سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:23 

 کيس غلام الله خان - حبيب الله خان-ڪريم بخش خان ۽ قادر بخش نالي چار فرزند هئا هو راڻيپور جي پير غلام محي الدين شاهه  جو گھڻو معتقد هوندو هو ۽ سندس وصيت موجب هن جو لاش به راڻيپور جي درگاهه جي ايوان ۾ رکيو ويو.سندس ولادت جي تاريخ  9 ذوالحج 1228 هجري ۽ وفات جي تاريخ 9 ربيع الثاني 1308 هجري آهي

9- مير امام بخش خان:- هي مير  رستم خان اول جو پوٽو ۽ مير محمد حسن  جو وڏو  فرزند هو.مير محمد حسين خان کانپوءِ سڀني ٽالپرن جي برادري جي پڳ هن تي آئي ۽ انگيز سرڪار کيس  هزمائينسز جو لقب عطا ڪيو. هو پنهنجي پيءُ جي وفات کانپوءِ روهڙي تعلقي جي ٿر واري علائقي ۾ جنوجي جو شهر ٻڌي وڃي ويٺو.کيس ميرن پيرن ۽ راڄن ۾ وڏي عزت هوندي هئي ۽ وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي.هن جو دسترخوان تمام ڪشادو هوندو هو.حيدرآباد ۽ ميرپورخاص وارا مير به سندس وڏي عزت ڪندا هئا. اتر سنڌ جي سمورن ٽالپرن جي برادريءَ جو فيصلو پاڻ ڪندو هو ۽ سڀ کيس پنهنجو وڏو تصور ڪندا هئا. هن کي هيٺِين نالن سان اٺ پٽ هئا.مير رستم خان  ثاني- محمد حسن خان ثاني-غلام نبي خان – نصرت علي خان-مظهر حسين خان-غلام حسين خان- مهر نجف-غلام نجف خان ۽ لطيف حسين-انهن سڀني جو اولاد جنوجي ۽ روشن آباد ۾ رهي ٿو.

10- مير رستم خان ثاني:- هي مير امام بخش  جنوجي واري جو وڏو فرزند هو.پڻس جي وفات کانپوءِ  اتر سنڌ جي ٽالپرن جي پڳ هن تي آئي.وڏو لائق ۽ فائق انسان ٿي گذريو آهي. جتي ڪٿي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.حيدرآباد جي مير حسن علي خان ۽ نور محمد خان سان وڏي محبت هوندي هئي ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ڪمال عقيدت سان خطو ڪتابت جاري رکندا هئا. کيس سهراب خان ثالث، خادم حسين خان ۽ شفقت حسين خان نالي ٽي فرزند هئا.

هن 18 ذوالقعد، 1332 هجري مطابق 19 آڪٽوبر 1914ع تي خميس جي ڏينهن وفات ڪئي، سندس مزار قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ آهي.مير مهر نجف خان سندس وفات جو سال هن مادءِ حال مان ڪڍيو آهي:

جست سال وفات او چو خرد بلبل گلستان بهشت آمد 1332 هجري.

11- مير سهراب خان ثالت:- هي مير رستم خان ثانيءَ جو وڏو فرزند هو. راجن ڀاڳن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.سندس طبيعت فقيرانه هوندي هئي. سموري زندگي سادگي سانءَ گذاريائين. خيرپور جو حاڪم مير علي نواز خان کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ وڏيون منتون ڪري کيس پرچائي پنهنجو ڪري ڇڏيو هئائين. هن کان اڳ مير رستم خان جي اولاد مان ڪو به گادي نشين خيرپور جي ميرن سان رسوخ نه رکندو هو. هن پنهنجي پٺيان رستم خان  ثالث، غلام حسين خان ۽ امام بخش نالي  ٽي پٽ ڇڏيا.

23 رمضان 1382 هجري مطابق پهرين مارچ 1962ع تي وفات ڪئي. هن وقت سندس وڏو فرزند مير رستم خان ثالث عرف مير روشن سندس جانشين آهي.هو ڪڏهن جنوجي ‎۽ ڪڏهن روشن آباد ۾ رهندو آهي.

12- مير نصير خان:- هي مير مبارڪ جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد هو. مير رستم خان  هن جو سهرو هو ۽ انهيءَ تڪرار ۾ سندس طرف ورتو هئائين. اهو تڪرار  وڌندو وڌندو  سنڌ جي ميرن جي تباهي جو سبب بڻبو. نونارين جي جنگ انهي تڪرار جي نتيجي ۾ لڳي. جنهن ۾ مير علي مراد خان ڪامياب ٿيو.مير رستم خان  ڪجھ پنهنجي ۽ ڪجھ مير نصير خان  جي ملڪيت ڏيئي صلح ڪيو پر اهو پائدار نه رهيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريزن انهيءَ  دشمني جو فائدو  وٺي ميرن جي خانگي ڳالهين ۾ دست اندازي ڪئي ۽ مير مراد علي جو طرف ورتو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ مير نصير خان پنهنجي چاچي مير رستم خان سان ڪٺو هو ۽ جنگ هارائڻ کان پوءِ ٻين ميرن سان گڏ انگريزن جو قيدي ٿي ويو ۽ قيدي جي حالت ۾ پوني ۾ وفات ڪيائين. سندس ڀائر محمد علي خان فضل محمد خان، ولي محمد خان ۽ علي محمد خان به پنهنجي وقت جا هر دلعزيز شهزادا ٿي گذريا آهن. انهن سڀني جو اولاد روهڙي تعلقي جي شهر ڪنڌرا جي ڀرسان ٽنڊي علي آباد ۾ رهي ٿو. مير نصير خان جا ٽي پٽ مير علي مدد خان، علي حسين خان ۽ مريد احمد خان نالي ڇڏيا.

(13) مير علي مدد خان:- هي مير نصير خان جو وڏو پٽ هو ۽ پيءُ جي وفات بعد پنهنجي برادريءَ جي پڳ ٻڌائين. برطانيه جي گورنمينٽ به سندس هز هائينس جو خطاب بحال رکيو. هيءُ به هڪ وڏو برجستو حاڪم ٿي گذريو آهي. خيرپور جي مير غلام حسين خان ولد مير خان محمد وٽان شادي ڪئي هئائين ۽ لقمان جي ڀرسان آٽيريءَ واري بنگلي ۾ رهندو هو. کيس ڪوبه نرينه اولاد ڪونه هيو. مير علي نواز خان جي دور حڪومت ۾ وفات ڪري ويو.

(14) مير جان محمد خان:- هي مير علي مراد خان جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ پنهنجي والده سميت خيرپور ۾ رهندو هو. مير علي مراد خان کي سڀني کان پيارو هو. گهڻو ڪري کيس شڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکندو هو. هو شڪل شباهت ۾ سڀني شهزادن کان سهڻو هوندو هيو ۽ پڙهيل تمام ٿورو هيو ۽ فارسيءَ ۾ گهٽ مهارت رکندو هو.

ديني معاملات ۽ ماتم داري ۾ تمام گهڻو حصو وٺندو هو. خيرپور ۾ ماتم جي مجلسن ۽ جلسن وغيره جو انتظام سڀني ميرن کان وڌيڪ پيماني تي ڪندو هو. هو پنهنجي پٺيان هڪ فرزند غلام حسين خان نالي ڇڏي، تاريخ 21 ربيع الثاني 1306 هجري ۾ وفات ڪري ويو.

(15) مير خان محمد خان: هي مير علي مراد خان جو چوٿو نمبر فرزند ۽ مير جان محمد جو سڳو ڀاءُ هو. شڪل شباهت جو سهڻو ۽ بت ۾ ڀريل هوندو هو. هن به پنهنجي وڏي ڀاءُ مير جان محمد وانگر تعليم تي گهڻو توجهه ڪونه ڏنو. مير علي مراد خان جو مٿس تمام گهڻو پيار هوندو هو. کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو ۽ ڦوهه واني ۾ 16 جمادالثاني 1305 هجري ۾ وفات ڪري ويو.

سندس مزار مير سهراب خان جي مزار ڀرسان ساڄي طرف کان آهي.

(16) مير غلام مهدي خان: هي مير علي مراد خان جو ننڍي ۽ پياري ۾ پيارو پٽ هوندو هو. شڪل شباهت ۾ تمام سهڻو ۽ سڀني سان رلڻو ملڻو نوجوان هوندو هو. کيس ڪتن ۽ بازن ڌارڻ جو وڏو شوق هوندو هو ۽ شڪار تي تمام گهڻي دلچسپي رکندو هو. طبيعت جو اٻهرو هوندو هو تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ناروا حرڪتون به ڪري ويهندو هو ۽ مير علي مراد خان کي بلوچ سردارن اڳيان شرمسار ٿيڻو پوندو هو. هڪ دفعي بيمار ٿي پيو. کيس پهريائين درازن جي درگاهه تي کڻي ويا ۽ اتان راڻيپور ۾ آندائونس ته دم ڏنائين. سندس وفات جي تاريخ 14 ربيع الثاني 1308 هجري آهي.

(17) مير محمد مراد خان: هي مير شاهنواز خان جو اڪيلو فرزند هو. سندس ولادت 1849ع ۾ ٿي هئي. سنڌي ۽ فارسي علمن ۾ تحصيل ڪئي هئائين. سندس محفل ۾ عالم ۽ فاضل هيا. جن جي وڏي قدر داني ڪندو هيو. علمي ادبي محفلن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. شڪار جو به بيحد شوقين هو. هو سڀني صاحبزادن ۾ آزاد خيال، علم دوست ۽ خليق هوندو هو.

مير فيض محمد خان توڙي مير امام بخش خان ۽ ٻيا سمورا مير کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. سندس شخصيت ۾ وڏي جاذبيت هوندي هئي. پنهنجي پٺيان هڪ فرزند مير شاهنواز خان ثاني عرف علي ڏنو ڇڏي 22 شعبان 1337 هجري مطاب 23 مئي 1919ع تي وفات ڪري ويو.

(18) مير احمد علي خان: هي مير فيض محمد خان جو وڏو پٽ هو. هيءُ به تعليم ۽ مذهبي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. سندس هٿ جا لکيل بياض سندس ادبي ذوق جي ساک ڀرين ٿا. هو هڪ برجستو ۽ همٿ ڀريو امير ٿي گذريو آهي. پنهنجي والد بزرگوار جي زندگيءَ ۾ مير غلام حسن خان ۽ مير غلام حسين خان نالي ٻه پٽ ڇڏي 16 جمادي الثاني 1325 هجري مطابق 28 جولائي 1908ع ۾ وفات ڪري ويو.

(19) مير علي محمد خان: هي خيرپور جي حاڪم مير امام بخش خان جو فرزند ۽ مير علي نواز خان جو ڀاءُ هو. گهر ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ لاهور جي ايچيسن ڪاليج مان انگريزي تعليم ورتائين.

مير صاحب نهايت وجيهه، خوبصورت ۽ تندرست ماڻهو هوندو هو. سڀ سان خنده پيشاني ۽ تڪلفي سان هلندو هو. سنڌي، فارسي ۽ انگريزي زبان ۾ چڱي مهارت رکندو هو. وڏي شان ۽ شوڪت سان رهندو هو. وڏو مهمان نواز ۽ سخي ٿي گذريو آهي. خير خيراتون ۽ نذر نياز سندس زندگي جو معمول ٿي چڪو هو. گهوڙي سواريءَ سان چاهه رکندو هو ۽ سندس اصطبل ۽ اعليٰ قسم جا گهوڙا موجود رهندا هئا. شڪار جو به ڪافي شوقين هو. پراڻين بلوچي رسمن تي پوريءَ طرح پابند رهندو هو. ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان بنگلي جي شهر ۾ رهندو هو، جتي هاڻي به سندس اولاد رهي ٿو. مير محمد علي خان ۽ مير انور حسين خان نالي ٻه پٽ ڇڏي 1925ع ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش ڪربلا معليٰ ڏانهن ڏياري موڪليو ويو.

(20) مير غلام حسين خان: هي مير جان محمد جو اڪيلو فرزند هو. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ خيرپور جي پنهنجن وڏن جون روايتون قائم رکندو آيو. هن جي ڪوشش سان خيرپور جي شهر ۾ ماتم داري ۾ اڳ کان وڌيڪ اضافو آيو. کيس ادبي ۽ مذهبي ڪتابن جي مطالعي سان گڏ شڪار جو شوق به ڏاڍو هوندو هو. غلام مصطفيٰ شاهه شاهاڻي (ڪهري) جي فرزند درمحمد سان دوستي هوندي هيس. هو غلام رضا خان ۽ الله داد خان نالي ٻه پٽ ڇڏي، 7 جمادي الاول 1318 هجري ۾ وفات ڪري ويو.

(21) مير غلام رضا خان: هي مير علي مراد خان جي پوٽي مير غلام حسين جو فرزند هو. وڏو علم دوست ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو امير هو. جيڪو هڪ دفعو ساڻس ملندو هو تنهن کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. پنهنجي وڏن وانگر شڪار سان چڱو چاهه رکندو هو. پنهنجي پٺيان مير خان محمد خان، مير علي مردان خان ۽ مير مريد حيدر خان نالي ٽي فرزند ڇڏي، سن 1925ع ۾ وفات ڪري ويو.

(22) مير الله داد خان: هي به مير غلام حسين خان جو فرزند هو. پير خواه مير ۽ وزير کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. طبيعت جو تمام سنجيدو ۽ بردبار هوندو هو. پنهنجي ڀاءُ مير غلام رضا خان وانگر عالمن ۽ فاضلن جي عزت ڪندو هو. کيس ڪوبه اولاد نرينه ڪونه هو. ڪربلا معليٰ جي زيارت تان واپس ايندي پاڻي جي جهاز ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس خيرپور آندو ويو. سندس وفات جو سال 1921ع آهي.

(23) مير غلام علي خان: هي مير امام بخش خان جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ علي نواز خان جو ننڍو ڀاءُ هو. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن طرفان فوج ۾ شال ٿيو ۽ کيس ميجر جو عهدو ڏنو ويو. هن کي مير ميجر به سڏيندا هئا. هن پنهنجي ڀائٽي مير فيض محمد خان ثانيءَ جي ولي عهد تي اعتراض ورتو هو، مگر مير علي نواز خان جي ڪوشش سان سندس پٽ جي ولي عهد بحال ڪئي وئي. مير علي نواز خان جي وفات کانپوءِ به مير ميجر صاحب انهيءَ ولي عهد جي خلاف انگريزن وٽ پڪاريندو رهيو، مگر سندس سموريون ڪوششون رائيگان ويون. آخرڪار هو بنا اولاد جي وفات ڪري ويو.

(24) مير حاجي غلام حسين خان: هي مير علي نواز خان مرحوم جو سڳو سؤٽ ۽ مير احمد علي خان جو فرزند آهي. تمام پيرسن هجڻ جي باوجود نماز روزي جو پابند ۽ پرهيزگار شخص آهي. هي هڪ وڏو هر دلعزيز، دورانديش ۽ پراڻين روايتن کي قائم رکڻ وارو امير آهي. کيس تاريخ جي علم تي وڏي دسترس آهي. سندس فرزند مير عطا حسين خان سنڌ جي وزيرن مان هڪ آهي. مير صاحب پاڻ به ريجنسي بورڊ جو سينئر ميمبر رهي چڪو آهي.

(25) مير محمد علي خان: هي مير علي محمد خان جو وڏو فرزند هو. کيس مير وَڏن به سڏيندا هئا. هو روزي نماز جو پابند ۽ پرهيزگار شخص ٿي گذريو آهي. مير علي مراد خان ثاني جي رياست کان ٻاهر هجڻ وقت ريجنسي بورڊ جي پنجن ميمبرن مان هڪ ميمبر مير محمد علي خان به هو.

(26) مير نذر حسين خان:  هي مير علي محمد خان جو ننڍو فرزند هو. هڪ لااُبالي طبيعت وارو شهزادو هو، ڪجهه وقت خيرپور ۾ فاريسٽ آفيسر ٿي رهيو. هن وقت سندس فرزند مير امام بخش خان ميرن ۾ هڪ هر دلعزيز شخصيت آهي.

(27) مير علي ڏنو خان: مير علي مراد خان اول جي وڏي فرزند مير شاهنواز خان جو پوٽو ۽ مير محمد مراد خان جو اڪيلو پٽ مير علي ڏنو خان خيرپور رياست جي هڪ عظيم شخصيت آهي.هو هڪ وڏو مهمان نواز ۽ سخي مرد آهي. سندس اوطاق غريب غربي ۽ مسافرن لاءِ هميشه کليل هوندي آهي. مير صاحب ميلن ملاکڙن جو به شوقين آهي. راڄوڻن فيصلن ۾ به مير صاحب جي انصاف جو نالو ملڪن ۾ مشهور آهي، سندس خانداني نالو مير شاهنواز خان آهي.

وزير: خيرپور ۾ منڍ کان وٺي پڇڙي تائين هيٺيان وزير ٿي رهيا آهن:

(1) شير محمد خان: هي ذات جو ٻگهيو هو ۽ مير سهراب خان جو سڀ کان پهريون وزير هو. هو هڪ وڏو مدبر شخص ٿي گذريو آهي. سندس ايام ڪاري ۾ خيرپور جا افغانستان ۾ تمام سهڻا تعلقات هئا.

شير محمد خان شاهه شجاع الملڪ جي وقائع نگار مرزا عطا محمد جو مامو هو ۽ خيرپور جي اميرن وٽ سندس وڏو مرتبو هوند هو. ميرن جي طرفان افغانن جي درٻار ۾ سفير ٿي ويندو هو. جڏهن افغانستان جي تخت تي شاهه محمد ويٺو ۽ فتح خان وزير ٿيو، تڏهن به خيرپور جي ميرن طرفان شير محمد خان ڪابل ڏانهن سفير ٿي ويو هو.

(2) فتح محمد غوري: هي هڪ اسڪول ماستر جو پٽ هيو ۽ اُچ جي سادات جو مريد هو. ديني ۽ دنيوي علمن ۾ تحصيل ڪري بهاولپور جي نواب بهاول خان وٽ وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو. بهاول خان جي وفات بعد سندس پٽ جي حڪومت ۾ به وزيراعظم رهيو. هڪ دفعي نواب صاحب تي سندس هڪ امير سنجر خان اوچتو حملو ڪري ڀڄي ويو. نواب صاحب کي غلط فهمي پيدا ٿي پئي ته انهيءَ حملي ۾ فتح محمد خان جي به سازش هئي. نواب صاحب کي غصي ۾ ڏسي فتح محمد خان بهاولپور ڇڏي ملتان جي نواب مظفر خان وٽ اچي رهيو. جڏهن نواب مظفر خان رنجيت سنگهه سان مقابلو ڪندي مارجي ويو، تڏهن سک حڪومت طرفان فتح محمد خان کي نوڪري جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ ديري غازي خان جي رستي سنڌ ۾ هليو آيو جتي مير سهراب خان ۽ مير رستم خان سندس آڌر ڀاءُ ڪري، کيس پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو. مير رستم خان جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو(1).

سيد احمد بريلويءَ جي نامه نگار مولانا نصير الدين جي قبول موجب فتح محمد خان غوري اسلامي غيرت جي کاڻ ۽ ايماني غيرت جو خزانو هو. هو رياست خيرپور جي ساري ڪاروبار جو مختيار هوندو هو ۽ فوج جي چڙهائي به سندس ئي حڪم سان ٿيندي هئي(2).

جڏهن مير رستم خان انگريزن جي خوف کان ٿر ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن فتح محمد غوريءَ کي مير علي مراد خان جي وزير شيخ علي حسين گرفتار ڪيو هو ۽ هو ٻارهن مهينا قيد ۾ هو. نيٺ بهاولپور جي نواب، انگريزن جي معرفت ڇهه هزار رپيا ڀري هن کي آزاد ڪرائي، پاڻ وٽ وٺي ويو. هن کي وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن پيرسني سبب قبول نه ڪئي. بهاولپور جي نواب جڏهن 1848ع ۾ سک راجا مولراج جي سالي رنگرام سان لڙڻ لاءِ لشڪر موڪليو هو، ته ان وقت به لشڪر جو سپهه سالار فتح محمد خان غوري هو. هن پنهنجا آخري ڏينهن بهاولپور جي نواب کان مليل جاگير تي گذاريا.

(3) شيخ علي حسين: شيخ علي حسين ولد امام بخش هندستان جي شهر انڀٽا، ضلعي سهارنپور جو ويٺل ۽ پڙهيل نوجوان هو. روزگار جي سانگي آواره گردي ڪندو، بهاولپور ۾ آيو، جتي سندس ملاقات حافظ حڪومت خان سان ٿي، جيڪو هن کي رياست خيرپور ۾ وٺي آيو. هو حڪومت خان جي جاگير ’پيالي‘ ۾ رهندو هو. هن هڪ دفعي راڻيپور جي پير سيد غلام محي الدين شاهه کي مير صاحب ڏانهن هڪ درخواست لکي ڏني. مير صاحب درخواست جي مضمون کان متاثر ٿي لکندڙ جي گهر ڪئي، جنهن تي شيخ علي حسين کي مير صاحب وٽ پيش ڪيو ويو. مير صاحب مٿس راضي ٿيو ۽ پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيائينس. هو اتي ترقي ڪندو وزارت جي عهدي تي وڃي پهتو(1).

هن جي چارلس نيپئر جي منشي علي اڪبر سان ڏاڍي دوستي هوندي هئي، ۽ هن جي ئي معرفت مير علي مراد خان انگريزن وٽ سرخرو ٿيو. هو علي مراد خان سان ڀائرن جي برخلاف سمورين سازشن ۾ شريڪ هوندو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن مير علي مراد خان ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي، هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، پر وري به نيپئر جي سفارش سان سندس نوڪري بحال ڪئي وئي.

ٻئي دفعي مير علي مراد خان هن سان اڳوڻو برتاءَ ته رکيو. هو به انگريزن جو دادلو هو، تنهنڪري وڌيڪ آڪڙ ڪرڻ لڳو. نيٺ علي مراد خان هن کي موقف ڪري ڇڏيو.

آخرڪار منشي علي اڪبر ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏجي مير علي مراد خان جي برخلاف سازش ڪيائين جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن مير صاحب تي ڪميشن ويهاري، هن کان ڪافي ملڪ کسي ورتو. شيخ علي حسين پڇاڙي جا ڏينهن بمبئي ۾ سخت تنگيءَ جي حالت ۾ گذاريا. ان هوندي به انگريزن جي طرفان هن کي ماهوار ٻه سؤ رپيا پينشن ملندي هئي.

(4) قادر داد خان: هي پٺاڻن جي مشهور ڪاڪڙ قبيلي مان هو. سندس وڏا واپار جو ڌنڌو ڪندا هئا. هو اڃا ننڍڙو هو، جو سندس والد چورن هٿان مارجي ويو. هن کي سندس ماءُ ۽ مامي رحمت الله خان ڪافي پڙهايو، پر جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو، تڏهن کيس روزگار لاءِ هٿ پير هڻڻا پيا، ۽ هو اٺن روپين ماهوار پگهار سان دفتري ٿيو، جتان محنت ڪري منشي، هيڊ منشي ۽ مختيارڪار جون منزلون طئي ڪندو وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. 1894ع ۾ انگريزن جي سرپرستي سان خيرپور جو پهريون وزير مقرر ٿيو. هن رياست جو پراڻو نظام بدلائي نوان سڌارا عمل ۾ آندا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. حاڪم توڙي رعايا سڀني جو پيارو هو. تاريخ 31 مئي، 1903ع تي وفات ڪيائين.

هو هڪ وڏو سخي ۽ فياض ماڻهو ٿي گذريو آهي. هميشه بيواهه عورتن ۽ يتيم ٻارن جي مدد ڪندو هو. غريبن لاءِ پنهنجي پگهار مان ماهوار وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئائين.

(5) سردار محمد يعقوب خان: هي محمد اسماعيل خان جو پٽ هو. سندس وڏا بني اسرائيل مان هئا ۽ حيدرآباد دکن ۾ رهندا هئا. محمد اسماعيل انگريزن جي بلوچ ريجيمينٽ ۾ صوبيدار ميجر هو، جيڪو 1856ع ۾ مسلمان ٿيو. عمر جو آخري حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريائين. کيس محمد يعقوب، محمد دائود، محمد يوسف ۽ محمد ابراهيم نالي چار پٽ هئا. چارئي پڙهي پختا ٿيا ۽ سرڪاري عهدن تي اچي ترقي ڪيائون. محمد يعقوب 1858ع ۾ ڄائو، 1875ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري منشي ٿيو. ايمانداري ۽ محنت سان ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو. آخرڪار 1903ع ۾ رياست خيرپور جو وزير ٿيو. کيس تعميراتي ڪمن ۽ تعليمي سڌارن سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. قادر داد خان جا رهيل ڪم پورا ڪري، ڪافي نوان سڌارا ڪيائين. هو پنهنجي وقت جو وڏو مدبر ۽ هردلعزيز ڪامورو ٿي گذريو آهي. تاريخ 24 جنوري، 1907ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار حيدرآباد ۾ آهي(2).

(6) شيخ صادق علي: هن جي والد جو نالو شيخ شير علي هو. هو سهارنپور جي انصاري خاندان مان هو. سندس والد انگريز سرڪار جي نوڪري ۾ دفتردار هو ۽ سندس چاچو شيخ جعفر علي مير علي مراد خان جي وزيرن ۾ شامل هو. سندس خاندان وارا شڪارپور ۾ رهندا هئا. صادق علي خان تاريخ 17 آڪٽوبر، 1873ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري انگريزن جي حڪومت ۾ منشي ٿيو، جتان ترقي ڪري وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. تاريخ 11 مئي 1907ع تي رياست خيرپور جو وزير ٿيو. هو هڪ وڏو مدبر، ننگ پرور، خدا پرست ۽ فياض ڪامورو ٿي گذريو آهي. رياست ۾ ڪافي سڌارا ڪيائين. تاريخ 19 اپريل، 1912ع تي وفات ڪري ويو(1).

(7) محمد ابراهيم خان: خان صاحب محمد ابراهيم خان، سردار محمد يعقوب خان جو ڀاءُ هو. تاريخ 4 نومبر، 1874ع تي ڄائو. مئٽرڪ پاس ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. وڏو محنتي، جفاڪش، ۽ آزمودگار ڪامورو هوندو هو. مختلف عهدن تي رهي، 1906ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. تاريخ 22 مئي، 1912ع تي رياست خيرپور جو وزير مقرر ٿيو. رياست  ۾ تمام گهڻا سڌارا ڪيائين. ديني ڪمن ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو هو. 1920ع ۾ مير امام بخش خان سان ناسازي سبب استيعفيٰ ڏيئي هليو ويو(2).

(8) شيخ محمد قادر: هي هندستان جي سورت شهر جو ويٺل هو. تاريخ 12 جون، 1876ع تي ڄائو، وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1901ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ آيو. منشي، مير منشي، ٽرانسپيٽر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي مختلف عهدن تي سنڌ ۾ رهيو. آخرڪار تاريخ 15 جولاءِ، 1920ع تي رياست خيرپور جو وزير ٿيو(2).

هو هڪ وڏو مهمان نواز، مسلماني جذبي سان ڀرپور، ۽ سخي ڪامورو ٿي گذريو آهي، رياست ۾ ڪافي سٺا ڪم ڪيائين(3).

1925ع ۾ ميرعلي نواز خان، مٿس ناراض ٿيو، تنهن ڪري استعيفا ڏيئي هندستان هليو ويو ۽ رتناگري ضلعي جو ڪليڪٽر ٿي رهيو.

(9) شيخ محمد يعقوب: هي فاروقي خاندان مان هو ۽ هندستان جي شهر احمد نگر جو ويٺل هو. سنڌ ۾ مختلف جڳهين تي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ شيخ محمد قادر جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد رياست خيرپور جو وزير ٿيو. هو هڪ برجستو ڪامورو ۽ هوشيار ماڻهو هو. رياست ۾ ڇهه مهينا کن رهيو، پر علي نواز خان جي نااتفاقي سبب استعيفيٰ ڏيئي هليو ويو(1).

(10) ٽانٽن: مسٽر آءِ ايڇ ٽانٽن رياست خيرپور جو پهريون انگريز وزير هو. جڏهن مير علي نواز خان وٽ ڪائونسل به ڪامياب نه ٿي سگهي، تڏهن وري وزير جي گهر ڪيائين. 1930ع ۾ انگريزن ٽانٽن صاحب کي وزير ڪري موڪليو. هو سنڌي زبان به ڄاڻندو هو. اچڻ سان مير صاحب کي پنهنجو ڪري ويو ۽ ٻه سال کن رياست ۾ رهي، ڪجهه سڌارا ڪيائين. ٻن سالن کان پوءِ مير صاحب جي نااتفاقي سبب 1932ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي هليو ويو(2).

(11) سليڊن: ٽانٽن جي وڃڻ کان پوءِ ٻيو انگريز جي ايم سليڊن صاحب رياست جو وزير ٿي آيو، جيڪو 1937ع تائين ڪاميابيءَ سان رهيو. هن رياست ۾ ڪافي سڌارا آندا، ۽ گهڻي غير آباد زمين کي آباد ڪرايو. هن جي ڏينهن ۾ پنجاب کان ڪافي ماڻهو اچي ويٺا هي به 1937ع ۾ هليو ويو(3).

(12) سيد اعجاز علي: مسٽر سليڊن جي وڃڻ کان پوءِ وري مسلمان وزير سيد اعجاز علي آيو. هو هندستان جي ضلعي ڀرت پور جو باشندو هو. سندس ولادت سادات جي گهراڻي ۾ سن 1881ع ۾ ٿي. عليڳڙهه يونيورسٽي مان گرئجوئيٽ ٿي سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. هندستان جي مختلف شهرن ۾ انتظاميه جي مختلف عهدن تي رهي، جولاءِ 1936ع ۾ رٽائر ڪيائين. 1937ع ۾ ميرن جي استدعا تي کيس خيرپور جو وزير بنايو ويو. هو خيرپور ۾ پورا ڏهه سال وزير رهيو ۽ ڏاڍي دٻدبي سان حڪومت ڪيائين. رياست جيڪا اڳ قرض ۾ پوريل هئي، تنهن کي قرض کان آجو ڪري ڪافي فنڊ ڪٺو ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ رياست تمام گهڻي ترقي ڪئي. آخرڪار 1947ع ۾ هن جي خلاف ميرن ۽ سندن ماڻهن جي تحريڪ شروع ٿي ۽ هو هليو ويو.

(13) مرزا ممتاز حسن قزلباش: هو 1897ع ۾ آگري ۾ پيدا ٿيو، علي ڳڙهه ڪاليج ۽ الله آباد يونيورسٽي مان گرئجوئيٽ ٿي سرڪاري نوڪري ۾ آيو. مختلف جڳهين تي انتظاميه جا عهدا ماڻيائين. هو ميرن جي استدعا تي خيرپور  آيو ۽ وزير ٿي رهيو. هن جي ڏينهن ۾ ئي خيرپور ۾ آئين ساز اسيمبلي قائم ٿي، جنهن ۾ بنا مقابلي چونڊجي آيو ۽ وزير اعظم ٿي رهيو. هن جي ايامڪاريءَ ۾ رياست اڳي کان به وڌيڪ ترقي ڪئي. هتي ڪافي ڪارخانا ٺهيا ۽ ٻيا سڌارا ٿيا، مگر 1955ع ۾ رياست کي ختم ڪيو ويو ۽ قزلباش صاحب ويسٽ پاڪستان ۾ وزير ٿيو. سن 1970ع ۾ حج تي ويو ۽ مديني ۾ وفات ڪيائين .


(2) خانداني شجرو-

(3) مزار تي ڪتبو.

(4) خانداني شجرو.

(1) خانداني شجرو.

(2) مزار تي ڪتبو.

(3) ايضاً

(1) Langley: op.cit. vol. P, 248

(2)   مزار جو ڪتبو.

(1)  بشارت علي زيندي، ”تاريخ دارا- سرور خيرپور“ ميراعظم، براد آباد، 1915ع ص 158

(2)  بياض قاضي غلام قادر، ساڪن ٽالپر وڏا.

(3)  بياض قاضي غلام قادر، ساڪن ڳوٺ ٽالپر وڏا.

Administration Report of Khairpur State for 1907.

(1)  بشارت حسين زيدي، ”تاريخ دارا سرور خيرپور“

(2)  بياض قاضي غلام قادر، ساڪن ٽالپر وڏا.

(3)  زباني روايت مير مريد حيدر خان ٽالپر، ساڪن خيرپور ميرس.

(4)  ايضا

(1)  زباني احوال: وڏيرو احمد بخش خان سابق توشڪي مير علي نواز خان.

(2)  عيني مشاهدو.

(3)  زباني احوال مير امام بخش خان، ساڪن بنگلو.

(1)  عيني مشاهدو

(2)  دوست محمد خان مير ”سر گذشت ٽالپران“ ۾ حوالو ڏنل آهي.

(3))  ايضا.

(4)   عطا محمد منشي، مرزا: ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“ حوالو ڏنل آهي، ص 6.

(1)  ممتاز حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر: ”ڪئپٽن ايسٽوڪ جي ڪتاب جو ترجمو“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد،1973ع ص 317 کان 319.

(2)  غلام رسول مهر: ”سر گذشت مجاهدين“ ڪتاب منزل لاهور، 1956ع ص 165.

(1)  امير علي شاهه، سيد ”رياست خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص، 84 ۽ 185.

(2)  قليچ بيگ، ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 96.

(1)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي،ص 181 کان 184.

(2)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 184 کان 186.

(1)  قليچ بيگ، مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 187 کان 189.

(2)  قليچ بيگ مرزا: ”رياست خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 192 کان 194.

(2)  علي محمد راشدي پير: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، حوالو ڏنل آهي، ص51.

(1)  قليچ بيگ مرزا، ”رياست خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص 192کان 194.

(2)  امير علي شاهه سيد: ”رياست خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص 125.

(3)  ايضا

(1)  نسيم امروهوي: ”رياست خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص 159.

(2) راقم الحروف جو ذاتي مشاهدو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org