4).

بادل فقير: هيءُ ذات جو منگي هو ۽ خيرپور تعلقي ۾ منگين جي ڳوٺ ۾ ويٺل هو. پنهنجي زماني جو چڱو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. کيس مير سهراب خان جي درٻار ۾ سٺو رسوخ حاصل هوندو هو(5).

پيرو شاهه: هن جو پورو نالو پير محمد شاهه هو ۽ رسول آباد ڳوٺ جو رهاڪو هو. وڏو فيض وارو فقير ۽ ڳالهين جو ڳهير هوندو هو. ڏور، ڳجهارت، هنر ۽ لوڪ ادب جي ڪيترين ئي صنفن جو ماهر هوندو هو. سندس حاضر جوابي ۽ في البديهه شاعري ملڪن ۾ مشهور هوندي هئي. هن مير سهراب خان، مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جو زمانو ڏٺو، ٽيئي مير سندس قدردان هوندا هئا(1). مير علي مراد خان سندس وڏا ناز سهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ هوندو هو ته مير کي به منهن تي سچ چئي ڏيندو هو. بعضي ته ڪجهه ناشائسته جملا به استعمال ڪري ويندو هو، جيڪي مير علي مراد خان جو ڪمال بردباري سان برداشت ڪندو هو(2).

حمل فقير: حمل فقير ولد رحيم خان لغاري، لغارين جي سيرڪاڻي قبيلي مان هو. سندس پاڙو بهلولاڻي هو. هن کي دليل خان، جمال خان، نهال خان ۽ محمد خان نالي چار ڀائر هئا. هو 1225 هجري، مطابق 1809ع ۾ رياست خيرپور جي حدن اندر ڳوٺ خانپور جي ڀرسان مير خان لغاري جي ڳوٺ ۾ ڄائو. هن جا وقت جي حاڪمن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان سان گهاٽا تعلقات هوندا هئا. جڏهن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جا پاڻ ۾ تعلقات بگڙيا، تڏهن رياست مان لڏي سڪرنڊ جي ڀرسان نئون ڳوٺ مير خان لغاري نالي ٻڌي وڃي ويٺو. هن جا سبزل ڪوٽ جي نواب سعيد خان لغاري سان به سهڻا تعلقات هوندا هئا ۽ ان سان ڪافي عرصو سبزل ڪوٽ ۾ وڃي رهيو هو. لغاري سردارن مان بختيار خان لغاري به هن جو سرپرست هوندو هو. هو پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ مڪتب کولي ويٺو ۽ ٻارن کي پڙهائيندو هو. لنواري جي پير محمد حسن مدني جو مريد هو ۽ سندس شان ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس. خيرپور جي حدن مان لڏي وڃڻ بعد به مير علي مراد خان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ مير شاهنواز خان جو مهمان ٿيندو هو. پاڳارن مان پير علي گوهر شاهه اصغر ۽ پير حزب الله شاهه مسڪين سندس سرپرستي ڪندا هئا. لکيءَ جي سيد عباس علي شاهه جو به ارادتمند هوندو هو. هن تاريخ 2 صفر، 1296 هجري مطابق 1880ع تي پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي ۽ کيس ابراهيم شاهه واري مقام ۾ دفنايو ويو(1).

محمد رحيم: هيءُ حمل فقير لغاري جو فرزند هو. سندس ولادت 1260 هجري مطابق 1844ع ۾ ٿي. اڳ ۾ ڀاڻوٺ جي سيد نور شاهه وٽ منشي هو، ۽ پوءِ انگريزن وٽ گهوڙي سوار ٿي رهيو. ڪجهه وقت سرڪاري نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏيئي، مير غلام حيدر خان ثاني وٽ اچي نوڪر ٿيو ۽ سندس پٽ مير محمد خان ثاني جي ايامڪاري ۾ به اتي مير محمد خان جي ڪوٽ ۾ رهيو. آخري عمر ۾ پير ڳوٺ ۾ پنهنجن رشتيدارن وٽ وڃي رهيو ۽ 13 صفر 1316 هجري مطابق 1898ع تي وفات ڪيائين.(2)

فقير شير خان ميسانو: هيءُ سنڌ جي سماٽ قوم مان هو. سندس وڏا درازن جي فاروقي فقيرن سان گڏجي اچي گمبٽ ۾ رهيا. شير خان عزت فقير ولد رازق ڏني جو پٽ هو. سندس پڙ ڏاڏو يوسف فقير خود هڪ فيض وارو فقير ٿي گذريو آهي. شير خان سچل سائين جو مريد هو. سندس سئوٽ خدا بخش درازي هڪ وڏو عالم ۽ بينظير ڪاتب ٿي گذريو آهي. شير خان کي پانڌي فقير، بلوچ فقير، الهرکيو فقير، غلام حيدر فقير، عزت فقير، رازق ڏنو فقير ۽ سبڙ فقير نالي ست پٽ هئا ۽ ست ئي وڏا درويش ۽ حڪيم ٿي گذريا آهن. شير خان جو گهڻو وقت ذڪر فڪر ۾ گذرندو هو. هو ماڻهن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. مير علي مراد خان جي زماني ۾ وفات ڪري ويو. سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر هو(3).

مبين فقير: هن جي والد جو نالو جامي فقير هو ۽ ذات جو شر هو. سندس ڳوٺ رسول پور تعلقي ميرواهه ۾ آهي. ننڍپڻ کان وٺي البيلي طبيعت جو هوندو هو. کيس پڙهڻ لاءِ مدرسي ۾ موڪليو ويو، پر اصل نه پڙهيو. سمورو وقت فڪر ۾ گذاريندو هو ۽ ماڻهو کيس چريو سڏيندا هئا. کيس پنجويهن سالن جي عمر ۾ شادي ڪرائي وئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ غلام حيدر فقير شر جو مريد ٿيو. مرشد کان ذڪر وٺڻ بعد هن جو قلب کلي ويو ۽ معرفت جو صاحب بڻجي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ڪافيون يا بيت چوندو هو. پنهنجي زماني جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ دنيا جي بي ثباتي جو گهڻو ذڪر آهي. هن جي ولادت 1862ع ۾، ۽ وفات 1925ع ۾ ٿي(1).

سيد عابد علي شاهه شيدا: هيءُ مير علي مراد خان جي مقرب خاص سيد جعفر علي شاهه جو پوٽو ۽ سيد علي حسين شاهه جو پٽ هو. پنهنجي زماني جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي نواز خان جو مصاحب هوندو هو ۽ سندس ئي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ وفات ڪيائين. سندس اردو غزل ۽ سلام، سندس ڀاءُ ٻڍل شاهه جي داماد سيد پناهه علي شاهه بڪاري وٽ محفوظ آهن(2).

محمد عالم احقر: هيءُ سنڌ جي مشهور مرثيه گو شاعر محمد عالم ڪربلائي جو پوٽو هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. پنهنجي سموري زندگي مرثيه گوئي ۽ مجلس خواني ۾ صرف ڪيائين. سيد محمد علي شاهه ٿلهي واري جو گهرو دوست هو ۽ ماتم جي مجلسن جو اهتمام ڪندو رهندو هو. سندس مرثين ۾ سوز، گداز ۽ انساني جذبن جي ترجماني جا بهترين مثال ملن ٿا. هن 1921ع ۾ وفات ڪئي(3).

محمد علي شاهه فاني: هيءُ اصل ۾ شيراز جو باشندو هو. هو پنهنجي وقت جو سٺو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. شيراز ۾ سڪونت سبب پندرهن حج پورا ڪري، سير و سياحت ڪندو اچي لاهور ۾ فتح خان قزلباش وٽ رهيو. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ خيرپور آيو ۽ مير علي مراد خان سان ملي هتي رهي پيو. مير صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو. مير علي مراد خان کان پوءِ مير علي نواز خان جي ڏينهن تائين سڀني ميرن جو مصاحب ٿي رهيو. سمورا مير سندس قدر ڪندا هئا. ميرن جي تجهيز ۽ تدفين جو ڪم هن جي حوالي هوندو هو. مير امام بخش خان جي ڏينهن ۾ هو انگريزي تعليم ڏيڻ لاءِ استاد مقرر ٿيو. هو هڪ وڏو حاضر جواب ۽ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. فارسي غزل، قصيدي ۽ سلام تي وڏي دسترسي هوندي هيس. هن وقت سندس ڏوهٽو سيد محمد علي شاهه ثاني ڪوٽ ڏيجي ۾ ميڊيڪل آفيسر آهي(1).

حاجي محمد مفتون: هيءَ قوم جو سمون هو ۽ سيد علي حسين شاهه جو مصاحب خاص هوندو هو. اهلبيت جي مصائب جون مجلسون پڙهندو هو. فارسي زبان جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. مخدوم الله بخش عاصي ۽ سيد محمد علي شاهه ثاني جو دوست هوندو هو. سندس غزل، قصيدا ۽ سلام پختا ۽ اعليٰ درجي جا آهن(2).

حاجي محمد حداد: هيءُ رياست خيرپور جي تيورا خاندان مان هو. سندس ولادت 1851ع ۾ ۽ وفات 1911ع ۾ ٿي. هو رياست جي توبخاني جو منتظم هوندو هو ۽ ماتم جي مجلسن ۾ سوز خواني ڪندو هو. هو هڪ سٺو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مرثين ۾ رواني ۽ رنگيني آهي. سندس تصنيفن مان قرآن شريف جو ترجمو، چار درويش جو قصو ۽ مرثين جا بياض آهن. هو سنڌي سان گڏ اردو ۾ به مرثيا چوندو هو(3).

علي بخش شر: هيءُ غلام رسول شر جو فرزند هو. سندس ڳوٺ جنگو خان شر آهي. هن جي حياتي جو گهڻو عرصو عالمن جي صحبت ۾ گذريو. سندس ڪلام مان مداحون ۽ مولود مشهور آهن. هن 1930ع ۾ وفات ڪئي(4).

سيد عبدالله شاهه فتاحي: هيءُ سيد عبدالفتاح شاهه جو فرزند هو ۽ ڳوٺ احمد پور تعلقي خيرپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اڳڙن جي ڳوٺ ۾ ورتائين. پوءِ مختلف مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل مولوي ٿيو. ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ عربي جو استاد هوندو هو. ڪوٽ مير محمد خان جي ڳوٺ ۾ حرن جي هٿان شهيد ٿيو سندس وفات جو سال 1935ع آهي(1).

هو مولود جي سٺن شاعرن مان هڪ هو ۽ شوق تخلص ڪندو هو.

واڌل فقير: هيءَ ذات جو ميراسي هو ۽ خيرپور ۾ رهندو هو. کيس موسيقي جي علم ۾ وڏي مهارت هئي. ڪافي ۽ بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. ڪجهه نوحا ۽ زاريون به چيون اٿس. سندس ولادت 1850ع ۾ ۽ وفات 1917ع ۾ ٿي(2).

سيد ڇتن شاهه؛ خيرپور جي ڪافي گو شاعرن ۾ سيد ڇتن شاهه کي چڱي حيثيت هوندي هئي. هو سرائي گنهور خان جي پاڙي ۾ رهندو هو ۽ خيرپور جي ماتمي مجلسن جو اهتمام ڪندو هو. ڪافي سان گڏ مرثئي ۽ سلام تي به چڱي دسترس رکندو هو. الهرکيو کوکر ۽ پيرل ڦلپوٽو سندس گهاٽن دوستن مان هئا. وقت جا حاڪم به کيس تمام سٺي نظر سان ڏسندا هئا. هن جي ولادت 1870ع ۾ ۽ وفات 1920ع ۾ ٿي(3).

پيرل فقير: پيرل فقير ولد بچو خان ڦلپوٽو هڪ وڏو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس وڏا خيرپور جا وڏا ڀاڳيا ليکيا ويندا هئا. هنن کيس اسڪول ۾ ويهارڻ جي بدران مال چارڻ ۾ مشغول رکيو، هو پنهنجو ۽ شهر جي ميرن جو مال چاريندو هو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن سندس شرافت ۽ ذهانت کان متاثر ٿي مير غلام حسين خان ٽالپر کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. سندس طبيعت ننڍپڻ کان وٺي مجاز ڏانهن مائل هوندي هئي. اڳ ۾ هڪ هندو عورت عيني سان سندس عين اٽڪيا. پر ٿورئي عرصي اندر سندس دل اتان کڄي هڪ تمام اهنجي جاءِ تي وڃي لڙي. اها ميهار جي سهڻي، ڪنڀارڻ نه، پر هڪ وڏي گهراڻي جي پرده نشين عورت هئي، جنهن جي عشق ۾ سندس اندر جا پردا کلي پيا، ۽ هڪ اعليٰ درجي جو شاعر بڻجي پيو. سندس هرهڪ شعر سوز ۽ گداز جو ڀنڊار آهي ۽ سندس ڪلام دک ۽ درد جي پڪار آهي. هو ڇتن شاهه ۽ الهرکئي کوکر جو گهاٽو دوست هو. هن سٺ ورهين جي ڄمار ۾ 1920ع ۾ وفات ڪئي(1).

رازق ڏنو ونڊير: هو ذات جو ونڊير هو ۽ راڻيپور جي ڀرسان ونڊيرن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ابتدا ۾ هڪ ڪٽر ملا هوندو هو. هڪ دفعي صوڀي ديري ۾ هڪ ماتمي جلوس ڏسندي مٿس حال پئجي ويو. ان ڏينهن کان وٺي مرڻ جي گهڙي تائين ڪاري لباس ۾ رهيو ۽ ڪنهن سان به مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪيائين. هٿ ٻڌي نماز پڙهندو هو. رمضان جا سمورا روزا رکندو هو. جيڪڏهن سندس آڏو اهلبيت جو نالو وٺبو هو، ته زار و راز روئيندو هو. اهلبيت جي حب سندس ڪلام جو مرڪزي خيال هوندو هو. سندس سارو ڪلام اهلبيت جي شان ۾ آهي ۽ سنڌي بيتن ۾ آهي(2).

الهرکيو کوکر: هيءَ خيرپور شهر جي ڀرسان کوکرن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ڪافي ۽ بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ سڪ ۽ سوز جي اپٽار ٿيل آهي(3).

خدا بخش ڪمتر: هيءُ حاجي محمد حداد جو پٽ هو ۽ پيءُ جي وفات کان پوءِ رياست جي توبخاني جو منتظم بڻيو. هيءُ به مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1889ع ۽ وفات 1929ع ۾ ٿي. کيس رمل جي علم ۾ به چڱي مهارت هئي(4).

انور علي انور: هو خيرپور جي بچل شاهه واري پاڙي جي پٺاڻن مان هو ۽ ڪرم علي خان جو فرزند هو. سندس وڏا ديري غازي خان لڏي اچي خيرپور ۾ ويٺا ۽ سونارڪو ڌنڌو شروع ڪيائون. انور علي خان انگريزي ڇهين درجي تائين تعليم ورتي. عربي ۽ فارسي زبانن ۾ به چڱو مطالعو ڪيائين. هو غزل، ڪافي ۽ مرثئي جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1919ع ۾ ۽ وفات 1937ع ۾ ٿي(1).

سيد غلام شاهه: هيءُ اصل ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي هٽڙي نالي ڳوٺ جو ويٺل هو. پنهنجي وقت جو وڏو ڳائڻو ٿي گذريو آهي. مير علي مراد خان کيس هڱورجن جي ڀرسان ڪجهه زمين ڏيئي رهائي ڇڏيو، جتي اڄ ڪلهه سندس اولاد رهي ٿو. هو بيت ۽ ڪافي جو سٺو شاعر هوندو هو. سندس ڪلام سوز ۽ گداز سان ڀريل آهي(2).

آخوند آگيڏنو: هيءُ ذات جو لوهر ۽ گمبٽ جي ويڄرن واري پاڙي جو ويٺل هو. عربي ۽ فارسي زبانن تي وڏي دسترس رکندڙ هو. اڳ ۾ گمبٽ جي پير شمس الدين شاهه جو درٻاري شاعر هو ۽ پوءِ مير علي مراد خان وٽ آيو. مير صاحب جي شان ۾ ڪافي قصيدا چيائين ۽ دهرا دان حاصل ڪيائين. مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ مير فيض محمد خان جو استاد بڻيو. مير صاحب وٽ وڏي عزت هوندي هيس. هو فارسي ۾ عشاق تخلص ڪندو هو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ۾ پنهنجو نالو استعمال ڪندو هو. سندس تصنيفات مان بياض قصائد، ديوان عشاق، ڪافين ۽ بيتن جو رسالو ۽ هڪ مثنوي ”درهجو جولاهان“ مشهور آهن(3).

الهيار فقير: هو قلندر بخش خان مري بلوچ جو فرزند هو، ۽ ٽنڊي نظر علي خان جو ويٺل هو. هو سنڌي جا پنج درجا ۽ فارسي ڪريما تائين پڙهيو، پوءِ تعليم ڇڏي ڏنائين. سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي تعليمي لياقت وڌايائين. کيس جواني جي عمر ۾ مجاز جي چوٽ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ شاعر بڻجي ويو. سندس ڪافين ۾ حسن ۽ عشق جي جذبات جي ترجماني ٿيل آهي. سندس بيتن ۾ دکيءَ دل جون دانهون داخل آهن. هن ستر پنجهتر سالن جي عمر ۾ 1961ع ۾ وفات ڪئي(1).

حافظ محمد اسلم: هيءُ حافظ محمد اڪرم مهيسر جو فرزند هو ۽ رفيق مهيسر جي ڳوٺ جو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مجلسن جو مور هوندو هو. محبت ۽ خلوص جي هڪ جيئري جاڳندي تصوير هوندو هو. وڏو هردلعزيز، مهمان نواز ۽ وڏين خوبين جو مالڪ ٿي گذريو آهي. شاعري ۾ سندس استاد سنڌ جو مشهور شاعر ميان علي محمد قادري هو. سندس ولادت 1899ع ۾ ۽ وفات 1955ع ۾ ٿي(2).

عبدالڪريم خان کرل: هيءُ محمد صالح خان کرل جو وڏو فرزند هو. سندس والد هڪ غريب ۽ شريف ماڻهو هو. پنهنجي پٽ کي سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ڏياريائين. عبدالڪريم خان پاڻ انگريزي نه پڙهيو، پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالرحيم خان کي پڙهايائين، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو هو. عبدالڪريم خان پاڻ جڊيشل منشي ٿي رهيو. نوڪري جي دوران ڪافي زمين خريد ڪيائين. هن سرڪاري نوڪري سان گڏ ادبي ڪتابن جو مطالعو جاري رکيو ۽ هڪ سٺو اديب بڻجي ويو. سنڌي جي فارسي شاعرن جي ڪلام مرتب ڪيائين. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. مير علي نواز خان سان گهاٽا تعلقات هيس. سندس ولادت 1889ع ۾ ٿي ۽ وفات 29 سيپٽمبر 1959ع تي ڪيائين. هن وقت سندس وڏو فرزند نسيم کرل هڪ سٺو افسانه نگار آهي(3).


(2) ايضاً:

(3) ايضاً:

(4)  علي اڪبر قاضي: ”سخي سرتاج“، ڇاپو ٽيون، همدرد پريس سکر. 1976ع ص 27

(1)  علي ڏنو: ”ميان صاحبڏنو جو ڪلام“، حوالو ڏنل آهي. ص 27

(2) ايضاً:

(1)  محمد موسيٰ سومرو ماستر: ”نانڪ يوسف جو احوال“ قلمي نسخو سنڌي ۾، ذوالقعد 1353 هجري.

(2)  ٻڍل فقير شر: ”ديوان فقير غلام حيدر،“ منگي پريس، خيرپور، 1960ع ص 7،8 ۽ 9.

(1) بڍل فقير: ”ديوان غلام حيدر فقير،“ حوالو ڏنل آهي، ص 13.

(2)  ايضاً.

(1)  ٻڍل فقير: ”ديوان غلام حيدر فقير“، حوالو ڏنل آهي، ص 14.

(2)  علي مردان شاهه،  سيد: ”هيسباڻي فقيرن جو ڪلام“، قلمي نسخو 1950ع.

(1) علي مردان شاهه، سيد: ”هيسباڻي فقيرن جو ڪلام“، قلمي نسخو 1950ع.

(2) ايضاً.

(1) عطا محمد حامي: مضمون کهڙن جا مخدوم، ڪتاب ” مهراڻ جا موتي“ پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، 1959ع ص 277 ۽ 278.

(2)  ميان علي محمد اڄڻ جو لکيل احوال.

(3) ايضاً:

(1) زباني روايت: ميان حليم الله اڄڻ، ساڪن کهڙا.

(2) زباني روايت: ميان نياز حسين.

(3) زباني روايت:علي محمد فقير اڄڻ. ساڪن کهڙا.

(1) زباني روايت: الهرکيو خان رند، ساڪن ڳوٺ سنهڙو تعلقو خيرپور.

(2) زباني احوال: خادم حسين فقير، سجاده نشين درگاهه شادي شهيد.

(1) زباني احوال: خادم حسين فقير، سجاده نشين درگاهه شادي شهيد.

(2) زباني روايت: محمد بخش خان قناصرو، ساڪن ڳوٺ سوهو قناصرا.

(3) زباني روايت: غلام الرسول فقير، سجاده نشين درگاهه لونگ فقير.

(1) اختر حنيف: ”کون کيا هي“ سجاد ٽريڊرز ڪراچي، 1971ع، ص 143.

(2)  ايضاً:

(3) ايضاً:

(4) روپو ڪرپالاڻي: ”صوفي سونهون“ ڪرائون پرنٽرز، بمبئي 1972ع، ص 1 کان 3.

(1) زباني احوال: فولاد فقير.

(2) عطا محمد حامي: ”سچل سرمست“ پاڪستان پبلڪيشن ڪراچي، 1964ع، ص 22 ۽ 23.

(1) عطا محمد، حامي: ”سچل سرمست“، حوالو ڏنل آهي، ص 23.

(2) ايضاً:

(3)  ايضاً: ص 24

(4) ايضاً:

(5) ايضاً:

(1) عطا محمد حامي: ”سچل سرمست“ حوالو ڏنل آهي، ص 25.

(2) زباني روايت: ملا فيض محمد خان پنهور، عالم ڪربلائي جو پڙ پوٽو. ساڪن خيرپور ميرس.

(3) محمد علي حداد: ”خيرپور جي شاعرن جي مرثيه گوئي“، ايم اي جو مونوگراف 1969ع، ص 55

(4) زباني روايت: ماستر محمد يوسف ويسر، ساڪن ڳوٺ ويسر، تعلقو ميرواهه.

(5) زباني روايت: لعل بخش منگي، ساڪن ڳوٺ منگي تعلقو خيرپور.

(1) رباني روايت: محمد يوسف ويسر، ساڪن ڳوٺ ويسر، تعلقو ميرواهه.

(2)  زباني روايت: قربان علي خاصخيلي، رٽائرڊ اٽينڊنس انسپيڪٽر، خيرپور.

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ڪليات حمل“ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1953ع، ص 8 کان 19

(2) ايضاً:

(3) زباني احوال: غلام قادري خان، صوفي شير خان جو پڙپوٽو، ساڪن گمبٽ.

(1)  ماستر رحيم داد شر: ”مبين فقير جو احوال“ قلمي مسودو 1958ع.

(2)  قلمي بياض: سيد عابد علي شاهه شيدا، مملوڪه سيد پناهه علي شاهه

(3)  محمد علي حداد: ”خيرپور جي شاعرن جي مرثيه گوئي“، حوالو ڏنل آهي، ص 7.

(1) زباني احوال: سيد محمد علي شاهه ثاني، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(2) زباني احوال: الطاف حسين سمون، هيلٿ انسپيڪٽر، خيرپور.

(3) محمد علي جواد: ”خيرپور جي شاعرن جي مرثيه گوئي“ حوالو ڏنل آهي، ص 69

(4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”مولود“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1961ع، ص 258

(1) زباني احوال؛ سرائي محمد موسيٰ خان ڏيسي، ساڪن ڳوٺ مڏ.

(2)  محمد علي حداد: ”خيرپور جي شاعرن جي مرثيه گوئي“ حوالو ڏنل آهي، ص 83.

(3) ايضاً: ص 79.

(1) زباني احوال: ڳهڻو فقير ڦلپوٽو، ساڪن ڏانورو، تعلقو خيرپور.

(2) محمد علي حداد: ”خيرپورجي شاعرن جي مرثيه گوئي،“ حوالو ڏنل آهي. ص 81.

(3) وڏن کان ٻڌل روايت: اميد علي خان، اميد خيرپوري.

(4) محمد علي حداد: ”خيرپور جي شاعرن جي مرثيه گوئي“، حوالو ڏنل آهي، ص 76.

(1) حاجي محمد حداد: ”خيرپور جي ادبي تاريخ“ ايم اي جو مونو گراف، 1962ع، ص 232.

(2) ماستر قربان علي: ”فقيرن جو ڪلام“ قلمي بياض، 1948ع

(3) زباني روايت: مسٽر مولا بخش خان لوهر XEN، ساڪن گمبٽ

(1) اميد علي خان اميد، خيرپوري: ”بزرگ شاعرن جو احوال“ قلمي مسودو 1974ع.

(2) زباني احوال: خان محمد خان مهيسر: ساڪن ڳوٺ رفيق مهيسر ۽ ذاتي مشاهدو.

(3) زباني احوال: نسيم کرل، ساڪن خيرپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org