سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:11 

باب ستون

خيرپور جي ٽالپرن جو ادب، تعليم

۽ تدريس ۾ حصو

(الف) ادب ۾ حصو:

سنڌ جي ادبي تذڪرن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن جو دور علمي ۽ ادبي ترقي جو دور هو. پيرن فقيرن جون درگاهون ۽ اميرن جون درٻاريون عالمن، فاضلن ۽ شاعرن سان ڀريل هونديون هيون. جتي ڪٿي ادبي ڪچهريون ۽ علمي محفلون پيون ٿينديون هيون. سنڌ جا سمورا حاڪم علم دوست ۽ ادب نواز هئا، جن وٽ فيض وارن فقيرن، اهل دل درويشن ۽ باڪمال شاعرن جا ميڙا متل هوندا هئا. ميان لطف الله بدوي جي تحقيق موجب هن عهد کي ڪلهوڙن جي دور تي برتري حاصل هئي، ڇو جو ٽالپر تاجدار منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين ذوق جا صاحب هئا ۽ هر وقت علم ۽ فن جي سرپرستي ڪندا هئا(1).

سنڌ جا ٽالپر امير، علم پرور، سخن سنج نڪته دان هجڻ سان گڏ فياض به هئا، جتي به ڪو آبدار گوهر ڏسندا هئا، ته ان کي پنهنجي فياضي مان مقناطيس وانگر ڇڪي پاڻ وٽ اڻيندا هئا. سفر توڙي حضر ۾ عالمن ۽ شاعرن جي جماعت ساڻن ڪٺي هوندي هئي(2).

حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن وانگر خيرپور جي ميرن کي به ادب سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. شڪار ۽ راڳ کان پوءِ شعر و شاعري ۽ادبي ڪتابن جو مطالعو سندن محبوب مشغلو هوندو هو. وڏا عالم، اديب ۽ شاعر سندن درٻار سان منسلڪ هوندا هئا. وٽن علم ادب جو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو.

حيدرآبادي ميرن جي ادبي سرگرمين تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. مگر خيرپور جي ميرن متعلق اڄ تائين ڪنهن به تحقيقي ڪم نه ڪيو آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي جو حيدرآبادي ميرن جا خانگي ڪتب خانا پشت به پشت محفوظ رهندا آيا ۽ اڄ تائين صحيح ۽سلامت آهن، باقي خيرپوري ميرن جي اولاد ۾ ادبي ذوق جي فقدان ۽شڪار جي بي پناهه شوق سبب، چند بازنامن، فالنامن ۽ ڪجهه طب جي ڪتابن کان سواءِ ٻيو سمورو علمي سرمايو اڏوهي جي نذر ٿي ويو آهي. ان کان سواءِ مير علي نواز خان کان پوءِ خود سرڪاري لئبريري مان خيرپور سان واسطو رکندڙ قلمي خواهه ڇپيل ڪتابن جي اڪثريت چورائجي وئي آهي. ان هوندي به مختلف ماڻهن جي خانگي ڪتب خانن مان ڪافي مواد ملي ٿو وڃي، جنهن مان ميرن جي ادبي سرگرمين جو اندازو لڳائي ٿو سگهجي. درٻاري شاعرن جي قصيدن مان به سندن ادب نوازيءَ جا ڪيترائي حوالا ملي وڃن ٿا(1). هتي خيرپور جي ٽالپر شاعرن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:

.i مير سهراب خان اول: خيرپور جي حڪومت جو باني مير سهراب خان هڪ وڏو عالم ۽ علم دوست حاڪم ٿي گذريو آهي. هو ته فقط رزم گاهه جو شاهه هو، پر بزم گاهه جو بادشاهه به هو. جيئن رڪ جي تلوار سان جنگي ميدان سر ڪندو هو، تيئن سخن جي تيرن سان غزل جي غزالن جو شڪار به ڪندو هو. مطلب ته جهڙو جنگجو پهلوان هو، تهڙو سخنگو ۽ سخندان هو. وٽس علم ادب جون وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون. آخوند محمد نشان فاروقي، قاضي محمد ڪامل ۽ خان محمد پيرزادو سندس درٻاري شاعر هئا، جن سندس شان ۾ ڪافي قصيدا لکيا آهن. انهن قصيدن مان ئي سندس سٺي شاعر هجڻ جا حوالا ملن ٿا. افسوس آهي جو سندس ڪلام ناپيد آهي. صرف هيٺيون هڪ شعر ”لب تاريخ“ ۾ موجود آهي(2):

من باد شاليم و زيدم همه کس را،

من گرگ دزيدم دريدم همه کس را.

مير سهراب خان جي فرمائش تي سن 1208هجري مطابق 1794ع ۾ ٺٽي جي هڪ عالم شيخ محمد اعظم ولد شيخ محمد شفيع فارسي ۾ هڪ اعليٰ درجي جو ڪتاب ”هئيت العالم“ لکيو، جنهن ۾ ڪل اٺ باب ۽ چوهتر صفحا آهن. هر هڪ صفحي ۾ تيرهن سٽون آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ دنيا جي جاگرافي، علم نحو، علم نجوم ۽ڪجهه ملڪن جو بيان آهي. سنڌ جي شهرن بکر، اروڙ، سيوستان، حيدرآباد ۽ ٺٽي جو مفصل احوال ڏنل آهي(1). ڪتاب جي مولف ڪتاب جي آخر ۾ مير سهراب خان جي منظوم تعريف ڪئي آهي، جنهن جا آخري ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:

خدايا اين نگارين بوستان را،

که هر دم خوش کند روح روان را.

زچشم حاسدانش در امان دار،

قبول خاطر سهراب خان دار.

مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب سرائڪي ۾ منظوم يوسف نامو آهي، جيڪو ان وقت جي هڪ شاعر سيد خير شاهه جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ٽيهٺ باب، ٻه سئو فصل آهن ۽ 312 صفحا آهن ۽ هر هڪ صفحي ۾ پندرهن سٽون آهن. ڪتاب جي تصنيف جو سال 1233هجري، مطابق 1818ع آهي. اهو ڪتاب به مير سهراب خان جي فرمائش تي لکيو ويو آهي. هن ۾مير سهراب خان ۽ سندس فرزدن جي تعريف ڪيل آهي(2).

.ii مير زنگي خان: مير سهراب خان جو ننڍو  ڀاءُ مير زنگي خان هڪ ناميارو مدبر ۽ امير هو. هن کي ملڪي معاملات جي بيچيدگين جي وڏي پرک هوندي هئي ۽ڪڏهن ڪڏهن سفارت جا فرض به ادا ڪندو هو. کيس سياسي بصيرت سان گڏ فوجي مهارت به حاصل هوندي هئي ۽ جنگي معاملن ۾ هن جي مشوري کيوڏي اهميت ڏيندا هئا. ان کان سواءِ حاضر جوابي ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. هڪ دفعي سر چارلس نيپئر هن کي مذاق طور چيو(1):

”رويت چون ما، تابان نامت چراست زنگي“

هن هڪدم جواب ڏنو:

”در روز رزم مردان نام من است جنگي“

انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد مير زنگي خان پنهنجي ڀائٽي مير علي مراد خان جو طرف ورتو ۽ زندگي جا باقي ڏينهن ان جو مصاحب ٿي گذاريائين. مسٽر فاربس (Forbes) برطانيه ڪمپني حڪومت جي سيڪريٽري ڏانهن جيڪا رپورٽ موڪلي هئي، ان ۾ مير زنگي خان متعلق لکيو هيائين:

”هو ستر سالن جو ويڙهو مڙس آهي ۽ سندس شڪل شجاهت شانائتي آهي. هن کي مير علي مراد خان وٽ سڀني کان وڌيڪ رسائي آهي. هن ڪوشش وٺي مير علي مراد خان جي پٽ مير فيض محمد خان جو مڱڻو، پنهنجي نياڻي مير محمد خان ولد مير سليمان خان جي گهران ڪرايو آهي(2).“

جڏهن 1852ع ۾ انگريزن طرفان مير علي مراد خان جي برخلاف ڪميشن ويٺي هئي، تڏهن مير زنگي خان مير علي مراد خان جي فائدي ۾ شاهدي ڏني هئي(3).

مير زنگي خان پنهنجي وقت جي مشهور ولي ۽ پاڳارن جي درگاهه جي باني پير محمد راشد جو وڏو معتقد هو ۽ سندس خدمت ۾ نذرانا پيش ڪندو رهندو هو. پير صاحب سندس دعوتن تي ايندو رهندو هو(4).

مير زنگي خان فارسي زبان جو هڪ قادرالڪلام شاعر هو ۽ شاعرن جي سرپرستي ڪندو هو. هڪ دفعي قاضي محمد ڪامل لقماني سندس شان ۾ هڪ قصيدو پيش ڪيو، ته ان کي روپن سنجن سان گهوڙو ڏنائين. ان قصيدي جا ڪجهه شعر هي آهن(1):

کشود لب نه صفات امير زنگي خان،

که باد بخت پلندش هميشه دولت يار.

 

نه گوهر و صفش شدم به بحرسخن،

که آوردم در معنيٰ ز مخزن گفتار.

 

هميشه جاه و جلالش بود فزون به فزون،

مدام حلقه بگوش درش فلک دوار.

سبحان فقير ۽ صادق فقير، مير زنگي خان جا درٻاري شاعر ۽ ڳائڻا هئا، جيڪي سندس وفات کان پوءِ مير علي مراد خان جي نوڪري ۾ رهيا(2).

.iii مير رستم خان اول: مير سهراب خان جو وڏو پٽ مير رستم خان حڪمراني سان گڏ شاعري به ڪندو هو. هو هڪ وڏو ڪافي گو شاعر ۽ اهل دل درويش ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام سوز و گداز جو آئينه دار آهي. سندس هر ڪافي دکي دل جي پڪار آهي. حمل فقير لغاري، شادي شهيد رند، شاهو فقير زنگيجو ۽ خير شاهه سيد سندس صحبتي هئا(3).

مير صاحب هڪ سڌو، سادو ۽ صاف دل ماڻهو هو، تنهنڪري وقت جي ناسازگار حالتن کي منهن ڏئي نه سگهيو. فرنگي فتنن ۽ گهرو سازشن سندس زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيو. مياڻيءَ جي جنگ جي منحوس نتيجي ۾ ٻين ميرن سان گڏ انگريزن جو قيدي بڻجي پوني ويو، جتي دهليءَ جي شهنشاهه بهادر شاهه ظفر وانگر ڏکن جا ڏولاوا سهي، خاڪي جامو مٽايائين. سندس پوٽي مير سهراب خان ثاني ”مسڪين“ سندس وفات جو سال هيٺين قطع مان ڪڍيو آهي(1):

چون شد مير رستم معليٰ لقب،

ازين عالم بيوفا نا پديد.

 

به تاريخ دويم جماد آخرين،

به نزهت گه قدس مسکن گزيد.

 

به پونه ز تن رسته روز خميس،

سوي ملک بيچون به جان خوش دويد.

 

شده داخل زمره اهل صفا،

به الطاف عترت به منزل رسيد،

 

سن رحلتش هاتف غيب گفت،

که حقا به خلد برين آرميد.

.iv مير حمزو خان: مير حمزو خان ٽالپر شاهي خاندان مان نه هو، پر مير رستم خان جي حڪومت ۾ مرزا شير محمد خان ٻگهئي سان گڏ سفارت جا فرض ادا ڪندو هو. پنهنجي وقت ۾ فارسي زبان جو چڱو شاعر هو. سندس ڪلام مان صرف هڪ رباعي ملي سگهي آهي، جيڪا پيش ڪجي ٿي(2)

يا شير حق به داد من مبتلا برس،

يعني به ابن ستم کش درد آشنا برس،

 

چون مير سي به او محبان بروز حشر،

من هم بکي ٿو ايم به فرياد ما برس.

.v مير مبارڪ خان: مير مبارڪ خان مير سهراب خان جو ٽيون نمبر پٽ هو. مير سهراب خان جي وصيت موجب مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان سان گڏ هن کي به ملڪ جو حصو مليو هو، جنهن جي اپت خرچ لٿي ڪمپني سڪي مطابق ٽي لک پندرهن هزار رپيا هئي(1). ننڍي هوندي مير علي مراد خان هن جي سنڀال هيٺ رهيو، پر جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن ساڻس ۽ سندس پٽن سان ملڪيت تان تڪرار ڪيائين ۽ اهو ئي تڪرار اڳتي هلي ميرن جي تباهي جو باعث بڻيو(2).

مير مبارڪ خان پنهنجي وقت جي عالمن ۽ صوفي بزرگن سان صحبتون ۽ رس ڀريون رهاڻيون به ڪندو هو. هڪ دفعي پير محمد راشد سان ڪچهري ڪندي چيائين ته ”دنيا سٺي آهي، جيڪا موت ۽ زندگي ۾ ڪم اچي ٿي.“ پير صاحب جواب ۾ چيو، ”دنيا بلڪل بڇڙي آهي، مگر انڌن آڏو پاڻ کي سهڻو ٿي سڏائي. ولي هن کي سڃاڻن ٿا ۽ سندس ويجهو نٿا اچن“. اهو جواب ٻڌي مير صاحب لاجواب ٿيو ۽ پير صاحب جي تعريف ڪيائين(3).

مير مبارڪ خان حڪومت جي طرفان جنگي مهم ۾ به شريڪ ٿيندو هو. کرڙيءَ واري مشهور جنگ ۾غلام مرتضيٰ شاهه ڪهيري خود مير مبارڪ خان جي سرڪردگي ۾ حملو ڪرڻ ويو هو(4).

مير صاحب هڪ وڏو فصيح ۽ بليغ شاعر هو ۽ لطيف فنن ۾ مهارت رکندڙ امير هو(5). سندس علم پروري جي هاڪ ٻڌي، مير ڪرم علي خان حيدرآبادي جو درٻاري شاعر آخوند محمد حيات خاتم هن جي درٻار ۾ آيو ۽ هميشه لاءِ اتي رهي پيو(6).

.vi مير علي مراد خان: انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ خيرپور جي ڏيهي رياست جو پهريون حاڪم مير علي مراد خان هڪ سٺي اديب ۽ شاعر هجڻ سان گڏ، هڪ وڏو غريب نواز، علم دوست ۽ آزمودگار آدمي ٿي گذريو آهي. هو اهل دل درويشن ۽ باڪمال بزرگن جي دل وٺڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو. سندس درٻار وقت جي عالمن، فاضلن ۽ فيض وارن فقيرن جو آماجگاهه هئي. ان وقت سنڌ جو ڪو اهڙو شاعر مشڪل ملندو، جيڪو مير صاحب جو مداح نه هجي. ”مفرح القلوب“ اخبار جا ڪافي صفحا سندس ثناخواني ۾ صرف ٿيندا هئا. منشي اتمچند ”صبا“، چندا سنگهه ”مفتون“، ڪشنچند ”بيڪس“، محمد علي شاهه ”فاني“، سيد جعفر علي شاهه ”عابدي“ ۽ آگيڏنو ”عشاق“ سندس درٻاري شاعر هئا. مرزا احمد علي قلاتي ۽ مرزا محمد باقر ”آصف“ به ڪجهه وقت سندس نوڪريءَ ۾ رهيا هئا

پير علي گوهر شاهه راشدي، نانڪ يوسف، خير محمد هيسباڻي، محمد صلاح، رازق ڏنو اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ۽ سرائڪي زبان جا شاعر سندس صحبتي هئا. محمد قاسم هالائي، غلام مرتضيٰ شاهه ”مرتضائي“، غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ ٻين ڪيترن شاعرن کي مير صاحب وٽان وظيفا ملندا هئا. فارسي ۾ ”علي“ ۽ سنڌي ۾ ”مجروح“ تخلص ڪندو هو. سندس وفات جو سال 1311هجري مطابق 1894ع آهي، جيڪو ”مرتضائي“ جي هيٺئين قطع مان برآمد ٿئي ٿو:

علي مراد آنکه سرخيل سندهه،

سرو چشم بگفتار با درد و غم.

 

بروز دوشه ز ما،صيام،

که بود بيست وچهارم قضاداد غم

 

دل ”مرتصائي“ درين غم غمين،

زغم روسيه نيز دارد قلم.

.vii مير محمد حسن خان: هي مير رستم خان جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد هو. سندس ولادت 1216هجري، مطابق 1800ع ۾ ٿي، هو پنهنجي پيءُ جي ايام ڪاريءَ ۾ رياست جو مدار المهام ۽ فوج جو مهندار هوندو هو. وڏي جرئت وارو ۽ غيرتمند امير ٿي گذريو آهي(1).

هن جي انگريزن سان اصل نه پوندي هئي ۽ هو به کيس پنهنجو جاني دشمن سمجهندا هئا، ايتري قدر جو سندس جلاوطني واري زماني ۾ سر چارلس نيپئر پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو ته ”مير محمد حسن خان انگريزن جي خلاف جنگ ڪرڻ جو موجد آهي. جيڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ کي سنڌ ۾ آڻي آزاد ڇڏيو ويندو ته پوءِ ٻين ميرن جي گرفتاريءَ جي ضرورت ئي ڪونه هو“(2).

هو هڪ وڏو خدا ترس ۽ درويش صفت شهزادو ٿي گذريو آهي. کيس عين جوانيءَ ۾ زماني جي انقلاب مصيبتن جو منهن ڏيکاريو. پنهنجي پيءُ جي گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي والده ۽ خاندان جي ٻين عورتن سميت پڙديڪا جي علائقي مان لنگهي مرين ۽ مزارين وٽ وڃي رهيو، جن سندس بدقسمتي تي رحيم کائي، کيس پناهه ڏني هئي. ڪجهه سالن کان پوءِ ملتان ڏانهن هليو ويو، پر اتي جي سک حاڪم کيس شهر ۾ رهڻ نه ڏنو. ان هوندي به پنهنجي سرحد تي هڪ ڳوٺ ۾ رهڻ جي اجازت ڏنائينس(3).

مير علي مراد خان تي جيڪا ڪميشن ويٺي هئي، انهيءَ ۾ هو پاڻ لنگهي آيو ۽ گرفتاريءَ جو خيال به نه ڪيائين. اتي اچي اهڙي ته سهڻي، سادي ۽ دلڪش نموني سان شاهدي ڏنائين، جو سڀني ماڻهن جي دل ۾ هن لاءِ عزت پيدا ٿي وئي ۽ سڀئي سندس ساراهه ڪرڻ لڳا. انگريزن هن کي ماهوار پنج سئو رپيا ڏيڻ منظور ڪيا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو(4). پوءِ بهاولپور جي نواب جي ضمانت تي سنڌ ۾ آيو ۽ مير علي مراد خان جي حد کان ٻاهر روهڙي تعلقي ۾ پنهنجو ڳوٺ ٽنڊو محمد حسن خان ٻڌي اچي رهيو(1).

هو هڪ سٺو شاعر به ٿي گذريو آهي. سندس تخلص ”حسن“ هو. سن 1284هجري مطابق 1867ع ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جي تاريخ سندس فرزند مير سهراب خان ثاني ”مسڪين“ جي هيٺئين قطع مان نڪري ٿي(2):

مير محمد، حسن خن عالي نزاد،

کو ز ازل نيک سرشت آمده.

 

ميل غلا کرد چون دنيائي دون،

در نظرش غايت زشت آمده،

 

بيست هقتم مه شعبان به شوق،

طالب آن نفز نوشت آمده.

 

سال وفاتش به زبان خرد،

بلبل بوستان بهشت آمد.

.viii مير علي اڪبر خان: مير رستم خان اول جو ٻيو نمبر پٽ مير علي اڪبر خان پنهنجي پيءُ جي قيد ٿيڻ بعد ٻين ڀائرن وانگر جلاوطن ٿي ويو ۽گهڻو پوءِ، جڏهن ٻيا مير وطن تي موٽيا، تڏهن هيءُ به موٽي، محراب پور جي نزديڪ پنهنجو ڳوٺ ٽنڊو مير علي اڪبر خان ٻڌي ويٺو ۽ پنهنجي عمر جو باقي عرصو اتي گذاريائين. هن کي به شعر و شاعري سان دلچسپي هوندي هئي ۽”اڪبر“ تخلص ڪندو هو. هن فارسي ۾ ڪيترائي غزل، مناقب ۽ مرثيا چيا آهن. سندس ڪلام پختو ۽ سنجيدو آهي(3). ڌڄوال فقير سندس درٻاري شاعر ۽ قوال هو(4). هو سن 1222هجري مطابق 1809ع ۾ ڄائو هو ۽ 1272هجري مطابق 1860ع ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات جي تاريخ مير سهراب خان ”مسڪين“ جي هيٺين قطع مان نڪري ٿي(1).

مير علي اکبر حر حسين يافت چون قرب ڪريم صمد

شانزدهم روز به شنبه شوال  گشت مشرف به مقام احد

جت خرد سال وفاتش شنيد

داخل جنات نعيمه بود

.ix مير علي محمد خان: مير مبارڪ خان جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ مير علي محمد خان هڪ هر دلعزيز ۽ غريب پرور شهزادو هو ۽ روهڙي تعلقي جي ڳوٺ ٽنڊي علي آباد ۾ رهندو هو. سندس طبيعت جو لاڙو تصوف ڏانهن هو ۽ فقيراڻي زندگي گذاريندو هو. عارفن جو ڪلام جو مطالعوسندس خاص مشغلو هوندو هو. هو سنڌي ڪافي ۽ فارسي غزل جو هڪ سٺو شاعر هو(2).

.x مير شاهنواز خان: مير علي مراد خان جو پٽ مير شاهنواز خان سن 1832ع ۾ ڄائو هو. منجهس پنهنجي خاندان جون سموريون خصوصيتون موجود هيون ۽ ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان رهندو هو(3).

چارلس نيپئر کيس ”ڪارو نيپولين“ سڏيندو هو، ڇو جو سندس منهن، مٿي ۽ بدن جي بيهڪ نيپولين جهڙي هئي. هو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته مير شاهنواز خان کي فارسي سان گڏ انگريزي سکڻ جو به شوق هو ۽ ان ۾ چڱي دسترس حاصل ڪري ويو هو(4).

مير علي مراد خان جي يورپ هجڻ وقت رياست جي حڪومت جو ڪاروبار مير شاهنواز خان هلائيندو هو. 1857ع واري انقلاب جي موقعي تي شڪارپور ۾ جيڪي فساد ٿيا هئا، تن ۾ انگريزن جي وڏي مدد ڪيائين. انهيءَ مدد جي صلي ۾ انگريزن کيس ماهوار ٻه هزار رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي هئي.

هو مير محمد مراد خان نالي هڪ پٽ ڇڏي شعبان 1292هجري مطابق 1874ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس علم ادب سان دلچسپي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهل بيت جي عقيدت ۾ شعر چوندو هو. سندس تخلص ”آشفته“ هو.

.xi مير خدا بخش خان ”ضيا“: هو مير شهداد خان جي وڏي فرزند ڄام نندي خان جي اولاد مان هو ۽ مير خير محمد خان بن ڄام فيروزخان جو فرزند هو. سندس والد مير سهراب خان سان گڏجي خيرپور جي حدن ۾ آيو ۽ صوڀي ديري جي ڀرسان ڳوٺ ٻڌي ويٺو. پنهنجي ڳوٺ واري زمين کان سواءِ ٻي نوي جريب زمين سکئي خان مڱڻيجي ۽ شادي خان مڱڻيجي کان خريد ڪيائين. مير سهراب خان به هن کي محبت ديري جتوئي ۾ جاگير ڏني. هن 1320هجري مطابق 1902ع ۾ وفات ڪئي.

هو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۽ نادر ڪتابن جو ذخيرو ننڍن جي بي توجهي سبب اڏوهي جي نذر ٿي ويو. فقط هيٺ ڏنل هڪ شعر مير غلام علي خان کي ياد هو، جنهن لاءِ چيائين ته هن اهو پنهنجي والد ميرخير محمد خان ”ضيا“ کان ٻڌو هو. مير خدا بخش خان جو تخلص به ”ضيا“ هو.

الاهي ابر نيسان ساز ڪلڪ در فشانم را

ضيائي معرفت ده از ڪرم برق زبانم را

.xii مير فيض محمد خان ”عاجز“: مير فيض محمد خان، مير علي مراد خان جو فرزند هو ۽ پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ رياست جو حڪمران ٿيو. مير علي مراد خان جي درٻار وارا سمورا شاعر هن جي درٻار سان وابسته ٿيا، جن کي مختلف موقعن تي دهرا دان ملندا رهيا. مير فيض محمد خان جي علم پروري ۽ادب نوازي ملڪن ۾ مشهور هئي. سندس ڪچهري عالمن ۽ شاعرن سان ڀريل هوندي هئي. هو سڀني کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندن گستاخيون به خنده پيشاني سان برداشت ڪندو هو. هڪ دفعي ٽنڊي مستي خان جو شاعر سيد خير شاهه ان وقت درٻار ۾ آيو، جڏهن مير صاحب شڪار ڪري موٽيو هو. خير شاهه ڪافي ڪٺل هرڻ ڏسي مير صاحب کي چيو:

”مير عاجز پاڻ سڏائين ٿو، هيڏا هرڻ ماري ڪيئن کائين ٿو.“

مير صاحب انهيءَ گستاخي تي ناراض ٿيڻ جي بدران کلي ڳالهه نٽائي ڇڏي ۽ شاهه صاحب کي انعام ڏنو.


(1)  لطف الله بدوي: ”تاريخ ادبيات سنڌ“، حصو ٻيو، قلمي، 1967ع، ص 12، مملوڪه ميان غلام احمد بدوي، ساڪن شڪارپور.

(2)  رحيم داد، مولائي، شيدائي: ”مضمون بزم خيرپور“، رسالو، بلوچي دنيا، ملاتن، مارچ 1963ع، ص 17.

(1)  عطا محمد، حامي: ”مضمون: خيرپور جا ٽالپر شاعر“، اخبار مهراڻ، سالگرهه نمبر، 1962ع، ص 95..

(2)  خداداد خان، خانبهادر: ”لب تاريخ سندهه“، حوالو ڏنل آهي.

(1)  راقم الحروف اهو ڪتاب پندرهن سال اڳ محترم اعجاز الحق قدوسيءَ وٽ، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏٺو هو.

(2)  راقم الحروف اهو ڪتاب دارا واهڻ جي مير محمد باقر خان وٽ ڏٺو.

(1)  زباني روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(2)  Melvill, James: “Reports on the Administration of Sindh”, East India House, London, 1854. p. 367.

(3)   قليچ بيگ، مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“، فيض پريس، خيرپور، 1922ع، ص 93.

(4)  در محمد، مفتي، مولانا: ”ترجمو ملفوظات“، حصو چوٿون، جمعيت علما سڪندريه، پير ڳوٺ، 1974ع، ص 100 ۽ 101.

(1)  قلمي بياض محمد ڪامل لقماني، معلوڪه قاضي عبدالله خان، ساڪن خيرپور.

(2)  زباني روايت: پريل فقير ٻلهاڻي، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(3)  رحيم داد، مولائي شيدائي: ”مضمون: بلوچي دنيا“، حوالو ڏنل آهي، ص 145.

(1)  بياض مير سهراب خان مسڪين، معلوڪه مير بجر خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(2)  بياض عباس علي، بيگ مرزا، ساڪن حيدرآباد.

(1) Hughes, A. W: “Gazetteer of the Province of Sindh”, op. cit. p. 412.

(2)  دوست محمد خان، مير: ”سرگذشت ٽالپران“، حوالو ڏنل آهي.

(3)  محمود ڪڙئي وارو، خليفو: ”ملفوظات“، قلمي، ص 54.

(4)  آندل فقير، ماڇي: ”جنگنامو کرڙي“، قلمي، مملوڪه محمد عالم ماڇي، ساڪن ڇاڙ.

(5)  عطا محمد، منشي، مرزا: ”تاريخ تازه نوائي معارڪه“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1959ع، ص 268.

(6)  محمد ابراهيم، آخوند، عشقباز: ”ديوان عجائب فارسي“، قلمي، مملوڪه محمد اشرف فاروقي، ساڪن درازا.

(1)  محمد ابراهيم، خليل، مخدوم، ”تڪمله مقالات الشعراءِ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي 1958ع، ص 24.

(2) رحيم داد، مولائي شيدائي: ”مضمون: بلوچي دنيا“، حوالو ڏنل آهي، ص 26.

(3)  بياض مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(1)  زباني روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(2)  Napier, James: “The Life &Opinions of Sir Charles. Napier”, Vol. III, John Murray, London, 1857, p. 121.

(3)  ڪئپٽن ايسٽوڪ: ”پراڻي مصر جا نوان ورق“، انگريزي ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1973ع، ص 220.

(4)  ايضا

(1)  زباني روايت: مير فدا حسين خان ٽالپر، ساڪن منگهن واري.

(2)  ديوان مير سهراب خان مسڪين، معلوڪه، مير بجر خان ساڪن منگهن واري.

(3)  عطا محمد حامي: ”مضمون: خيرپور جا  ٽالپر شاعر“، حوالو ڏنل آهي، ص 96.

(4)  رحيم داد، مولائي شيدائي: ”مضمون بزم خيرپور“، بلوچي دنيا، حوالو ڏنل آهي، ص 25.

(1)  ديوان مير سهراب خان مسڪين، مملوڪه مير بجر خان.

(2)  زباني روايت: مير وليداد خان، ساڪن ٽنڊو علي آباد.

(3)  نسيم، امروهوي: ”تاريخ خيرپور“ ، حوالو ڏنل آهي، ص 74.

(4) Napier, William: “Life &Opinions of C, Napier”, op. cit. p. 221.

(1)  قليچ بيگ، مرزا ”خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 98.

(2)  خدادا خان: ”خيرپورنامو“، حوالو ڏنل آهي، ص 16.

(3)  اهو ڳوٺ صوڀي خان سامٽئي جو ٻڌرايل آهي. (روايت مير غلام علي).

(4)  زباني روايت: مير غلام علي خان، ساڪن ڳوٺ صوڀو ديرو.

(5)  ايضا

(6)   ايضا

(1)  زباني روايت: الهڏنو ابڙو، ساڪن ڳوٺ سوهو قناصرا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org