سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:28 

باب پندرهون 

پير، فقير ۽ شاعر

راڻيپور جا پير: راڻيپور جي پيرن جي درگاهه 1195 هجري مطابق 1781ع ۾ قائم ٿي، جڏهن بغداد جي پير سيد عبدالعزيز جا ٻه صاحبزادا سيد محمد شاهه ۽ سيد احمد شاهه تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيا. ڪلهوڙا خاندان جا حاڪم سيد ڀائرن جي خانداني وجاهت ۽ شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندن روحاني ڪمالات ڏسي، ساڻن عزت ۽ احترام  سان پيش آيا ۽ کين سنڌ ۾ رهي تبيلغ ڪرڻ جي اجازت ڏنائون. ٻئي صاحبزادا حيدرآباد ۽ خداآباد کان تبليغ ڪندا ان وقت جي وڏي قاضي مخدوم احمدي وٽ کهڙن جي شهر ۾ آيا ۽ پورا ٻارهن مهينا سندس مهمان ٿي رهيا. ان کان پوءِ هو مخدوم صاحب جي ڪوشش سان راڻيپور ۽ گمبٽ ۾ ديني مرڪز کولي ويهي رهيا(1). ونڊير خاندان مان شاديون ڪيائون. سندن روحاني فيض کان متاثر ٿي، بي انداز ماڻهو سندن مريد بڻجي ويا ۽ ڪيترن هندن کي مسلمان ڪيائون(2).

چون ٿا مٿي ذڪر ڪيل ڀائرن مان سيد محمد شاهه هڪ دفعو اڳ ۾ به سنڌ ۾ آيو هو. پر کيس ترڪي حڪومت جو جاسوس سمجھي سنڌ ۾ رهڻ نه ڏنو ويو هو (3).سيد محمد شاهه کي گمبٽ ۾ هڪ فرزند عبدالرزاق شاهه ڄائو، جيڪو سندس زندگي ۾ ئي فوت ٿي ويو. سيد احمد شاهه کي راڻيپور ۾ چار فرزند تولد ٿيا جن جا نالا صالح شاهه، ابراهيم شاهه، عبدالرحيم شاهه ۽ عبدالعزيز شاهه عرف عبدالغفار شاهه هئا(1). انهن مان صالح شاهه پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ پيريءَ جي مسند تي ويٺو. سيد ابراهيم شاهه گمبٽ ۾ پنهنجي چاچي محمد شاهه جي درگاهه وڃي وسائي ۽ عبدالرحيم شاهه جي فرزند شير محمد عرف پير شير پنهنجن ناناڻن ڏانهن لاڙڪاڻي ڏانهن هليو ويو ۽ اتي سيد سراج شاهه جي درگاهه جو متولي ٿيو.

ايتري ۾ سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن جي هٿ مان نڪري ٽالپرن جي قبضي ۾ آئي. وقت جا مير سهراب خان ۽ مير رستم خان ٻئي راڻيپور ۽ گمبٽ جي پيرن جو ڪلهوڙن کان به وڌيڪ احترام ڪندا هئا. جڏهن افغانستان جو بادشاهه شجاع الملڪ 1219 هجري مطابق 1805ع ۾ سنڌ ڏانهن غنيم بڻجي آيو هو، تڏهن راڻيپور جو پير صالح شاهه اول، مخدوم محمد عاقل ۽ پير محمد راشد سان گڏجي کيس بکر کان ئي موٽائي آيو هو(3).

پير صالح شاهه جي بزرگي ملڪن ۾ مشهور هئي ۽ هو ڪافي ڪرامت جو صاحب هو. هند، سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان جا بي انداز ماڻهو سندس مريد هئا. وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي. کيس سخي صالح شاهه ٺوڙهو ڪري سڏيندا هئا.(4).سيد صالح شاهه کي هڪ فرزند پير غلام محي الدين شاهه هو. جيڪو سندس وفات کانپوءِ مسند تي ويٺو. هو هڪ وڏو پرهيزگار خدا جو نيڪ ٻانهو ٿي گذريو آهي.پنجاب جو وڏي ۾ وڏو ۽ بزرگ شاعر خواجه غلام فريد سندس گهاٽو دوست هوندو هو. هڪ دفعي پير صاحب خواجه صاحب ڏانهن گھوڙن لاءِ  گجرن موڪلڻ جو پيغام موڪليو. خواجه صاحب گجرون ته ڪونه موڪليون، اٽلو پير صاحب ڏانهن نياپو موڪليائين ته هو راڻِيپور جا ٻير موڪلي . ان پيغام پهچڻ تي پير صاحب سرائڪي زبان ۾ هيٺيان بيت چوائي موڪليو:

هٿان سنوين هٿ فريدا پير ان سنوين پير،

تئن نه مڪيان گاجران، مئن نه مڪي ٻير

گمبٽ جا پير: گمٽ جي درگاهه جي باني پير محمد شاهه بغدادي کي مرڻ وقت ڪو به نرينو اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري سندس ڀائيٽو. پير ابراهيم شاهه سندس جانشين بڻيو.هو پنهنجي وقت جو چڱو پير ٿي گذريو آهي.هو ظاهري طرح تي پڙهيو ڪونه هو ۽ عربي فارسي يا هندي زبانون  نه ڄاڻيندو هو، تڏهن به عالمن ۽ فاضلن جو صحبتي هو ۽ ديني ڳالهين ۾ گھڻي  دلچسپي وٺندو هو. (1).کيس ڇهه فرزند هئا: شمس الدين شاهه، محمد شاهه، حسين الدين شاهه، غوث محمد شاهه، قطب الدين شاهه ۽ عبدالرزاق شاهه(2).

ابراهيم شاهه جي وفات کانپوءِ سندسن وڏو پٽ شمس الدين شاهه پيريءَ جي گادي تي ويٺو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ شريعت جو صاحب  هو. کيس محمود شاهه نالي چار پٽ هئا.(3).

پير صدرالدين شاهه سن 1307 هجري مطابق  1890ع ۾ وفات ڪئي (4). پوءِ سندس ٻيو نمبر پٽ خميس علي شاهه مسند نشين ٿيو، جيڪو بزرگانه صورت ۽ سيرت جو بهترين مظهر هو. سندس اٿڻي ويهڻي ۽ گفتگو جي طرز بي مثل هئي. شام جو مسجد ۾ پٿريون رکائي، پاڻ به صلوات پڙهندو هو ۽ آئي ويئي کان به پڙهائيندو هو.(5).هو شاهانه شڪل شباهت جو صاحب هو ۽ فصاحت بلاغت جو مالڪ، خوش بيان ۽ شيرين زبان شخص هو.بيحد دانشمند، مفڪر مدبر هو ۽ ڏاڍو صالح، عابد خدا پاڪ جي حڪمن جو فرمانبردار هو. شريعت جي عزت ڪندو هو ۽ هڪ وڏو عالم دوست ۽ علم نواز هو(1). مولانا تاج محمد امروٽِي جي لفظن ۾ پير صاحب جو وجود دينداري جي رونق ۽ خلق لاءِ پيروي جو نمونو هو(2). پير صاحب کي هيٺين نالن سان ست فرزند ڄاوا: غلام مرتضيٰ شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، غلام باقر شاهه، شاهه مردان شاهه، علي مرادن شاهه عبدالرحيم شاهه ۽ پڃل شاهه، هن وقت تائين شاهه مردان شاهه ۽ پڃل شاهه زندهه اولادي آهن(3). پير خميس علي شاهه 1348 هجري، مطابق 1929ع ۾ وفات ڪئي.(4) .

پير خميس علي شاهه کانپوءِ  سندس فرزند پير غلام مرتضيٰ شاهه گادي تي ويٺو، جيڪو پنهنجن وڏن کان  وڌيڪ عابد ۽ زاهد شخص ٿي گذريو آهي. هي سارو وقت مسجد اندر ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو،تاريخ 26 ڊسمبر، 1968 تي وفات ڪيائين(5).

هن وقت گمبٽ جي درگاهه جو وڏو سجاده نشين، پير غلام مرتضيٰ شاهه جو فرزند پير محمد شاهه آهي، جيڪو پنهنجن وڏن جي پيروي ڪندو ٿو رهي. هو ڪيترائي دفعا حرمين شريفين جي زيارت ۽ حج کان مشرف ٿي چڪو آهي.

پاڳارا پير: سنڌ جي مشهور و معروف راشدي خاندان جو وڏو پير محمد راشد ولد سيد محمد بقا شاهه لڪياري هڪ وڏو اهل دل درويش ۽ باڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس خاندان جو مورث اعليٰ سيد علي مڪي چوٿين صدي هجري ۾ عراق (سامري) کان هجرت ڪري، پنهنجن هڪ سئو ساٿين سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو(6).

پير محمد راشد جو والد سيد محمد بقا شاهه ولد سيد امام علي شاهه پهرين شعبان 1135 هجري، مطابق 1723ع ۾ ڳوٺ رسولپور سائدي ننڍي ۾ ڄائو ۽ ظاهري علمن جي تحصيل کان پوءِ مخدوم محمد اسماعيل پريا لوءَ واري ۽ سيد عبدالقادر شاهه ثاني چناهه واري کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. هو تاريخ 9، ربيع الثاني، 1198 هجري، مطابق 1784ع تي چورن هٿان شهيد ٿيو. سندس مزار رياست خيرپور جي مقام شيخ طيب ۾ آهي. هو پٽ ڌڻي جي لقب سان مشهور آهي(1).

پير محمد بقا شاهه کان پوءِ سندس فرزند پير محمد راشد، رشد هدايت جي مسند تي ويٺو. سندس ولادت 1171 هجري، مطابق 1757ع ۾ ٿي اڃا هڪ مهيني جو هيو، جو رمضان جو مهينو اچي ويو ۽ سارو مهينو ڏينهن جو کير نه پيتائين، تنهنڪري روزي ڌڻي جي لقب سان مشهور ٿي ويو(2). تعليم و تربيت کهڙن جي مخدوم احمدي، شڪارپور جي شاهه فيض الله علوي، ڪوٽڙي ڪبير جي مخدوم يار محمد ۽ آريجن جي مولانا محمد کان حاصل ڪيائين(3). سندس مريدي جو سلسلو تمام وسيع آهي. سنڌ، جوڌپور، جيسلمير، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ لکين مريد ڪيائين. سندس مريدن مان ڪيترائي فيض جا صاحب ٿيا. جن مان سيد محمد حسن شاهه سوئي وارو، خليفو محمود ڪڙئي وارو ۽ خليفو محمد حسن مهيسر مشهور آهن، جن ڌار ڌار سندس ملفوظات کي مرتب ڪيو. سندس تصنيفات مان شرح اسماء الحسني، جمع الجوامع، مڪتوبات ۽ ملفوظات مشهور آهن(4).

سنڌ جي ميرن جون ٽيئي حڪومتون پير صاحب جو احترام ڪنديون هيون. پير صاحب کي هيٺين نالن سان ارڙهن پٽ هئا: حسن شاهه، صبغت الله شاهه، احسن شاهه، محمد ڪريم شاهه، ياسين شاهه، مهدي شاهه، محمد بقا شاهه، هدايت الله شاهه، شاهنواز شاهه، غلام محي الدين شاهه، صادق شاهه، مبارڪ شاهه، حامد شاهه ۽ اسماعيل شاهه ۽ انهن مان شاهنوار شاهه، صادق شاهه، حامد شاهه، ۽ اسماعيل شاهه سندس حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويا ۽ ٻين چئن پٽن تي ساڳيان نالا رکيا ويا(5).

پير محمد شاهه پنهنجي وفات وقت پنهنجن ٻن پٽن صبغت الله شاهه ۽ ياسين شاهه کي ڌار ڌار دستار ۽ علم عطا ڪيو. ان وقت کان وٺي صبغت الله شاهه ۽ سندس جانشين پاڳاري جي لقب سان مشهور ٿيا ۽ ياسين شاهه ۽ سندس جانشين کي جهنڊي وارا پير سڏيو ويو(1).

پير محمد راشد کان پوءِ پير صبغت الله شاهه گادي تي ويٺو. ان وقت پنجاب ۾ سکن زور ورتو ۽ مسلمانن جي ڪافي علائقن تي قبضو ڪري ويا ۽ سنڌ تي ڪاهڻ جون تديبرون سوچڻ لڳا. پير صاحب ساڻن جهاد ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجن جانباز ۽ سرفروش مريدن جي هڪ جماعت تيار ڪري ”حر تحريڪ“ جو بنياد رکيو(2). ساڳئي وقت هندستان ۾ سيد احمد شهيد بريلوي جهاد جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پير ڳوٺ ۾ اچي پير صاحب جو مهمان ٿيو. تيرهن ڏينهن ساڻن روحاني رهاڻيون ڪري اڳتي وڌيو. ۽ پنهنجا ٻار ٻچا پير صاحب جي حفاظت ۾ ڇڏي ويو. پير صاحب ساڻن وعدو ڪيو ته جڏهن جنگي مرڪز قائم ٿي ويندو، تڏهن هو به ساڻس اچي ملندو. مگر اتفاق اهڙو ٿيو، جو افعانستان ۽ پشاور وارو رستو بند ٿي ويو ۽ پير صاحب اتي پهچي نه سگهيو ۽ سيد احمد شهيد بالاڪوٽ ۾ شهيد ٿي ويو(3).

پير صبغت الله شاهه هڪ وڏو جليل القدر عالم ۽ معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس ديني حيثيت جو اندازو سيد احمد شهيد جي ساٿي سيد حميد الدين جي هيٺئين بيان مان لڳائي ٿو سگهجي. هو لکي ٿو ته:

سنڌ وارن کي ساري ملڪ ۾ پير صبغت الله شاهه جهڙو شيخ ۽ مرشد نه ملندو. هن وٽ اٽڪل ٽي لک ٻروچ مريد آهن ۽ وڏي مان ۽ مرتبي سان زندگي گذاري رهيو آهي. سندس خلوص، مروت ۽ سخا ملڪن ۾ مشهور آهي. هن وٽ هڪ اهڙو ڪتبخانو آهي، جيڪو بادشاهن وٽ به ڪونه هوندو. منجهس ڪم از ڪم پندرهن هزار معتبر ڪتاب آهن(4). پير صاحب کي هيٺيان ست فرزن هئا: غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالقادر شاهه، علي گوهر شاهه، علي محمد شاهه، علي حيدر شاهه، ذوالفقار شاهه، شاهه مردان شاهه(1).

پير صبغت الله شاهه تاريخ 5 رمضان 1246 هجري، مطابق 1831ع تي وفات ڪئي ۽ سندس فرزند پير علي گوهر شاهه گادي نشين ٿيو. هي به پنهنجن وڏن وانگر پنهنجي وقت جو وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. کيس بنگلي ڌڻي سڏيندا هئا. سندس تخلص اصغر هو ۽ ڪافيءَ جي صنف ۾ باڪمال شاعري ڪئي اٿس. سندس ڪافين ۾ سوز ۽ گداز سمايل آهي ۽ کيس ادب جي ميدان ۾ مٿانهين حيثيت حاصل آهي. هن گهڻو وقت علي مراد خان جي صحبت ۾ گذاريو. پڇاڙي ۾ ٻنهي ۾ نااتفاقي پيدا ٿي پيئي، پير مير علي مراد خان کي ميڙ منٿ ڪري پرچائي ڇڏيو(2). پير صاحب تاريخ 11 جمادي الاول 1263 هجري، مطابق 23 اپريل 1847ع تي وفات ڪئي(3).

پير علي گوهر شاهه کانپوءِ سندس فرزند پير حزب الله شاهه مسڪين تخت نشين ٿيو، جيڪو وڏو زندهه دل ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي.سندس لنگر عام خاص لاءِ هميشه کليل هوندو هو. عام ڳوٺن ۾ وڃي غريبن جي سار لهندو هو ۽ کين ان ۽ ڪپڙا ڏيندو هو.(4). هو وڏو سخن شناس، ادب نواز ۽ قادر الڪلام شاعر به هو. هڪ دفعي مولانا بهائي جو ڪلام پسند ڪري کيس هڪ هاٿي ڏنو هيائين(5). سندس جماعت کيس تخت ڌڻي جي نالي سان ياد ڪندي آهي. سندس ولادت جي تاريخ 18 شعبان 1258 هجري، مطابق 1842ع ۽ وفات جي تاريخ 4 محرم 1308 هجري. مطابق 1890ع آهي.

پير حزب الله شاهه کا پوءِ سيد علي گوهر شاهه ثاني ”محافي ڌڻي“ گاديءَ تي ويٺو. هيءُ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. گهڻو ڪري بيمار گذاريندو هو. تاريخ 11 رمضان 1314 هجري، مطابق 1897ع تي وفات ڪيائين(1).

پير علي گوهر شاهه ثاني کي اولاد ڪونه هو. تنهن ڪري سندس وفات کان پوءِ ڀاڻس پير شاهه مردان شاهه ڪوٽ ڌڻي گادي تي ويٺو، جنهن جي علمي ۽ ديني خدمتن کان متاثر ٿي حڪومت کين شمس العماءَ جو خطاب ڏنو. پير صاحب جو لکرايل قرآن شريف جو ”تفسير ڪوثر“، سنڌي ادب ۾ وڏو اضافو آهي. تاريخ 7 ربيع الاول 134 هجري، مطابق 9 نومبر 1921ع تي وفات ڪيائين(2).

ان کان پوءِ پير صبغت الله شاهه ثاني ٻارهن سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيو. هو ننڍي هوندي کان وٺي آزاديءَ جي جذبي سان سرشار هو، کيس انگريزن جي ڌارين حڪومت کان سخت نفرت هوندي هئي. انهيءَ نفرت جي جذبي سبب انگريزن سان جهاد ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ تاريخ 20 مارچ 1943ع تي شهادت جو جام پيتائين(3).

هن وقت پاڳارن جي گادي تي پير صبغت الله شاهه ثاني جو وڏو فرزند پير شاهه مردان شاهه ثاني عرف سڪندر شاهه آهي. سندس ولادت جي تاريخ 22 نومبر 1928ع آهي(4). سندس ڪوشش سان حر جماعت بلڪل منظم ٿي ويئي آهي.

پاڪستان ۽ هندستان جي ٻنهي جنگين ۾ پير صاحب جي مريدن مسلمان قوم جي دل کولي مدد ڪئي آهي ۽ شجاعت جا جوهر ڏيکاريا آهن.

تجل جا پير: تجل جي درگاهه جو باني مخدوم شاهه عنايت جو ننڍو فزند مخدوم سلام الله عرف ٿر ڌڻي آهي. هن خاندان جو مورث اعليٰ مخدوم صدرالدين عرف صدؤ لانگاهه سن 900 هجري، مطابق 1494ع ۾ بغداد مان اچ ۾ آيو ۽ اتان تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اچي ڳوٺ ميران پور ۾ رهيو، جتي هڪ مسجد ٺهرائي، ديني مدرسو کوليائين، هي اهو مدرسو آهي، جتي شاهه لطيف جي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري به تعليم ورتي هئي. هن خاندان کي عام تذڪره نويس لانگاهه سڏيندا آهن، پر درگاهه جي مستند شجري مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو خاندان حسني سادات مان آهي. مخدوم صدرالدين جي نسب جي يارهين ڪڙي حضرت امام حسن عليه السلام سان ملي ٿي(1). لانگاهه جي آل اصل ۾ مخدوم صدرالدين جي هڪ ڪرامت سبب پئجي وئي آهي، جو هڪ دفعي ٻيڙي نه هجڻ جي حالت ۾ درياهه سڪي ويو هو ۽ ان لانگهي مان مخدوم صاحب جا مريد درياهه پار ڪري ويا هئا(2).

شاهه عنايت مخدوم صدرالدين جي پنجين پيڙهي ۾ مخدوم فضل الله جو فرزند هو. کيس مخدوم خليل الله ۽ مخدوم جليل الله، نالي ٽي پٽ هئا(3).

مخدوم سلام الله چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي والد جي هڪ خليفي سيد عبداللطيف ٺٽوي کان تلقين وٺي تارڪ بڻجي ويٺو ۽ جذب جي حالت ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن پنهنجو قيمتي لباس لاهي ساڙي ڇڏيائين ۽ لنگ ٻڌي جهنگ منهن ڪيائين. ڪجهه فقير سندس پٺيان هليا جن مان ڪڏهن ڪڏهن راول فقير سان رهاڻ ڪندو هو. هلندي هلندي شاهپور چاڪر جي ڳوٺ ۾ مير چاڪر خان ٽالپر جي ڏيڍيءَ ۾ گهڙي ويو. مير صاحب جي ماڻهن مٿس ڪتا ڇڏيا. جيڪي وڙهڻ جي بدران اچي سندس پير چمڻ لڳا. مستورات مٿي ماڙيءَ تي چڙهي ويون. مگر مير چاڪر خان جو ٻار مير سهراب خان پينگهي ۾ ستل هو. مخدوم صاحب سندس سيرانديءَ کان هڪ ڪلو کوڙي دعا ڪئي ۽ سندس بادشاهه بڻجڻ جي بشارت ڏني(4). ان کان پوءِ هو وري جهنگ منهن ڪري ڪڇ جي رڻ، جيسلمير ۽ جوڌپور جي ٿر مان ٿيندو وري سنڌ جي سرحد ۾ ڳيرا ٿر واري ڀٽ تي اچي ويهي رهيو، جتي هينئر تجل جي درگاهه آهي. اتي هڪ ڦوڳ جو وڻ هو، جنهن کي ٽيڪ ڏيئي سيارو توڙي اونهارو ويٺو رهيو. سندس لباس ۾ هڪ لنگ ۽ هڪ گودڙي هوندي هئي. سارو وقت ڏٿ ۽ پاڻي تي گذارو ڪيائين(1).

هو هڪ وڏو ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اچي ساڻس روحاني رهاڻ ڪئي هئي(2). ڪيترائي ماڻهو وٽس مريد ٿيڻ لاءِ آيا، مگر انهن کي چيائين ته ”اسان مريد ڪرڻ ڪونه آيا آهيون، اوهان کي مريد ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو پير ايندو.“ آخرڪار ٿيو به ائين، جو ڪجهه وقت کان پوءِ پاڳارن جي وڏي، پير محمد راشد اچي اتان جي ماڻهن کي مريد ڪيو(3). مخدوم صاحب وٽ چئني طرفن کان سڃ ڏسي، سندس مريد پريشان ٿيندا هئا، ته کين چوندو هو ته ”غم نه ڪيو، سکيل ايندو، سک ٿيندو.“ اها بشارت به پوري ٿي جو سندس وفات کان پوءِ سندس ئي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر عرف سکيل سائين اچي اها درگاهه وسائي ۽ ناري واهه جي اُٿل ڪري تجل وارو پاسو آباد ٿي ويو(4).

مخدوم صاحب تاريخ 25 ذوالحج 1193 هجري،مطابق 1779ع تي وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ جڏهن مير سهراب خان خيرپور جو والي بڻيو. تڏهن سندس روضو مبارڪ ۽ هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪرايائين. ۽ فقيرن کي کوهه کڻائي، باغ رکرائي ڏنائين. مجاورن کي چراغ بندي ۽ لنگر جي خرچ لاءِ نقدي ۽ زمين ڏنائين. اهو روضو تجر جي نموني تي آهي، تنهنڪري آهستي آهستي تجر لفظ مٽجي تجل بڻجي ويو آهي(5). ان کان پوءِ مير سهراب خان مخدوم صاحب جي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر ولد مخدوم محمد نعيم کي پنهنجي رياست ۾ وٺي آيو ۽ ڪوٽ ڏيجي کان اتر طرف ڇهن ميلن جي مفاصلي تي کيس هڪ وڏو ڪوٽ ٺهرائي ڏنو ۽ جاگير به عطا ڪئي. اهو ڪوٽ شاڪر شاهه جو ڪوٽلو سڏيو ويو ۽ اڄ تائين اتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ڪوٽلي جي نالي سان آباد آهي(1).ٿوري وقت کانپوءِ مخدوم محمد شاڪر تجل جي درگاهه تي اچي رهيو. هن وٽ رات ڏينهن لنگر هلندو هو، جتان آيو ويو غريب غربو پيو کائيندو هو. سيد جان الله شاهه مير روهڙي واري جو فرزند مير قلندر علي شاهه عرف ”موسيٰ جاڳا“ سندس خاص مريد هو. مخدوم صاحب تاريخ 21 ربيع الاول، 1213 هجري، مطابق 1798ع تي وفات ڪئي(2).

مخدوم محمد شاڪر کانپوءِ سندس فرزند مخدوم سلطان علي فقيري جي مسند تي ويٺو. هي به پنهنجي والد وانگر وڏو اهل دل درويش هو. مير سهراب خان توڙي مير رستم خان ٻئي سندس معتقد هئا. هو هڪ باڪمال بزرگ ۽ وقت جو وڏو عالم هو. کيس هيٺين نالن وارا ست فرزند هئا: مبارڪ شاهه، شاڪر شاهه ثاني، قلندر بخش شاهه، شهاب الدين شاهه، علي اڪبر شاهه، نور محمد شاهه ۽ عبدالستار شاهه(3). هن تاريخ 10 صفر 1252 هجري، مطابق 1836ع تي وفات ڪئي(4).  

مخدوم سلطان علي شاهه جي فرزندن مان مبارڪ شاهه ۽ قلندر بخش شاهه، هڪ ٻئي پٺيان پنهنجي پيءُ جي گادي تي ويٺا ۽ عبدالستار شاهه جهوڪ ميران پور ۾ شاهه عنايت جي درگاهه تي وڃي مسند نشين ٿيو، جتي اڄ تائين سندس اولاد مان گادي تي ويهندا ٿا اچن. عبدالستار شاهه جهوڪ جر درگاهه تي بلوچستان واري سيد رکيل شاهه ۽ جلالاڻين واري لونگ فقير جهڙن عارفن کي مريد بڻايو.  نور محمد شاهه هڪ زنده دل عالم هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر به هو. سندس وفات تاريخ 17 شوال 1298 هجري مطابق 1881ع تي ٿي.

مخدوم مبارڪ شاهه پنهنجن وڏن کان به پرهيزگار ۽ دسترخاني جو دروازو ڪشادو هو. مير علي مراد خان ڪنهن غلط فهمي سبب سندس جاگير کسي ورتي ته هن ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ خدا تي توڪل رکي پنهنجي لنگر کي اڳي کان به وڌيڪ ڪشادو ڪيو. ڪجهه ڏينهن بعد مير علي مراد خان هن وٽ هلي آيو ۽ جاگير واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مخدوم صاحب انڪار ڪري ڇڏيو. سندس لنگر تان آئي وئي کي سٺو طعام ملندو هو. پاڻ بلڪل معمولي غذا استعمال ڪندو هو. سندس گهڻو وقت الله جي عبادت ۽ خدمت ۾ بسر ٿيندو هو. کيس ولي محمد نالي هڪ فرزند هو، جيڪو سندس زندگي ۾ ئي وفات ڪري ويو. تاريخ 12، ذوالقعد 1270 هجري، مطابق 1854ع تي وفات ڪيائين(1)

مخدوم مبارڪ شاهه جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ قلندر بخش صوفي گادي تي ويٺو، جيڪو پنهنجي وڏن جي پيروي ڪندي فقيري ڪندو، فقيري جي رونق کي مسند بخشيندو رهيو.

مخدوم قلندر بخش کانپوءِ سندس فرزند سلطان علي شاهه ثاني جانشين ٿيو، جيڪو هڪ وڏو عالم پرهيزگار ۽ قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي مراد خان سندس معتقد هوندو هو. هن تاريخ 7 محرم 1324 هجري مطابق 1906 ع تي وفات ڪئي(2).

ان کانپوءِ مخدوم مبارڪ شاهه ثاني گادي تي ويٺو. هيءُ به هڪ پرهيزگار ۽ فيض وارو فقير هو. هن وقت سندس فرزند ولي محمد شاهه ثاني فقيري جي گادي وسايو ويٺو آهي.

هن خاندان ۾ فقير علي قطب، فقير نبين جوڙيو ۽ فقير صدرالدين ٽيئي ڄڻا سٺا حاڪم ۽ وڏا مهمان نواز فقير آهن.

پريا لوءَ جا فقير: پريا لوءَ ۾ نقوي ساداتن جي درگاهه جو باني سيد صالح شاهه سوائي آهي، جنهن جو والد سيد بهاءُ الدين شاهه اُچ کان لڏي روهڙي ۾ اچي رهيو هو. روهڙي ۾ حاجن شاهه واري درگاهه سندس قائم ڪيل آهي. حاجن شاهه دراصل هڪ ڀٽ فقير ۽ بهاءٌ الدين شاهه جو خليفو هو. سيد بهاءٌالدين شاهه به اتي ئي دفن ٿيل آهي(3). سيد بهاءٌ الدين شاهه کي صالح شاهه، ٺارو شاهه، صوفن شاهه ۽ موريل شاهه نالي چار پٽ هئا. سيد ٺارو شاهه هاڻوڪو ٺارو شاهه وارو شهر وڃي وسايو. جتي اڄ به سندس اولاد مان گنبل شاهه ۽ احمد شاهه زنده آهن.صوفن شاهه ڳوٺ ٽڳڙ باغبان تعلقي ڏوڪري ۾ وڃي رهيو، جتي سندس اولاد مان خادم حسين شاهه ۽ قربان علي شاهه حال حيات آهن. سيد موريل شاهه وري توري ڳوٺ ۾ وڃي لاولد فوت ٿيو(1). باقي صالح شاهه پريا لوءَ ۾ اچي ويٺو. جتي رياضتون ۽ مجاهدا ڪري وقت جو وڏو عارف بڻيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽس ملاقات ڪرڻ لاءِ پريا لوءَ شهر ۾ آيو ۽ هڪڙي ملاقات ۾ ئي سندس معتقد بنجي ويو. کيس جاگير ۽ نذراني جي آڇ ڪيائين پر صالح شاهه جھڙي متوڪل شخص وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.شاهه صاحب سمورو وقت قلندرانه  نموني ۾ گذاريو. هو سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر به هو. کيس شير محمد شاهه ۽ حيدر علي شاهه نالي ٻه فرزند هئا.(2). سيد حمز علي شاهه جي روايت موجب صالح شاهه کي قائم علي شاهه، حيات شاهه، ۽ محبوب نالي ٻيا ٽي پٽ به هئا.سيد قائم علي شاهه پنهنجي وقت جي مخدوم اسماعيل جوڻيجي جو دوست هوندو هو. هن مخدوم صاحب سان گڏي قرآن پاڪ لکيو هو، جيڪو هن وقت سيد حمز علي وٽ موجود آهي(3). سيد قائم علي شاهه  بنا اولاد فوت ٿي ويو . باقي حيات شاهه ۽ محب شاهه جي اولاد مان حمز علي شاهه جن پريا لوءَ ۾ موجود آهن(4).

سيد صالح شاهه جي وفات کانپوءِ سندس ننڍو فرزند شير  محمد شاهه مسند نشين ٿيو ۽ حيدر علي شاهه تارڪ دنيا ٿي رهيو  ۽ پنهنجي والد وانگر فقيراڻِي زندگي بسر ڪري رهيو ويو.سندس ڪافي مريد هوندا هئا.

شير محمد شاهه جي وفات کانپوءِ سندس دوست علي شاهه گادي تي ويٺو. هيءَ به پنهنجن وڏن وانگر هڪ وڏو فيض وارو فقير ئي گذريو آهي. هن جي وفات بعد سندس پٽ شير محمد شاهه ثاني فقيري جي مسند سنڀالي. وقت جو حاڪم  مير سهراب خان سندس وڏو قدر دان هو هوندو هو. هن به ساري حياتي ۾ ڪنهن کان نذر نياز نه ورتو.(1) .

کيس ٻه فرزند يعقوب علي شاهه ۽ محمد علي شاهه مست هئا. محمد علي شاهه مست مجرد هوندو هو ۽ سمورو وقت  سير سفر  ۾ گذاريائين.ڪڏهن ڪڏهن مير علي مراد خان ٽالپر جي ڪچهريءَ ۾ ايندو هو. مير صاحب سندس وڏو احترام ڪندو هو. هي به ڪو نذرانو قبول نه ڪندو هو، باقي ڪڏهن ڪڏهن مير صاحب کان قيدي ڇڏائي ويندو هو(2).

شير محمد شاهه ثاني جي وصال بعد سندس وڏو پت يعقوب علي شاهه سجاده نشين ٿيو. هو مير مراد علي خان جو گھرو دوست  هو ۽ سندس خاص مقربين مان هوندو هو. مير صاحب جي طرفان هن کي ڪافي زمين ۽ پراوانا مليا(3).

يعقوب علي شاهه کانپوءِ سندس پٽ جان الله شاهه پڳدار ٿيو هن جو مير غلام حيدر جي پٽ مير محمد خان ۽ سندس خاندان سان گھاٽو رشتو هوندو هو. هو ميرن جي استدعا تي پريالو لوءَ ڇڏي اچي سندن ڳوٺ ڪوٽ مير محمد خان ۾ ويٺو(4).

جان الله شاهه کانپوءِ سندس پٽ غوث علي شاهه جانشين ٿيو. جيڪو وڏو هردلعزيز ماڻهو ٿي گذريو آهي.کيس ٻه پٽ محمد علي ‎شاهه ۽ امام علي شاهه نالي ڄاوا، جن مان محمد شاهه وفات ڪري ويو آهي، باقي امام علي شاهه حڪمت جو ڌنڌو ڪري رهيو آهي.هيءَ به هڪ درويش صفت ۽ پيارو ماڻهو آهي.

هڱورجن جا پير: هڱورجن جي پيرن جو وڏو سيد عبدالرشيد شاهه اصل لڪي جو  ويٺل هو ۽ سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاّظم رضه سان  لڳي ٿو. هو ڪلهوڙن  جي اوائلي زماني ۾ تبليغ جي سلسلي ۾ هنگورجن ۾ آيو  ۽ اتان جي هڪ بزرگ شاهه حسين عرف پپو شاهه مسافر ٻوهئي جي نياڻي سان شادي ڪيائين(5) کيس هڪ فرزند شاهه نالي ڄائو ، جيڪو پيءُ  جي وفات کانپوءِ  فقيري جي مسند تي ويٺو. سيد عبدالرشيد رحه جي مزار سيٺارجن  جي شهر ۾ آهي.

شاهه مير پنهنجي والد وانگر هڪ وڏو  معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. کيس سکيل شاهه، درويش محمد شاهه ۽ مبارڪ شاهه نالي ٽي پٽ هئا(1). سندس وفات کانپوءِ وڏو فرزند سکيل شاهه گادي نشين  ٿيو، جيڪو وڏو اهل دل درويش هوندو هو. کيس سيد محمد عطا شاهه، سيد الهرکيو شاهه ۽ سيد محمد سعيد شاهه نالي ٽي پٽ ڄاوا، جن مان وڏو پٽ سيد عطا محمد شاهه پيءُ جو جانشين بڻيو. خيرپور جا حاڪم مير سهراب خان  ۽ مير رستم خان  سندس وڏو خيال رکندا هئا.(2) سيد محمد عطا شاهه کي هيٺين نالن سان ڇهه پٽ تولد ٿيا: ناصر علي شاهه، خير محمد شاهه، حسن علي شاهه، عباس علي شاهه، عبد الغني شاهه ۽ پير محمد شاهه.(3) سيد محمد عطا شاهه جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ ناصر علي شاهه جانشين ٿيو. خيرپور جو حاڪم مير علي مراد خان سندس معتقد هوندو هو(4).ناصر علي شاهه کي سرور علي شاهه ۽ صلب علي شاهه نالي ٻه پٽ ڄاوا ۽ سندس وفات بعد سرور علي شاهه گادي نشين ٿيو. مير علي مراد خان ۽ مير فيض محمد خان سرور علي شاهه جو وڏو خيال رکندا هئا(5).سرور علي شاهه کي هيٺين نالن وارا پنج پٽ تولد ٿيا: احمد شاهه، صادق علي شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه، غلام مصطفيٰ شاهه، ۽ ڪاظم شاهه. سرور علي شاهه جي وفات کان پوءِ غلام مرتضيٰ شاهه جانشين ٿيو. کيس ٻه پٽ ڪاظم علي شاهه ثاني ۽ حاجن علي شاهه هئا. سندس وفات 1933ع ۾ ٿي ۽ گادي تي سيد ڪاظم علي شاهه ثاني عرف صوفن شاهه ويٺو.(6)هو تاريخ رمضان المبارڪ 1379 هجري مطابق 16 مارچ 1960ع تي گذاري ويو(7). هن وقت سندس فرزند سيد ارشاد احمد شاهه سجاده نشين آهي، جيڪو پنهنجي وڏڙن جا ڪک وسايو ويٺو آهي. کيس امير خواه غريب سڀ عذت جي نگاهه سان ڏسندا آهن.

هڱورجن جي هن خاندان مان سيد قطب علي شاهه، سيد درمحمد شاهه ۽ سيد قلندر بخش شاهه پنهنجي زماني جا سٺا شاعر ٿي گذريا آهن(1).

فتح پور جا پير: فتح پور جا پير سادات جي ڪاظمي خاندان سان واسطو رکن ٿا. سندن وڏا ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئا، جتان سيد امير علي شاهه اول ڪهلوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ کهڙن جي شهر ۾ اچي رهيو. هو وڏو ڪاني ڪرامت جو صاحب هو. کيس هڪ فرزند شاهه علي محمد نالي ڄائو، جيڪو پڻ وڏو بزرگ ٿيو. هن کي سيد محمد رفيق، سيد محمد اسحاق ۽ محمد علي ٽي فرزند تولد ٿيا ۽ ٽيئي معرفت جا صاحب ٿيا. هنن مان ٻه ڄڻا درٻيلي ڏانهن هليا ويا، باقي وچيون ڀاءُ سيد محمد اسحاق پنهنجي والد جي مسند تي ويٺو. هن جو پٽ يعقوب شاهه ۽ پوٽو پريل شاهه ٻئي ڄڻا فيض وارا فقير هئا. پريل شاهه کي دلاور شاهه ۽ محمد شجاع شاهه نالي ٻه فرزند تولد ٿيا ۽ ٻئي ڄڻا معرفت جا صاحب بڻيا. سيد محمد شجاع کهڙن جو شهر ڇڏي فتح پور ۾ اچي ويٺو ۽ وڏن جي درگاهه قائم ڪيائين. وقت جو حاڪم مير سهراب خان سندس وڏو خيال رکندو هو. سيد محمد شجاع جي پرهيزگاري ۽ فقيري کي ڏسي هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد بڻيا. کيس 1200 هجري ۾ محب الله شاهه نالي هڪ فرزند ڄائو، جيڪو ڄمندي ڄام هو. ٻالڪپڻ ۾ جو ڪجهه زبان مان ڪڍندو هو، اهو ٿي پوندو هو. هن جي ڏينهن ۾ درگاهه وڏي ترقي ڪئي. هن ميرن ۽ ٻين اميرن هٿان ڪڏهن به ڪو نذرانو ڪونه ورتو. هميشه توڪل تي رهندو هو. پتو ناهي ڪٿان سندس اٺئي پهر هلندڙ لنگر جو پورائو ٿيندو هو. هن 1273 هجري ۾ وفات ڪئي. هن کي ڪل ست پٽ هئا، جن مان سيد بچل شاهه فقيريءَ جي گاديءَ تي ويٺو. سيد سچل شاهه به هڪ فقير تن انسان هوندو هو. سندس وفات کان پوءِ هن جو پٽ سيد امير علي شاهه ثاني سجاده نشين ٿيو. هن جي وقت ۾ فقيريءَ جي بدران خانقاهه ۾ اميري پير پاتو. سيد امير علي شاهه ڪافي زمين خريد ڪئي. هي پيري مريدي سان گڏ حڪمت به ڪندو هو. وقت جي ميرن سان تمام سٺا تعلقات هوندا هيس. هو زميندار ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ به ٿي رهيو. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ سيد امير علي شاهه ثاني هڪ سٺو اديب ۽ تاريخ نويس به هو. سندس هٿ لکيل تاريخ جا ڪافي مسودا سندس فرزند سيد غلام مصطفيٰ شاهه عرف سيد روشن شاهه وٽ محفوظ آهن. سيد امير علي شاهه جي لکيل خيرپور رياست جي تاريخ به مستند آهي، جو رياست جي انهيءَ تاريخ جا صرف ٽي چار باب صاف لکيل آهن، باقي مختلف مسودا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. سيد امير علي شاهه تاريخ 4، جنوري 1943ع تي وفات ڪري ويو. هينئر سندس ٽي پٽ سيد محب الله شاهه، سيد اعجاز علي شاهه ۽ محمد شجاع شاهه سي ايس پي گريڊ جا ڪامورا آهن(1).

ريجهه علي شاهه جي درگاهه: هن درگاهه جو باني سيد ريجهه علي شاهه اول لڪياري آهي. جيڪو ڪلهڙن جي آخري دؤر ۾ سيوهڻ مان لڏي اچي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ ٻيلهاڙي ۾ ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيلهاڙي مان لڏي کهڙن جي شهر ۾ آيو ۽ دين جي تبليغ شروع ڪيائين(2).

ريجهه علي شاهه جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد ٻڍل شاهه سجاده نشين ٿيو. هيءَ به هڪ وڏو ڪامل شخص ٿي گذريو آهي. سندس مرزا پير ڪٽپر جي مقام ۾ آهي. هن کي ريجهه علي شاهه ثاني دين محمد شاهه ۽ علي اڪبر شاهه نالي ٽي فرزند هئا ۽ ٽيئي پنهنجي وقت جا عارف ٿي گذريا آهن. علي اڪبر شاهه مجذوب سالڪ هوندو هو ۽ ساري حياتي مجرد ٿي رهيو. کيس ڪيميا ۽ حڪمت ۾ وڏي مهارت هوندي هئي(3).

ٻڍل شاهه کان پوءِ فقيري جي گاديءَ تي ريجهه علي شاهه ثاني ويٺو، جيڪو لااولاد وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ دين محمد شاهه جو فرزند سيد ڇتن شاهه گادي نشين ٿيو. هيءَ به پنهنجن وڏن وانگر وڏو فيض جو صاحب ٿي گذريو آهي. وقت جا حاڪم مير سهراب خان ۽ مير رستم خان سندس تمام گهڻو قدر ڪندا هئا. گمبٽ ۽ راڻيپور جا پير به کيس عزت سان ڏسندا هئا(1).


 


(1)  الله بخش عاصي، مخدوم: ”تذڪره مخاديم کهڙا“، قلمي نسخو مملوڪه راقم الحروف.

(2)  زباني روايت: پير محمد شاهه، سجاده نشين درگاهه گمبٽ.

(3)  ايضاً

(1) زباني روايت: پير محمد شاهه، سجاده نشين درگاهه گمبٽ.

(3) الله بخش عباسي : حوالو ڏنل آهي.

(4) زباني روايت: پير اڌل شاهه جيلاني، ساڪن راڻيپور.

(1) غلام رسول مهر: ” سرگذشت مجاهدين،“ ڪتاب منزل لاهور، 1956ع ص 162.

(2)  زباني روايت: پير حاجي ميرڻ شاهه، ساڪن گمبٽ.

(3) ايضاَ

(4) زباني روايت: پير شاهه مردان شاهه ساڪن گمبٽ.

(5)  عيلي محمد شاهه راشدي پير:. ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ حوالو ڏنل آهي.

(1)  عبدالحڪيم چشتي مولوي: ” پنهنجن بزرگن جون يادگيريون،“ يوسفيه پريس سکر ص 1.

(2) ايضاً

(3)  زباني روايت: پير شاه مردان شاهه، ساڪن گمبٽ.

(4) ايضاً:

(5)  ايضاً:

(6)  اعجاز الحق قدوسي: ”تذڪره صوفياء سنڌ“، حوالو ڏنل آهي، ص 875.

(1)  عطا محمد، مرزا منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ حوالو ڏنل آهي، ص 875..

(2)  زباني روايت: منشي محمد پريل، ساڪن پير جو ڳوٺ.

(3)  تبسم چوڌري: تذڪره پيران پاڳارا، انڊس پرنٽرز، حيدرآباد،1970ع، ص 96،97

(4)  اعجاز الحق قدوسي: ”تذڪره صوفيائي سنڌ“، ص، 272.

(5)  زباني روايت: پير حسن علي شاهه راشدي، ساڪن پير جو ڳوٺ.

(1)  غلام حسين شاهه: ”سوانح اصغر“: سنڌي ادبي ائڪڊمي لاڙڪاڻو، 1967ع، ص 25، 26.

(2)  زباني روايت: منشي محمد پريل، ساڪن درگاه پير جو ڳوٺ.

(3)  تبسم چوڌري: ”تذڪره پيران پاڳارا“ جو حوالو ڏنل آهي، ص 102.

(4)  اعجاز الحق فدوسي: ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ حوالو ڏنل ص 273، 274.

(1)  خادم حسين شاهه: ”سوانح اصغر“ حوالو ڏنل آهي، ص 28.

(2)  علي مراد خان جو فارسي خط بياض فخرالدين علوي تان مملوڪه ورتل،مرزا عباس علي بيگ. ساڪن حيدرآباد.

(3)  عطا محمد مرزا، منشي: ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ حوالو ڏنل آهي، ص 875.

(4) زباني روايت: پيروز خان سوهو، ساڪن ڳوٺ سوهو قناصره، تعلقو ڪوٽ ڌيجي.

(5) تبسم چوڌري: ”تذڪره پيران پاڳارا“ حوالو ڏنل آهي. ص 221.

(1)  تبسم چوڌري: ”تذڪره پيران پاڳارا“ حوالو ڏنل آهي، ص 230.

(2)  ايضاً: ص 232.

(3)  زباني روايت: منشي محمد پريل، ساڪن درگاهه پير جو ڳوٺ.

(4)  ايضاً:

(1)  خانداني شجرو درگاهه تجل شريف.

(2)  صدرالدين فقير: ”شاهه عبنايت جو احوال“، قلمي مسودو، ص 2.

(3)  صدرالدين فقير: حوالو ڏنل آهي. ص 4.

(4)  علي قطب فقير: ”ٿر ڌڻيءَ جو احوال“، قلمي مسودو، ص 8، 9.

(1)  علي قطب فقير: ٿر ڌڻي جو احوال، قلمي مسودو، ص 12، 13.

(2)  صدر الدين فقير: حوالو ڏنل آهي. ص 14.

(3) زباني روايت: فقير نبين جوڙيو ساڪن، درگاهه تجل.

(4)  ايضاً:

(5)  علي قطب فقير: حوالو ڏنل آهي: ص 21.

(1)  علي قطب فقير: حوالو ڏنل آهي- ص 23.

(2)  ايضاً:

(3)  ايضاً:

(4)  صدر الدين فقير: حوالو ڏنل آهي- ص 23.

(1)  علي قطب فقير: حوالو ڏنل آهي ص 27.

(2)  ايضاً:

(3)  زباني روايت: سيد امام علي شاهه، ساڪن ڪوٽ مير محمد خان.

(1)  زباني روايت: سيد حمز علي شاهه ساڪن، پريا لوءَ.

(2) زباني روايت: سيد امام علي شاهه، ساڪن ڪُوٽ مير محمد خان.

(3) زباني روايت: سيد حمز علي شاهه، ساڪن پريا لوءَ.

(4) ايضاً

(1) زباني روايت: سيد امام علي شاهه، ساڪن ڪوٽ مير محمد خان.س

(2) ايضاً:

(3) ايضاً:

(4) ايضاً:

(5) زباني روايت: سيد ارشاد احمد شاهه، سجاد نشين درگاه هڱورجا.

(1) زباني روايت: خليفو مهر علي، خليفو درگاهه هڱورجا.

(2) ايضاً:

(3)  خانداني شجرو: درگاهه هڱورجا.

(4)  زباني روايت: قاضي مهر علي، خليفو درگاهه هڱورجا.

(5)  ايضا

(6)  زباني روايت: ارشاد محمد شاهه، سجاده نشين درگاهه هڱورجا.س

(7)  ايضاً

(1)  زباني روايت: قاضي مهر علي، خليفو درگاهه هڱورجا.

(1)  سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو زباني احوال.

(2)  زباني روايت: سيد امام علي شاهه، سجاده نشين درگاهه ريجهه علي شاهه.

(3)  ايضاً

(1)  زباني روايت: سيد امام علي شاهه سجاده نشين درگاهه ريجهه علي شاهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org