باب اٺون
ميرن جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو
(الف) عام معاشرو:
ميرن جي وقت ۾ سمورا ماڻهو پنهنجي حاڪمن سميت بلڪل
فارغ البال هئا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته معاشرو
طبقن ۾ تقسيم ٿيل هو. مگر مختلف طبقن ۾ هڪ ٻئي تي
چڙهت ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هئي. قاضيءَ جو پٽ قاضي،
ملي جو پٽ ملو ۽ چاڪي جو پٽ چاڪي هو. ملن، مورائن
۽ ڪاسبين کي آهت جو ان جام ملندو هو. ڪڙمي جا ڪڻن
مان ڪاسا ٿي ويندا هئا. عوام ۽ خاص تصوف جي رنگ ۾
رنڱيل هئا. هندن جي ڀڳتين ۾ مسلمان ۽ مسلمانن جي
سماع ۾ هندو به شريڪ ٿيندا هئا.
هندو خواهه مسلمان، موج ۽ مزي سان رهندا هئا.
مسلمان عيد براد تي قيمتي ڪپڙا ڪري راڳ ويراڳ جون
محفلون مچائيندا هئا ۽ هندو پنهنجي ڏڻن تي سانگ
رچائي مزا ڪندا هئا. سمورا ماڻهو شوق شڪار ۽ ميلن
ملاکڙن جا ڪوڏيا هئا. گهوڙن ۽اٺن ڀڄائڻ جون شرطون
رکڻ، گهٽن، تترن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه ڪرائڻ، شطرنج ۽
ٻيون رانديون کيڏڻ سندن خاص مشغلا هئا.
ملڪ جي اڪثريت غريبن ۽ڪاشتگارن جي هئي، جيڪي هر
پنجهر کان سواءِ ٻيو ڪنهن سان واسطو نه رکندا هئا.
سندن سوسائٽي ڳوٺاڻي ۽ زرعي ماڻهن واري هئي. کين
گهرو هنرن ۾ مهارت هئي. واپاري چالاڪ ۽ ذهين هئا ۽
بلڪل محفوظ ۽ امن آرام سان رهندا هئا.
سڄو ملڪ سرسبز ۽ آباد هو جتي پيرن، فقيرن ۽ سادات
جو وڏو احترام ڪيو ويندو هو.
مطلب ته عام ماڻهو خوشحال، صلح پسند، مهمان نواز ۽
قاعدي قانون جو احترام ڪندڙ هئا.
شام جو جتي ڪٿي کليل مجلسون ۽عام ڪچهريون ٿينديون
هيون، جتي دانا ۽سياڻا، پريا مڙس ۽ جوان، هندو ۽
مسلمان اچي حاضر ۽ شامل ٿيندا هئا. عجيب عجيب الفت
۽ اتفاق، محبت ۽ مزي جون ڳالهيون هلنديون هيون.
هندن مسلمانن جا گهر گهرن سان، پاڙا پاڙن سان ۽
جنڊا جنڊن سان گڏيا پيا هوندا هئا. سڀ پاڻ ۾ شير
شڪر ۽ مکڻ ماکي ٿي پيا گذاريندا هئا. نڪي هئي ملڪ
۾ بڇڙي بک، نڪو هو قحط ۽ ڪال. ملڪ سائو ۽ سکيو هو.
ان، کير ۽ مکڻ آل جال ۽ عام جام هئا. ماڻهو موج ۽
مزي سان، بي غما ۽ بي گوندرا ٿي گذاريندا هئا.
امير فقير سڀ پنهنجن هٿن جي ڪتيل سٽ مان تيار ٿيل
جيوڙي جو پاڪ ۽ پيارو ڪپڙو پهريندا هئا. ڏيتيون
ليتون، وڻج واپار، ڌنڌو وهنوار، سڀ ڀروسي ۽ اعتبار
تي هلندڙ هئا. چوري چڪاري، ڪوڙ ڪپت ڪا اتفاق سان
ڏسبي ٻڌبي هئي.
ملڪ ۾ ايترو سڪار هو، جو ڪڇ جا ماڻهو به تنگيءَ جي
وقت، قوت گذران لاءِ سنڌ ڏانهن ايندا هئا.
پير علي محمد راشدي جي لفظن ۾: ”خيرپور، 1918ع ۾
به سنڌ جي پراڻي رهڻي ڪهڻي جي آخرين صورت هئي“.
اتي جا عام ماڻهو ٿڌا، شريف، مهمان نواز، آهسته رو
۽ ننگ پال هئا. حاڪم اشراف، همدرد ۽ وقت تي ٽري
وڃڻ وارا هئا. ڪامورا ٿورکائو، محنتي، دوستي رکڻ ۽
دوستي نباهڻ جهڙا هئا. اهو دور به ڪچهرين، حالن
احوالن ۽ لسي ٿاڌل جو دور هو.
هن دور متعلق سنڌ جي مشهور شاعر مرتضائي جي هڪ
ڊگهي نظم جو اختصار دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.
ادب آئين عمدا ۽ فضيلت
ڪچهريون فيض واريون ساڻ شوڪت.
شريفن جو سدائين هت شرف هو،
جدا درجي ۾ تن کان ناخلف هو.
عدالت سان شريعت مصطفائي،
۽ ملت سان طريقت مرتضائي
زمين سنڌ هئي زرخير هرجا،
کٽل هو ڪونه سڀڪو خوش توانا
هو برڪت جو قدم هرهنڌ اهڙو،
ڪمائي گهٽ هو وڌ تنهن کان نفعو ٿيو.
زميندارن تي سختي ڪانه آئي،
رسي پيدائش جيڪا ڪيئون بٽائي.
نه ڪامورن جو ايذاءُ نه آزاد،
رعايا تي هو جان قربان عملدار.
سيد سادات جو هو مان بي حد،
شريفن جو هو وڏو شان بي حد.
جتي حاڪم لٿا ميلا متا ات،
هزارن کي وڏا مطلب رسيا ات.
ستارو علم جو هر هنڌ تابان،
هئا سڀ علم وارا خوش به دوران.
قدر هو شعر ۽ اشعار وارو،
مٿي شاعرن نصيبن جو ستارو
هو هڪڙو خواب وارو چهچٽو ڪو
ڏٺو جنهن آهي، دائم رت رئي سو.
(ب) ميراڻو معاشرو:
.i
ميرن جي شڪل شبيهه:
مير شڪل شباهت ۾ بلڪل سهڻا ۽ من مهڻا هوندا هئا.
سندن رنگ ڀورو، بت ڀريل، پيشاني کليل، مينو ڪشادو
۽ منهن ويڪرو هوندو هو. هنن جا چپ سنها، وات ننڍو،
نڪ ڊگهو، اکيون چيرويون ۽ ڀرون جاڙا هوندا هئا.
مطلب ته سندن صورت بلڪل سهڻي هوندي هئي. صورت سان
گڏ سندن سيرت به ڏاڍي سٺي ۽ وڻندڙ هوندي هئي. هو
هر طرح سان اخلاق جا پتلا ۽ سهڻي ڪردار وارا ماڻهو
هوندا هئا.
.ii
ميرن جو لباس:
مير پراڻين رسمن جا قائل هئا. کين ٻاهرين دنيا سان واسطو
گهٽ هوندو هو. هو انگريزن يا ٻين جون سوکڙيون،
زيور ۽ فرنيچر استعمال ۾ نه آڻيندا هئا.
هو پنهنجي بلوچڪي رسم موجب سادي پوشاڪ ڪندا هئا.
فقط گربيءَ جون سٿڻون پائيندا هئا. ڊگها ۽ ڀرت
ڀريل چولا استعمال ڪندا هئا. پٽڪن جي بدران ڀرت
ڀريل ڊگهيون ٽوپيون پائيندا هئا، جن ۾ جواهر جڙيل
هوندا هئا. هڪ وڏو اوڇڻ چيلهه سان ويڙهي، ڪلهن تي
ورائي ڇڏيندا هئا،پيرن ۾ نباتي جتي پائيندا هئا.
سردي جي موسم ۾ انگر کن جي بدران قيمتي ڪشميري
شالن جا پهراڻ پائيندا هئا، جن تي زريءَ جا ڳانا
۽قنڌار جي ڪاري پشم لڳل هوندي هئي. ڪن موقعن تي
ولايتي ڦولدار ريشم يا پٽ جا گرم استر ۽ ڪپهه مان
ڀريل ڪپڙا پائيندا هئا، جن تي تلوار يا خنجر جو ڌڪ
اثر ڪري نه سگهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن سائي اٺ جا ڪپڙا به ڪندا هئا، جن تي
بهترين جواهر دار موتي جڙيل هوندا هئا. سندن خنجرن
تي ميناڪاري جو ڪم ٿيل هوندو هو.
ڪڏهن سياري ۾ اوورڪوٽ وانگر ڇيٽ يا ڪنهن ريشمي
ڪپڙي مان ٺهيل لبادا پائيندا هئا. سندن پهراڻ جي
ڳچي سڄي پاسي کان هوندي هئي. چيلهه تي ڪمربندٻڌندا
هئا، جنهن ۾ خنجر يا ڪاتي هڻندا هئا. تلوار به ڪمر
جي مٿان ٻڌندا هئا.
ميرن جي لباس ۾ خاص ڪپڙا هڪ لونگي، هڪ پٽڪو، هڪ
ڪشميري شال يا ٻئي ڪنهن قسم جو ڪمربند ۽ هڪ قيمتي
قسم جي ٽوپي هوندي هئي. ان کان سواءِ هڪ تلوار، هڪ
سونهري پٽو ۽ هڪ جڙاءُ دار ڍال به ساڻ هوندي هين.
سندن لباس ۾ ڊگهو چولو ۽ويڪري سٿڻ هوندي هئي.هو
چيلهه سان ريشمي يا سوٽي ڪپڙو ويڙهيندا هئا.
پنهنجا وار به نه ڪوڙئيندا هئا ۽ پٺيان ڳنڍ ڏئي
ڇڏيندا هئا.
خيرپوري ميرن ۽ سنڌ جي ٻين ميرن جي پوشاڪ ۾ فرق
اهو هوندو هو، جو خيرپور جا مير پنهنجي پهراڻ جي
هيٺان ضرور پائيندا هئا ۽ صدريءَ جي مٿان نيم تنا
هوندا هين.سندن لبادن جي اندران سامور (ٻج واري
ريشم) يا برو (گهنڊين واري ان) به هوندو هو. هو
سياري جو توشاخا ٽوپ پائيندا هئا، جن ۾ هيٺيان برو
۽ مٿان زري لڳل مخمل هوندي هئي. مير علي مراد خان
جي ڏينهن کان وٺي سلمي ۽ زريءَ جون ٽوپيون پائڻ
شروع ڪيائون. هنن ۾ بوٽن جورواج مير علي نواز خان
جي ڏينهن کان پيو.
.iii
عورتن جو لباس: ميرن جون عورتون ننڍو پهراڻ سڄي پاسي واري ڳچيءَ سان
چيلهه تائين ۽ ٺونٺين تائين پائينديون هيون، جيڪو
اڪثر ڪري پٽ سان ڀريل هوندوهو. سندس سٿڻيون سوسيءَ
جون چوڙين سان هونديون هيون. مٿي تي اڇو رئو
ڪنديون هيون. سندن جتيون ٽن ٽئنون (گلن) سان
هونديون هيون
.
هو پيٽي ڪوٽ به ڪنديون هيون. ارهه يا سيني کي ڍڪڻ
لاءِ ڳچي تائين قابو ٿيل ڪپڙو هوندو هين. مٿي تي
وڏو رئو ڪنديون هيون.هو
گربيءَ جي سٿڻ ۽ ململ يا ريشم جا چولا پائينديون
هيون. سندن چولا ڀرت يا زريءَ تي ڀريل هوندا هئا.
اڳي نباتي ۽پوءِ ٽه گليون جتيون پائينديون هيون.
ميرن خواهه ڪيترن ئي بلوچن جون عورتون برقعن بدران
رئي مٿان سفيد چادر يا اجرڪ ڪنديون هيون.
سندن خاص ڪپڙا سوسيون، ريشمي گربيون، ململ،تسر،
اجرڪ ۽ لويون هئا. زريءَ ۽ ريشمي ڪپڙن پائڻ جو
رواج مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ هو.
.iv
زيور:
ميرن جي عورتن کي شاديءَ مرادي يا ٻين خوشيءَ جي موقعن تي،
هيرن، جواهرن ۽ قيمتي زيورن پائڻ جو وڏو شوق
هوندوهو. وٽن زيورن جي صورت ۾ ڪافي نوادرات موجود
هوندا هئا
.
سندن ننڍيون ڇوڪريون ڪنن ۾ واليون پائينديون هيون.
نڪ ۾ بولا ٻانهن ۾ ٻانهيو ۽ ڪنگڻ ۽ ڪاراين ۾
دستيون هونديون هين. هو ٺونٺ وٽ به تعويز
پائينديون هيون. سندن وارن ۾ سڳيون ۽ چوٽي ڦل
هوندا هئا. ڳچيءَ ۾ دهري ۽ هار پائينديون هيون.
شاديءَ کان پوءِ نٿ هڪ پاسي ۽ بولو وچ ۾ ڪنديون
هيون. نٿ جهلڻ لاءِ وارن اٽڪايل موتين جي سر
هوندي هئي. هٿن ۾ ڇلا ۽ منڍيون ڪنديون هيون ۽
ويڙهه به پائينديون هيون. ٽنگن ۾ ڪڙيون، پازيب ۽
نورا هوندا هين. پيرن جي آڱرين ۾ به منڊيون
پائينديون هيون.
ميرن جي گهرن ۾ زيور گهڻو ڪري سڀ سونا ۽ هيرن
جواهرن سان جڙيل هوندا هئا. مجموعي طور تي هيٺيان
زيور استعمال ٿيندا هئا..
منهن ۽ مٿي جا زيور: نٿ سوني سچن موتين سان ڏانوڻين سميت، بينو، بولو، ڪانٽا سر،
پنڙا، واليون، نسيون، موتين جون سڳيون چوٽي ڦلن
سان، ٽڪا موتين، زمردن ۽ هيرن سان جڙيل، جهومڪ، ڇٽ
۽ جهالر.
ڳچيءَ زيور:
چندن هار، دهري، ڪنڍي، ڇپڪلي، ڇلڪي، سهي، ڪٺمال،
گلوبند، تختيون ۽ نورتن.
هٿن پيرن جا زيور:
چوڙا، ڪنگڻ، دستيون، پونچيون، بازو بند، ٻانهن
رکيون، ڪنگڻيون، چوڙيون، چوڙو، ٻانهين، ڇلا،
منڊيون، ويڙهه، پازيب، ويجهول، نورا، ٽوڙها، پيرن
جي اڱرين جا بند، آڱوٺيون، ڪڙو، ڪڙيون، چيلهڪي،
پيرن جي آڱرين لاءِ اڻوٺ، اڳٺ جڙاءُدار، اڳٺ وجهڻي
سوني يا روپي.
متفرق:
سون ۽ چاندي مان ٺهيل زيورن رکڻ جون پيتيون،
دٻليون، سيج بند، سرمي داڻيون، گلاب داڻيون،
وٽيون، چاندي جي ڳنن سان پکا ۽ سينگاردان وغيره.
.v
حرامسراءِ:
هر هڪ مير کي پنهنجو گهر جدا هوندو آهي. جنهن کي ڏيڍي سڏبو آهي.
ميرن جي زالن کي ”ديرو“ سڏيندا آهن. هر هڪ ديري جي
لاءِ جدا نوڪر چاڪر ۽ دايون بايون هونديون آهن.
اوائل کان وٺي وچ تائين هرهڪ مير پرڻجڻ کان پوءِ
جدا رهندو. ميرن ۾ ڪابه عورت بيواهه ٿيڻ کان پوءِ
ڪڏهن به ٻي شادي ڪانه ڪندي آهي. نه فقط ايترو پر
جيڪڏهن ڪنهن عورت جو شادمانو يا مڱڻيو ٿيو هجي ۽
نالي ڪيل مڙس شاديءَ کان اڳ۾ مري وڃي ته اها عورت
ساري ڄمار ويٺي هوندي ۽ ٻئي ڪنهن سان به شادي نه
ڪندي.
ميرن جي زالن لاءِ ديري کان سواءِ ”صاحب“، جو لفظ
به استعمال ڪندا آهن. جيڪڏهن ٻه زالون هونديون آهن
ته وڏيءَ کي ”وڏا صاحب“ ۽ ننڍيءَ کي ”ننڍا صاحب“
چوندا آهن. جيڪڏهن ٽين زال هوندي آهي ته ٻئي نمبر
واري زال کي ”وچان صاحب“ سڏيندا آهن. يا وري کيس
سندس قوم جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جيئن مير
علي مراد خان جي هڪ زال نوتڪاڻي قبيلي مان هئي،
تنهن ڪري کيس نوتڪاڻي وارا صاحب سڏيندا هئا.
مير علي مراد خان جون ٽي غير بلوچ زالون ”عالي
سرڪار“ جي نالي سان ياد ڪيون وينديون هيون. اهي
ساڻن شڪار تي به ڪٺيون هونديون هيون. انهن کان
سواءِ ٻي ڪابه عورت ٻاهر نه ويندي هئي.
.vi
ميرن جي عورتن جو معمول: ميرن جون عورتون صبح جو ساجهر اٿنديون هيون ۽ نماز پڙهڻ کان
پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪنديون هيون ۽ ڪجهه ديني
ڪتابن جو مطالعوڪنديون هيون. ان کان پوءِ ناشتو
ڪنديون هيون. ناشتي کانپوءِ پاڻ ۾ گڏجي شطرنج يا
ڪا ٻي دماغي راند ڪنديون هيون. مير علي مراد جي
ڏينهن تائين منجهن حقي ۽ چلم جو رواج به عام هو.
ڪجهه وقت پاڻ ۾ راند روند ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي باغ
۽ سير ۽ تفريح ڪنديون هيون. سير ۽ تفريح کان پوءِ
پنهنجين ٻانهين ۽ نوڪراڻين ذريعي گهرو ڪم جي
نظرداري ڪنديون هيون ۽ وري به راند ۾ مشغول ٿي
وينديون هيون. يارهين وڳي کان پوءِ
هڪ ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪنديون هيون. سندن ٻانهيون کين پکو
هڻنديون هيون ۽ زور ڏينديون هيون. هو ننڊ مان اٿي
تڙ ڪنديون. ٻانهيون سندن وارن کان ڦڻي ڏيئي
سينگارينديون هيون. هو بهترين قسم جا تيل ۽
خوشبوءِ استعمال ڪنديون هيون. کين گلاب جي گلن ۽
خوشبودار شين سان تمام گهڻو شوق هوندو هو. ٽپهري
جي نماز کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڏولين يا محافن تي
چڙهي پنهنجي عزيزن جي گهرن ڏانهن وينديون هيون ۽
پنهنجين هڪ جيڏين ۽ سهيلين سان ويهي ڳالهيون
ٻولهيون ڪنديون هيون. سج لهڻ وقت هو جتي به
هونديون هيون، اتي پابنديءِ سان نماز پڙهنديون.
نماز کان فارغ ٿي ماني کائينديون هيون. مانيءِ کان
پوءِ ويهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪنديون هيون، يا ڳائڻين جي
واتان سهرا ٻڌنديون هيون. پوءِ رات جي نماز پڙهي
آرامي ٿينديون هيون.
.vii
سواري: ميرن کي ننڍڻ کان وٺي گهوڙي سواريءَ ۽ تير اندازي جي سکيا
ملندي هئي، تنهن ڪري وڏا شهوار هوندا هئا. سندن
سواريءَ لاءِ بهترين اٺ ۽ گهوڙا هر وقت موجود
هوندا هئا. سندن ديرا به محافن ۾ چڙهندا هئا ۽ مير
وڏا به گهڻو ڪري محافي ۾ چڙهندا هئا. سندن ديرا به
محافن يا ڏولين جي سواري ڪندا هئا .محافي يا
ڏوليءَ لاءِ
حمالن جو عملو مقرر ٿيل هوندو هو. مير صاحب ڪڏهن ڪڏهن ٻه
گهوڙي يا چئو گهوڙي بگيءَ تي به چڙهندا هئا. ميرن
جي وهٽن تي پنهنجا پنهنجا نالا رکيل هوندا هئا.
سندن اٺن سان ” انگلو“، ” چنگلو“، ”سچاڻو“ ”
سنجهو“ ۽ ”نياپو“ تمام نالي وارا هئا. گهوڙن مان
”گلشن“، ”طائوس“، ” آهو “، ”رانجهو “، ”چمو“ ۽
”نگينو “ مشهور هئا.
.viii
هٿيار: مير هٿيارن ۾ توبون، جامڪيدار بندوقون، رائفلون، تلوارون،
ڀڙڇيون، ڀالا، زرهون، خنجر ۽ ڪٽاريون استعمال ڪندا
هئا. توبون حفاظت لاءِ قلعن تي رکيل هونديون هيون
۽ جنگ جي وقت هاٿين يا ڏاندن جي ذريعي ڇڪجي
اينديون هيون. ميرن جي توبن مان ”صفن صفا“ ۽
”ميدان“ مشهور هيون. بندوقون اڳ ۾ جامڪيدار ۽ پوءِ
رائفلون استعمال ڪندا هئا. سندن بندوقن مان
دلارام، بينظير، ملڪه ۽ رائفل ڪافي مشهور هيون.
مير تلوار جا ڌڻي هئا ۽ هڪ ڌڪ سان دنبي کي ٻه اڌ
ڪري سگهندا هئا.
جنگ جي ميدان ۾ وڏي بهادري سان وڙهندا هئا. هر هڪ
مير کي پنهنجي تلوار هميشه چيلهه سان ٻڌل هوندي
هئي. سندن تلوارين مان ”موج“، ”فتح جنگ“، ”الماس“
۽ ”سيراهي“ مشهور هيون. سندن هٿيارن تي هيرا
۽جواهر جڙيل هوندا هئا ۽ مٿن سون جو پاڻي چڙهيل
هوندو هو.
.ix
طعام: سٺو، صحت بخش، زود هضم ۽ عمدو طعام تهذيب جو مکيه جزو آهي.
ميرن جي دور حڪومت ۽ مغليائي، بلوچي ۽ سنڌي قسم جا
طعام زيب دستر خوان هوندا هئا.
ميراڻو دستر خوان ڪشادو هوندو هو، جتي طرح طرح جا
طعام تيار ٿي ايندا هئا. هر هڪ طعام جي مٿان سونا
۽ چانديءَ جا ورق چڙهيل هوندا هئا. اڄڪلهه وانگر
دونگن يا وڏن ڍاڪون ۽ چمچن جو رواج ڪونه هو. هر هڪ
مهمان آڏو هر طعام لاءِ جدا مخبو (ننڍڙو ڍاڪون)
رکيو ويندو هو. جدا جدا طعامن جا مخبا وڏن مخبن
(Trays)
۾ رکجي ايندا هئا، جن تي ريشمي ڀرت ڀريل وڏا رومال
رکيل هوندا هئا. هٿن ڌئارڻ لاءِ آبدار چانديءَ جون
گينڊيون ۽ بدنا کڻي ايندا هئا.
ميرن جي طعامن مان هيٺيان طعام مشهور هئا:
ٻوڙ:
ڪورمو، ڀونو، اڇو ڀونو،ڳاڙهو ڀونو، سبزي گوشت،
ٽڪرن جو ٻوڙ، بيضن جو ٻوڙ، دولمو، ڪوفتا، مختلف
قسمن جو مٺو ٻوڙ ۽ مختلف سبزين جا ٻوڙ.
پلاءُ:
دم پخت، برياني، آنن جو پلاءُ، مڇيءَ جو ڀلاءُ،
ڪورمو پلاءُ، متنجن (کٽ ۽ مٺ وارو پلاءُ)، ساڳ جو
پلاءُ، ڪيلن جو پلاءُ، کارڪن جو پلاءُ، ايراني
پلاءُ ۽ ڪچي برياني.
چاشني:
(عام) پنرن واري چاشني، ايراني چاشني، روسي چاشني
۽ مزعفر (ڏاڍي مٺي ۽ زعفران پيل چاشني).
ڪباب:
شيخ ڪباب، تڪا ڪباب، گلوان جو ڪباب، طاس ڪباب،
پهتي ڪباب، گندي (سڄو ڇيلو يا هرڻ ٻڪل)، سڄي مرغ
مسلم، شيخن ۾ هرڻ ۽ تتر پڪل ۽ تلور پڪل.
مختلف قسمن جا حلوا: ماڪوتي (هڏن جي مک مان جيلي)،
بخ دربهشت (خوشبودار فالودو) مختلف مٺايون،
بسريون، اڦراٽا، نشاستي جي ماني، سنبوسا، مربا،
آچار،چٽڻيون وغيره.
پلا ۽ ڏنڀرا: (تريل، سئيل، داسيل ۽ ڪوڪ).
ماني کان پوءِ بهترين قسم جا مختلف شربت ۽ ٿاڌليون
پيش ڪيون وينديون هيون. چانهه وغيره جو رواج ڪونه
هو. ان جي بدران ٿاڌل يا شربت حاضر ٿيندا هئا.
ماني کان اڳ ۾ مهمانن کي عطر لڳايو ويندو هو.
.x
مهمان نوازي: ميرن جي مهمان نوازي ملڪن ۾ مشهور هوندي هئي. هونئن ته سندن
لنگر اٺئي پهر جاري هوندو هو، جتان آيو ويو ۽ غريب
غربو پيو کائيندو هو، پر ڪو وڏي حيثيت وارو مهمان
وٽن ايندو هو، ته ان لاءِ مختلف قسمن جا طعام ۽
ضرورت کان وڌيڪ هر چيز مهيا ڪري ڇڏيندا هئا. ٻين
ملڪن جا سفير به وٽن ايندا هئا ته سندن خلوص ۽
محبت جا ڳڻ ڳائيندا هئا. ميرن وٽ ٻين ملڪن جا
نواب، سردار ۽ سفير هميشه مهمان ٿيندا هئا. انهن
کان سواءِ پير، فقير، مخدوم، ۽عالم فاضل وٽن ايندا
رهندا هئا ۽ سڀني جو حسب حيثيت آڌرڀاءُ ڪندا.
.xi
سخاوت: مير وڏا مهمان نواز ۽ سخي مرد هوندا هئا. سندن در تان ڪو به
سوالي خالي نه ويندو هو. هو سوالين کي اٺ، گهوڙا
۽سروپائون بخشيندا هئا. اديبن ۽عالمن کي به دهرا
دان ڏيندا هئا.
.xii
وهم:
ميرن جي وقت ۾ شڪ شبها ۽ وهم ملڪ جي سڀني ماڻهن ۾ هوندا هئا ۽
مير به ڪيترن ڳالهين ۾ وهم رکندا هئا. جيڪڏهن
ڪيڏانهن شڪار تي ويندا هئا ۽ سندن کاٻي پاسي کان
تتر اڏامندو هو ته پوءِ بدشگوني سمجهي گهر موٽي
ايندا هئا.
ستارن جي سعد ۽ نحس هجڻ تي به اعتبار ڪندا هئا ۽
قمر در عقرب واري وقت ۾ به ڪو نئون ڪم نه ڪندا
هئا. هر هڪ مير وٽ، پنهنجو فالنامو هوندو هو ۽
ٻاهر اسرڻ کان اڳ ۾ فال ڏسندو هو. جيڪڏهن ڪنهن
ڏوهي تي جرم ثابت نه ٿيندو هو ۽ شڪ جي حالت پيدا
ٿيندي هئي ته پوءِ پاڻي ۽ باهه جي آزمائش وٺندا
هئا. شڪي ماڻهوءَ کي چوندا هئا ته هو پنهنجو پاڻ
پاڻيءَ ۾ وجهي. پوءِ هڪ ماڻهو ڪمان مان گز هڻندو
هو ۽ ٻيو اهو گز کڻي ايندو هو. جيڪڏهن گز کڻي اچڻ
تائين شڪي ماڻهوءَ ساهه منجهائي ويو ته هن کي
بيگناهه سمجهي ڇڏي ڏيندا هئا، پر جيڪڏهن هو اڳ ۾
ئي ساهه نه منجهائي سگهڻ جي حالت ۾ پاڻيءَ کان مٿو
ٻاهر ڪڍندو هو ته کيس ڏوهي سمجهي سزا ڏيندا هئا.
ساڳي طرح ست هٿ ڊگهي کڏ ۽ مچ مچائي، شڪي ماڻهوءَ
جي ٽنگن کي ڪوڙي جا پن ويڙهي ان مچ مان لنگهائيندا
هئا. جيڪڏهن هو سواءِ ڪنهن ايذاءِ اچڻ جي مچ مان
نڪري ويندو هو ته کيس بيگناهه سمجهي ڇڏي ڏيندا
هئا، ٻي حالت ۾ کيس ڏوهاري سمجهي سزا ڏيندا هئا.
ميرن جي ڏينهن ۾ ڪجهه عامل ”حاضرات“ جو علم به
ڄاڻندا هئا، جنهن وسيلي هو چوري وغيره، جي جاچ
ڪندا هئا
. حاضرات کان سواءِ ڪجهه مير جنن ۽ ڀوتن جي آسيب
جو عقيدو به رکندا هئا. هڪ دفعي مير علي مراد خان
جي بيمار ٿيڻ وقت مير محمد مراد خان ۽ ٻيا مير
الهڏني نالي هڪ ڀوپي کي وٺي آياهئا. ڀوپي ڪافي
ڪوشش ڪئي مگر مير علي مراد خان نه لهر ڪئي ۽ نه
وري سندس جاڳر وجهڻ واري ڳالهه تي اعتبار ڪيائين.
.xiii
ميرن جي عيد: ميرن جي ڏينهن ۾ خيرپور ۾ عيد وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي
هئي. عيد کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ شام جو مخدومن جو
سجاده نشين چنڊ ڏسڻ جي ثابتي وٺي عيد جي فتويٰ
ڏيندو هو ۽ مير صاحب جي حڪم سان توبون ڇوڙيون
وينديون هيون. شهرجي مسجدن ۽سرڪاري جاين ۾ چراغان
ڪيو ويندو هو. ماڻهو ساري رات خوشي ڪندا هئا ۽عيد
جي تيارين ۾ مصروف رهندا هئا. صبح جو ساجهر توبون
ڇوڙيون وينديون هيون، پوءِ دهلاري عيد نماز تي هلڻ
لاءِ خيرپور جي شهر ۾ پڙهو ڏيندو هو.
ڏهين بجي تائين عام ماڻهو عيدگاهه ۾ پهچي ويندا
هئا. ان مهل تائين مير پنهنجي مخصوص ماڻهن سان
پنهنجي گهر عيد نماز پڙهي وٺندا هئا. ان کان پوءِ
وڏي مير صاحب جو محافو نڪرندو هو، جنهن جي پٺيان
ننڍا مير صاحب، وزير، سردار ۽ ٻيا ماڻهو هڪ وڏو
جلوس بڻائي عيدگاهه ڏانهن هلندا هئا. عيد گاهه تي
هڪ وڏو اجتماع ٿي ويندو هو. عيد جي نماز مخدومن جو
سجاده نشين پڙهائيندو هو. نماز پڙهڻ کان پوءِ وري
به مير صاحب محافي ۾ چڙهندو هو ۽ سندس پٺيان ساڳي
طرح جلوس هلندو هو. مير صاحب جو جلوس درٻار هال تي
ختم ٿيندو هو، ان وقت به توبون ڇوڙيون وينديون
هيون. پوءِ مير صاحب هڪ کليل ڪچهري ڪندو هو، جتي
شهر جا معزز ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ مير صاحب
کي ”عيد مبارڪ“ ڏيندا هئا. آيل ماڻهن کي عطر
لڳائي، شربت پياريو ويندو هو. ان کان پوءِ سٺا
شاعر تهنيت جا قصيدا پيش ڪندا هئا. شاعرن کي مير
صاحب جي طرفان انعام ڏنو ويندو هو. پيش امام کي به
خدمت ۾ انعام ملندو هو. انهي موقعي تي رياست
جاپير، فقير ۽ ٻيا معزز به مبارڪ ڏيڻ ايندا هئا ۽
سڀني جو حيثيت مطابق آڌرڀاءُ ڪيو ويندو هو. وزير
صاحب طرفان اميرن، سردارن ۽ ٻين ماڻهن جي لسٽ پيش
ٿيندي هئي جنهن موجب کين پروانا، لونگيون ۽ خدمتون
ملنديون هيون. ان کان پوءِ مخدوم صاحب دعا گهرندو
هو ۽ سڀئي ماڻهو مير صاحب سان گڏجي ماني کائيندا
هئا.
ماني کان پوءِ هر هڪ ماڻهومير صاحب کان موڪلائي گهر ڏانهن ويندو
هو. موڪلائي وقت به کين عطر لڳائي شربت پياريو
ويندو هو.
.xiv
ميرن جي درٻار: ميرن جي درٻار هڪ وڏي هل ۾ ٿيندي هئي. جنهن جي ڀتين تي
گلڪاري ٿيل هوندي هئي. دروازن ۽ درين تي ريشمي
ڪپڙي جا پردا ڏنل هوندا هئا. ميرن لاءِ اڌ گول جي
دائري ۾ هڪ مسند وڇايل هوندي هئي. مسند جي وچ تي
وڏي مير لاءِ هڪ ٿلهي گدي رکيل هوندي هئي. ان تي
پٽ ۽ زريءَ جو سهڻو ڀرت ڀريل هوندو هو. مسند جي
مٿان ولائتي ريشمي ڪپڙي جو پوش هوندو هو. ان جون
ڪنڊون سونن ڄهاٻن سان ٻڌل هونديون هيون. مير وڏي
جي گديءَ جي پٺيان هڪ ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو
هوندو هو. گدي جي ٻنهي پاسن کان صاحبزاد ويهندا
هئا، جن جي پٺيان به طول وهاڻا هوندا هئا. سفيد
پوش خدمتگار ميرن جي پٺيان تلوارين ۽ ڍالن سان
بيٺا هوندا هئا. مسند جي سامهون هيٺ گلم ۽ گوناگون
قسمن جا غاليچا وڇايل هوندا هئا، جن تي حيثيت
مطابق وزير، سردار ۽امير ويهندا هئا. انهن جي آڏو
چانديءَ جون چلمچون رکيل هونديون هيون. دروازن کي
چوبدار سونيون ۽ روپيون لٺيون کنيو بيٺا هوندا هئا.
مسٽر پوسٽنس
(Postans)
جي لکڻ موجب خيرپور جي درٻار ۾ حيدرآباد جي درٻار
کان تڪلفات ڪجهه گهٽ هوندا هئا. هي درٻار بلوچي
قسم جي درٻار هوندي هئي ۽ قومي روايتن جي لحاظ کان
هر طرح سان منفرد هئي.
.xv
ميرن جون خصلتون: ٽالپر حاڪم وڏا لائق، خوش خلق ۽قربن ڀريا ماڻهو هئا، جن
جي سهڻي هلت کي ڏسي، مغربي ماڻهو عجب ۾ پئجي ويندا
هئا. هو وڏا مهمان نواز ۽ هر دلعزيز ماڻهو هئا.
برنس ۽ پاٽنچر سندن اخلاق، شان شوڪت ۽ اٿڻي ويهڻي
کان تمام گهڻو متاثر هئا.
ميرن جي ساري خاندان کي هڪ نظر سان ڏسبو ته سندن
اخلاق ۽ تهذيب جي تعريف ڪرڻي پوندي ۽ اهو قبول
ڪرڻو پوندو ته هو جنهن ترقي ۽ اوج تي رسيا آهن،
تنهن جي لائق به آهن. سندن شهزادن کي اهڙي لياقت ۽
فضيلت هئي، جا يورپي يا ٻئي ڏيهي ماڻهوءَ ۾ ورلي
نظر ايندي. هنن جي نشست وبرخواست جو طريقو به اهڙو
ئي تحسين جوڳو هو، جهڙي سندن شڪل شباهت هئي.
ميجر آئوٽرام هڪ دوست ڏانهن خط ۾ لکيو هو ته جنهن
نموني سان حيدرآباد ۾ چار حاڪم ۽ خيروپر ۾ چار
حاڪم حڪومت هلائي رهيا آهن، اهو ڌارين جي ڏسڻ ۽
تحسين ڪرڻ جوڳو آهي. هر هڪ حاڪم پنهنجي ماڻهن تي
مزي سان حڪومت ڪري رهيو آهي.
.xvi
ميرن جو معمول: مير صبح جو سوير اٿندا هئا نيرن تائين درخواستن جو
نيڪال ڪندا هئا. ازانسواءِ مالي قسم جي لکپڙهه تي
به حڪم ڏيندا هئا. ٽي چار ڪلاڪ ننڊ ڪندا هئا. شام
جي نماز کان پوءِ هر هڪ مير عام درٻار ڪندو هو،
جنهن ۾ ڪامورا، عملي جا ماڻهو، سردار ۽ ٻيا ايندا
هئا. اتي جيڪي به معاملا پيش ايندا هئا، تن جا
فيصلا ڪندا هئا. اها درٻار اٺين وڳي تائين هلندي
هئي. ان کان پوءِ هو حرمسرا ڏانهن هليا ويندا هئا،
يا ڪنهن کان قصو کڻائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ادبي
ڪچهري ڪندا هئا يا ناچ گاني جي محفل برپا ڪرائيندا
هئا، شڪار کان سواءِ ٻي ڪا به ورزش نه ڪندا هئا.
ڪڏهن وري اوليائن جي قبن جي زيارت لاءِ ويندا هئا.
جيمس برنس جي مشاهدي موجب هو پنهنجو ڪاروبار پرڀات
کان ٻه ڪلاڪ اڳ شروع ڪندا هئا. ان وقت هو خانگي
درٻار ڪندا هئا. جنهن ۾ پڪارون ٻڌندا ۽ پنهنجن
علائقن جو انتظام ڪندا هئا. اهو ئي هڪ وقت هوندو
هو، جڏهن پنهنجي پڳ پائيندا هئا، سج اڀرڻ وقت ڪپڙن
بدلائڻ لاءِ پنهنجن ڪمرن ۾ ويندا هئا ۽ ٿوري وقت
کان پوءِ موٽي درٻار ۾ ايندا هئا، جتي سندن سمورو
خاندان باقاعدي موجود هوندو هو ۽ جتي حڪومت جو
سمورو ڪاروبار هلايو ويندو هو. جيڪي خط رات جو يا
اڳئين ڏينهن تي آيل هوندا هئا، سي هنن جي اڳيان ڍڳ
ڪري رکيا ويندا هئا. يارهين بجي تائين خطن پڙهڻ،
انهن تي حڪم ڏيڻ ۽ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي وقت صرف ڪيو
ويندو هو. پوءِ هو ناشتي لاءِ اٿندا هئا، ٻين وڳي
وري ٻاهر نڪرندا هئا ۽سج لهڻ تائين گڏ هوندا هئا.
ان کان پوءِ وڃي هر ڪو پنهنجي گهر آرامي ٿيندو هو.
مير ايراني نموني جي نشست برخواست تي زور ڏيندا
هئا.
خيرپور جي حڪومت جو باني، مير سهراب خان صبح ساڻ
نماز کان پوءِ درٻار خاص ۾ خاص اميرن سان ملاقات
ڪندو هو. اهم معاملن تي مشورن بعد درٻار عام ٿيندي
هئي، جتي هر ڪنهن کي اچڻ جي عام اجازت هوندي هئي.
دروازي تي فقط هڪ دربان هوندو هو. يارهين وڳي
تائين فارغ ٿي بورچي خاني جو در کولرائيندو هو.
اول مهمانن، مسافرن، ملازمن ۽ متعلقين کي کاڌو
کارايو ويندو. پوءِ پکين ۽ حيوانن جي نظرداري ڪئي
ويندي هئي. ان کان پوءِ ماني کائيندو هو. سندس
دستر خوان تي خاندان وارا ۽ خاص ملازم شريڪ ٿيندا
هئا. ٻارهين وڳي فارغ ٿي، چئين وڳي تائين گهر وڃي
آرام ڪندو هو. پوءِ وري شام تائين درٻار عام ۾
هوندو هو.
مير رستم خان جو به اهو ئي معمول هوندو هو.
مير علي مراد خان جو گهڻو وقت ٻاهر شڪار ۾ گذرندو
هو. سندس نوڪرن جو هجوم به گهوڙن سميت ساڻن ڪٺو
رهندو هو. جڏهن ڪوٽ ڏجي ۾ ايندو هو، تڏهن صبح جو
سوير شڪار تي ويندو هو. نائين وڳي موٽي ايندو هو ۽
ناشتو کائيندو هو، پوءِ لانڍيءَ ۾ڪچهري ڪندو هو.
عريضيون پڙهي، عرضدارن کي چوندو هو ته ”اوهان جي
جاچ بعد بندوبست ڪبو.“ پوءِ جيڪا ٽپال هوندي هئي
تنهن جو نيڪال ٿيندو هو. پوءِ راڳ ڳائڻ ۽ وڄائڻ
وارا ايندا هئا. پوءِ آرام ڪندو هو. وري ٻنپهرن
کان پوءِ اٿندو هو. وهنجي پنهنجي بندوق سان نشان
چٽيندو هو يا ڪتن ۽ بازن جو شڪار ڏسندو هو. اهو
سندن هر روز جو ڪم هوندو هو.
خانبهادر خدا داد خان جي لکڻ موجب مير علي مراد
خان صبح جي نماز پڙهڻ سان قرآن پاڪ جا حافظ
گهرائيندو هو، جيڪي خوش الحافي سان قرآن پاڪ
پڙهندا هئا ۽ مير صاحب ويهي ٻڌندو هو. ان کان پوءِ
مقرر ڪيل ورد وظيفي ۾ مشغول ٿيندو هو. سج اڀرڻ سان
شڪار ٿي هليو ويندو هو. شڪار تان موٽي اچي ڪچهري
ڪندو هو ۽ نيرن به کائيندو هو. ان بعد راڳ ٻڌندو
هو. پوءِ ٿورو آرام ڪري. وري
شڪار تي ويندو هو. صبح جو هرڻ ۽ ٻن جانورن جو
شڪار ڪندو هو ۽شام جو بازن سان پکين جو شڪار ڪندو
هو پوءِ موٽي وري اچي راڳ ٻڌندو هو. راڳ ٻڌڻ کان
پوءِ آرامي ٿيندو هو. ناشتي واري وقت جيڪا ڪچهري
ٿيندي هئي، ان ۾ عرضدارن جون شڪايتون ٻڌي ٿڏي تي
پاڻ فيصلو ڪندو هو، يا ڪنهن معتبر ماڻهوءَ کي
فيصلو حوالي ڪندو هو.
(ت) ريتون رسمون:
مير پراڻي رسم ۽ رواج جا قائل هوندا هئا ۽ پنهنجين
قومي روايتن کي قائم رکڻ ۽ فخر محسوس ڪندا هئا.
سنڌ جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري هتان ڪجهه
رسمون به منجهن اچي ويون. ان کان سواءِ ٺڪرن ۽
سوڍن مان شادين ڪرڻ سبب سندن شادي ۽ غمي جي رسمن ۾
به ٿوري ڦير ڦار آئي. هتي اسان سندن ريتن ۽ رسمن
جو جائزو وٺنداسون.
.i
سڱابندي: ٽالپر پنهنجي نسل ۾ بلوچي خون قائم رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪندا آهن ۽
گهڻو ڪري پنهنجن چاچن، مامن يا ويجهن عزيزن مان
شادي ڪندا آهن. هنن ۾ پاڻ ۾ ڏي وٺ ڪرڻ جو رواج
گهڻو آهي. جيڪڏهن بدلي ۾ سڱ نه هوندو اٿن ته، پوءِ
بنا عيوض وٺڻ جي ئي عزيزن کي سڱ ڏئي ڇڏيندا آهن.
مير شهداد خان وڏي پنهنجي سوٽ جي پٽ مير مسو خان
ماڻڪاڻي کي بنا عيوض جي سڱ ڏنو هو. اهڙيءَ طرح مير
بهرام خان، مير فتح خان کي پنهنجي ڀاڻيجي ڏني. مير
سهراب خان پنهنجي ڀيڻ مير محمود خان ولد مير بهرام
خان کي ڏني هئي ۽مير عبدالله خان جي شادي مير
صوبدار خان شهيد جي گهران ٿي هئي. مير غلام علي
خان مير ٺاري خان ماڻڪاڻي جي ڀيڻ سان پرڻيو هو.
مير سهراب خان جي گهر ۾ مير ڄام نندي خان جي نياڻي
هئي ۽ سندس پٽ مير رستم خان وري ڄام نندي جي پٽ
مير ڄام فيروز خان جي گهران شادي ڪئي هئي.
مير علي مراد خان خيرپور واري پنهنجي ڀائرن جي
برخلاف هجڻ جي باوجود پنهنجون نياڻيون مير رستم
خان جي پوٽي مير محراب خان ۽ مير غلام حيدر خان جي
پوٽن مير غلام حيدر خان ثاني ۽ مير حسن علي خان کي
ڏنيون هيون.
جيڪڏهن ميرن کي پنهنجي برادري ۾ سڱ نه هوندو آهي
ته پوءِ حاجي زئي مرين، نطاماڻين يا راجپوت سوڍن
سان مائٽي ڪندا آهن. مير سهراب خان وڏو مرين ۽
سوڍن مان به پرڻيو هو.
.iiسڱ
جي ڳولا:
مير سڱ جي ڳولا لاءِ گهڻو ڪري ٻانهيون، دايون،
ميراڻيون يا ٻلهاڻي قوم جون عورتون موڪليندا آهن ۽
کين تاڪيد ڪندا آهن ته اهڙو سڱ ڳولي اچن جيڪو شڪل
شباهت ۾ به چڱو هجي ۽سندن ستن پيڙهين ۾ به ڪا آل
(عيب) نه هجي، يعني هن جي ڏاڏاڻن يا ناناڻن ۾ ڪنهن
غير بلوچ جي گاڏڙنسل جو خون نه هجي. اهي عورتون سڱ
ڏسي اينديون آهن، ته وري مزيد تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ
وڌيڪ معتبر عورتون موڪليون وينديون آهن. جڏهن
حيثيت مطابق ٻانهن جي پڪ ٿيندي آهي، تڏهن اهي ئي
عورتون وڃي ڪنواريتن کي اشاري طور ڳالهه ڪري، مائي
جو رضامندو حاصل ڪري اينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن سڱ
گهرڻ لاءِ هڪ ٻلهاڻي به خط سان موڪليندا، جيڪڏهن
ڪنواريتا وڏي حيثيت وارا هوندا آهن ۽ راضي ته
ٿيندا آهن، ته پوءِ ڪو سيد يا پير فقير موڪليو
ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ميرن جا ديرا پاڻ ميڙ ٿي
ويندا آهن، ڇو جو ٻروچن کي ڪڏهن نياڻيءَ کي جواب
ڏئي موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن
ڳالهيون پڪيون ٿي وينديون آهن، تڏهن گهوٽيتا مٺائي
تقسيم ڪندا آهن ۽ مٺائي جون ڪٽيون ڀري ڪنواريتن ۽
برادر ڏانهن موڪليندا آهن.
.iii
شادمانو: جڏهن ڪنواريتا سڱ ڏيڻ لاءِ هائو ڪندا آهن ۽ مٺائي وغيره
ورهائجي ويندي آهي، تڏهن گهوٽيتا هڪ شغل ڪندا آهن،
جنهن کي شادمانو سڏيو آهي. انهيءَ موقعي تي سڄي
برادريءَ کي سڏبو آهي. سڀ گڏجي ڪنوارتين ڏانهن
ويندا آهن. عورتون هيٺيون سامان کڻي هلنديون آهن:
پڪي مٺائي، بادامين ۽ مصرين جا ست ست ڪنا، گربيءَ
جي سائي سٿڻ، گج ڀريو ململ جو چولو، ننهي ٻڌل
کهنبو، سونا والا ۽ در، سوني سئي، روپي، وٽي، کير
منڊي، سونن ڇلن وارو جوڙو، جتيون ٽه گليون ٻه
جوڙا، سڳيون ۽اڳٽ.
گهوٽ جي ماءُ يا سندس ويجهي سهاڳڻ عزيزياڻي سوني
سئي، ڪيسر يا سندر ۾ ٻوڙي، ڪنوار جي نڪ تي هڪ ٽڪو
ڪڍندي آهي ۽ ان ٽڪي واري جاءِ تي نڪ سبندي آهي.
پوءِ اها سئي نپائڻ واري دائي کڻي ويندي آهي.اتي
سمورا ديرا گڏجي سورهن سورهن رپيا ويل جا ڏيندا
آهن، جيڪي ٻلهاڻڻ کڻندي آهي. ان وقت فقيرياڻيون
جيڪو لاڏو ڳائينديون آهن، ان کي ”سريهڙو“ سڏبو
آهي.
|