دلشاد منزل:
مير امام بخش خان خيرپور جي شهر ۾ هڪ بنگلو تعمير
ڪرايو جيڪو اڳ ۾ ڏهوٽن وارو بنگلو سڏبو هو. مير
علي نواز خان ان ۾ ڪجهه اضافو ڪري کيس دلشاد منزل
جو نالو ڏنو.
گهر جو بنگلو:
هي بنگلو مير امام بخش خان پنهنجي رهائش لاءِ ڪوٽ
ڏيجي ۾ تيار ڪرايو هو. اڄڪلهه هن بنگلي ۾ سرڪاري
اسپتال آهي.
مير امام بخش خان جي ڏينهن ۾ وزارت جي دفتر وارن
بنگلن ۾ توسيع آئي ۽ انهن جي احاطي ۾ ننڍيون
مسجدون تعمير ٿيون.
انهن کان سواءِ سرڪاري آفيسن ۽ آفيسرن جي رهائش
لاءِ هيٺيون عمارتون تعمير ڪرايون ويون جن تي ڪافي
خرچ ڪيو ويو.
جڳهه
سال تعمير
خرچ
آشيانه منزل
1913ع 4263 روپيا
خادم منزل
1916ع 12136 روپيا
ڪنار منزل
1916ع 11107 روپيا
مبارڪ منزل
1916ع 9738روپيا
نور منزل 1916ع 8631 روپيا
مخدوم منزل 1916ع
10061 روپيا
نگار منزل
1916ع 9291 روپيا
گلستان منزل
1916ع 15869 روپيا
بوستان منزل
1916ع 9200 روپيا
نشيمن منزل
1916ع 5401 روپيا
رفعت منزل
1916ع 32053 روپيا
نشاط منزل
1916ع 4171 روپيا
زينت منزل
1917ع 10674 روپيا
خورشيد منزل
1916ع 10267 روپيا
شفا منزل 1916ع 10941 روپيا
زناني اسپتال
1916ع 59762 روپيا
لا ڪورٽ
1918ع 57829 روپيا
مير امام بخش خان کان پوءِ ميرعلي نواز علي جي
ايامڪاري هيٺيون تعميراتي ڪم ٿيو.
سرور هائوس:
هي ڪوٽ ڏيجي ۾ هڪ ننڍڙو بنگلو آهي، جنهن کي ٻاهران
وڏو ڪوٽ ڏنل آهي. اڄڪلهه ان ۾ ڪوٽ ڏيجي جو
ميڊيڪل آفيسر رهي ٿو.
منڊم وارو بنگلو:
هي به ڪوٽ ڏيجي ۾ هڪ نئين طرز جو بنگلو آهي، جنهن
۾ ان وقت جي ولي عهد مير فيض محمد خان ثانيءَ جي
يورپڻ دائي رهندي هئي. اڄڪلهه اتي نيشنل بينڪ ڪوٽ
ڏيجي آهي..
آزاد منزل:
ڪوٽ ڏيجي تعلقي جي ڳوٺ حسين آباد جي سامهون واري
جي ڀٽن ۾ هڪ بنگلو تعمير ڪرايو ويو هو. جنهن جي
اندران ديوارن تي گل ڪاري ۽ نقش نگاري ٿيل هئي.
بنگلي جي ٻاهران هڪ عاليشان باغ هوندو هو اڄڪلهه
اهو باغ ۽ بنگلو ٻئي برباد ٿي ويا آهن.
مندر:
مير علي نواز خان دلشاد منزل جي پٺئين پاسي کان هڪ
مندر ٺهرايو هو. سندس بعد هڪ مخدوم ڏتي فقيرياڻي
کي ان ۾ دفن ڪيو يو هو. اڄڪلهه اتي ڪجهه ٻيون به
قبرون ٿي ويون آهن، ۽ هڪ ننڍڙو مقام بڻجي ويو آهي.
مير علي نواز خان کان پوءِ سندس پٽ مير فيض محمد
خان ثاني ۽ پوٽو مير علي مراد خان ثاني، آئيني قسم
جا حاڪم رهيا ۽ حڪومت جي ڪمن ۾ گهڻو دخل ڪين
ڏنائون. پر سندس دور ۾ به رياست ۾ تعميراتي ڪم
تمام گهڻو ٿيو. ڪافي ڪارخانا ٺهي ويا ۽ ڪارخانن جي
ڀرسان مزدورن جون ڪالونيون ٺهيون. ان کان سواءِ
آفيسرن ۽ منشين مڙن جي رهائش لاءِ ٽي وڏيون
ڪالونيون تعمير ٿيون، جن ۾ چڱا خاصا بنگلا ٺهرايا
ويا. انهن کان سواءِ اسڪولن، اسپتالن ۽ ريسٽ
هائوسن لاءِ سٺيون عمارتون تعمير ٿيون.
هنر ۽ ڪاريگريون
خيرپور جا مير هنر مندن ۽ ڪاريگرن جي سرپرستي ڪندا
هئا. سندن ايامڪاري ۾ ڪيترائي ڪاريگر ڏورانهن ڏيهن
تان اچي رياست ۾ رهيا. مير رستم خان جي زماني ۾
خيرپور جا ڪاريگر ساري سنڌ جي ڪاريگرن کان وڌيڪ
هئا، ۽ حڪومت طرفان سندن همت افزائي لاءِ ساليانه
نو لک روپيا خرچ ڪيا ويندا هئا.
ميرن جي سرپرستي سبب رياست جا ڪيترائي شهر مختلف
هنرن جا مرڪز بڻجي ويا، جن مان خيرپور، لقمان،
پريالو، گمبٽ، راڻيپور ۽ کهڙا مشهور آهن. انهن
شهرن ۾ هيٺيان هنر چوٽ چڙهيل هئا.
اسلحه سازي:
سنڌ ۾ ميرن کي هٿيارن جو سڀ کان وڌيڪ شوق هو. کين
ننڍي هوندي کان وٺي هٿيار ڪم آڻڻ ۽ خطرن کي منهن
ڏيڻ جي سکيا ملندي هئي،
هو تلوارن ۽ بندوقن جي نالين خريد ڪرڻ لاءِ ايران،
ترڪي ۽ فلسطين ۾ گماشتا موڪليندا هئا ۽ انهن جي
طرز تي پنهنجا هٿيار ٺهرائيندا هئا. قيمتي هٿيارن
جو جيترو ذخيرو ميرن وٽ هوندو هو ايترو دنيا جي
ٻئي ڪنهن به ملڪ وٽ نه هو.
سنڌ ۾ ٺهندڙ هٿيار هندستان جي اڪثر هنڌن تي ٺهندڙ
هٿيارن کان وڌيڪ عمدا هئا. هتي اعليٰ درجي جون
تلوارون پڻ هيون، جن جا ڦر ڊگها مڙيل، تکا ۽ سٺي
طرح ٺپيل هوندا هئا. سنڌ جا حاڪم خاص طور تي انهن
هٿيارن جو گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ شڪار يا جنگ جي وقت
اهي ڪم آڻيندا هئا. هو انهن جي سڌاري تي گهڻو ڌيان
ڏيندا هئا ۽ ان لاءِ ڪافي پئسو خرچ ڪندا هئا.
سنڌ ۾ ٺهيل بندوقن جو ناليون جيڪي دمشق جي هٿيارن
واري نموني تي هيون تن کي خاص اهميت هئي.
سنڌ جي ڪاريگرن ۾ مير سهراب خان جو مستري محمد
احسان مشهور هو ۽ سمورا ڪاريگر کيس استاد ڪري
مڃيندا هئا. هو ايران مان سنڌ ۾ مير ڄام نندي جي
پٽن مير فيروز ۽ مير شهداد خان وٽ آيو هو. جيڪي
مير چاڪر خان جي سنڀال ۾ رهندا هئا. اتي مير سهراب
خان اسلحه سازي جي فن کان متاثر ٿي سندس همت
افزائي ڪئي ۽ هو هميشه لاءِ سندس ملازم ٿي رهيو ۽
ميرن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي سرپرست
مير سهراب خان وٽ خيرپور ۾ اچي رهيو ۽ پنهنجو
ڪارخانو کولي ويٺو. هن جي هٿن جون ٺهيل توپون،
جيڪي ڪوٽ ڏيجي جي قلعي تي رکيل هونديون هيون، اهي
سندس ڪاريگري جي ڪمال جي ساک ڀرين ٿيون.
مستري محمد احسان جي ڪارخاني کولڻ بعد هڪ ٻيو
استاد ڪاريگر غلام محمد عرف اوستو گاهي به قلات ۽
حيدرآباد مان ٿيندو، مير سهراب خان جي درٻار ۾
پهتو ۽ پنهنجي ڀائرن سميت خيرپور جي ڀرسان هڪ
ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جيڪو اڄ تائين آباد آهي. اوستي
گاهي جي خاندان مان اوستو محمد حسين، اوستو خدا
بخش، اوستو غلام نبي ۽ اوستو اقبال پنهنجي وقت جا
بهترين ڪاريگر هئا. هو بندوقن، تلوارن، ڀالن،
خنجرن ۽ سنگينن ٺاهڻ ۾ ماهر هئا.
مير علي مراد خان جڏهن انگلينڊ ويو هو ته پنهنجي
ملڪ جي هيڊ مستري اوستي عبدالڪريم حداد کي پاڻ سان
گڏ وٺي ويو هو .
هو لنڊن جي ڪاريگرن مسٽر پرڊي
(Purdey)
۽ ٻين سان ڪافي وقت تائين خيالن جي ڏي وٺ ڪندو ۽
سندن فن جو مطالع ڪندو رهيو. سندن هٿ جون ٺهيل
بندوقون ۽ چاقو بهترين قسم جا هٿيار هئا.
ان کان پوءِ اوستو بلي، اوستو منگل ۽ اوستو مينهون
سٺا ڪاريگر هئا. اهي ڪاريگر اوستي گاهي جي ڪارخاني
مان سکيا وٺي استاد بڻيا هئا. اوستو منگل اوستي
خدا بخش جي گود ۾ ورتل پٽ هو. سندس والد جو نالو
صدورو هو.
اوستي گاهي جي معرفت اوستو پريو تيورو حيدرآباد
ڇڏي پنهنجي خاندان سميت خيرپر اچي رهيو. سندس پٽ
پنيلڌو ۽ پوٽو علي بخش پنهنجي وقت جا بهترين تيورا
هئا ۽ ترارين صاف ڪرڻ جي ڪم ۾ صفائي رکندڙ هئا.
تيورن جي خاندانن مان اوستو محمد بخش عرف بچل ۽
لعل بخش به استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن.
سونارڪو ڪم:
ميرن جي ايامڪاري ۾ خيرپور جو سونارڪو ڪم به چوٽ
تي چڙهيل هو. هتان جا سونارا زيورن کان سواءِ اٺن
۽ گهوڙن جي سنجن تي بهترين ڪم ڪندا هئا. ان کان
سواءِ بندوقن، ترارين ۽ ٻين هٿيارن تي ميناڪاري ۽
جڙاو جو ڪم به ڪندا هئا، ميرن جي هٿيارن ۽ ٽوپين
تي عجيب قسم جا جواهر جڙيندا هئا. خيرپور جي
سونارن مان ڪلياڻ داس، لعل داس، هيرو مل ۽ چمنداس
مشهور هئا. ڪلياڻ داس جي پٽن مان پمنداس ۽ ڀاونداس
پنهنجي فن ۾ چڱو نالو ڪڍيو. مير علي مراد خان کين
خوشيءَ جي موقعن تي وڏا انعام ڏيندو هو. اڄڪلهه
ڀاونداس جو پوٽو جهامنداس ثاني خيرپور جي سٺن
سونارن مان آهي .
مسلمان سونارن مان صوڀي ديري جو بادل خان عباسي ۽
کهڙن جو پريل ولد بهادر عباسي پنهنجي فن ۾ وڏي
مهارت رکندا هئا. هو زيورن سان گڏ مسجدن ۽ مقبرن
جي نيلن تي سون ۽ ميناڪاري جو ڪم به ڪندا هئا.
ميرن جي ڪم کان سوا پيرن ۽ مخدومن جي زيورن ٺاهڻ
جو ڪم به هنن جي حوالي هوندو هو.
بادل خان جي خاندان مان سندس پٽ سارنگ ۽ پوٽو
عبدالله به زيورن ٺاهڻ جا استاد ڪاريگر هئا. خليفي
پريل جا پٽ، خليفو ڀليڏنو، محڪم الدين ۽ حاجي محمد
پناهه راڻيپور جي پيرن وٽ مشهور هئا. انهن کان
سواءِ صوڀي ديري ۾ استاد سجل سونارو (عباسي) ۽
سندس پٽ محمد قاسم پنهنجي وقت جا بهترين سونارا
هئا .
وينجهارڪو ڪم:
سونارن کان سواءِ رياست جا وينجهر به ساري سنڌ ۾
مشهور هئا ۽سون چاندي جي پرک به ڪندا هئا. هن ڪم
لاءِ گڏيجي جي شهر ۾ صديقين جو هڪ خاندان مشهور
هو. وينجهرن جي خاندان جو وڏو ابوبڪر صديقي جو
جيڪو اروڙ کان لڏي گڏيجي ۾ اچي رهيو هو. ابوبڪر ۽
سندس پٽ عبدالرحمان ٻئي پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽
درويش صفت انسان هئا. عبدالرحمان جي ٽن پٽن، محمد
زمان، ٻڍي ۽ سلطان وينجهارڪو ڪم شروع ڪيو. ٻڍي جا
پٽ پير محمد، پريل، فاضل ۽ محمد زمان جو پٽ قاسم
چارئي لڏي شڪارپور هليا ويا ۽ اتي وينجهارڪو ڪم
شروع ڪيائون، باقي قاسم جي ٻن ڀائرن خونجل ۽
ابراهيم پنهنجي ڪم کي گڏيجي ۾ قائم رکيو. ميرن جي
سنڌ وڃائڻ بعد هن خاندان جي پس ماندن به پنهنجو
ڌنڌو ڇڏي، سونارڪو ڪم شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين
ڪندا ٿا اچن. ابراهيم ۽ پريل جي پٽن محمد عارف ۽
اسماعيل کان وٺي هن خاندان جو ڌنڌو سونارڪو آهي.
ٺاٺارڪو ڪم:
خيرپور رياست ۾ ٺاٺارڪو ڪم به چڱي پيماني تي ٿيندو
هو. خيرپور ۽ لقمان جي شهرن ۾ برتنن ٺاهڻ جا اعليٰ
ڪاريگر هئا، جيڪي ٽامي، پتل، ڪنجهي ۽ جست مان
مختلف قسم جا برتن ٺاهيندا هئا. جن مان ديڳيون،
ديڳڙا، گاگهريون، ٿالهه، گنگالون (ٽب)، لوٽا،
چونريون، وٽا، گلاس، بدنا، چلمچيون ۽ گلدان مشهور
آهن. هي ڪم گهڻو ڪري هندن جي هٿ ۾ هوندو هو. جيڪي
مسلمان مزدورن کان به ڪم وٺندا هئا.
ڊکاڻڪو ڪم:
خيرپور رياست ۾ ڊکاڻڪو ڪم به سٺي نموني تي ٿيندو
هو. هتان جا ڊکڻ فرنيچر ۽ درن دروازن تي ڪاٺ جي
اڪر جي ڪم ۾ بي نظير هئا. هو ڪاٺ تي رنبيءَ سان
بهترين نموني جا گل ٻوٽا ۽ طرح طرح جون تصويرون
ٺاهي ويندا هئا. سندن ڪم ۾ نزاڪت ۽ نفاست هوندي
هئي، ان وقت جي بهترين ڪاريگرن مان خيرپور جو
مستري صفدر، ٽنڊي نظر علي خان جو اوستو علي بخش ۽
هيسباڻين جي ڳوٺ جو استاد شاهن مشهور هئا. مير علي
مراد جي زماني ۾ لعل بخش ۽ علي بخش ڊکڻ رنبيءَ جي
ڪم جا استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن .
موچڪو ڪم:
خيرپور، سمگن ۽ لاڙڪاڻي جي شهر جا موچي چمڙي رڱڻ ۽
ان مان بهترين قسم جي شين ٺاهڻ ۽ انهن تي سون ۽
چاندي جي ڌاڳي جي سلائي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا
هئا. خيرپور ۾ هر قسم جي چمڙي رڱڻ جو ڪم ڪنهن به
صورت ۾ يورپ جي ڪم کان گهٽ نه هو.
خيرپور ۾ سمنگن جا موچي چمڙي تي مخمل ۽ پشم جو
بهترين ڪم ڪندا هئا، ۽ اعليٰ درجي جون جتيون
ٺاهيندا هئا ۽ هٿيارن جا پوش به تيار ڪندا هئا.
خيرپور جو جيئو موچي ۽ سمنگن جا واحد بخش ۽ بچل
پنهنجي ڪم ۾ بي نظير ڪاريگر هئا.
ڪنڀارڪو ڪم:
خيرپور رياست مٽي جي ٿانون ۾ به مشهور هئي.
خيرپور، کهڙن، پيرومڻ، مهرو واهڻ ۽ صوڀي ديري جي
ڪنڀرن جا ٺهيل ٿانوَ بهترين قسم جا هوندا هئا.
سندن ٺهيل مٽن، دلن ۽ کوهه جي لوٽين ۾ پاڻي ڏاڍو
ٺرندو هو. هو ٿانو تي عجيب و غريب قسم جي چٽسالي
ڪندا هئا، ۽ انهن تي تمام سهڻي نموني سان اکر
لکندا هئا. صوڀي ديري جو استاد ڏاتر ڏنو ۽ خيرپور
جو پير بخش ڪنڀر عجيب قسم جا ڪاريگر هئا. اڄڪلهه
به مهرو واهڻ جي ڪنڀرن جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي.
ڪاشي جو ڪم:
ڪنڀارڪي ڪم سان گڏ خيرپور ۾ ڪاشيءَ جو ڪم به
بهترين نموني جو ٿيندو هو. مختلف قسم جي رنگن،
تصويرن سان ٺهيل کاڌي جا برتن ۽ سرون ڪاريگرن جي
ڪمال جو ثبوت ڏينديون هيون.
مير رستم خان جي ڏينهن ۾ ٺهيل سچل سرمست جي قبي تي
ٿيل ڪاشيءَ جو ڪم ان وقت جي ڪاريگرن جي ساک ڀري
ٿو. مير فيض محمد خان جي ڏينهن ۾ خيرپور جي هنري
اسڪول ۾ به ڪاشي جو بهترين ڪم ٿيندو هو، جتي
صاحبڏنو ڪنڀر، خدن شاهه، لعل شاهه بهترين قسم جا
ڪاريگر هئا.
سن 1925ع ۾ ڪنڀارڪي (ڪاشيِ) جي ڪم جو هڪ ڪاريگر
لنڊن جي نمائش ۾ موڪليو ويو هو جتي سندس ڪم جي وڏي
تعريف ڪئي ويئي هئي.
ڇر جو ڪم:
خيرپور ۾ ڇر جي ڪم جا چڱا ڪاريگر هوندا هئا، جيڪي
بهترين قسم جون چادرون، ميز پوش ۽ دستر خوان
ٺاهيندا هئا. اعليٰ درجي جا اجرڪ به خيرپور ۾
ٺهندا هئا. ڇر جي ڪم ۾ گل محمد نالي هڪ وڏو ڪاريگر
هو.
رنگريزي:
خيرپور ۾ رنگريزي جو ڪم به نهايت اعليٰ درجي جو
ٿيندو هو. ڪپڙن رڱڻ جا هوشيار ڪاريگر پنهنجا
ڪارخانا کولي ويٺا هئا. نير جو ڪم به تمام گهڻو
ٿيندو هو. ان کانسوا کهنين ۽ چنين ٺاهڻ جا به
استاد ڪاريگر موجود هوندا هئا، جن کي کهنباٽي سڏبو
هو. اهي ميرن، پيرن ۽ ٻين اميرن جي شادين مرادين
تي پنهنجي هنر مان ڪافي ڪمائيندا هئا. حاجي محمد
صفر، عبدالرحيم ۽ آخوند غلام محمد پنهنجي وقت جا
وڏا کهنباٽي هئا.
پاٽولڪو ڪم:
هي ڪم هندن جي هٿن ۾ هوندو هو، جيڪي عورتن لاءِ
سڳيون، اڳٽ، هار ۽ ڳانا ٺاهيندا هئا، جڳهن ۾
آزمائش ۽ زيبائش جو بندوبست به ڪري ڏيندا هئا. هنن
جا ٺهيل هار سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندا هئا. خيرپور جي
پاٽولين مان ديوان ڀڳوانداس مشهور هوندو هو.
زري دوزي:
ٻين هنرن ۾ چڱي اهميت رکندو هو. ڪيترائي خاندان هن
ڪم ۾ مهارت رکندا هئا، ۽ بهترين نموني جو ڀرت
ڀريندا هئا. هو ٽوپين، چوغن ۽ نيم تنن ۾ جواهر به
جڙيندا هئا، هنن کي ڪاچوب سڏيندا هئا. مير علي
مراد خان جي ڏينهن کان وٺي، انهن ئي ماڻهن سلي ۽
ستاري جو ڪم شروع ڪيو. ميرن جي ٽوپين ۽ جتين تي
بهترين قسم جو ڪم ڪندا هئا. ان وقت گلاب ولد خوش
محمد شيخ ۽ ان کانپوءِ سندس فرزند خدا بخش زري
دوزي ۽ ڪڍي جي ڪم جا استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن،
انهن کانسواءِ گنو درزي ۽ پير بخش مغل به زري ۽
ريشم جو بهترين ڪم ڪندا هئا.
ڪورڪو ڪم:
خيرپور جي علائقي ۾ ڪپهه گهڻي ٿيندي هئي، جنهن مان
خيرپور، کهڙا، گمبٽ ۽ راڻيپور جي شهرن ۾ اعليٰ قسم
جو ڌاڳو اُڻيو ويندو هو. انهيءَ ڌاڳي مان مختلف
قسمن جو ڪپڙو ٺهندو هو. مثلن:
ساريشاف، مشرو، لونگي، جوڏي، کيس، لحاف ۽ سوسي
وغيره. صرف خيرپور جي شهر ۾ اسي ڄڻا ڪارخانيدار
هئا. انهن کانسواءِ خيرپور شهر ۾ اُن مان گلم،
فراسيون ۽ چوغا ٺاهيا ويندا هئا.
خيرپور جو هزار مل ماڙيچو، ۽ لقمان جو غلام محمد
ڪوري پنهنجي وقت جا بادشاهه ڪاريگر هئا
کيسن جو ڪم:
گمبٽ جي شهر ۾ اعليٰ درجي جا کيس ٺهندا هئا، جن تي
زري ۽ ريشم جو ڪم ٿيل هوندو هو. کيسن جي ڪاريگرن
جو وڏو ڇتو پٽ ميلهو، اروڙ کان ڪنڌرن جي شهر ۾
آيو، ۽ ٿوري وقت ۾ گمبٽ ۾ اچي ويٺو. هن گمبٽ ۾
کيسن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. مير سهراب خان جي ڏينهن
۾ ڇتي جو پٽ حاجي حسين هڪ وڏو ڪاريگر هو، جنهن جي
سرپرستي احمد ميمڻ ڪندو هو. جيڪو مدراس ۽ پيڪراٽ
کان بهترين قسم جو سٽ گهرائي پنهنجي ڪارخاني ۾ کيس
ٺهرائيندو هو. سيٺ احمد جي اولاد مان عبدالڪريم،
خدا بخش ۽ پير بخش به پنهنجو ڪارخانو قائم رکندا
آيا. ان کان پوءِ حاجي حسين جو پوٽو حاجي بخشڻ،
مير فيض محمد خان جي زماني کان وٺي کيسن جو
ڪاروبار جاري رکندو اچي ٿو. هن وقت سندس عمر هڪ
سئو سال کان مٿي آهي. سندس پٽ ۽ پوٽا به اهو ئي
ڪاروبار ڪندا آهن. حاجي احمد پڇاڙي جي ڏينهن ۾ هڪ
کيس ٺاهي، مير علي مراد خان وٽ تحفي طور کڻي ويو،
ته مير صاحب انعام طور هڪ کوهه ۽ ڪجهه زمين عطا
ڪئي. گمبٽ ۾ کيسن جا هيٺيان قسم ٺهندا آهن، ۽ اڄ
تائين ٺهندا رهن ٿا. فرمائشي، زيتون گل، بلبل چشم،
قمر، صوف گلو، ڪچو، ڪٽوري، تڪي گل، نسبي، اٺ
پيريو، سورنهن پيريو، ڌرتي ڌٻ، چندن هار، نودار ۽
رطلش.
چاندنيون:
چاندنين کان راڻيپور شهر مشهور آهي چاندني هڪ قسم
جي چادر آهي، جيڪا خالي سٽ يا سٽ ۽ ريشم جي ملاوٽ
سان ٺاهبي آهي. ان جو تر سڄو سفيد هوندو آهي ۽
پاسي کان چار يا ڇهه آڱر ڳاڙهي پٽي يا ڪني رکبي
آهي. چاندني جي بر کي ٻٽو ڪري وچ ۾ ريشمي ڌاڳي سان
کيد هڻبي آهي، چاندني جا قسم به بر يا ڦڻي جي حساب
سان هوندا آهن. مثلا: پنج سي، ڇهه سي ست سي ۽ اٺ
سي ان ۾ سٽ به ويهو، ٻٽيهو، يا چاليهو استعمال ڪيو
ويندو آهي. چاندني جي ڪاريگرن مان عبدالحميد ميمڻ
سڀني کان جهونو ۽ سٺو ڪاريگر ٿي گذريو آهي. ان کان
پوءِ عبدالرحيم فقير ۽ جهوڙو تمام ناميارا ڪاريگر
هئا. مير علي مراد خان جي زماني کان پوءِ حاجي
محمد ڇٽل، حاجي عبدالڪريم، محمد اسماعيل، پانڌي ۽
آندل چاندنين ٺاهڻ ۾ ماهر هئا. اڄڪلهه حاجي محمد
يوسف هڪ سٺو ڪاريگر آهي.
سوسين جو ڪم:
کهڙن جي شهر جون سوسيون اوائل کان وٺي اڄ تائين
مشهور آهن. سوسيون هٿ ۽ ريشم ٻنهي جون ٿينديون
آهن. ريشم جي سوسيءَ کي گربي سڏبو آهي. سوسين جا
هيٺيان قسم آهن:
1. بيگ رنگي 2. موٺڙو 3. گربي 4. هزاري 5. چوتار
6. هڪ خطي 7. دو خطي 8. ڇگئي 9. ملتاني 10. هڪ پٽي
11. تڪمائي 12. ڇڳو 13. لٺڙيو موٽ.
سوسين جي ڪاريگرن مان ڦتناڻي پاڙي جا خواجه مشهور
هوندا هئا، جيڪي اروڙ کان لڏي اچي کهڙن جي شهر
۾ويٺا هئا. انهن مان محمد بخش ۽ فتح محمد پنهنجي
وقت جا استاد ڪاريگر هئا. انهن کان پوءِ امام بخش
۽ محمد رمضان به سٺيون سوسيون ٺاهيندا هئا. اڄڪلهه
هادي بخش مير بخش ۽ محراب بخش ۽ محراب چڱا ڪاريگر
آهن. هاڻي پريالوءِ ۽ پير ڳوٺ ۾ به سٺيون سوسيون
ٺهن ٿيون.
جنڊي جو ڪم:
جنڊي جو ڪم ۾ هالا، ڪشمور ۽ لقمان جا ڪاريگر سنڌ ۾
مشهور هئا، جيڪي بهترين قسم جو فرنيچر ٺاهيندا
هئا. سندن ٺهيل کٽن ۽ منجهن جا پاوا؛ هندورا، ڪاٺ
جا دٻلا ۽ رانديڪا هئا، ۽ ساڻن ديري اسماعيل خان ۽
ديري غازي خان واري سڪونت کان وٺي ڪٺا رهندا آيا.
انهن ڪاريگرن مان خيرپور ۾ چار ڀائر مقبول، سلطان،
احمد ۽ سونهار وڏا نام ڪٺيا ٿي گذريا آهن. اهي
چارئي ڀائر مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ خيرپور مان
لڏي ويا. سلطان، احمد ۽ سونهارو پنجاب جي طرف هليا
ويا، باقي مقبول ناري تعلقي جي ريگستاني علائقي ۾
وڃي ويٺو، وري جڏهن مير علي مراد خان اقتدار ۾
آيو، تڏهن پليو خان جمالي مقبول کي ناري مان لڏائي
لقمان جي شهر ۾ پنهنجي پاڙي ۾ اچي رهايو، ان ڏينهن
کان وٺي مقبول جو اولاد لقمان ۾ رهندو ٿو اچي، ۽
نارائي ٿو سڏجي. مقبول کان پوءِ سندن ٻن پٽن سلطان
۽ عبدالله جي اولاد مان هيٺ ڏيکاريل شجري وارا
پنهنجي پنهنجي وقت جا باڪمال ڪاريگر ٿي گذريا آهن؛
اسڪين
مٿي ذڪر ڪيل سمورا ڪاريگر مير علي نواز خان جي
ڏينهن تائين خيرپور جي ميرن جو فرمائشي ڪم ڪندا
هئا. مير ٻن اميرن کي جيڪي به جنڊيءَ جي ڪم جون
سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا هئا، سي انهن ڪاريگرن کان
ٺهرائيندا هئا. مير علي نواز خان جي ڏينهن کان وٺي
ناررائي ڊکڻ ٻين ماڻهن جو ڪم به ڪرڻ لڳا. ۽ پنهنجي
دوڪانداري به شروع ڪيائون.
خيرپور جي هنري اسڪول ۾ استاد غلام رضا به جنڊيءَ
جي ڪم جو استاد ڪاريگر ٿي گذريو آهي. سن 1925ع ۾
انهيءَ هنري اسڪول جو هڪ ڪاريگر لنڊن جي نمائش ۾
موڪليو ويو هو، جتي سندس ڪم جي واکاڻ ٿي هئي.
ڪمانگيري ۽ نقاشي:
خيرپور ۾ رنگسازي ۽ نقاشيءَ جو ڪم به بهترين قسم
جو ٿيندو هو. عمارتن ۾ چٽسالي ۽ ڪاغذن تي نقش
نگاري ڪرڻ جا باڪمال ڪاريگر موجود هوندا هئا. هن
فن جي ماهرن مان غلام حيدر ڪمانگر هڪ لاجواب
ڪاريگر هو، جيڪو سادات باره سان گڏجي خيرپور ۾ آيو
هو. هن سان پنهنجي خاندان مان ٻه – ٽي ٻيا ڪاريگر
به گڏجي آيا هئا. اهي ڪاريگر ابتدا ۾ تعزيا
ٺاهيندا هئا، ۽ انهن تعزين تي عجيب قسم جي گلڪاري
ڪندا هئا. تعزين ٺاهڻ سان گڏ ڪتابن جي حاشين تي
به مختلف رنگن ۾ سهڻا نقش ٺاهيندا هئا. اهي ماڻهو
لاثاني قسم جا مصور به هوندا هئا. سندن ٺهيل غلام
مرتضيٰ شاهه شاهاڻي، سيد علي حسين شاهه ۽ سيد
عابد شاهه جون تصويرون اڄ به سندن مصوري جي ڪمال
جي ساک ڀرين ٿيون. غلام حيدر جا چار پٽ غلام حسين،
غلام محمد، غلام نبي ۽ غلام علي پنهنجي وقت جا
استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن. غلام نبيءَ جو پٽ
پيربخش ۽ غلام علي جو پٽ محمد عارف پنهنجن وڏن کان
به وڌيڪ ماهر ۽ اعليٰ درجي جا ڪاريگر هئا.اڄڪلهه
انهن جو اولاد بگين کي رنگ ڏيڻ جو جو ڌنڌو ڪندو
آهي.
رليون ۽ ڀرت:
خيرپور رياست ۾ اوائل کان وٺي رلين ۽ ڀرت جو ڪم
ٿيندو رهندو آهي. اهو ڪم گهرن ۾ عورتون ڪنديون
آهن. فيض گنج، ميرواهه ۽ ناري تعلقن ۾ ٺهندڙ رليون
ملڪن ۾ مشهور آهن. ڀرت جو ڪم ڳوٺن کان سواءِ شهرن
۾ به سٺو ٿيندو آهي.
|