سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:3 

پير جو ڳوٺ: هي خيرپور کان اولهه طرف اٽڪل ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي پاڳارن جو ڳوٺ آهي.(5) هتي 27 رجب ۽ عيدن جي موقعن تي پاڳارن جي مريدن جا وڏا اجتماع ٿيندا آهن. واپار جو سٺو مرڪز آهي. سندس آدمشماري 727، 12 آهي. (6)

پريان لوءِ: هي هڪ قديم شهر، جيڪو باغات ۽ سبزي کان گهڻو مشهور آهي. هتي سنڌ جي مشهور بزرگن: پير صالح شاهه، سرائي ۽ مخدوم محمد اسماعيل نقشبندي جون درگاهون آهن. سوسين جو چڱو واپار ٿيندو آهي. سندس آدمشماري 240، 8 آهي.(1)

ٻٻرلوءِ: هيءَ هڪ پراڻو شهر آهي، ۽ کجيءَ جي باغات کان مشهور آهي. هن شهر جي ٻاهران دونهين ۾ موٽڻ شاهه ۽ ابراهيم شاهه جون درگاهون آهن.

ii. گمبٽ تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:

گمبٽ: هي تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هتي جيلاني پيرن جي وڏي درگاهه آهي جتي ربيع الثاني مهيني جي يارهين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. هن شهر ۾ اوائل کان وٺي بهترين کيس ٺهندا آهن. هتي جي آدمشماري 892، 13 آهي. (2)

راڻيپور: هيءُ هڪ پراڻو شهر آهي ۽ جيلاني پيرن جي درگاهه کان مشهور آهي، جتي هر سال ربيع الثاني مهيني جي ٻارهين جو ميلو لڳندو آهي. هتي جون ٺهندڙ چاندنيون مشهور آهن. هتي جي آدمشماري 479، 7 آهي. (3)

کهڙا: هي هڪ قديم شهر آهي، جتي مخدومن ۽ اُڄڻ فقيرن جون مشور خانقاهون آهن. هي شهر قديم زماني کان وٺي ديني مرڪز رهيو آهي. هتي تمام سٺيون ٽوپيون ٺهنديون آهن، هتان جي آدمشماري 7313 آهي.(4)

درازا: هي شهر فاروقين جي درگاهه ڪري مشهور آهي، جتي هر سال رمضان شريف جي چوڏهين تاريخ تي سنڌ جي مشهور صوفي شاعر سچ سرمست جو عرس وڏي ڌوم ڌام سان ٿيندو آهي.

هنڱورجا: هي هڪ قديم شهر آهي، جتي لڪياري سادات جي درگاهه آهي. هتي تمام گهڻا کنڊرات ۽ پراڻا آثار آهن. هن وقت واپار جو سٺو مرڪز آهي. سندس آدمشماري 5318 آهي (1)

مير واهه سب ڊويزن: هن ۾ ڪوٽڏيجي، مير واهه، فيض گنج ۽ نارو تعلقا اچي وڃن ٿا. انهن تعلقن جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو.

I.    ڪوٽڏيجي تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:

ڪوٽڏيجي: قديم زماني ۾ هي شهر پراڻي تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. هن وقت به چڱو شهر آهي، جتي ميرن جا رهائشي بنگلا ڏسڻ جهڙا آهن. انهن کان سواءِ ڪوٽڏيجي جو جنگي قلعو ميرن جو بهترين يادگار آهي. هتان جي آدمشماري 9479 آهي. (2)

بنگلو: ڪوٽڏيجي شهر کان هڪ ميل کن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو شهر ۽ واپار جو سٺو مرڪز آهي. جتي به ميرن جي رهائش جون جايون آهن.

جسڪاڻي: هي شاهي رستي تي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ميرن جي صاحبي ۾ دريان خان جسڪاڻي ٻڌايو هو. هتي هڪ پوليس جي چونڪي به آهي. هتي جي آدمشماري 4110 آهي.(3)

ڪنب: هي به هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جيڪو ڪراچي واري شاهراهه ٺهڻ کان پوءِ جلدي اُسريو آهي ۽ واپار جو چڱو مرڪز بڻجي ويو آهي. هتي جي آدمشماري 2744 آهي. (4)

II. ميرواهه تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:

ٺري: هي تعلقي جو ڪوارٽر آهي. اناج جي چڱي منڊي آهي. سندس آدمشماري 4485 آهي. (5)

بوزدار وڏا: هتي به هڪ پراڻو ٻروچڪو ڳوٺ آهي. هتي جا ماڙيچا انگوڇا ۽ ٻيو چڱو ڪپڙو ٺاهيندا آهن. سندس آدمشماري 3884 آهي.(1)

سيٺارجا: ٺري ۽ هنڱورجا شهرن جي وچ تي هڪ پراڻو شهر آهي. هن وقت هتي اناج جو سٺو مرڪز آهي. سندس آدمشماري 6283 آهي.(2)

III.   فيض گنج تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:

پڪا چانگ: هي چانگن جو هڪ پراڻو ڳوٺ ۽ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. ڀريا روڊ اسٽيشن تائين پڪي رستي ٺهڻ کان پوءِ چڱي ترقي ڪري ويو آهي. سندس آدمشماري 2500 آهي (3)

ڪرونڊي: پڪا چانگ جي اوڀر ۾ پنجن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هتي اناج جو سٺو مارڪيٽ آهي. آدمشماري 3000 آهي. (4)

ڀنگو بهڻ: پڪا چانگ جي اولهه طرف پنجن ميلن جي مفاصلي تي هڪ چڱو ڳوٺ آهي. هتي هاءِ اسڪول هجڻ ڪري فيض گنج تعلقي جا ڪافي ماڻهو تعليم يافته ٿي چڪا آهن. هتي جي آدمشماري 495 آهي. (5)

vi. نارو تعلقو: هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن:

سوراهه: هي تعلقي هيڊڪوارٽر آهي، جتي پنجاهه کن سرڪاري ڪامورا ۽ منشي مڙا رهندا آهن. سندس پسگردائي ۾ ماڻهن جا گهر آهن.

چونڊڪو: هي ناري تعلقي جو وڏي ۾ وڏو ۽ هندڪو ڳوٺ آهي، هتي جا هندو واپاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپار ڪندا آهن. هتي واڻ ۽ گيهه جو چڱو واپار ٿيندو آهي. سندس آدمشماري 1656 آهي (1)

ڦاڙهيارو: هي لغاري بلوچن جو ننڍڙو ڳوٺ آهي. ناري تعلقي جو ٻيو نمبر شهر ليکجي ٿو. واڻ ۽ گيهه جو چڱو مرڪز آهي. آدمشماري 480 آهي.(2)

تجل: اڀرندي ناري جي پرئين پاسي ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي ۽ مخدوم سلام الله عرف ٿر ڌڻيءَ جي درگاهه کان مشهور آهي. هتي هر سال ذوالحج مهيني ۾ هڪ فقيراڻو ميلو لڳندو آهي. هتان جو فاقيرو تيل سنڌن جي سور جو بهترين علاج آهي(3)

ميراڻا يادگار: هونئن ته ميرن جا خيرپور شهر ۽ ٻين جڳهن تي ڪيترائي باغ ۽ تفريح گاهه هئا، جتي سير، شڪار ۽ ٻين مشغلن سان دل وندرائي ويندي هئي، پر هيٺيون پنج جڳهون ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:

I.    دوباغو: خيرپور شهر جي ٻاهران، مير واهه جي ڀرسان هڪ بهترين قسم جو باغ هو، جنهن کي دوباغو سڏيندا هئا. هن باغ ۾ هر قسم جا ميويدار وڻ ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. باغ جي لڳ هڪ بهترين بنگلو ٺهيل هوندو هو، جتي انگريزن جو ريزيڊنٽ آفيسر رهندو هو. مير علي مراد خان گهڻو ڪري اتي ڪئمپ ڪندو هو (4)

II. ربوءَ جي کڏ: خيرپور شهر جي اوڀر واري پاسي کان هڪ وڏو تلاءَ هوندو هو، جنهن ۾ خيرپور جا شهزادا بتيلن تي چڙهي تفريح وٺندا هئا. تلاءَ جي ٻاهران هڪ وڏو باغ هوندو هو، جنهن کي لکي باغ سڏيندا هئا. ان ۾ هر قسم جا رنگارنگي گل ۽ ٻوٽا هوندا هئا. هتي عام ماڻهو به سير ۽ تفريح لاءِ ايندا هئا. اتي مير علي مراد خان جي هڪ سهري ميان ربنواز خان لوڌيال جو گهر به هوندو هو. (5)

III.                      آزاد منزل: ديهه حسين آباد، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ واريءَ جي دڙن جي وچ ۾ هڪ عاليشان بنگلو ۽ ان جي چوڌاري هڪ وڏو باغ لڳل هو. اهو بنگلو ۽ باغ مير علي نواز خان ٺهرايو هو. انهيءَ بنگلي جي ڀتين تي بهترين قسم جي چٽسالي ۽ گلڪاري ٿيل هئي. مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن اتي اچي آزاد فضا ۾ ڪئمپ ڪندو هو. هن وقت اهو بنگلو به ڊهي ويو آهي ۽ باغ به اُجڙ ٿي ويو آهي.(1)

IV.                      ڪالهوڙي: خيرپور شهر کان ٻه ٽي ميل اوڀر تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن مان بي انداز بهه، مڇي ۽ لوڙهه نڪرندا هئا ۽ پکين جو بهترين شڪار به ٿيندو هو. ڍنڍ جي ڀرسان لاڳيتو هڪ مهاڙي هوندي هئي.(2)

V. ڪاناڻي: هيءُ گمبٽ تعلقي جي شهر راڻيپور کان چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏي ڍنڍ هوندي هئي، جتي بهترين قسم جو شڪار ٿيندو هو. مير علي مراد خان هن ڍنڍ تي گهڻيون منزلون ڪندون هو.(3)

مٿي ذڪر ڪيل سمورا يادگار هن وقت نابود ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن جي زبان تي سندن نالو وڃي بچيو آهي.

هاڻوڪيون تفريح گاهون: خيرپور ۾ ماڻهن لاءِ تفريح گاهون تمام گهٽ آهن، تڏهن به هيٺين جڳهن جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي ٿيندو.

هزهائينس جا باغيچا: خيرپور شهر جي فيض محل لال بنگلي ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي شاهي محل جي لڳ هزهائينس جا باغيچا آهن، جن ۾ هر قسم جا گل ۽ بهترين ڇٻر جا ٻارا ٺهيل آهن، هتي شاهي خاندان جا ماڻهو ۽ سندن مهمان تفريح حاصل ڪندا آهن. (4)

ii. وڏيري الهداد خان جو باغ: فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي شهر ۾ مرحوم الهداد خان راڄپر، لاهور واري شاليمار جي نموني تي هڪ ننڍو باغيچو ٺهرايو هو، جنهن ۾ هر قسم جا ديسي ۽ ولائتي گل بهترين چهچٽو پيش ڪن ٿا. هڪ ننڍڙي وستيءَ ۾ اهڙو باغيچو هجڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي. (1)

III.                      ڦول باغ: هيءُ خيرپور شهر جي وچ ۾ ميونسپالٽيءَ جي طرفان هڪ ننڍڙو باغيچو ٺهيل آهي، جتي سياسي ۽ مذهبي جلسا ٿيندا رهندا آهن. شام جو عام ماڻهو اچي تفريح ڪندا آهن. هن باغيچي جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي لئبرري به آهي. (2)

IV.                      جيمخانو: هي خيرپور شهر ۾ رياست جي ڪامورن لاءِ هڪ ڪلب آهي، جتي هر قسم جي گهريلو راندين (Indoor games) جو بندوبست ٿيل آهي. هتي مختلف موقعن تي دعوتون ۽ ادبي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.(3)

V. اسٽئڊيم ۽ ممتاز گرائونڊ: خيرپور شهر جي اترئين پاسي تي ٻه وڏا کليل ميدان آهن، جتي شهر جا ماڻهو هاڪي، فوٽ بال، ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون ڪري دل وندرائيندا آهن. وڏيون مئچون يا وڏا جلسا به انهن ميدانن تي ٿيندا رهندا آهن(4)

(ج) زبان؛ خيرپور ۾ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي ۽ اردو زبانون رائج آهن. ڪثرت سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جي آهي. مير فيض محمد خان اول جي زماني تائين سرڪاري زبان فارسي هئي. ان کان پوءِ اڄ تائين سنڌي آهي. خيرپوري لهجي ۾ ۽ ميرن جي ٻوليءَ جو جائزو هڪ ٻئي باب ۾ ورتو ويو آهي.

(چ) تعليم: خيرپور ۾ تعليم جي شرح سراسري طور 27 سيڪڙو آهي. ابتدائي ۽ ثانوي درجي تائين سڀني اسڪولن ۾ تعليم مفت آهي. هن وقت علائقي ۾ هيٺيان تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن (1)

i. ابتدائي تعليم:

پرائمري اسڪول 80

ايليمينٽري اسڪول6

اي پي ڪلاس 17

ii. وچولي تعليم:

مڊل اسڪول 40

نئشنلائيزڊ مڊل اسڪول 7.

iii. ثانوي تعليم:

هاءِ اسڪول 17.

ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول 1

گرلز هاءِ اسڪول 1

iv. اعليٰ تعليم:

ڊگري ڪاليج 4

ڪاليج آف ٽيڪنالاجي 1

ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ 2

v. تربيتي ادارا:

ٽريننگ ڪاليج فار مين 1

ٽريننگ ڪاليج فار وومين 1

مرڪز توسيع تعليم 1

انهن کان سواءِ ديني تعليم لاءِ هيٺيان مدرسا به آهن (2)

I.                   مدرسو حفظ القرآن، خيرپور.

II.                مفتي مدرسو، خيرپور.

III.             دينو مدرسو، خيرپور.

IV.             سلطان المدارس، خيرپور.

V.                مدرسو دارالهديٰ، ٺيڙهي.

VI.             مدرسو شمس الهديٰ، ڪولاب جيئل.

VII.          مدرسو شمس الهدايت، ڊٻ مهر شاهه.

VIII.       مدرسو دارالفيوض، راڻيپور.

IX.             مدرسو مظهرالعلوم، کهڙا.

X.                مدرسو انوار العلوم، کهڙا.

XI.             مدرسو راشديه، پير جو ڳوٺ.

XII.          مدرسو ديوبندين جو پير جو ڳوٺ.

XIII.       مدرسو نورالهديٰ، گمبٽ.

XIV.       مدرسو مطلع العلم، گمبٽ.

XV.          مدرسو فيض القرآن، ڳوٺ عبدالرشيد اُڄڻ.

انهن کان سواءِ پريان لوءِ، کرڙاهه، کرڙي ۽ مهيسرن جي ڳوٺن ۾ ننڍڙا مدرسا به آهن، جتي قرآن پاڪ جي تعليم ڏني ويندي آهي.(1)

(ح) ڪارخانا: اڳ خيرپور ۾ ڪارخانن کي ڪا خاص اهميت ڪا نه هئي، ۽ آمدني جو سارو دارومدار زراعت تي هوندو هو. مگر پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ هتان جي حڪومت رياست کي هڪ صنعتي مرڪز بنائڻ جي ارادي سان جتي ڪٿي ڪارخانا لڳائڻ شروع ڪري ڏنا، جن جي نتيجي ۾ زمين جي ڍل جو چوٿون حصو معاف ڪرڻ باوجود رياست جي اُپت ٽيڻي ٿي وئي. سن 1955ع کان اڳ جا لڳايل هيٺيان ڪارخانا اڄ به موجود آهن.(2)

i.   ٽي ٽيڪسٽائيل ملون، ٻه خيرپور ۾ ۽ هڪ گمبٽ ۾.

ii.  ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا ٽي.

iii. ڳٺڙين ٻڌڻ جو ڪارخانو هڪ.

IV. چمڙي جو ڪارخانو هڪ.

V.    بنارسي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪالوني هڪ.

VI. بيدري ورڪس جو ڪارخانو هڪ.

(خ) آمدرفت جا ذريعا: مير علي نواز خان (متوفي 1935ع) جي ڏينهن کان اڳ رياست ۾ سرڪاري طور تي رستن جو ڪو انتظام ڪو نه هوندو هو. هڪ ٻه سڙڪون ٺهيل هيون، جن تي ڪک پيل هوندا هئا.(1) مير علي نواز خان کانپوءِ آمدرفت جي ذريعن جي هڪ جدا کاتو کوليو ويو ۽ قومي ملڪيت ۾ آندو ويو. ون يونٽ جي وقت (آڪٽوبر 1955ع) تائين خيرپور ۾ ڪافي پڪا رستا تعمير ڪرايا ويا. ڪراچيءَ کان لاهور تائين خيرپور ۾ ڪافي پڪا رستا تعمير ڪرايا ويا. ڪراچيءَ کان لاهور وارو شاهي رستو به خيرپور مان گذر ڪري ٿو. هن وقت هيٺيان پڪا رستا آهن:

I.       خيرپور کان ڪوٽ لالو، ڪنبن جي رستي.

II.    خيرپور کان راڻيپور، ٽنڊي مستي خان جي رستي.

III. خيرپور کان پير جو ڳوٺ.

IV. خيرپور کان احمد پور، منگهن واري جي رستي.

V.    خيرپور کان پريان لوءِ، ٺيڙهي جي رستي.

VI. خيرپور کان لونگ فقير.

VII.          پير ڳوٺ کان سکر، ڳاڙهي موريءَ جي رستي.

VIII.       ڪوٽ ڏيجي کان ٽنڊو مستي خان.

IX. ڪوٽ ڏيجيءَ کان سوراهه.

X.    ڀريا روڊ کان ڪرونڊي، پڪا چانگ جي رستي.

XI. هنڱورجا کان ٺري، سيٺارجا جي رستي.

XII.          راڻيپور کان صوڀو ديرو.

XIII.       صوڀو ديرو کان هنڱورجا، سمي ميرڪ جي رستي.

XIV.       گمبٽ کان اڳڙا.

مٿي ذڪر ڪيل پڪن رستن کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون ئي ڪچيون سڙڪون آهن، جن جي ذريعي مختلف شهر ۽ ڳوٺ، هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن.

بار برداري لاءِ موٽر، لاريون، ٽرڪ، ٽانگا، بيل گاڏيون، اُٺ، گهوڙا ۽ گڏهه استعمال ٿيندا آهن. ”پاڪستان ريلوي“ خيرپور کي پاڪستان جي ٻين حصن مان ڳنڍي ٿي. خيرپور جي حدن ۾ خيرپور، ٽنڊو مستي خان، پير ڪٽپر، گمبٽ راڻيپور، سيٺارجا ۽ ڪوٽ لالو جون ست اسٽيشنون آهن.) (1

(د) سنڌوندي ۽ ان جا وهڪرا: سنڌوندي دنيا جي قديم ترين درياهن مان هڪ آهي، جنهن جو ذڪر سڪندر اعظم جي وقت کان وٺي تفصيل سان ملي ٿو. هي هماليه جبلن مان نڪري، اولهه ٿٻيٽ، هندستاني ڪشمير ۽ پاڪستان جي سرحدن مان ٻه هزار ميل لتاڙي، سمنڊ ۾ پوي ٿو.(2)

هي درياهه مٺڻ ڪوٽ جي نزديڪ پاڻ سان پنجاب جا ننڍا درياهه شامل ڪري، سنڌ جي سرزمين ۾ سفر شروع ڪري ٿو.(3) انهيءَ سفر ۾ کيس هيٺيون چار منزلن طئه ڪرڻيون پون ٿيون:

I.    مٺن ڪوٽ کان سکر: هي هڪ سئو ستر ميل ڊگهو ميداني علائقو آهي. هن علائقي ۾ ٻنهي طرفن کان ڪيترائي واهڙ نڪري ڪجهه مفاصلي کان پوءِ وري درياهه ۾ پوندا هئا. انهن جي اونهائي اٺن کان پندرهن فوٽن تائين هوندي هئي. درياهه ۾ چاڙهه هوندو هو ته ڪيتريون ئي ٻيڙيون انهن واهڙن ۾ هلنديون هيون. بئراجن جي تعمير کان اڳ سڄي ڪپ سان سکر کان اٽڪل ڇويهه ميل مٿي سنڌ واهه نڪرندو هو. هن واهه ذريعي شڪارپور، نوشهرو ابڙو ۽ لاڙڪاڻي جا علائقا آباد ٿيندا هئا. سکر کان ستر ميل اتر طرف بيگاري واهه نڪرندو هو. 1853ع ۾ جان جيڪب هن واهه کي ڳڙهي خيري تائين وڌايو ۽ نور واهه کڻائي جيڪب آباد کي آباد ڪرايو. گڊو بئراج کان پوءِ ٻنهي مکيه واهن جا منهن بئراج مان رکيا ويا آهن. کٻي ڪپ تي بکر کان چاليهه ميل کن مٿي درياهه جي ٻوڏن ذريعي هڪ ڦاٽ اڀرندي ناري ۾ پوندو هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.

II.  سکر کان سيوهڻ: هي علائقو هڪ سئو سٺ ميل ڊگهو آهي. درياهه سکر وٽ ٽڪرائتي لنگهه مان گذر ڪري، سيوهڻ جي ڀرسان وري لڪيءَ جي پهاڙن ۾ ٽڪرائجي نڪري ٿو. انهيءَ وچ ۾ ڪيترن ئي ڏنگن وڪڙن مان نڪري ڏکڻ ڏانهن رخ ڪري ٿو. سکر کان پنجويهه ميل کن هيٺ سڄي پاسي کان الهندو نارو نڪرندو هو، جيڪو اٽڪل هڪ سئو فوٽ ويڪرو هو. هي واهه کيرٿر جبل جو پاسو وٺي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو، ۽ اتان اڙل واهه جي ذريعي وري درياهه ۾ داخل ٿيندو هو(1)

هن واهه تي ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آباد هئا، جهڙوڪ: سيد آباد، جهلي، ساوتري، سلياڻي، سهراباڻي، مديجي، خليگو، مهد، مهرپور، بڪرو، پڳا، جٽاليا، يارو ڳوٺ، راڌڻ، خيرپور، فتح پور، ڄام ڀوسيا، کمڀڙيا، سومياڻي ۽ غلام حيدر ڳوٺ. آباديءَ لاءِ درياهه ۽ الهندي ناري جي ڀر تي اڪثر لٽ چڙهيل هوندا هئا. کاٻي طرف کان وري مير واهه نالي هڪ واهه نڪرندو هو، جيڪو چاليهه فوٽ ويڪرو ۽ نوي ميل ڊگهو هو. ٻيا به ڪيترائي ننڍا واهه هئا، جي فقط گرمين ۾ وهندا هئا. هن علائقي ۾ درياهه جو ٻيٽ ڪن جاين تي منو ميل به هو ۽ سردين ۾ پاڻي ڪٿي ڪٿي گهٽ ۾ گهٽ پنڌرهن فوٽ هوندو هو.

III.   سيوهڻ کان ٺٽو: هي علائقو ڏيڍ سئو کن ميل ٿيندو. هن کي لاڙ سڏيندا آهن. هتي درياهه سردين ۾ اٽڪل ارڙهن فوٽ، ۽ گرمين ۾ ٽيهه فوٽ اونهو وهي ٿو. سندس پيٽ گهڻو ڪري ٽن هزارن فوٽن کان ويڪرو رهندو آهي. حيدرآباد کان ٻارهن ميل کن اتر طرف کان ڦليلي نالي واهه نڪري ٿو. هن تي حيدرآباد کان وٺي ڪڇ تائين ساري علائقي جي آبادي جو مدار هوندو هو.

جهرڪن جي هيٺيان پڃاري نالي واهه نڪرندو هو، جيڪو کاٻي ڪپ جي زمينن کي آباد ڪندو هو.

ميرن جي دور ۾ ٺٽي ۽ جهرڪن جي درميان گهاٽا ٻيلا ۽ شڪار گاهه هئا، جيڪي ميرن جي شڪار لاءِ مخصوص هوندا هئا.

IV.   ٺٽي کان سمنڊ: ٺٽي کان هيٺ تي سارو درياهه ساڄي ۽ کاٻي طرف تي ٻن مکيه شاخن بگهاڙ ۽ ستاهه ۾ ورهائجي ٿو وڃي. بگهاڙ اولهه طرف ۽ ستاهه ڏکڻ طرف تي پنهنجو پنهنجو رخ ڪن ٿا. اهي ٻئي حصا اڳتي هلي، چئن ۽ ستن ڇوڙن ۾ تقسيم ٿي وڃي سمنڊ ۾ پون ٿا. انهن ڇوڙن جا نالا هي آهن:

بگهاڙ مان ڦٽي، پٽياڻي؛ جوئا ۽ رچل. ستاهه مان حجامڙي، کيڏي واري، ڪوڪيواڙي، ڪهير؛ مال، سير، ۽ ڪوري. ڦٽي ۽ پٽياڻيءَ جي وچ ۾ ٽي ننڍا ڦاٽ آهن، جن کي ڪوڏي، کو ۽ دٻو چوندا آهن. حجامڙي تي سمنڊ کان پنجويهه ميل اندر وڪر بندر آهي ۽ اڃا به ڪجهه اندر شاهبندر آهي، جتان اڳي سامونڊي واپار هلندو هو. ڪوري سڀ کان وڏو ڦاڙ آهي. ڪراچي، ڦٽي ڇوڙ کان چوڏهن ميل اتر اولهه طرف تي آهي.

اڀرندو نارو: هي هڪ تمام پراڻو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي، جنهن متعلق ڪيترن ئي محققن هڪ ٻئي جي ابتڙ نظريا قائم ڪيا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ندي ڇڏي وئي آهي. ڪن جي خيال موجب اها هڪ پراڻي ندي آهي، جيڪا ستلج جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري، سنڌ مان وهندي هئي، ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي گهاگهڙ سڏيندا هئا، پر گهڻي وقت کان پوءِ گهٽجي ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. (1) سن 1834ع ۾ جيمس مئڪمرڊو (Mc murdo) لکي ٿو ته اهو سنڌونديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف تي وهندو هو، ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ”لوهاڻو درياهه“ سڏيندا هئا. اهو وهڪرو ڀنڀور لتاڙي ديبل وٽ سمنڊ ۾ پوندو هو.(2)

جيمس مئڪمرڊو کان ڏهه سال پوءِ ڪئپٽن بيڪر (Baker) لکي و ته اهو سنڌونديءَ جو پراڻو پيٽ آهي،  پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو، جن مان هڪڙو سنڌونديءَ جي آمهون سامهون هو، ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بهاولپور جي نزديڪ هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي، روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي منهن سان اچي ملندو هو. (1)

ڪي محقق چون ٿا ته سڪندر اعظم جي وقت سنڌ مان ٻه درياهه وهندا هئا، جن مان اوڀر واري درياهه کي هاڪڙو يا وهند سڏيندا هئا ۽ اهو ئي هن وهڪري جو پيٽ آهي. (2)

سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ مسٽر لئمبرڪ (Lambirck) تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته هاڪڙو ۽ نارو انهيءَ هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن. اهو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. سندس پهرئين ۽ آخري حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا. حقيقت ۾ ڪجهه ننڍڙا درياهه: گهاگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهيءَ وهڪري جو وجود بهاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو. ان کي هاڪڙو سڏيندا هئا. ونجروٽ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف، پوءِ اولهه طرف، ۽ آخر ۾ ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ طرف هلي، روهڙي جي ڏکڻ ۾ ٽڪرين ۾ پهچندو هو. ان کي وهندا سڏيندا هئا. ٻيو حصو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وهي، وڃي وهندا سان ملندو هو. ان کي ريڻي سڏيندا هئا. ٻنهي حصن، وهندا ۽ ريڻيءَ جي ميلاپ کان پوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن مان سٺ ميل سفر ڪندو، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ويندو هو. سٺ ميلن کان پوءِ کليل زمين ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو. هن آخري ٽڪري کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا. (3)


(5) Pithawala, M.B: “The Khairpur State”, op. cit. p.34

(6) See reference No: 2

(1) Office record of Distict Council, Khirpur, 1961

(2) Office record of A.D. Local GovtL Khairpur, 1976

(3) Ibid:

(4) Ibid:

(1) Office record of Taluka office Gambat, 1976

(2) Ibid: Taluka Kotdiji

(3) Office record of Taluka office Kotdiji, 1976

(4) Ibid:

(5) Office record of Taluka office Mirwah, 1976.

(1) Office record of Tauka office Mirwah, 1976

(2) Ibid:

(3) Office record of Taluka office Faiz Ganj, 1976

(4) Ibid:

(5) Ibid:

(1) Office record of the Disst: Census& Registration organization, Khairpur, 1976

(2) Ibid:

(3)  زباني روايت فقير نبين جوڙيو، ساڪن ڳوٺ تجل.

(4)  Langley: “At the Court of Alimurad”, Vol. I, Hurst & Blackett, London, 1860, pp. 214-216

(5)  زباني روايت ميان عبدالرحيم خان کنهباٽي، ساڪن خيرپور.

(1)  زباني روايت وڏيرو احمد بخش خان سوهو، سابق توشڪي مير علي نواز خان.

(2)  زباني روايت (وڏن کان ٻڌل) ماستر غلام قادر خان نوناري، ساڪن ڳوٺ نوناري، لڳ خيرپور.

(3)  زباني روايت سرائي محمد موسيٰ خان ڏيسي، ساڪن ڳوٺ مڏ تعلقو گمبٽ.

(4)  ذاتي مشاهدو.

(1)  ذاتي مشاهدو؛

(2)  ايضياَ؛

(3)  ذاتي مشاهدو.

(4)  ايضاَ؛

(1) Office Record of Disst: Education Officer, 1976

(2)  ماستر الهورايو چنو: ”خيرپور جا مدرسا“، قلمي مسودو، 1974ع.

(1)  ماستر الهورايو چنو: حوالو ڏنل آهي.

(2)  نسيم امروهوي: ”تاريخ خيرپور“، حوالو ڏنل آهي.

(1) Hughes, A.W: “Gazetteer of the Province of Sindh,” George Bell & Sons, London, 1874, p. 411

(1) Chief Minister’s Office: “A Short Note on Khairpur,” 1955

(2) Jean Fairley: “The Lion River,” Lowe and Brydone, London, 1975, p. 273

(3)  ارباب علي شاهه، سيد؛ ”سنڌونديءَ جو سفر“ قلمي مسودو، 1976ع

(1) Sorley, H.T. Dr: “Gazetteer of West Pakistan,” Govt: Press, Karachi, 1968, p.10

(1) Sorley, H.T: “Gazetteer of West Pakistan,” op. cit. pp.9,10

(2) Lambrick, H.T: “Sindh, A General Introduction,” Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1964, pp. 229,230

(1) Lamrik, H.T. “Sind, A Genral Introduction,” Sindh: Adabi Board, Hyderabad, 1964 p. 231.

(2) Smith, V A, “The Early History of India, “ Oxford, 1914, p. 162

(3)  ارباب علي شاهه،: حوالو اڳ ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org