پبلشر پاران
مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو نالو ادبي دنيا ۾
ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. هو پيشيورانه طور
اُستاد هو، پر بنيادي طور سندس سڃاڻپ هڪ شاعر جي
حيثيت سان مڃيل آهي. هن تحقيق ۽ ترجمي جي ڏس ۾ پڻ
قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس هيءُ
ڪتاب ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾
حصو“ اصل ۾ تحقيقي مقالو آهي، جيڪو هن منهنجي
رهنمائيءَ ۾ لکي 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش
ڪري پي- ايڇ - ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي.
هيءُ مقالو ڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خيرپور
واري خطي جي جاگرافي، آڳاٽن آثارن، ميرن جي حسب
نسب، تاريخي پس منظر ۾ سندن ڪردار، مير حڪمرانن جي
سوانح حيات، سندن ملڪي انتظام، سندن ادبي ماحول ۽
تعليم و تدريس، سندن تهذيب و تمدن، خيرپوري لهجي
جي تعارف ۽ تاريخ سان گڏ، اُن جي جائزي ۽ سندن
ڪچهريءَ جي احوالن تي روشني وڌي ويئي آهي، جنهن
سان سندن زندگي ۽ اُن وقت جي معاشري جي عڪس جهٽڻ ۾
مدد ملي ٿي.
اداري پنهنجي اشاعتي رٿابنديءَ ۾ هميشه ايم- فِل ۽
پي. ايڇ. ڊي. جي تحقيقي مقالن کي شامل ڪري شايع
ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي آهي، جو اهي مقالا تحقيق جي
علم ۽ فن توڙي سنڌ جي باري ۾ بنيادي وسيلي طور
ڪارائتا ثابت ٿين ٿا. ادارو اهڙن مقالن مان هيل
تائين مختلف موضوعن تي مشتمل اَٺ مقالا شايع ڪري
چڪو آهي. هن ڀيري مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو
هيءُ مقالو شايع ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪريون ٿا، جو
هيءُ مقالو هڪ طرف هڪ ئي وقت- ادب، سياست ۽ ثقافت
ٽن مختلف موضوعن تي ٻڌل آهي ته ٻئي طرف نه رڳو
خيرپور جي تڏهوڪي ميرن جي حڪمران خاندان جي دؤرِ
حڪومت سان وابسته آهي، پر منجهس اُن دؤر جي تناظر
۾ سنڌ جي صورتحال جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي
ڪيل آهي، جيڪا پڪ سان اُن وقت جي ميرن جي ٽن
خاندانن ۾ ورهايل سنڌ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.
اُميد آهي ته سنڌ جي مختلف موضوعن تي مشتمل، اداري
جي هيءَ اشاعت عام پڙهندڙن ۽ سنڌ جي ادب، تاريخ ۽
ثقافت ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ ڪشش جو سبب بڻي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
21 سيپٽمبر 1994ع
ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
فهرست
پيش لفظ ..... ..... ...... ..... .... ....
1-5
مقدمو عطا محمد حامي ....
6-12
باب پهريون
خيرپور جي جاگرافي
47-13
تعارف (13)
جاگرافيائيءَ جي بيهڪ ۽ حدون (14) ايراضي ۽ پکيڙ
(14) طبعي ڀاڱا (15) آدمشماري
(16) انتظامي حصا (17) ميراڻا يادگار (22) زبان
(24) تعليم (25) ڪارخانا (26) آمدرفت جا ذريعا
(26) سنڌو ندي ۽ ان جا وهڪرا (28) اُڀرندو نارو
(30) ٻيا واهه (31) ننڍا ڦاٽ (32) آبپاشي (34)
آبپاشيءَ جا طريقا (35) ويسٽ فيڊر جا واهه (35)
زراعت (36) ٻيلا (40) معدني پيدائش (41) مڇي (42)
جانور (44) پکي (46) جيت جڻيا (47).
باب ٻيو
خيرپور جو تعارف ۽ قديم آثار
48-56
تعارف (48) ڏيجيءَ جو دڙو (49) سيراج جي ٽڪري (50) نارو وارو
دڙو (51) ليلا جا آتڻ (51) ننڍا آتڻ (52) ابل ويسر
وارو دڙو (52) درن جي پير وارو دڙو (52) باغو ڍورو
وارو دڙو (53) لهيري وارو دڙو (53) ڳاڙهو ڀرو (54)
علي اصحابو وارو دڙو (54) ٽاري وارو ٺيڪراٺو (54)
شهيدن وارو ٺيڪراٺو (54) رستهه وارو دڙو (54) ڀٽ
وارو ڀيڙو (54) وستڙن جي ڀيٽ (54) درگا جو دڙو
(55) ٻوهي وارو ڀڙو (55) لاکرنڊ (55) ترائي وارو
دڙو (55) سانٺ وارو دڙو (55) پاڻيءَ وارو ڀڙو (56)
گرهر جو ڪوٽ (56) مامڙي ۽ ڪرنجڙي جا ڪوٽ (56) شير
شاهه جا مسافرخانا (56).
باب ٽيون
ٽالپرن جو حسب نسب ۽ اوائلي احوال 57-71
اصليت (57) ٽالپر لقب (58) هجرت (59) هاڻوڪي سڪونت (62) اوائلي
احوال ۽ مشاهير (63) مير هوتڪ خان (64) مير شهداد
خان (64) مير ڄام نندو خان (64) مير چاڪر خان (65)
مير بهرام خان (66) مير بجار خان (67) مير عبدالله
خان (68) مير فتح علي خان (69).
باب چوٿون
ٽالپرن جي سياسي تاريخ ۽ ان ۾ خيرپور جي
ميرن جو حصو
72-110
تعارف (72) سنڌ ۽ ڪلهوڙا (72) سنڌ ۽ نادر شاهه (72) سنڌ ۽ پٺاڻ
(73) سنڌ ۽ قلات جا بروهي (77) سنڌ ۽ بهاولپور جا
دائود پوٽا (79) سنڌ ۽ راجپوت (81) سنڌ ۽ پنجاب جا
سک (82) سنڌ ۽ انگريز (58).
باب پنجون
خيرپور جا حڪمران 111-135
مير سهراب خان
111-114
تعارف (111) فتوحات (112) گوشه نشيني (112) اولاد (113) وصيت
(113) روزانه زندگي ۽ اخلاق (113) وفات (114).
ii
مير رستم خان
115-117
ولادت ۽ تخت نشيني (115) کرڙيءَ جي جنگ (115) نونهار جي جنگ
(116) وفات (116) اخلاق (117).
iii
مير علي مراد خان
118-117
ننڍپڻ (118) ملڪيت تان تڪرار (118) ملڪ جي ايراضي (119) بغاوت
(119) لنڊن جو سفر (121) خوني حملو ۽ وفات (121)
اولاد (112) سيرت (123).
iv
مير فيض محمد اول
124-126
تعارف (124) ملڪي سڌارا (124) شعر و شاعري (126) اولاد (126)
وفات (126).
v
مير امام بخش خان
تعارف (126) ملڪي سڌارا (127) سڀاءُ ۽ عادتون (127) وفات (128).
vi
مير علي نواز خان
تعارف (128) ملڪي انتظام (128) انتظامي ڪائونسل (129) سڀاءُ
(129) وفات (130).
vii
مير فيض محمد خان ثاني
تعارف (130) ملڪي سڌارا (131).
viii
مير علي مراد خان ثاني
تعارف (132) تعليم (132) حڪومت جو نظام (132) اقتصادي ترقي
(134).
باب ڇهون
خيرپوري ٽالپرن جو ملڪي نظام 136-150
(i) معاشرو
(136) جاگيردار (136) زميندار (136) ڪاشتڪار (137)
ڀاڳيا ۽ مالدار (137) واپاري (137) عامل (137)
ڪاسبي (138) فنڪار (138) گهريلو هنرن وارا (138)
مزدور (138) پير، فقير ۽ عالم (139) ٻانها ۽ غلام
(139) بدڪار (139).
(ii) حڪومت جو انتظام
(139) سزا و لڪار ۽ ڪاردار (140) ڪوٽوال (140) فوج
(140) عدالت (141) راڄ (142) سزا (142) آمدني
(143) بٽائي (144) ڇيڙ (147) اڙد (147) ميرن جا
سڪا (148) ميرن جون مسجدون (149).
باب ستون
خيرپور جي ميرن جو ادب، تعليم ۽ تدريس ۾ حصو
ادب ۾ حصو (151) مير سهراب خان اول (152) مير زنگي خان (153)
مير رستم خان اول (155) مير حمزو خان (156) مير
مبارڪ خان (156) مير علي مراد خان (157) مير محمد
حسن خان (159) مير علي اڪبر خان (160) مير علي
محمد خان (161) مير شاهنواز خان (161) مير خدا بخش
خان ”ضيا“ (162) مير فيض محمد خان ”عاجز“ (162)
مير عبدالقادر خان (164) مير سهراب خان ”مسڪين“
(164) مير خير محمد خان (165) مير محمد خان (165)
مير امير علي خان ”امير“ (166) مير مهر نجف خان
”غريب“ (167) مير غلام نجف خان ”غلام“ (167) مير
گل حسن خان (167) مير خداداد خان ”مير“ (167) مير
خير محمد خان ”ضيا“ (168) مير راض محمد خان ”عاشق“
(168) مير محب علي خان (168) مير علي نواز خان ناز
(168) مير دوست محمد خان (170) مير نثار حسين خان
(170) مير عطا محمد خان عطا (170) مير غلام حسن
خان احسن (170) مير خان محمد خان (171) مير غلام
محمد ”فقير“ (171) مير لطف علي ”فقير“ (171) مير
ڇٽل خان (171).
تعليم ۽ تدريس ۾ حصو
تعارف (173) تعليمي ادارا (174) تعليم جو نظام (176).
باب اٺون
ميرن جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو
190-260
عام معاشرو (190) ميراڻو معاشرو (193) ميرن جي شڪل شبيهه (193)
ميرن جو لباس (193) عورتن جو لباس (195) زيور
(195) حرم سراءِ (196) ميرن جي عورتن جو معمول
(197) سواري (198) هٿيار (198) طعام (199) مهمان
نوازي (200) سخاوت (201) وهم (201) ميرن جي عيد
(202) ميرن جي درٻار (203) ميرن جون خصلتون (204)
ميرن جو معمول (204).
(ب) ريتون رسمون 207
سڱابندي (207) سڱ جي ڳولا (208) شادمانو (208) مڱڻو (209) تياري
(210) ونواهه (210) سرور (211) پنيئر (212) شادي
(212) نکيٽي (214) ستاواڙو (215) دڳي (215) ڄم
(215) ڇٺي (216) لوڏ (216) جهنڊ (216) عقيقو (217)
يارهو (217) چوڏهو (217) چاليهو (217) ڪڇڙ (218)
طهر (218) غمي (219) رسمن ۾ ڦير ڦار (220).
(ج) مذهب
مذهبي پاليسي (221) ماتمداري (223).
(ح) شڪار – ٻيلي جو شڪار
217
اوسر (217) مهاڙي (227) چوڻ (228) ٽاري (228) ٻولي (228) چين
(228) سير جو شڪار (228) دٻي جو شڪار (228).
ٽڪر جو شڪار
مهاڙ (229) گرگ (229) بٺو (229) گهوم (229).
پکين جو شڪار
چاڙهاڪو (230) ٻولي (230) هشڪر (230) چوڻ (230) اڏار (230) ڀڳو
(231).
بازن جو شڪار
231
واڳو سيسر جو شڪار
231
متفرقه
شڪار
231
راڳ ۽ ساز (134) گويه (135) ڪافي خوان (236) ساز (237) ملهه ۽
ملاکڙا (237).
تعميرات (239) قلعو احمدآباد (240) امام ڳڙهه (241) شاهه ڳڙهه (241)
گولي شاهه جو قبو (241) قادر بخش جو قبو (241) ٿر
ڌڻيءَ جو قبو ۽ ڪوٽلو (242) امام بارگاهه (242)
سهرابي محل (242) لعل بنگلو (243) فقيراڻا مقبرا
(244) فيض محل (244) شاهي محل (244) مير احمد علي
خان جو بنگلو (245) ڏيڍيون، ڏهوٽن وارو بنگلو ۽
ڪلر وارو بنگلو (245) امام بارگاهه (245) هنري
اسڪول (245) سرڪاري دفترن ۽ آفيسرن جا بنگلا (246)
ڪچهري وارو بنگلو (246) دلشاد منزل (247).
هنر ۽ ڪاريگريون
اسلحه سازي (249) سونارڪو ڪم (251) وينجهارڪو ڪم (252) ٺاٺارڪو
ڪم (252) ڊکڻڪو ڪم (252) موچڪو ڪم (253) ڪنڀارڪو
ڪم (253) ڪاشيءَ جو ڪم (253) ڇر جو ڪم ۽ رنگريزي
(254) پاٽولڪو ڪم (254) ڪورڪو ڪم (255) کيسن جو ڪم
(255) چاندنيون (256) سوسين جو ڪم (256) جنڊيءَ جو
ڪم (257) ڪمانگري ۽ نقاشي (257) فرنيچر جو ڪم
(258) بنارسي ساڙهيون (258) ببدري ورڪس (259)
رلهين جو ڪم (260).
باب نائون
سنڌي ٻوليءَ جو خيرپوري لهجو
261-295
تعارف ۽ تاريخ (261) سريلي لهجو (262) سرائڪي جو اثر (262)
صوتياتي خوبيون (263) وياڪرڻي خوبيون (263) ضمير
متڪلم (264) زمان مستقبل (264) ڇڏيجو ۽ گڏيجو
(265) تصغير (265) ماضي معطوفي (266) حال استمراري
(266) زمان مضارع (266).
نحوي خوبيون
(267) نون غنو (267) زمان حال (267) فعلن ۾ ”ي“ جو استعمال
(267) زمان مناضي مطلق (267) ”ني“ جو استعمال
(268).
وچولي لهجو
(268) ضمير (268) ظرف (268) ”ٽ“ ”ڊ“ ۽ ”ڍ“ جو استعمال (269)
ضميرن ۾ نون غنو (269) ضميري نشاني (269) تصغير
(269) تخفيف (269) حرف جر (270).
لاڙي لهجو
(271) حالتن جو ڦير (271) مرڪب لفظ (272) حرفن جي تخفيف ۽
واڌارو (273) لفظن جي ڦير ڦار (273) حرف جر ۽ فعلن
۾ ڦير ڦار (274) عدد (274).
خيرپوري لهجي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ
274
آسٽرو ايشياٽڪ ٻولين جا لفظ (274) دراوڙي ٻولين جا لفظ (275)
يوناني جا لفظ (276) سنسڪرت ۽ پالي جا لفظ (276)
عربيءَ جا لفظ (276) فارسيءَ جا لفظ (277) ترڪيءَ
جا لفظ (277) پورچوگيزي جا لفظ (278) انگريزي زبان
جا لفظ (278).
عربي زبان ۾ خيرپوري لهجي وارا لفظ 278
ڪڇيءَ جا لفظ (278) پشتو جا لفظ (279).
خيرپوري لهجي جو جائزو
279
صوتياتي جائزو (279) اصواتي جائزو (279) وياڪرڻي جائزو (280)
خيرپور جي ميرن جي ٻولي
280
فارسي زبان (281) سنڌي ۽ سرائڪي زبان (281) صدائون (281) چوڻيون
۽ پهاڪا (283).
خيرپور لهجي جا محاورا ۽ خاص لفظ
258
ميرن جي فرنيچر جا نالا (289) ميرن جي برتنن جا نالا (289) ميرن
جي مخصوص طعامن جا نالا (289) ميرن جي پوشاڪن جا
نالا (290) ميرن جي بندوقن جا نالا (290) ميرن جي
ترارين جا نالا (290) ميرن جي اُٺن جا نالا (290)
ميرن جي گهوڙن جا نالا (290) ميرن جي ڪُتن جا نالا
(290).
شڪارگاهن جا نالا
291
ٻيلي جون مهاڙيون (291) ٽڪر جا بٺا (291) خيرپور جي ٿر جون ڀٽون
۽ ڀڙا (291) خيرپور جي ميرن جا ڪها (291) خيرپور
جي ٿر جا تڙ (292) خيرپور جي ٿر جون ڍنڍون (292)
خيرپور جي ٿر جا ديرا (292)
ديهن جا نالا
293
انتظاميه جا لفظ (295)
باب ڏهون
ميرن متعلق لطيفا 296-306
باب يارهون
ميرن جو گهريلو لوڪ ادب
307-322
تمهيد (307) ڪوڏاڻا (307) هالو (311) سريهڙو (313) سرور (314)
ڪامڻ (315) سانجهي (317) جهنڊڙو (317) متفرقه لاڏا
(318) اوسارا (320).
باب ٻارهون
مشاهير (مير، وزير ۽ ديوان)
323-343
خيرپور جا مير
(323) مير غلام محمد خان (323) مير سليمان خان (324) مير عالي
خان (324) مير غلام حيدر خان (324) مير محمد خان
(325) مير احمد خان (326) مير چاڪر خان (326) مير
غلام مصطفيٰ خان (327) مير امام بخش خان (327) مير
رستم خان ثاني (328) مير سهراب خان ثالث (328) مير
نصير خان (329) مير علي مدد خان (329) مير جان
محمد خان (329) مير خان محمد خان (330) مير غلام
مهدي خان (330) مير محمد مراد خان (330) مير احمد
علي خان (331) مير علي محمد خان (331) مير غلام
حسين خان (332) مير غلام رضا خان (332) مير الهداد
خان (332) مير غلام علي خان (332) مير حاجي غلام
حسين (333) مير محمد علي خان (333) مير نظر حسين
خان (333) مير علي ڏنو خان (333).
وزير
شير محمد خان (334) فتح محمد غوري (334) شيخ علي حسين خان (335)
قادر داد خان (336) سردار محمد يعقوب خان (337)
شيخ صادق علي خان (337) محمد ابراهيم خان (338)
شيخ محمد قادر (338) شيخ محمد يعقوب خان (339)
مسٽر ٽانٽن (339) مسٽر سليڊن (339) سيد اعجاز علي
(339) مرزا ممتاز حسن فزلباش (340).
ديوان
ديوان ڀڳوانداس (340) ديوان لالداس (340) ڀڳوانداس جا پٽ (340)
ديوان ڪانسنگهه جا پٽ (341) ٻيا ديوان (342).
باب تيرهون
مشاهير (فوجي سردار ۽ سرائي)
مرين جو خاندان (344) مير حاجي خان (344) اميد علي خان (345)
مستي خان ثاني (345) محبت خان (346) گل حسن خان
(346) مير محمد خان اول (346) مريد خان (347) نظر
علي خان (347) نهال خان (347) عالم خان (348) جهان
خان (348) ڌڱاڻو خان (349) بگٽين جو خاندان (349)
چانڊين جو خاندان (351) رندن جو خاندان (352)
ڪهيرين جو خاندان (353) جانورين جو خاندان (356)
چانگن جو خاندان (357) جسڪاڻين جو خاندان (358)
لاشارين جو خاندان (359).
پٺاڻن جا دستا
حافظ حڪومت خان (363) در محمد خان (363) ناصر خان (364) شاهنواز
خان (364) الهداد خان (365) سنجر خان (365).
سرائي جا چڱا مڙس
366
سرائي محمد صالح خان (366) سرائي علي گوهر خان (366) سرائي
گهنور خان (367) سرائي پيارو خان (367) سرائي لطف
علي خان (368) سرائي گل شير خان (369).
جمعاڻي سرائي
سرائي عبدالحڪيم خان (371) سرائي لڌو خان (372) سرائي مبارڪ خان
(372) انڙ جو خاندان (374) سرائي علڻ خان (374)
سرائي ڏنل خان (375).
باب چوڏهون
(مخدوم، قاضي ۽ عالم)
کهڙن جا مخدوم (376) ڪوٽڙي ڪبير جا مخدوم (379) سرائي مبارڪ خان
(372) ٽالپر وڏن جا قاضي (384) سيٺارجن جا قاضي
(386) ڪوٽ ڏيجي جا قاضي (387) راڻيپور جا قاضي
(387) سادات باره (388) مرزائن جو خاندان (390)
مهيسرن جو خاندان (391) خيرپور جو رضوي خاندان
(395) مکيه ديني عالم (395).
باب پنڌرهون
(پير، فقير ۽ شاعر) 402-456
راڻيپور جا پير (402) گمبٽ جا پير (404) پاڳارا
پير (405) تجل جا پير (409) پريان لوءِ جا پير
(413) هنڱورجن جا پير (415) فتحپور جا پير (417)
ريجهه علي شاهه جي درگاهه (418) ڏانوري جا پير
(420) دونهين جا پير (421) هالاڻيءَ جا سيد (423)
ڇوڏاهو جا پير (424) ڊٻ مهر شاهه جا پير (425) سيد
بچل شاهه بخاري (429) جهانيان پوٽا (429) جيوڻ
پوٽا (430) ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار (431) درازن جا درويش
(432) کهڙن جا اُڄڻ فقير (441) فقير شادي شهيد
(442) لونگ فقير (444)، نصير فقير (445) فولاد
فقير (446) آخوند محمد حيات ”حاتم“ (446) آخوند گل
محمد (447) آخوند عبدالهادي (447) آخوند محمد صالح
(447) آخوند باغ علي (447) آخوند محمد نشان (447)
محمد عالم ڪربلائي (448) الهرکيو قير (448) بادل
فقير (448) پيرو شاهه (449) حمل فقير (449) محمد
رحيم (450) فقير شتر خان ميسالو (450) مبين فقير
(450) سيد عابد علي شاهه شيدا (451) محمد عالم
”احقر“(451) محمد علي شاهه ”فاني“(451) حاجي محمد
مفتون (452) حاجي محمد حداد (452) علي بخش شر
(452) سيد عبدالله شاهه فتاحي (453) واڌل فقير
(453) سيد ڇٽن شاهه (453) پيرل فقير (453) رازقڏنو
ونڊير (454) الهرکيو کوکر (454) خدا بخش
”ڪمتر“(454) انور علي ”انور“(455) سيد غلام شاهه
(455) آخوند آگيڏنو (455) الهيار فقير (455) حافظ
محمد اسلم (456) عبدالڪريم کرل (456).
ضميمو پهريون
457
ضميمو ٻيو
489
ببليوگرافي
517
سنڌي ڪتاب (515) سنڌي اخبارون ۽ رسالا (517) اردو ڪتاب (518)
اردو رسالا (519) انسائيڪلو پيڊيا (519) فارسي
ڪتاب (519) عربي ڪتاب (530) فلمي ڪتاب (530) مقالي
جا راوي (535).
پيش لفظ
1951ع ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ ڊي فيل جي ڊگري حاصل
ڪرڻ جي شوق دامنگير رهيو، مگر هر ڪم لاءِ قدرت جي
طرفان وقت مقرر هوندو آهي. تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ
ڪافي تڙپ هجڻ باوجود، ون- يونٽ ٿيڻ تائين سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي نه سگهيس. ڇو ان زماني ۾
ادب جي ذوق تي سياست جو چشڪو غالب اچي چڪو هو، ته
نوڪري ڇڏي، 1952ع واري رياست جي اليڪشن ۾ سرڪاري
پارٽي (مسلم ليگ) جي مقابلي ۾ عملي طو تي حصو
ورتم. تان جو رياست جي اسيمبلي ۾ ڪامياب ٿي، مخالف
ڌر جو ليڊر بڻجي ويس. آخرڪار آڪٽوبر 1955ع ۾ رياست
ختم ٿي وئي، ۽ مونکي نوڪري ڪرڻي پئي. نئين سر
نوڪري ۾ اچڻ بعد 1958ع ۾ پنهنجي ڪرم فرما، محسن ۽
هردلعزيز استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي
۾ ڊي فل لاءِ داخلا ورتم، ۽ رياست خيرپور جي ادبي
تاريخ تي مقالي لکڻ جو ڪم شروع ڪيم. ٻن سالن ۾
سمورو ادبي قسم جو مواد هٿ ڪري ورتم.باقي مونکي
صرف مقالو لکي يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪرڻو هو، مگر ان
وقت به انهيءَ ڪم جي تڪميل قدرت کي منظور نه هئي!
ايتري قدر جو پنهنجي ڪم تي نظرثاني ڪري، ان کي
عالمن جي آڏو آڻڻ جي لائق به نه سمجهيم، ۽ احساس
ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويس. منهنجي انهيءَ مواد مان ته
ڪافي سڄڻن فائدو وٺي ايم اي جا مونو گراف لکي
ڊگريون حاصل ڪيون، پر مان اتي جو اُتي رهجي ويس.
ائين وقت گذرندو ويو، تان جو سالن کان پوءِ دوست
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کي خط لکي، پنهنجي مدعا
بيان ڪيم، صاحب موصرف مهرباني فرمائي ڊي فل لاءِ
فارم وٺي موڪليو، ۽ مقالي لاءِ سنڌ يونيورسٽي
طرفان گائيڊ بڻجڻ به قبول ڪيو. ان ڏينهن کان ئي
بسم الله ڪري ڪم کي لڳي ويس. مقالي جو عنوان به
ڪجهه تبديلي سان ساڳيوئي مليو، يعني مونکي خيرپوري
ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت تي لکڻو پيو، ڊاڪٽر
الانا صاحب سان دوستي واري دعويٰ ڇڏي، سندس
نيازمند شاگردن ۾ شمار ٿي ويس. مون پاڻ کي بيشڪ هڪ
ارادتمند شاگرد سمجهي ڪم شروع ڪيو، مگر ڊاڪٽر صاحب
اڳي کان وڌيڪ بي تڪلف بڻجي، هڪ شفيق دوست وارو
ڪردار ادا ڪيو، ۽ منهنجي ڪم ۾ ايتري دلچسپي ورتي،
گويا اهو سندس ذاتي ڪم هو. بهرحال مون سندس
رهبريءَ ۾ نئين سر پنهنجو ڪم جاري رکيو، ۽ رياست
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ جاچ پڙتال
ڪئي. مون کي ٽالپرن جي حسب نسب ۽ اوائلي احوال هٿ
ڪرڻ لاءِ مختلف ميرن ۽ ٻين بلوچن سان ملڻو پيو. هڪ
دفعي ته ملتان وڃي نڪتس، ۽ مشهور اديب ۽ عالم
مولانا نور احمد صاحب فريدي سان مليس. هن کان
بلوچن جي اصليت متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪري، سندس
فاضل ۽ اديب فرزند چاڪر خان رند کان ”بلوچي دنيا“
جا مختلف فائيل هٿ ڪيم. ساڳيءَ طرح چاچڙان شريف جي
صوفي بزرگ مولانا احمد جان صاحب سان هن سلسلي ۾
خيالن جي ڏي وٺ ڪيم. ليه ضلعي جي مشهور عالم ۽
پير، الاهي بخش فقير ليکي، ۽ سرائڪي زبان جي سٺي
شاعر اسلم رسولپوريءَ سان به مليس. ايتريءَ ڀڄ ڊُڪ
ڪرڻ باوجود منهنجي آرزوءَ جي تسڪين ٿي نه سگهي.
آخرڪار ميرپورخاص واري ڪرم فرما مير حاجي محمد بخش
خان ٽالپور جي مشوري سان مختلف شهرن جو غور سان
مطالعو ڪيم ته معاملو آسان ٿي پيو، ۽ ثابت ٿيو ته
سنڌ جا ٽالپور اصل ۾ هوت قبيلي جي هڪ شاخ مان آهن.
اهو نظريو سامهون رکي ميرن جي ادب ۽ ثقافت متعلق
مواد حاصل ڪيم. ڪتابي مواد ۾ سندن لياقت متعلق
گهڻو ڪجهه مليو، مگر سندن ادب ۽ ثقافت متعلق سڀ
ڪجهه مختلف ماڻهن وٽ وڃي ذاتي طور تي سندن سينن جي
دفنين مان حاصل ڪيم، ڇو جو هن باري ۾ هن وقت تائين
ڪنهن به ماڻهو ڪجهه لکڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي
آهي. خيرپور جي ميرن پاڻ وٽ پنهنجن وڏن جي ورثي
مان چند هٿيارن، ۽ ڪجهه طب جي ڪتابن کان سواءِ
ڪجهه به سنڀالي ۽ سانڍي نه رکيو آهي. ان ڪري دَر
دَر جون تڪليفون سهي، وڏي جاکوڙ ڪرڻ کان پوءِ، جو
ڪجهه حاصل ڪري سگهيو آهيان، اهو هن مقالي ۾ پيش
ڪيو اٿم. اميد ته هي محنت رائگان نه ويندي، ۽
آئينده جي محققن لاءِ به مفيد ثابت ٿيندي. آمين. |