مون کي ماروئڙن ڳڻن سان ڳنهي ڇڏيو:
هن مقالي جي سلسلي ۾ جن جن مهربانن، ادبين، دوستن
۽ ساٿين منهنجي مدد ڪئي آهي، تن مان ڪيترائي هن
مٽيءَ جو ماڳ مٽائي، وڃي الله کي پيارا ٿيا آهن.
انهن مان صاحبزادي مير غلام حسن خان ڪوٽ ڏيجي
واري، مير غلام مهدي خان ڪوٽ مير محمد خان واري،
مير بجر خان منگهن واري، مير حسين سهاڳ جا احسان
ايترا آهن، جيڪي لفظن ۾ لکي نٿا سگهجن. انهن جي
قرب وارين ڪچهرين ۽ رس ڀرين رهاڻين ئي ميرن متعلق
ڪجهه لکڻ تي آماده ڪيو هو ۽ سندن ئي تعاون خواهه
همدرديءَ سان مونکي ڪافي مواد حاصل ٿي سگهيو.
پر سال پنهنجي هر دلعزيز استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سان سيوهڻ کان حيدرآباد تائين گڏ سفر ڪيم، ۽
گفتگو جي دوران ميرن جي ثقافت تي ايتريون
سمجهاڻيون حاصل ڪيم، جيڪي هن مقالي جي لکڻ ۾ خير
راهه ثابت ٿيون. منهنجو مٺڙو استاد ڊاڪٽر غلام علي
الانا صاحب مقالي جي عنوان تي رهنمائي ڪندو رهيو.
حاجي مير محمد بخش خان مالڪاڻي وٽ ٽي چار دفعا وڃي
مهمان ٿي رهيس، جنهن وڏي فراخدليءَ سان پنهنجي
ذاتي لئبرري جا ڪتاب به حوالي ڪري ڇڏيا.
پبلڪ لئبرري خيرپور جي مهتم اعليٰ ميان عبدالغفور
جوڻيجي صاحب به ڪشاده دليءَ سان ساري لئبرري
منهنجي حوالي ڪري ڇڏي. نه فقط ايترو پر جيڪي گهربل
ڪتاب لئبرري ۾ ڪين هئا، اُهي لئبرري طرفان خريد
ڪري ڏٺائين. مسٽر نور خميساڻي مختلف فوٽوگرافن کان
سهولت وٺي، گهٽ خرچ تي ڪافي فوٽا ڪڍرائي ڏنا.
مان مٿي ذڪر ڪيل سڀني مهربانن جو دل جي حضور سان
شڪريه ادا ٿو ڪيان،
خيرپور جي ميرن مان صاحبزادي مير حاجي غلام حسين
خان، مير اعجاز حسين خان، مير امام بخش خان، مير
غلام حسين خان عرف ڳاڙهو، مير حسين بخش خان عرف
مير شمن، مير فدا حسين خان، مير حسن علي خان، مير
وليداد خان ۽ مير غلام علي خان جن جا احسان وسارڻ
جا ناهن. جيڪڏهن اهي بزرگ مونکي پنهنجن وڏن متعلق
مواد نه ها، ته شايد هي مقالو لکي نه سگهان ها.
پيرن جي مواد لاءِ پير اُڌل شاهه، پير غلام حسين
شاهه، پير عنايت علي شاهه، پير خميس علي شاهه، پير
حاجي ميرڻ شاهه، پير علي حسن شاهه، پير ارشاد احمد
شاهه، پير بچل شاهه، پير علڻ شاهه، پير غلام
مصطفيٰ شاهه، پير علي شاهه لڪياري، پير امام علي
شاهه. پير محمد حسين شاهه ۽ پير محمد علي شاهه
جوهر، سڀني وڏيون مهربانيون ڪري مفيد ۽ ناياب مواد
هٿ ڪري ڏنو.
فقيرن، فاضلن، شاعرن ۽ ادبين جي احوال هٿ ڪري ڏيڻ
لاءِ هيٺين صاحبن جو احسانمند آهيان: ظفر علي
فقير، امير علي فقير، قربان علي فقير، ماستر يوسف
ويسر، علي سائين ڏنو وڪيل، قاضي محمد غلام حسين،
ماستر حاجي محمد حداد، علي محمد فقير، ماستر حسين
خان، بخشڻ خان دستي، علي ڏنو خان ٽالپر، محمد صالح
خان شاهاڻي، هادي بخش خان جوڻيجو ۽ ماستر تاج محمد
خان جانوري.
بلوچ سردارن ۽ فوجي سالارن جي احوال لاءِ رئيس مير
محمد خان مري، زوار عبدالحسين خان مري، خدا بخش
خان جسڪاڻي، شاهه نواز خان بگٽي، بيگو خان چانڊئي،
غلام عل خان چانڊئي، الهداد خان جانوري، الهر کئي
خان رند، فقير خادم حسين رند، علي مردان خان چانگ،
امان الله خان پٺاڻ، شاهنواز خان پٺاڻ، ۽ حيدر
شاهه شاهاڻي جون مهربانيون مڃيان ٿو.
خيرپور جي سرائين مان، سرائي خان، سرائي محمد بخش
خان، سرائي لطف علي خان، سرائي امداد علي خان،
سرائي گل محمد خان، سرائي نذر حسين خان، سرائي
ربنواز خان، سرائي واحد بخش خان ۽ سرائي غلام شبير
خان، جو ٿورائتو آهيان، جو هنن مهرباني ڪري پنهنجن
بزرگن جو احوال فراهم ڪري ڏنو.
آثار قديمه جي ذاتي معائني لاءِ رئيس شريف الدين
خان راڄپر جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي دوست صالح
شاهاڻي جي معيت ۾ هڙان ۽ وڙان وهي، ساري فيض گنج
تعلقي ۽ ناري تعلقي جي ڪجهه ڀِٽن، ڀڙن ۽ ويرن جو
پنهنجي جيپ ۾ سير ڪرايو. ان کان سواءِ مير حيسن
خان ٽالپر، شير محمد خان ڦلپوٽي، سيد پير اُڌل
شاهه ۽ سيد سلطان علي شاهه صاحبن جا احسان به
وساري نٿو سگهان، جن ڪيترائي دفعا پنهنجي خرچ تي
سواريون فراهم ڪري، مونکي مختلف جڳهن تي وٺي وڃڻ
جي مهرباني ڪئي.
مون تي پنهنجي دلبر دوست ميان علي خان حداد جا به
احسان آهن، جيڪو هر وقت منهنجي مقالي جي ڪم ۾ مون
سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.
مٿي ذڪر ڪيل مهربانن کان سواءِ غلام اڪبر خان
چاچڙ، فتح محمد خان جتوئي، جمال الدين خان لوهر،
الطاف حسين خان سومري، الطاف حسين خان سهاڳ، عطا
محمد خان سهاڳ، محمود خادم مهيسر، ۽ الهورائي خان
چني به مهرباني ڪري مقالي جا ڪجهه باب نقل ڪري
ڏنا، مان سندن شڪر گذار آهيان.
آخر ۾ پنهنجي ڪرم فرما سيد ارباب علي شاهه انجنيئر
تعميرات جو احسانمند آهيان، جنهن ڪمال مهرباني سان
مير سهراب خان جي حڪومت وارين حدن جي نشاندهي ڪري
سنڌ جو نقشو به ٺاهي ڏنو، ۽ سنڌونديءَ متعلق مفيد
مواد به هٿ ڪري ڏنو.
مقدمو
گذريل پنج هزار سالن کان سنڌ جي جداگانه
جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ڪيل آهي
. هتي جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي، جيڪا
بابل ۽ مصر جي تهذيبن سان ڪلهو ملائي ٿي سگهي.
موهن جي دڙي وارن آثارن مان هي حقيقت ظاهر ٿي چڪي
آهي ته سموري برصغير ۾ هتي ئي سڀ کان اڳ ۾ تهذيب ۽
تمدن جو آفتاب اُڀريو، ۽ سندس ڪرڻا هتان ئي ٻين
علائقن ڏانهن ويا
. ڪوٽ ڏيجي جي کوٽائي کان پوءِ اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي
آهي، ته خيرپور واري خطي جي تهذيب موهن جي دڙي
واري تهذيب کان ست سئو سال کن پراڻي آهي
هتي قديم زماني کان وٺي مختلف تهذيبن وارا ماڻهو
ايندا رهيا آهن، ۽ مقامي تهذيب تي ڪنهن نه ڪنهن
طرح سان اثرانداز ٿيندا رهيا آهن
.
اسلام جي آمد کان اڳ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ الور يا
اروڙ هو، جتي اڳ ۾ راءِ گهراڻي وارا، ۽ پوءِ برهمڻ
گهراڻي وارا حڪومت ڪندا هئا.
خيرپور وارو خطو به الور جي حڪومت ۾ شامل هو، ۽
گاديءَ جي هنڌ کي ويجهو هو. سن 29 هجري مطابق 217ع
۾ سنڌ عربن جي حڪومت ۾ شامل ٿي، ۽ درالاسلام بڻجي
وئي. مسلمانن هتي هڪ ذهني، فڪري، سياسي، ۽ معاشي
انقلاب آندو
. اسلام سنڌ جي ماڻهن جي سوچ ۾ تازي خون مثل ڪم
ڪيو. هڪ نئين معاشري جنم ورتو، ۽ سنڌ جي ثقافت به
نئون روپ اختيار ڪيو
.
عربن جي حڪومت 1025ع تائين هلي، ۽ پوءِ محمود
غزنوي جي وزير عبدالرزاق سڄي سنڌ تي قبضو ڪري
ورتو. سن 1187ع تائين محمود غزنوي جا نائب سنڌ تي
حڪومت ڪندا رهيا. ان کان پوءِ دهليءَ جا بادشاهه
سنڌ جا حاڪم ٿيا. دهليءَ جي آخري بادشاهن جي
ڪمزوري ڏسي، سومرا خود مختيار ٿي ويا، ۽ سن 1400ع
تائين سنڌ تي حڪومت ڪيائون.
سومرا ڏيهي حاڪم هئا، هنن جي ڏينهن ۾ تصوف جو
پرچار ٿيڻ لڳو. سخي مردن کي ساراهڻ، ظالمن جي گلا
ڪرڻ، همت، شجاعت، خود قرباني. ۽ حب الوطني هن دؤر
جي علم ادب جا موضوع رهيا آهن.
سومرن کان پوءِ سنڌ جي حڪومت سمن جي هٿ ۾ آئي،
جيڪا 1521ع تائين هلي.
سمن جي دؤر ۾ سخا، بهادري، رواداري، سرفروشي ۽ حب
الوطني جي جذبن ۾ تازگي آئي. ڄام نظام الدين، ڄام
تماچي، مخدوم بلال، ۽ دولهه دريا خان جهڙا مٿير
مرد هن دؤر جي پيداوار آهن. انهن جي ڪارنامن علم
ادب ۾ پڻ اضافو آندو.
سمن کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ارغون، ترخان، ۽ مغلن
جا نواب سنڌ تي قابض رهيا، ۽ 1738ع تائين حڪومت
ڪندا رهيا. اهو سوا ٻن صدين جو سارو عرصو سنڌ جو
اقتدار اعليٰ ڌارين جي هٿ ۾ رهيو، ۽ سنڌي پراون
هٿن ۾ پيڙبا رهيا.
انهي عرصي ۾ ٺٽي جي شهر کي ٽي دفعا جلايو ويو. پکر
جي سادات کي لڏي روهڙيءَ ۾ رهڻو پيو. ڪيترن بلوچن
جو خون ڪرايو ويو، ۽ سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ نابود ٿي
ويا.
مغلن جي آخري نواب ميان يار محمد ۽ سندس پٽ ميان
نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان ملڪي خود
مختياري حاصل ڪئي. ڪلهوڙا گهڻو وقت سنڌ ۾ رهڻ ڪري،
سنڌي بڻجي ويا هئا. تنهن ڪري سنڌين سچيءَ دل سان
سندن ساٿ ڏنو، ۽ هنن جي حڪومت ۾ سک جو ساهه
پٽيائون.
هو داخلي طور تي خود مختيار هئا، پر خارجي معاملن
۾ اڳ ۾ ايرانين، ۽ پوءِ افغانين جي اثر هيٺ رهيا.
سندن امير، وزير، ۽ فوجي عملدار سڀ سنڌي هئا، تنهن
ڪري سنڌ وارن سندن حڪومت کي پنهنجي حڪومت تصور
ڪيو.
ڪلهوڙن جي حڪومت جو دؤر سنڌي ادب جو سونهري دؤر
ليکيو وڃي ٿو
.
هن دؤر ۾ هڪ طرف صوفي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ انساني
عظمت ۽ عالمي ڀائيچاري جي تبليغ ڪئي، ته ٻئي طرف
عالمن، فاضلن ادبي ۽ مذهبي ڪتاب لکي، سنڌي ادب ۾
اضافو آندو.
ڪلهوڙن جا آخري حڪمران نااهل ثابت ٿيا، جن پنهنجا
وفادار ۽ محسن امير بيگناهه مارايا، جنهن جي نتيجي
۾ ئي حڪومت وڃائي ڇڏيائون. آخرڪار سن 1783ع ۾
ٽالپر ساري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، ۽ بلوچ حڪومت جو
بنياد رکيو.
بلوچن سنڌ کي تقسيم ڪري هڪڙي ئي خاندان جون ٽي خود
مختيار حڪومتون قائم ڪيون.
خيرپور وارو حصو مير سهراب خان جي قبضي ۾ آيو. مير
سهراب خان اٺاويهين سالن تائين وڏي شان ۽ شوڪت سان
حڪومت ڪئي، ۽ 1811ع ۾ اها واڳ پنهنجي وڏي پٽ مير
رستم خان جي حوالي ڪيائين. ٻنهي پيءُ پٽن جي حڪومت راڄوڻي قسم جي هئي. ماڻهو سکيا
ستابا ۽ آسودا هئا. امن آرام قائم هو ۽ حڪومت جو
سارو نظام بااثر سردارن ۽ راڄ وارن جي مشورن سان
هلندو هو، سموري رعيت کين پنهنجو پريو مڙس تصور
ڪندي هئي. پيرن، فقيرن، عالمن ۽ راڄ جي ماڻهن کي
وٽن پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي روڪ ٽوڪ ڪانه هوندي هئي
۽ هرڪو ماڻهو سندن حڪومت کي پنهنجي حڪومت سمجهندو
هو.
.
مير رستم خان پهريان ٽيهه سال سک سانت ۾ گذاريا،
پر سندس حڪومت جي آخري ڏهن سالن ۾ خوف ۽ هراس جي
فضا ڇانيل هئي. هڪ طرف تي فرنگي سياست پنهنجي
چالبازي ۽ مڪاريءَ جو ڄار وڇائيندي رهي ۽ ٻئي طرف
تي سندس ڀائرن جي اڻبڻت ۽ محلاتي سازشن سندس زندگي
زهر بڻائي ڇڏي.
آخرڪار 1843ع واري منحوس سال ۾ مياڻيءَ جي جنگ
ميرن جي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ مير رستم خان
پنهنجن پٽن، ڀائيٽن ۽ حيدرآباد جي ميرن سان گڏ،
انگريزن جو قيدي بڻجي، بوني ۾ وڃي، پنهنجا پساهه
پورا ڪيا.
.
حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي حڪومتن وارو سارو ملڪ
انگريزن جي حڪومت ۾ شامل ٿيو، ۽ خيرپور جي حڪومت
جو ڪجهه حصو مير علي مراد خان کي هڪ ڏيهي رياست جي
صورت ۾ ڏنو ويو. انهيءَ رياست تي مير علي مراد خان
۽ سندس اولاد آڪٽوبر 1955ع تائين حڪومت ڪئي. سنڌ
جا ٻيا مير ڪجهه وقت جلاوطن رهيا ۽ پوءِ انگريزن
کان پينشن يا جاگير بحال ڪرائي، گوشه نشين ٿي
ويٺا.
هن مقالي ۾ خيرپوري ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت جو
مطالبو پيش ڪيو ويو آهي. ثقافت اڪتسابي، يا آزادي،
يا شعوري طرز عمل جو نالو آهي. اڪتسابي طرز عمل ۾
اسان جون اهي سموريون عادتون، ڪم، خيال، رسمون ۽
قدر شامل آهن، جن کي اسان هڪ منظم معاشري يا
خاندان جي رڪن جي حيثيت ۾ پيارو رکندا آهيون، يا
ان تي عمل ڪندا آهيون، يا عمل ڪرڻ جي خواهش رکندا
آهيون
.
هڪ ٻئي محقق جي لفظن ۾ ثقافت ماڻهن جي مڪمل
زندگيءَ جو عڪس ٿيندو آهي. هن ۾ ماڻهن جي ريتن
رسمن، رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچار، اعتقادن، وهمن ۽
خواهشن جو بيان اچي وڃي ٿو.
هن مقالي ۾ مٿين وصفن جي روشنيءَ ۾ ميرن جي ثقافتي
زندگيءَ تي بحث ڪيو ويو آهي. مختلف ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن مان ذرو ذرو ڪڍي سارو مواد هڪ جاءِ تي جمع
ڪيو ويو آهي. جن موضوعن ۽ عنوانن متعلق ڪتابن مان
مدد نه ملي سگهي آهي، تن لاءِ مختلف جڳهن تي وڃي،
مختلف ماڻهن سان ملي، زباني مواد ڪٺو ڪيو آهي ۽
شخصي طور تي جاچ پڙتال ڪري، هر نڪتي جي وضاحت ڪئي
وئي آهي.
پهرئين باب ۾ خيرپور واري خطي جي جاگرافي ڏني وئي
آهي، جنهن ۾ هتان جي طبعي حالتن، انتظامي حصن،
آبپاشيءَ جي طريقن، ۽ قدرتي دولتن جو تفصيل ڏنو
ويو آهي. خيرپور جي حدن مان وهندڙ دريائن تي مفصل
نوٽ لکي، ان جي پراڻن وهڪرن، واهن ۽ پتڻن جو تفصيل
ڏنو ويو آهي. ميرن جي پراڻن يادگارن، جانورن، پکين
پسن، جيتن جڻين ۽ گاهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
ٻئي باب ۾ خيرپور جي قديم آثارن تي روشني وڌي وئي
آهي. هن کان اڳ قديم آثارن مان ڪوٽ ڏيجي جي ٽڪري،
نارو واري دڙي ۽ سيراز واري ٽڪري کان سواءِ، ٻين
آثارن جو ڪو رڪارڊ ڪونه هو. راقم الحروف هرهڪ
تعلقي ۾ وڃي، ڀٽن ڀڙن واريءَ جي دڙن جو ذاتي طور
تي معائنو ڪيو آهي ۽ اهڙيون پنجويهن کان مٿي جڳهون
هٿ ڪيون آهن، جن جي کوٽائيءَ مان وڏي انڪشاف جي
اُميد آهي. ڪن جڳهن تان ٺڪريون ۽ رانديڪا هٿ ڪري،
انهن جا فوٽا ڪڍيا ويا آهن.
ٽئين باب ۾ ٽالپرن جو حسب نسب ۽ اوائلي احوال ڏنو
ويو آهي. مختلف جڳهن تان ٽالپرن جا شجرا هٿ ڪري
ضميمي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. انهن شجرن جي مطالعي
مان معلوم ٿيندو ته هو اصل ۾ هوت بلوچ آهن ۽ اوائل
۾ سندن سڪونت ڪيچ مڪران ۾ ٿي آهي، جتان مختلف جڳهن
تي لڏپلاڻ ڪندا، سنڌ ۾ پهتا آهن، جتي پنهنجي فوجي
اهليت ۽ قابليت سان حڪومت هٿ ڪئي اٿن. هن سلسلي ۾
سنڌ جي مختلف شهرن کان سواءِ ملتان تائين گشت ڪرڻو
پيو آهي.
چوٿين باب ۾ ٽالپرن جي مختصر سياسي تاريخ ڏيئي، ان
۾ خيرپوري ميرن جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. عباسي
ڪلهوـڙن، ايرانين، افغانين، بروهين، راجپوتن، سکن
۽ انگريزن سان ٽالپرن جا جيڪي به تعلقات رهيا آهن،
تن جو کولي بيان ڪيو ويو آهي.
پنجين باب ۾ خيرپور جي حڪمرانن جي سوانح حيات ڏني
وئي آهي ۽ هر هڪ جي حڪومت ۾ جيڪي به انتظامي
تبديليون اينديون رهيون آهن، تن جو مختصر احوال
ڏنو ويو آهي.
ڇهين باب ۾ ٽالپرن جي ملڪي انتظام تي تبصرو ڪيو
ويو آهي. ان وقت جي معاشري ۽ حڪومت جي نظام تي
کولي بحث ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ملڪ جي
اقتصادي حالتن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
ستين باب ۾ ٽالپرن جي ادبي ماحول ۽ سندن تعليم ۽
تدريس جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٽالپرن مان جيڪي اديب ۽
شاعر ٿي گذريا آهن، تن جو مختصر ذڪر ڪري، سندن
ڪلام جو انتخاب ضميمي ۾ ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ
هن باب ۾ خيرپور جي تعليمي نظام ۽ ميرن جي تعليمي
ڪمن ۾ دلچسپيءَ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي.
اٺين باب ۾ ميرن جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو ڏنو
ويو آهي، جنهن ۾ سندن معمول، شڪل شباهت، لباس،
رهڻيءَ ڪهڻيءَ، مذهب ۽ رسم و رواج جو جائزو ورتو
ويو آهي. سندن ماتمداري، شڪار، راڳ ۽ ٻين دلچسپين
جو بيان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سندن تعميراتي
ڪمن ۽ هنرن جي رکپالي جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
نائين باب ۾ خيرپوري لهجي جو تعارف ۽ تاريخ ڏيئي،
ان جو صوتياتي، صرفي ۽ نحوي جائزو ورتو ويو آهي.
ان کان پوءِ ميرن جي ٻوليءَ تي تبصرو ڪري، سندن
خاص لفظن، چوڻين، اصطلاحن ۽ پهاڪن تي تفصيل سان
روشني وڌي وئي آهي. انهيءَ حوالي سان سندن زيورن،
هٿيارن، سواريءَ جي وهٽن ۽ شڪار گاهن جا مخصوص
نالا ڏنا ويا آهن.
ڏهين باب ۾ ميرن جي ڪچهريءَ ۾ پيش آيل واقعن متعلق
ڪجهه لطيفا ڏنا ويا آهن. جن ۾ سندن سادگي، رواداري
۽ سچائيءَ جا مثال ملن ٿا.
مقالي جا آخري باب ان دؤر جي مشاهير جي احوال تي
مبني آهن. مشاهير ۾ پير فقير، عالم فاضل، مخدوم،
قاضي، مير وزير، ديوان، قومي سردار ۽ سرائي اچي
وڃن ٿا. انهن مان هرهڪ جي مختصر سوانح حيات ڏني
وئي آهي. مشاهير ۾ اهڙا خاندان به آهن، جن مان
هرهڪ تي جيڪر وڏو ڪتاب لکجي وڃي، پر هن مقالي ۾
انهن خاندانن جو مختصر پر جامع لفظن ۾ ذڪر ڪيو ويو
آهي. جن شخصيتن جا فوٽا دستياب ٿي سگهيا آهن اهي
به ڏنا ويا آهن.
مطلب ته خيرپور ميرن جي ادبي، سياسي ۽ ثقافتي
سرگرمين جو مختصر لفظن ۾ پورو پورو بيان ڏنو ويو
آهي. اميد ته هن مقالي ۾ ميرن جي مڪمل زندگي ۽ ان
وقت جي معاشري جو سچو پچو عڪس نظر ايندو.
عطا محمد حامي
باب پهريون
خيرپور جي جاگرافي
(الف) تعارف:
خيرپور جي حڪومت جو بنياد 1783ع ۾ پيو، جڏهن مير
سهراب خان ساري اُتر سنڌ تي قبضو ڪري، خيرپور کي
پنهنجو تخت گاهه بڻايو. اُن وقت هن حڪومت جون حدون
اُتر ۾ ڪشمور ۽ سبزل ڪوٽ تائين، اولهه ۾ ڪڇي ۽
گنداوا تائين، ڏکڻ ۾ نوشهري فيروز تائين ۽ اوڀر ۾
ٿر ۽ جيسلمير تائين پکڙيل هيون.
مير سهراب خان کان پوءِ سندس وڏو پٽ مير رستم خان
1843ع تائين انهيءَ ملڪ تي حڪومت ڪندو رهيو.
مياڻيءَ جي جنگ بعد ميرن جي خود مختياري ختم ٿي ۽
اهو ملڪ انگريزن جي زبردستيءَ ۾ مير سهراب خان جي
ننڍي پٽ مير علي مراد خان کي هڪ ڏيهي رياست جي
صورت ۾ مليو، مگر ٿوري ئي وقت ۾ مٿس ڪميشن ويهاري،
ٻيو سمورو ملڪ کسي، باقي هاڻوڪي خيرپور ضلعي وارو
ٽڪرو کيس ڏنو ويو، جنهن کي 1955ع تائين خيرپور
رياست جي نالي سان ياد ڪيو ويو.
اسان کي هتي انهيءَ رياست جي جاگرافيائيءَ حالتن
جو جائزو وٺڻو آهي.
اها رياست سنڌو نديءَ ۽ راجپوتانا جي رڻ جي وچ ۾
آهي، جنهن کي اُڀرندو نارو ۽ ٻه ٻيا واهه، سکر
بئراج وٽان وهي آباد ڪن ٿا. هن خطي جي زمين جدا
جدا جڳهن تي مختلف ۽ متضاد حالتن واري آهي. هڪ طرف
تي زرخيز ۽ آباد وادي آهي، ته ٻئي طرف تي غير آباد
۽ ريگستاني علائقو آهي. ڪٿي درياهه جي ڪناري سان
کجين ۽ ٻٻرن جا ڊگها وڻ آهن، ته ڪٿي وري واريءَ جي
دڙن تي ڪو سَلو به سائو نٿو ٿئي. ڪٿي نوان شهر ۽
ڳوٺ آباد آهن، ته ڪٿي وري تاريخ کان اڳ واري دؤر
جا دڙا عبرت جا نشان بڻيا بيٺا آهن. هڪ طرف کي
برسات جي اڻاٺ آهي، ته ٻئي طرف آب پاشيءَ جو
بهترين نظام آهي. مطلب ته هي خطو متضاد حالتن جو
مجموعو آهي.
(ب) جاگرافيائي بيهڪ ۽ حدون: بيهڪ جي لحاظ کان خيرپور کي سنڌ جي دل سڏي سگهجي ٿو. هي
علائقو اُتر ويڪرائي ڦاڪ 10-26 ۽ 27-44 ۽ اوڀر
ڊگهائي ڦاڪ 14-68 ۽ 14-70 جي وچ ۾ آهي.
ان جون حدون اُتر ۾ سکر، اولهه
۾ لاڙڪاڻي، نواب شاهه، ۽ ڏکڻ ۾ سانگهڙ ضلعن سان ملن ٿيون. اوڀر کان وري
جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن سان لڳي، هندستان ۽
پاڪستان جي وچ ۾ حد قائم ٿي ڪري. خيرپور جي اُتر اولهه واري سرحد جي پاسي کان اسي ميلن
تائين سنڌو ندي گذر ڪري ٿي، جنهن مان سکر وٽان
خيرپور جي آباديءَ لاءِ ٻه واهه، مير واهه ۽ ابل
واهه نڪرن ٿا. ڏکڻ کان روهڙي ڏانهن هڪ
ٽڪرن جي قطار ارڙهن ميلن تائين پکڙيل آهي، جنهن کي
گهاڙ وارا ٽڪر سڏيو وڃي ٿو. اهي ٽڪر سمنڊ جي سطح
کان ساڍا چار سئو فوٽ مٿي آهن ۽ مٿن ڪنهن به قسم
جي آبادي ڪانهي.
انهن مان ڪن ٽڪرن تي اوليائن جون درگاهون آهن، جتي
عقيدتمند اچي دعائون گهرندا آهن.
(ٻ) ايراضي ۽ پکيڙ:
ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان ۾ خيرپور جو سورهون
نمبر آهي. هن جي ڊيگهه هڪ سئو ويهه ميل ۽ ويڪر ستر
ميل آهي.
ايراضي سنڌو نديءَ جي پائڻ سبب هميشه هڪ جهڙي نه
رهندي آهي، جيڪا ڪڏهن وڌندي آهي، ۽ ڪڏهن گهٽبي آهي.
سنه 1874ع ۾ 6109 ميل.
سنه 1907ع ۾ 6050 چورس ميل،
سنه 1947ع ۾ 6060 چورس ميل
۽ سنه 1961ع کان وٺي اڄ تائين 6018 چورس ملي رهي
آهي.اها
سموري ايراضي 12،20،301 ايڪڙ آهي، جنهن مان
6،76،902 ايڪڙ زمين آباديءَ جي لائق آهي.
باقي ايراضي شهرن، ڳوٺن، ٻيلن ۽ واريءَ جي غير
آباد دڙن سان واريل آهي.
(ت) طبعي ڀاڱا:
خيرپور وارو خطو هيٺ ڄاڻايل طبعي حصن ۾ تقسيم ٿيل
آهي.
(i)
آباد ۽ زرخيز علائقو:
هي علائقو آباديءَ جي لحاظ کان هڪ بهترين علائقو
آهي. سندس اُتر اولهه ۾ سنڌو ندي ۽ اوڀر ۾ ناري
تعلقي جو ريگستان آهي. ڏکڻ ۾ نوابشاهه ۽ سانگهڙ
ضلعن تائين پکڙيل آهي. اُڀرندي ناري جي ٻنهي پاسن
تي زمين جا اهي ٽڪرا، جيڪي 250 ڪنٽور کان هيٺ آهن،
سي به هن علائقي ۾ شامل آهن. هتي سنڌو نديءَ جي
لڳاتار ٻوڏن، ۽ واهن جي پاڻي ايترو ته لٽُ وڌو
آهي، جو زرخيز ترين علائقو بڻجي ويو آهي.
هن علائقي ۾ ناري کان سواءِ ٻيا سمورا تعلقا،
خيرپور، گمبٽ، ڪوٽ ڏيجي، مير واهه ۽ فيض گنج شامل
آهن.
(ii)
غير آباد ۽ ريگستاني علائقو؛
هن علائقي ۾ رياست جو منو حصو اچي وڃي ٿو. هن ۾
اُتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه تي واريءَ جون وڏيون ڀٽون
آهن، جيڪي بلڪل خشڪ ۽ بيڪار آهن. ڪٿي ڪٿي ڀٽن جي
وچ ۾ ڪجهه پَٽ آهن، جن تي باراني پوک ٿيندي آهي.
هن علائقي ۾ نار تعلقي سان گڏ، ميرواهه ۽ فيض گنج
تعلقن جا ڪجهه حصا به شامل آهن.
(iii)
ٻيلن وارو علائقو؛
هي علائقو سنڌو نديءَ جي ڪناري سان ميل کن جي ويڪر
۾ ۽ اُڀرندي ناري جي ڀر واري ايراضيءَ ۾ ميل ڏيڍ
جي ويڪر ۾ آهي. ان کان سواءِ ڪجهه ٻين حصن ۾ به
مصنوعي جهنگ ۽ شڪار گاهه رکيل آهن.
(vi)
ٽڪرين وارو علائقو:
هي علائقو گهاڙ ورين ٽڪرين تي مشتمل آهي، جيڪي
ارڙهن ميلن جي ويڪر ۾ ٽيهن ميلن تائين رياست جي حد
۾ پکڙيل آهن. اهي ٽڪريون ٻه سئو فوٽن جي بلنديءَ
تي آهن. هتي به ڪا آبادي ڪانه ٿيندي آهي.
(ٽ) آدمشماري:
سنه 1961ع جي انگن اکرن موجب خيرپور جي آدمشماري
472137 آهي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان پاڪستان ۾
خيرپور جو اٺيتاليهون نمبر آهي ۽ سراسري 78 ماڻهو
هڪ چورس ميل ۾ رهن ٿا.
انهيءَ آدمشماريءَ ۾ اصلوڪي آباديءَ کان سواءِ
نوان خيرپوري مهاجر به شامل آهن، جن جو تعداد
ٻٽيهه هزار آهي.
هن وقت يعني 1976ع ۾ آدمشماريءَ جا ديهوار انگ هي
آهن:
تعلقو ديهن جو تعداد
آدمشماري
خيرپور
89 23589
گمبٽ
83
168995
ڪوٽ ڏيجي
52
104596
مير واهه
55
106439
فيض گنج
59
73246
نارو 5828803
396
717373
خيرپور جي ساري آبادي هيٺين ذاتين ۽ قبيلن ۾
ورهايل آهي:
i.
سادات: بخاري، جيلاني، شيرازي،
نقوي، رضوي وغيره.
ii.
قريشي: عباسي، علوي، صديقي،
فاروقي وغيره.
iii.
بلوچ: مختلف پاڙن ۽ بروهين سميت.
iv.
پٺاڻ: سدوزئي، بارڪزئي، مليزئي،
خاڪواڻي وغيره.
v.
سومرا: ڪاشتڪار، ڊکڻ، کٽي وغيره.
vi.
سماٽ: سما، ابڙا، راڄپر، سهتا
وغيره.
vii.
جت: مختلف پاڙن ۾.
viii.
ميمڻ ۽ شيخ: مختلف پاڙن ۾.
ix.
شيدي ۽ غلام: مختلف پاڙن ۾
x.
سرائي: پنجاب کان آيل ۽
سرائڪي ڳالهائيندڙ.
xi.
متفرقه قومون: مهر، ڌاريجا ۽ سولنگي
وغيره.
xii.
هندو: برهمڻ، عامل، لوهاڻا، واڻيا
وغيره.
آبهوا:
خيرپور جي آب هوا گهڻو ڪري ساڳي اُتر سنڌ واري
آهي. اونهاري ۾ گرميءَ جو انتهائي درجو اٽڪل 120
ڊگريون ۽ سياري ۾ اٽڪل ٽيهه ڊگريون آهي. برسات به
سڄي سنڌ وانگر ٿوري پوندي آهي ۽ ساري سال ۾ ٽن چئن
انچن کان وڌيڪ نه هوندي آهي.
(پ) انتظامي حصا:
انتظامي لحاظ کان خيرپور رياست ٻن حصن ۾ ورهايل
آهي: خيرپور سب ڊويزن ۽ مير واهه سب ڊويزن. خيرپور
سب ڊويزن جو هيڊ ڪوارٽر خيرپور ۽ ميرواهه سب ڊويزن
جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽ ڏيجي ۾ آهي. اهي سڀ ڊويزنون جدا
جدا تعلقن ۽ تپن ۾ ورهايل آهن، جن جو مختصر احوال
هن ريت آهي:
خيرپور سب ڊويزن:
هن سب ڊويزن ۾ خيرپور ۽ گمبٽ، ٻه تعلقا آهن. ٻنهي
تعلقن جي مشهور شهرن ۽ ڳوٺن جو احوال ڏجي ٿو.
خيرپور تعلقو:
هن تعلقي ۾ هيٺيان شهر ۽ ڳوٺ مشهور آهن.
خيرپور:
هي خيرپور ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ميرن جي حڪومت
کان اڳ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو، جنهن کي ٻوراهڻ
سڏيندا هئا. مير سهراب خان 1783ع ۾ هن کي پنهنجو
تخت گاهه بڻايو ۽ خيرپور نالو رکيو، هي ميرواهه جي
ٻنهي طرفن تي هڪ سهڻو شهر آهي، ۽ واپار جو مرڪز
آهي. شهر جي آدمشماري 46،265 آهي.
هن ۾ ٽن بزرگن: پير رڪن الدين، ضياءَ الدين ۽ حاجي
جعفر شهيد جون مزارون آهن.
لقمان:
هي خيرپور کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو شهر
آهي. هن جو بنياد نواب مير لقمان خان رکيو هو.
هتي جنڊيءَ جو سامان تمام سٺو ٺهندو آهي.
ٺيڙهي: هي شهر خيرپور جي اتر اوڀر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن
۾ رياست جو وڏي ۾ وڏو ديني مدرسو دارالهديٰ آهي،
جيڪو ساري پاڪستان ۾ مشهور آهي. جتي کارڪن جو
لکها روپين جو واپار ٿيندو آهي. سندس آدمشماري
234، 8 آهي.
|