باب ٽيون
ٽالپرن جو حسب نسب ۽ اوائلي
احوال
:i
اصليت: خيرپور ۽ سنڌ جي ٽالپرن جي اصليت متعلق مختلف روايتون ملن
ٿيون. عام بلوچن جي دعويٰ وانگر مير نصير امير
حمزي جي اولاد مان آهن.
ڪن محققن جو خيال آهي ته هو لغاري آهن
۽
ڪي کين مزاري بلوچن جي رستماڻي شاخ ۾ آڻين ٿا
ڊاڪٽر رحيم هنن کي مري بلوچن جو هڪ قبيلو سمجهيو
آهي. ۽ خدادا خان کين رندن ۾ شمار ٿو ڪري ڪي
محقق وري لکن ٿا ته هو بلوچن جي هوت قبيلي مان آهن
حقيقت ۾ آخري راءِ وزن واري نظر اچي ٿي، ڇو جو
ٽالپرن جو هر هڪ شجرو هوت بن جلال سان وڃي ملي ٿو.
ان سلسلي جا ڪجهه شجرا ضميمي پهرئين ۾ ڏنا ويا
آهن.
:ii
ٽالپر لقب: هن قبيلي تي ٽالپر لقب بجار بن بيزن جي
وقت کان پيو، جيڪو سن 1000 هجريءَ مطابق 1952ع ۾
خان جي ڳوٺ چوٽي بالا ۾ اچي رهيو. هن ڳوٺ ۾ هڪ
ٽاريءَ جو وڻ هيو، جنهن جي هيٺان بجار خان ۽ سندس
قبيلي وارا ويهي ڪچهري ڪندا هئا. ان ڪچهري ۾ ويهڻ
وارن جو نالو ٽالهي پور يعني ٽالهيءَ جا پٽ هڪ آل
طور پئجي ويو. سرائڪي زبان ۾ ٽاريءَ کي ٽالهي
سڏيندا آهن. اهو لفظ ٽالهي پور مان ڦري ٽالپور
بڻجي ويو. ان کان پوءِ زنگي بن بجار کي هڪ پٽ به
ان ٽاريءَ جي وڻ هيٺان ڄائو، جنهن جو نالو ئي
ٽالهو رکيائون. اهو ٽالهو، ڪڪي خان جي پيءُ شاهو
خان وڏي جو چاچو هو.
پاڙا:
سنڌ ۾ ٽالپرن جا هيٺيان ايڪويهه پاڙا آهن (3):
شهداداڻي، ماڻڪاڻي، سهراباڻي، خاناڻي، بهاراڻي،
مراداڻي، گهراماڻي، عيساڻي، درياخاناڻي، هليلاڻي،
جيوناڻي، جئنداڻي، احمداڻي، شهواڻي، ياراڻي،
مقصوداڻي، آلوداڻي، ٺاراڻي، شاهلياڻي، حاجوڻي ۽
سکلاڻي.
انهن پاڙن مان شهداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻين جي
حڪومت حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ هئي، جن مان
اسان جو واسطو سهراباڻي قبيلي سان آهي.
:iii
هجرت: ٽالپرن جي مورث اعليٰ هوت بن جلال خان جي حڪومت ڪيچ مڪران ۾
هئي، جيڪا سندس ٽن پيڙهين تائين قائم رهي.
اتان سندس اولاد پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف جڳهن تي
ڪيئن آباد ٿيو. ان لاءِ هيٺيون روايتون ملن ٿيون:
(الف) ملتان:
هوت خان جو پڙ پوٽو مير اسماعيل خان ملتان جي
گورنر سلطان شاهه حسين لانگاهه جو گهاٽو دوست هو،
جنهن کيس پاڻ وٽ دعوت ڏيئي گهرايو ۽ هو ملڪ سهراب
خان دودائي سان گڏجي ملتان ۾ آيو. سلطان شاهه حسين
ٻنهي کي پنهنجي سرحد ۾ دين ڪوٽ کان ڪوٽ ڪروڙ تائين
سارو علائقو سرداري ۾ ڏنو.
.
(ب) ديرو اسماعيل خان:
ديري اسماعيل خان جو بنياد مير اسماعيل خان 1488ع
۾ کيو.
(ٻ) ساهيوال:
مير اسماعيل خان جي اولاد مان هڪ شاخ ساهيوال ضلعي
۾ اچي رهي ۽ اتي پنهنجي رياست قائم ڪيائين.
.
(ت) سخي سرور؛
بلوچن جي مشهور ٽيهن سالن واري لڙائي ۾ ٽالپرن جو
هڪ سردار امير عبدالرحمان عرف بليده بن ملهير خان،
مير چاڪر خان جو طرفدار هو، جنهن لاهور ڏانهن
ويندي سخي سرور
جي دره وٽ وفات ڪئي. کيس چوڏهن پٽ هئا. سندس وڏو
پٽ تبريز خان لاشارين جي شهزادي مير ابوبڪر سان گڏ
گجرات جي شهر پانپور ڏانهن هجرت ڪري ويو
.
(ٽ) ديره جات:
جڏهن شهنشاهه همايون ايران کان موٽيو هو تڏهن ساڻس
ٻين ٻروچن سان گڏ ٽالپر به هئا، جن ديره جات
۾ ڪجهه علائقي تي قبضو ڄمايو هو
.
(ث) ماڙي انڊس:
شهنشاهه همايون ٽالپرن کي سنڌ ساگر دوآبي ۾ هڪ
جاگير ڏني هئي. سندس تختگاهه ماڙي انڊس هو
.
(پ) مزارچه:
ٽالپر مزارين ۽ مگسين طرفان چانڊين سان وڙهيا هئا،
تنهنڪري ڪجهه مزارچه علائقي ۾ به لڏي آيا هئا
.
(ج) ڪوهه سياهه:
ٽالپر ڪوهه سياهه واري علائقي بيبرڪ ۾ رهندا هئا.
اهو علائقو ديري غازي خان ۽ ڪڇيءَ جي وچ ۾ هو. هن
مان نوتاڻي، مزاري، جکراڻي، گڊاڻي ۽ شنباڻي قبيلا
به هئا. هنن کي بگٽي بلوچن جي ڪجهه قبيلن اتان
ڪڍيو ۽ هو سنڌ ۾ آيا
.
(چ) ڀاڳناڙي:
مير اسماعيل خان جو پوٽو بجير بن بيزن سن 1000
هجري، مطابق 1592ع ۾ لڏي اچي ڀاڳناڙي ۾ ويٺو، جيڪا
قلات جي حدن ۾ آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ هو ديري غازي
خان ۾ آيو ۽ چوٽي بالا جو شهر ٻڌي ويٺو
مير سليمان عرف ڪي خان جي رهائش به چوٽي بالا ۾
هئي، جتي سندس پٽن ۽ پوٽن جي نالي تي واهه، قلعا ۽
انهن جا ويرا اڄ به موجود آهن
.
(ح) ڊگهه بالا:
مير ڪڪي خان جو سهرو حاجي خان مري پنهنجي راڄ سميت
مري علائقي ڪاهان مان نڪري، سنڌ جي علائقي ڪاڇي ۾
اچي ويٺو هو، جنهن جي استدعا تي سندس ڏهٽو مير
ماڻڪ خان ۽ ٻيا ٽالپر چوٽي بالا مان نڪري، اتي آيا
۽ ڊگهه بالا جو شهر ٻڌي ويٺا
(خ) پٽ باران:
سن 1700ع ۾ ميان مير محمد ڪلهوڙي، مير آلودي خان
کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ميان يار محمد خان
کان کيس فوج ۾ رتبو ڏياريائين. ان زماني ۾ مير
شهداد خان ديره جات جي درداين جي بغاوت بند ڪئي
هئي، جنهن جي صلي ۾ دهليءَ جي درٻار مان کيس پٽ
باران جو علائقو جاگير ۾ مليو هو
.
مير شهداد خان پنهنجي فوجي اهليت سبب ٻروچن جي
مختلف گروهن کي ملائي پنهنجو ڪيو هو ۽ مقامي
بغاوتن بند ڪرڻ سبب سندس بهادري مشهور ٿي وئي هئي،
تنهنڪري ڪلهوڙن ڪوشش وٺي کيس پنهنجو بڻايو هو ۽
پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو هو
.
مير شهداد خان ۽ سندس اولاد ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ وڏن
عهدن تي سرفراز هئا ۽ ڪلهوڙن سان وفاداريءَ جو دم
ڀريندا رهيا، پر ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن مير شهداد
خان جي اولاد سان نه رهايو، جنهن جي نتيجي ۾ مجبور
ٿي ٽالپرن سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي
.
.iv
هاڻوڪي سڪونت: هن وقت مير سهراب خان جو اولاد ۽ ڪجهه ٻين پاڙن جا ٽالپر جن شهرن ۽ ڳوٺن ۾
آباد آهن، انهن جا نالا هي آهن:
(الف) خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي:
مير علي مراد خان جو اولاد.
(ب) ڪوٽ مير محمد خان:
مير غلام حيدر خان جو اولاد.
(ٻ) دارا واهڻ:
مير احمد خان ولد مير غلام حيدر خان جو اولاد.
(ت) محراب پور:
مير حاجي غلام مصطفي خان جو اولاد.
(ٽ) جنوجي ۽ روشن آباد:
مير رستم خان جو اولاد.
(ث) منگهن واري:
مير رستم خان جو اولاد.
(پ) غريب آباد:
مير رستم خان جو اولاد.
(ج) رضا آباد:
مير غلام محمد خان ولد مير رستم خان جو اولاد.
(چ) علي آباد:
مير مبارڪ خان جو اولاد.
( ڇ) راهوجا:
مير چاڪر خان جو اولاد.
(ح) صوڀوديرو:
مير ڄام نندي خان جو اولاد.
(خ) ٽالپر وڏا ۽ ننڍا: ٽالپرن جي نهالاڻي قبيلي جا ڪجهه گهر.
(د) حسين آباد:
ٽالپرن جي بهاراڻي قبيلي جا ٻه گهر.
(ذ) اڳڙا:
ٽالپرن جي باگڙاڻي قبيلي جو هڪ گهر.
.V
اوائلي احوال ۽ مشاهدو:
سنڌ جي سڀني ميرن جي مورث اعليٰ مير ڪڪو خان هو،
جيڪو ديري غازي خان جي جابلو علائقي جي ڳوٺ چوٽي
بالا ۾ رهندو هو. هو ڪڪن وارن سبب ڪڪو خان سڏبو
هو، ورنه هن جو اصلي نالو سليمان خان هو. هن کي
هوتڪ خان، بجار خان، ماڻڪ خان، عالي خان، جيوڻ
خان، ميرڻ خان، دڦڙ خان ۽ صفر خان نالي اٺ پٽ هئا
.
هن جي اولاد کي ڪڪاڻي به سڏيندا آهن. مراد فقير
زنگيجي کين دعا ڪندي چيو آهي:
باري پروردگار، ڪيا ڪام وڻ ڪڪاڻين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون ٿيڙيون باغ بهار،
سي مرڪن شال ”مراد“ چئي سنڌ صوبي سردار،
جن کي ڏيهه ڏنو ڏاتار، مرکائن خان خوشيءَ سان.
ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائين سايون، جن جي مدد محمد ”مراد“ چئي.
مير سليمان خان سن 1100 هجري مطابق 1689ع ۾ وفات
ڪئي، سندس مزار چوٽي بالا ۾ آهي
.
سندس پونيئرن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
.vi
هوتڪ خان:
هي مير سليمان خان جو وڏو پٽ هو. هي هڪ وڏو اهل دل ۽ درويش صفت
ماڻهو ٿي گذريو آهي. کيس به پٽ هئا: هڪ مير شهداد
خان ۽ ٻيو مير شهڪ خان. شهداد خان جي اولاد خيرپور
۽ حيدرآباد ۾ حڪومت ڪئي. هوتڪ خان جي ڀاءُ مير
ماڻڪ خان جي اولاد مان ميرپورخاص جا حاڪم ٿيا. مير
شهڪ خان جي پٽ مير شاهو خان جي اولاد شاهواڻي
سڏرايو. مير هوتڪ خان سن 1130 هجري ۾ وفات ڪئي.
سندس مزار به پيءُ سان گڏ چوٽي بالا ۾ آهي
.
.vii
مير شهداد خان:
هي مير هوتڪ خان جو فرزند هو ۽ وڏو نالي وارو بلوچ سردار
ٿي گذريو آهي. منجهس سرداري واريون سموريون
لياقتون هيون، جن کان متاثر ٿي بلوچن جا مختلف
قبيلا سندس سرداري ۾ آيا
.
هو پنهنجي والد جي سوٽ مير صوبدار خان کان ناراض
ٿي ڪلهوڙن وٽ آيو
۽ ميان يار محمد خان جو سپهه سالار ٿيو. سن 1112ع
هجري مطابق 1700ع ۾ جڏهن مغل شهزادو معزالدين
پنجاب ۾ آيو هو، تڏهن ملتان جي هڪ امير غازي خان
جي پٽ شير محمد ديره جات تي ڪاهه ڪري هڪ فساد
مچايو. مير شهداد خان ميان يار محمد خان جي طرفان
اهو فساد بند ڪرائي، امن امان قائم رکيو. ان جي
ڪري ۽ ٻين ڪيترين ئي خدمتن جي صلي ۾ کيس پٽ باران
جي زمين عطا ٿي
.
سندس نواب لطف علي رضوي ٺٽوي سان به دوستي هئي
.
ان کانسواءِ سنڌ جي مشهور بزرگ شاهه عنايت جهوڪ
واري جو به ارادتمند هو، مگر جڏهن ٺٽي جي نواب
اعظم خان شاهه عنايت سان مير شهداد خان جي معرفت
صلح ڪري، کيس ڌوڪي سان شهيد ڪرايو هو، تڏهن چيو
هيائين:
ڏونگر ڏني ڏاڙهي ڪر ڪتي جو پڇ
ميان يار محمد خان مير شهداد خان کي ”برخوردار“ جو
لقب ڏنو هو
.
ميان يار محمد خان کان پوءِ ميان نور محمد خان کان
پنهنجن عزيزن کي ميرپور، خانپور، سنهڙو ۽ مانڌر
جون جاگيرون وٺي ڏنيون هيائين
.
ميرشهداد خان کي ڄام نندو، چاڪر خان، بهرام خان ۽
خير محمد خان نالي چارپٽ هئا. خير محمد جو اولاد
فوت ٿي ويو، باقي ٽي اولاد وارا ۽ وڏي حيثيت جا
مالڪ ٿيا. هن 2 رجب، 1147 هجري مطابق 1734ع تي
وفات ڪئي. سندس مزار سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ قبي شهداد
۾ آهي
.
.viii
مير ڄام نندو خان:
هي مير شهداد خان کان پوءِ ميان نور محمد خان جي لشڪر جو سپهه سالار ٿيو.
وڏو بهادر ماڻهو هو. سن 1725ع کان 1728ع تائين
دائود پوٽن سان شڪارپور ۽ ٻيٽ دٻئي جي جنگين ۾
پنهنجي پيءُ سان شريڪ هو. ان کان سواءِ جاني ديري
جي جنگ ۾ جڏهن قلات جو والي عبدالله خان شهيد ٿيو،
تڏهن به هن پنهنجي والد جي سرڪردگي ۾ بهادري جا
جوهر ڏيکاريا هئا. جڏهن نادر شاهه 1739ع ۾ ميان
نور محمد جا پٽ يرغمال طور وٺي ويو هو، تڏهن ڄام
نندو به انهن سان گڏ ايران ويو هو ۽ وفات به مشهد
۾ ڪئي هيائين. کيس ڄام فيروز ۽ شهداد ثاني نالي ٻه
پٽ هئا. هو سنڌي زبان جو هڪ سٺو شاعر به هو
.
.ix
مير چاڪر خان: هي مير شهداد خان جو ٻيو نمبر پٽ هو. ميان نور محمد خان جي چڱن
سالارن مان هو. پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان سمورين
جنگي مهمن ۾ شريڪ رهيو
.
ڄام نندي خان جي ايران وڃڻ کان پوءِ، جڏهن ڪلهوڙن
سندس ننڍي ڀاءُ مير بهرام خان کي سپهه سالارڪيو،
تڏهن هن پنهنجي حق تلفي سمجهي، ملازمت تان استعيفا
ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي جاگير تي وڃي، گوشه نشين ٿي
گذاريائين
.
کيس سهراب خان، غلام محمد خان، سليمان خان، زنگي
خان ۽ عالي خان نالي پنج پٽ هئا، جن مان سهراب خان
خيرپور جي حڪومت جو بنياد قائم ڪيو. هن 1180 هجري
مطابق 1766ع ۾ وفات ڪئي
.
.x
مير بهرام خان: هي ميرشهداد خان جو ٽيون نمبر پٽ هو. ڄام نندي خان جي
ايران وڃڻ بعد ڪلهوڙن جي لشڪر جو سپهه سالار ٿيو.
هن کي ميان نور محمد توڙي ميان غلام شاهه وٽ وڏي
عزت هئي. هن سلسلي ۾ مير عظيم لکي ٿو
:
امير زمان مير بهرام بود،
گل گلشن مير شهداد شير،
عجب مومن آن مرد دينداربود، |
که باماه و خورشيد همنام بود.
که بود او رئيس بلوچان دلير.
دل روشناس گنج انوار بود. |
سندس تعريف ڪندي مير حسن علي خان لکي ٿو
:
هو ان عهد ۾ مير روشن ضمير
اگرچه نه هو ملڪ جو بادشاهه،
هو بهرام گو راڳ جئين بي نظير، |
جهان پهلوان مير بهرام شير.
هيو قوم پنهنجي جو فرمان روا.
تيئن مير بهرام هو شيرگير. |
پاڻ ميان سرفراز خان جي حڪومت جو به رڪن اعظم هو
.
سندس اثر رسوخ ڏسي، ڪيترائي حامي سندس دشمن بڻجي
پيا هئا، جن کيس ميان صاحب جي نظرن ۾ ڪيرائڻ جي
ڪوشش ڪئي. ميان صاحب به انهن جي اثر ۾ اچي، مير
بهرام خان کي سندس پٽ صوبدار خان سميت شهيد ڪرائي
ڇڏيو
.
اهو جانگداز واقعو سن 1189 هجري، مطابق 1775ع ۾
پيش آيو. وفات جو سال هيٺئين شعر مان نڪري ٿو
.
به سال وصالش ملڪ بر فلڪ، |
بگفتا بفردوس خرگاهه زد. |
.xi
مير بجار خان: هي مير بهرام خان جو ٻيو نمبر پٽ هو. والد جي شهادت وقت حج تي
ويل هو. کيس اها وحشت اثر خبر حج تان موٽندي واٽ
تي ملي. قلات جي حاڪم مير نصير خان کيس وڏي لشڪر
سان مدد ڏئي، ڪلهوڙن کان وير وٺڻ جي آڇ ڪئي، مگر
مير بجار خان سندس شڪريو ادا ڪندي جواب ڏنو، ”مان
برابر بيڪس ۽ مظلوم آهيان، پر خدا کان سواءِ ڪنهن
کان به مدد نه وٺندس. مون لاءِ اها شرم جي ڳالهه
ٿيندي، جو پنهنجي ملڪ تي پرائي فوج وٺي وڃي حملو
ڪريان.“ هو نصير خان جي آڇ موٽائي، سنڌ ۾ آيو
.
ان وقت سنڌ ۾ بدامنيءَ جي بازار گرم هئي. ميان
سرفراز خان راتو واهه محل ڇڏي اچي حيدرآباد جي
قلعي ۾ لڪو ۽ قيد ٿيو. ڪلهوڙن هڪ ٻئي پٺيان ميان
محمد خان، ميان صادق علي ۽ ميان غلام نبي کي تخت
تي ويهاريو، مير بجار خان وري به هنن کي معاف ڪرڻ
ٿي چاهيو، مگر سازشي ماڻهن جي چرچ تي، هن سان
لانياريءَ جي ميدان تي لڙائي ڪيائون، جنهن ۾ ميان
غلام نبي مارجي ويو. مير صاحب سندس ڀاءُ ميان
عبدالنبي کي تخت تي ويهاريو، ڇو جو هن کان سواءِ
ڪلهوڙن مان ٻيو ڪو به حقيقي وارث ڪونه بچيو هو.
ميان عبدالنبي اڳ ۾ ئي ميان سرفراز ۽ سندس ٽن
ساٿين کي قلعي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو هو.
ميان عبدالنبي جو ڀائٽيو ميان عزت يار خان
افغانستان جي بادشاهه وٽ فريادي ٿيو ۽ اتان حڪومت
جي سند ۽ لشڪر جي امداد وٺي چاچي تي چڙهائي ڪري
آيو، پر مير بجار خان هٿان شڪارپور جي ويجهو شڪست
کاڌائين
.
ايترين مهربانين باوجود ميان عبدالنبي مير صاحب جي
برخلاف سازشون ڪندو رهيو، پر سامهون وڙهڻ جي سگهه
ساري نه سگهيو. نيٺ پنهنجي دوست جوڌپور جي راجا جي
مدد سان به راجپوت گهرائي، انهن جي هٿان مير صاحب
کي دغا سان شهيد ڪرايائين
، مير صاحب انهن مان هڪڙي کي ماري وڌو ۽ ٻيو ڀڄي
ويو
.
سندس وفات جو سال 1194ع هيٺئين شعر مان برآمد ٿئي
ٿو
:
از سر افسوس گفتا هاتقم، |
مير شد از جمدر هند و شهيد. |
.xii
مير عبدالله خان:
مير بجار خان جي شهادت کان پوءِ سڀني ميرن ۽ بلوچن سندس
فرزند مير عبدالله خان کي پنهنجو وڏو تسليم ڪيو ۽
سندس سرڪردگي ۾ حڪومت جي برخلاف بغاوت جو جهنڊو
بلند ڪيائون. ميان عبدالنبي بلوچن جو تاءُ ڏسي،
قلات مان هڪ سالار زرڪ خان کي وڏي لشڪر سان چاڙهي
آيو. مير عبدالله خان مقابلو ڪري کيس شڪست ڏني.
زرڪ خان مارجي ويو ۽ ميان عبدالنبي فرار ٿي
راجپوتن ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتان هڪ تازه دم لشڪر وٺي
آيو، پر راجپوتن کي به بلوچن هٿان شڪست فاش آئي.
ميان عبدالنبي اتان به نااميد ٿي آخري ڪوشش لاءِ
افغانستان ويو ۽ وڏيون لالچون ڏيئي مدد خان پٺاڻ
کي وٺي آيو
.
مير عبدالله خان بادشاهي لشڪر جي احترام سبب تڪڙو
وڙهڻ مناسب نه ڄاتو. ٻار ٻچا ڪڇ ڏانهن موڪلي، پاڻ
ريگستان ڏانهن هليو ويو. پٺيان مدد خان ڦرلٽ ڪري
سنڌ ۾ تباهي مچائي ڏني
..
انهيءَ تباهي متعلق ڪيترن شاعرن مرثيا چيا، جن جو
تت هيٺئين شعر ۾ ملي ٿو
:
چنان هول در ملک سنده اوفتاد، |
که هول قيامت بدادا ياد. |
مير عبدالله خان پنهنجي ملڪ کي بيگناهه لٽبو ڏسي،
پنهنجن اميرن سان مشورو ڪيو ۽ يڪراءِ ٿي بادشاهي
لشڪر سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن مدد خان به
مجبور ٿي ساڻس خط و ڪتابت شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي
۾ صلح ٿي ويو ۽ ٽالپرن آخري دفعو به ميان عبدالنبي
کي معاف ڪري، بادشاهه تسليم ڪيو ۽ مدد خان
افغانستان ڏانهن موٽي ويو..
ميان عبدالنبي کي اڃا به آرام نه آيو ۽ هن مير
عبدالله خان ۽ مير فتح خان ماڻڪاڻي کي پاڻ وٽ دغا
سان گهرائي، مارائي ڇڏيو. مير عبدالله خان جي وفات
جو سال ”شهيد ابن الشهيد“ جي مادي مان 1196 هجري،
مطابق 1782ع نڪري ٿو.
.xiii
مير فتح علي خان:
مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان جي شهادت کان پوءِ سڀني
ميرن گڏجي، مير بهرام خان جي پوٽي ۽ مير صوبدار
خان جي وڏي پٽ مير فتح علي خان کي پڳ ٻڌرائي ۽
سندس سرڪردگي هيٺ ڪلهوڙن سان جنگ جوٽيائون، جيڪا
”جنگ هالاڻي“ جي نالي سان مشهور آهي. هن موقعي تي
بلوچن مان گهڻا ماڻهو ڪلهوڙن جي خلاف وڏي جوش ۽
جذبي رکڻ باوجود، تيستائين وڙهڻ لاءِ تيار نه هئا،
جيستائين کين اهو يقين ڏياريو ويو ته هاڻي ڪلهوڙن
کي هميشه وانگر حڪومت موٽي نه ملندي. ان وقت سڀني
ٽالپرن جي برادري ۾ مير سهراب خان وڏو ۽ نيڪ مرد
هو، جيڪو بلوچن کي يقين ڏياري، عين لڙائي هلندي،
هڪ وڏو لشڪر وٺي آيو۽ جان جي بازي لڳائي جنگ
ڪيائين.
مير حسن علي خان هن جنگ ۾ ٻروچن ۽ مير سهراب خان
جي بهادري جو نقشو هيٺين شعرن ۾ ڪڍيو آهي
.
ٻروچن ها پيرن ۾ ڏانوڻ وڌا،
متان منهن ڪو موڙي ڀڄي بي خطا
ٻروچن جو ڪل لشڪر هيو ڇهه هزار،
ميان جو هو لشڪر وڏو بي شمار
انهيءَ حال ۾ مير سهراب خان،
ڪئي جنگ تي پنهنجي محڪم ميان.
مقابل ٿيو يا دشمن ڪينه خواهه،
گهڻن سرڪشن کي ڪيئين ماري تباهه.
ڪيئين رخ ٿي جنهن پاسي با تيغ تيز،
وڌئين ٿي به جان عدو رستخيز.
نه ڪثرت کان دشمن جي ڪو بيم و باڪ،
گهڻا ماري دشمن ڪيئين خون و خاڪ.
مگر پاڻ ڀي مير سهراب شير،
ٿي زخمي پيو جنگ ۾ سو دلير.
ڪيائين نه زخمن جي پرواهه ڪا،
وڙيو جئن وڙهي شير با لڙدها.
ٿي شمشير ان شير جي شعله بار،
جو پاڻيءَ مان ان جي ٿي نڪتا شرار. |
هن جنگ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ سنڌ ۾
ميرن جي حڪومت قائم ٿي. مير فتح علي خان ڪجهه وقت
نوشهري فيروز ۾ اچي رهيو. پوءِ حيدرآباد جو قلعو
فتح ڪري، اتي پنهنجو تخت گاهه مقرر ڪيائين.
مير فتح علي خان جي مرضي هئي ته هو اڪيلي سر سنڌجو
مطلق العنان بادشاهه ٿئي ۽ ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ نه
ڏئي، پر اها ڳالهه مير سهراب خان ۽ مير ٺاري خان
کي نه وڻي، تنهنڪري ٻئي ڄڻا ناراض ٿي حيدرآباد مان
هليا ويا ۽ پنهنجن راڄن سميت ملڪ جي مختلف حصن تي
وڃي قبضو ڄمايائون. مير سهراب خان روهڙيءَ ۾ آيو ۽
مير ٺارو خان شاهه بندر ۾ ٻنهي خيرپور ۽ ميرپورخاص
۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون
.
اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن ميان عبدالنبي جي مدد
لاءِ سردار احمد خان نورزئي ۽ بوستان خان چاليهن
هزارن جي لشڪر سان مير فتح علي خان تي چڙهائي ڪري
آيا، ته مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان ٻئي
غيرجانبدار ٿي ويهي رهيا. ان هوندي به مير فتح علي
خان اڪيلي سر افغانين کي شڪست ڏني
.
اها لڙائي جنگ هالا جي نالي سان مشهور آهي. انهيءَ
فتح جو سال هيٺئين شعر مان نڪري ٿو
:
بفرمود حق سالن صرت قريبن،
که انا فتحناک فتح مسبين. |
(1204 هجري)
1790ع
جڏهن ٻاهريون طرو دور ٿي ويو، تڏهن مير فتح علي
خان جي ڪمسن ڀاڻيجي ۽ مير عبدالله خان شهيد جي
فرزند مير غلام حسين کي پنهنجي حق تلفي جو احساس
ٿيو ۽ هڪ دفعي مير فتح علي خان تي بندوق جو فائر
ڪيائين، مگر اهو گسي ويو. مير صاحب هن کي قلعي کان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هن وڃي ”ٽنڊو غلام حسين“ نالي ڌار
ڳوٺ ٻڌو. اها خبر ٻڌي مير سهراب خان، مير ٺارو خان ۽ ٻيا ڪيترا ٻروچ
مير غلام حسين جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ هڪ وڏي جنگ جي
تياري ٿي ويئي. مختلف ماڻهن جو لشڪر اچي ڪٺو ٿيو
هو، پر ميرن جي مستورات وچ ۾ پئي اها جنگ ٽاري ڇڏي
۽ ٽالپرن گڏجي صلح ڪيو. مير غلام حسين خان مير فتح
علي خان جي حڪومت تسليم ڪئي ۽ مير فتح علي خان نه
فقط خيرپور ۽ ميرپورخاص جي حڪومتن جي خودمختياري
تسليم ڪئي، پر پنهنجي حڪومت ۾ به پنهنجن ٽن ڀائرن،
مير مراد علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير غلام علي
خان کي شريڪ ڪري ”چوباري“ قائم ڪئي
|