اسان جا پيارا شاعر! اسان تنهنجو انتظار ڪري رهيا
آهيون، توکي ڀٽ شاهه تي ڀٽائي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو
آهي، پر الائي ڇو، توکي
Past
(ماضيءَ) ۾ لکندي ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿئي. ڇا تون اهو
ماڻهو آهين، جيڪو ٽي ڏهاڪا اڳ، اهڙي قافلي سان گڏ
وائيس چانسلر جي حيثيت سان ڀٽ شاهه تي ڀٽائي جي
حاضري ڀرڻ آيو هئين؟ ۽ اڄ هتي تنهنجي لحد کوٽجي
رهي آهي، جتي تون پنهنجي هڪ (پياريءَ“ سان، اڌ رات
تائين علڻ فقير جي آواز ۾ روبرو ويهي پنهنجي وائي
”عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن آيو جهول ڀري، ڪوئي
ڪيئن ڪري،“ ٻڌي هئي.)وقت واءُ جي پرن تي اڏامي ٿو-
۽ هاڻي تون ان شخص جي ڀر ۾ دفن ٿيڻ اچي رهيو آهين،
جنهن کي تو پنهنجي پوري زندگي جي رپورٽ ڏيڻ چاهي
هئي، ۽ تون پنهنجي اها چوڻي، ڪيتري نه درست ثابت
ڪئي آهي! اڄ اسان تولاءِ گل جهليو بيٺا آهيون،
آرائين وانگر ۽ توکي هتي پهچڻو آهي، ڀٽ شاهه کي
خاموش هئڻ گهربو هو. پوري سنڌ کي خاموش هئڻ گهربو
هو، ايترو خاموش، جيترو خاموشي سان شامن جو ميڻ
بتيون ٻرنديون آهن، پر برابر ڀٽ شاهه جي هوٽلن تي
صبح جو فوزيه سومرو جا رڪارڊ هلي رهيا آهن.
12-
ٿيا آهن، ڪراڙ ڍنڍ ۾ بدڪون پنهنجو سير سرڪل پورو
ڪري چڪيون آهن ۽ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ صحافي قطار
ٺاهيو بيٺا آهن. (پر اهي ڏاڍو محدود آهن) قطار ۾
ڪامريڊ غلام رسول سهتو چئي رهيو هو، ”رسول بخش
پليجي اڄ لکيو آهي ته مون شيخ اياز کي ڊسڪور ڪيو ۽
مون هن کي شاعري تي آندو. ڇا ڀٽائيءَ کي به هن
شاعري تي آماده ڪيو هو؟“هن جا غصي ڀريا سرد
ڪمينٽس، اسان جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندا ٿا
وڃن....”رسول بخش پليجي هن جي موت تي به پاڻ
کي”ايڪسپوز ڪيو. هڪ ٻيو سرد ڪمينٽ؛اياز! هي تنهنجا
دوست، تنهنجي آخري گهڙين ۾ به تنهنجا ڪلهي ڪانڌي
نه ٿيا، عبدالواحد آريسر به نه آيو...ڊاڪٽر قادر
مگسي به نه آيو(جيڪو بهرحال تنهنجو دوست نه هو)...
سنڌ جي سموري سياست، جنهن کي تو اتساهيو هو، جيڪا
سياست، حڪومتون وڃڻ مهل ”ايڪٽو“ ٿيندي آهي، انهن
جا ”ڏوٿي سنڌي“ ،”مزاحمتي جنگ جا سرواڻ“، توڻي،
”چوٿين دنيا جا مفڪر“، ڪير به نه آيو ڇا اهو تون
ساڳيو ماڻهو آهين ، جنهن هزارين ماڻهن جي اڳيان
پنهنجي آواز ۾ ”دودي سومري جو موت“ ”رني ڪوٽ جا
ڌاڙيل“ وارا سنگيت ناٽڪ پڙهيا هئا؟
تاج
جويو چئي رهيو آ؛ قافلو اچي ويو آ(”خانا بدوشو! ٿا
نيو- ڪيڏانهن آخر قافلو“) هڪ سوزوڪي ۾ لائوڊ
اسپيڪر لڳل آهي، جنهن ۾ غمزده آواز ۾ اڳيان ويٺل
سرخ- رومال ويڙهيل نوجوان ”غمزده- اعلانيه“ڪري
رهيو آهي، ان جو نالو اظهار سومرو آهي، پويان
ايمبولينس آهي، جنهن ۾ تنهنجو ميت اجرڪ ۾ ويڙهيل
آهي، ۽ ان ايمبولينس اندر غلام رباني آگرو ۽
تنهنجا ٻه پٽ سليم ۽ انيس ويٺا آهن.ها، انهن ۾
مونس اياز به ته ويٺل آهي!
اسان مان ڪيترائي روئي رهيا آهن ۽ اسان توکي سڏڪن
۾ ايمبولينس مان لاهي، ڀٽ شاهه جي مقبري ۾ کڻي وڃي
رهيا آهيون، جتي تنهنجي جنازي نماز آهي، مان ماڻهن
۾ نصير مرزا کي ڳولهڻ لڳان ٿو، هو ڪاري چادر
اوڙهيل، مون کي نظر اچي وڃي ٿو ۽ مان هن کي ڀاڪر ۾
ڀريان ٿو...(”ڪير توکان ڀڄي ڪيستائين ڀڄي؟“)
ابراهيم جويي، غلام رباني، تاج جويي، بيدل مسرور،
سليم، انيس ۽ مدد علي سنڌي ۽ ٻين جي انتظام ۾
ڀٽائي جي مقبري اندر تنهنجي جنازي نماز ٿي رهي
آهي، مان سوچي رهيو هوس ته تو ٻيو دفعو ڀٽائي جي
حاضري ڀري به ته ڪهڙي انداز ۾!؟
ڀٽائي جي مقبري مان جڏهن توکي ڪراڙ ڍنڍ ڏانهن نيو
ٿي ويو ته مون کي تنهنجو اهو نظم ياد اچي وڃي ٿو
ته؛
”چڱو ڀٽائي! آئون هلان ٿو،
مان
تنهنجو احسان وساريان،
سو
ناممڪن آهي سائين“
رئندي رئندي، انور فگار هڪڙو مون کي ڀاڪر ڀري چئي
ٿو، ”امداد، تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات اياز سان نه
ٿي سگهي- مان ٽيليفون ڪندو رهيس ۽ اتان ڪنهن فون
اٽينڊ ئي نه ڪئي ٿي. هو اسان کان رسي ويو.“ ڀٽائي
جي روضي ۾ توکي ديدار لاءِ رکيو ويو... مون توکي
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو ۽ سڄي عمر جي خواهش
پوري ٿي به ته ڪيئن؟ تنهنجون اکيون ٻوٽيل آهن ۽
اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته، خواهشن جي ايوانن ۾
ڀٽڪندڙ
Resultless
ٿين ٿا.
اسان ڪراڙ ڍنڍ لڳ تنهنجي لحد تائين پهچي ويا
آهيون. هاڻ اسان توکي ان ”ماءُ“ حوالي ڪري رهيا
آهيون، جنهن سان تو سدائين محبت ڪئي ۽ تو چيو ”مٽي
اول، مٽي آخر، مٽي زنده آباد“. سمورن طعنن،
شڪايتن، بي شرم تنقيدي تبصرن کان بي نياز، تون
ابدي ننڊ ۾ آهين ۽ اها تنهنجي ننڊ اهڙي ننڊ ناهي،
جهڙي جڏهن تو 1963ع ۾ دهليءَ کان ڪراچي ڏانهن
ايندي هوائي جهاز ۾ ڪئي هئي ۽ رشيد ڀٽيءَ توکي
وارن کان وٺي اٿاريو هو، يا بقول تنهنجي، ”مون سڄي
عمر ائين ننڊ ڪئي آهي، جيئن نپوليئن بونا پارٽ
جنگي حملي دوران هلندڙ گهوڙي تي اک لائي وٺندو
هو.“
اسان جا شاعر!.... هاڻ نصير مرزا هيٺ تنهنجي لحد ۾
لهي چڪو آهي، (اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته هي شخص
جو ايترو بهادر به آهي!؟) ٻيو تنهنجو پُٽ سليم،
مونس، سرمد، انيس، انور فگار هڪڙو، اسان سڀ
”ڪنڌيءَ“ تي رهجي وڃون ٿا... مون توکان پيرن تي هٿ
رکي موڪلايو ۽ زندگي ۾ پهريون ۽ آخري دفعو تنهنجي
گهاٽن ڀروئن کي ڏٺو ۽ پيشانيءَ تي ”الوداعي هٿ“
سان ڇيهو....
اياز هاڻ تون محفوظ آهين! دل جي بيماريءَ کان-هر
ان شيءِ کان، جيڪا توکي ڏک پهچائي سگهي ٿي، توکان
دور ٿي چڪي آهي.اسان برابر تنهنجي معاملي ۾ قصور
وار نڪتاسين ۽ جڏهن توتي مٽي وڌي ٿي وئي، اظهار
سومري جون
Death-Tunes
وڌي ويون ۽ هو دل ڏاريندڙ نموني روئي رهيو هو، مون
کي خبر ئي نه هئي ته منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪڏهن
کان وهي رهيا آهن.اوچتو ڪوئي مون کي ڳچيءَ ۾
زبردست ڀاڪر وجهي ڇڏي ٿو ۽ پيل ان اجنبي شخص جي هٿ
تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيان ٿو.... پريان قاضي منظر
حيات اوڇنگارون ڏئي رهيو هو. منهنجي ڀرسان بيٺل
اياز جو پٽ انيس روئي رهيو هو. مون کي الائي ڪيئن
اياز جو ٻيءَ گهر واري اقبال مان ذهين ۽ جينيئس پٽ
مونس (جنهن اياز جا ڪيئي نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو
ڪيا هئا)، نظر اچي وڃي ٿو ۽ مان هن کان پڇان ٿو: ”
Are you Monus
“
”جي“، هو چوي ٿو ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي اجنبي اکين ۾ ڏک
ڏسي ڀاڪرين پئجي وڃون ٿا......
اياز اسان تنهنجا نوجوان روحاني پٽ – توکي لڙڪن جي
ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون.احمد سولنگي،ڪاري لباس ۾ آهي
۽ مسلسل روئي رهيو آهي، حسن درس روئي رهيو
آهي.نثار حسيني، زيب نظاماڻي روئي رهيا آهن. اياز
جانيءَ جا سڏڪا،منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندا رهن ٿا.
اسان،جن ۾ اڃا تنهنجي شاعري رت وانگر ڊوڙي رهي
آهي، زندگيءَ جي اڄوڪي ڏيهاڙي تي پاڻ کي ڏاڍو
ڪمزور محسوس ڪيون ٿا....اوچتو اظهار سومرو مون کي
ڏسي ٿو ۽ چئي ٿو:”امداد، اياز مري ويو آهي، اڙي
هيءُ اسان کي ڇڏي هليو ويو.....اڙي سنڌ ۾ هاڻ اهڙو
وڏو ماڻهو ٻيو ڪو آهي؟“ اسان هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾
سڏڪن ۾ پئجي وڃون ٿا ۽ اوچتو زيب نظاماڻي،اسان کي
آٿت ڏئي الڳ ڪري ٿي، جيڪا به روئي نڍال ٿي چڪي
آهي- ۽ ٻيو الطاف آگرو....حسن درس سان مظهر لغاري
به ته روئي رهيو آهي ۽ صادق فقير ڳائي رهيو آهي:
”سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ
چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.“
سڀ
اهو ڳائن ٿا،وري بيدل مسرور ۽ صادق فقير،”سنڌ ديس
جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان،“ ڳائن ٿا ۽ سڀ يڪ
آواز ٿي اهو ڳائڻ لڳن ٿا....۽ جڏهن بيدل اياز جو
اهو نظم ڳائي ٿو ته:”ڌرتي!منهجي چمي، توکي اڌ ۾
رهجي ويندي،“ ته سڀني کان سڏڪا نڪري وڃن ٿا.....
اياز! تنهنجي پورجڻ کان پوءِ تڏهن بدمزگي ڦهلجي
وڃي ٿي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران لحد تي
گلن جي چادر چاڙهي وڃي ٿي- مدد علي سنڌي،ابراهيم
راڄپر ۽ اظهار سومرو انهن کي چادر چاڙهڻ ۽ انهن جو
”اعلان“ ڪرڻ کان روڪين ٿا....سنڌ يونيورسٽي، جنهن
۾ اياز 3-سال وائيس چانسلر رهي چڪو آهي،ان هڪ
ڏينهن لاءِ موڪل نه ڪئي،جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽيءَ
سرڪار طور موڪل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي، اهڙي
يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ ڪنهن ”هلڪڙي ۽ لٻاڙي
ڪامريڊ“ جي مرضيءَ تي امتحان ملتوي ٿي سگهن
ٿا.هفتن جا هفتا يونيورسٽي بند ٿي وڃي ٿي، پر اها
يونيورسٽي پنهنجي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سنڌ جي
ڀٽائي جيتري شاعر جي موت تي موڪل نه ٿي ڪري:Hell…Hell…
اياز! تنهجي لحد تي گلاب نڇاور ڪيا ويا آهن ۽
گلدستا رکيا ويا آهن.هڪ گلدستي تي لکيل آهي: ”اياز
مرڻو ناهي“، ۽ ٻين تي به الائي ڇا ڇا لکيل آهي!
آخري دفعو تنهنجي سيرانديءَ کان بيدل ۽ نصير مرزا
وارا ڌيمي ماتمي آواز ۾ ٻيهر ”سنڌ ديس جي ڌرتي
توتي پنهنجو سيس نوايان،مٽي ماٿي لايان“ڳائن
ٿا.تنهنجي لحد مان گلاب جي پتن، رابيل جي
پتن،نازبو ۽اگربتين جو واس اچي رهيو آهي.اسان جو
ساهه ان ۾ سمايل آهي......تنهنجي سيرانديءَ کان هڪ
گل کڻي، مون کي اظهار سومرو ڏئي ٿو، ۽ مان پنهنجي
ڪاري شرٽ جي کيسي ۾ اهو سدائين لاءِ محفوظ ڪري
ڇڏيان ٿو....(”اسان سڀ ڄڻ ته اهڙو نسل بڻياسين،
جيڪو ڪتابن ۽ ڊائرين جي ورقن ۾ رهجي ويندو آهي:
مرجهايل باسي خوشبوئن جهڙو ۽ ڇڻندڙ ذرڙن جهڙو.
اسان ڄڻ ته اهڙو اداس نسل بڻياسين، جن جا سڏڪا ۽
دانهون، ڪراڙ جي ڪپ تي، ڪنهن عظيم ويسر ۽ بي
ڌيانيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن“!)
پڄاڻيءَ جي ڪٿا:
پڄاڻي جي ڪٿا ڪهڙي آهي؟ اياز، تنهنجي ڀنل قبر جي
مٽيءَ ۽ واسيل گل-ڪراڙ جو ڪپ ۽ پريان ڀٽائي
مقبرو.خبرون....تصويرون،پر حسن درس چئي ٿو: ”اياز!
رڳو مڙهه ته ڪونه هو، جنهن کي دفنايو وڃي! هو ته
خيال آهي ۽ خواب آهي. هو نظم آهي ۽ هن کي ڪيئن
ٿو دفنائي سگهجي؟“ اياز! تنهنجي آخري سفر ۾ وڏن
۽معتبرن نالن وارن جو نه اچڻ ۽ اها سنڌي ماڻهن جي
بيحسي، مون کي پڄاڻيءَ واري ڪٿا“ لکڻ کان روڪي رهي
آهي. هونئن به تنهنجو موت”هڪ دل جي شڪست“ وانگر
آهي ۽ ان جي شڪايت ڇا لاءِ ؟پر ”پڄاڻيءَ جي ڪٿا“
اها به آهي ته تو پنهنجي ”آخري“ شايع ٿيل ڪتاب
”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ جو انتساب ڀٽائي کي ڪيو
هو(۽ اهو ڪيترو نه پيارو اتفاق ٿي آيو آهي.
زندگيءَ جا اسرار سمجهڻ ڪيترو نه مشڪل آهي!) ۽
لکيو هو: ”تنهنجي جتيءَ جي مٽي-شيخ اياز“! پر هاڻ
اسين توکي دفنائي آيا آهيون-ان ڪري موت تي ڪائي
ميار ڪانهي ۽ زندگي ته وسيع آهي ۽ وساري ڇڏڻ جي
صلاحيت رکي ٿي. ۽ هاڻ اسان چونداسين: ”هتي اُهو
پوريل آهي، جنهن جي جتيءَ جي مٽي، اسين آهيون.“
(30
ڊسمبر روزانه عبرت)
حيدرآباد ۾ شيخ اياز جي مرتئي تي اديبن
جو
تعزيتي ميڙاڪو
اياز جا نقاد ذاتي نه اجتماعي مفاد نظر ۾ رکن:
ابراهيم جويو
سنڌ
جي عظيم شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ ڀٽ شاهه ڪلچرل
سينٽر، سنڌيالاجي، سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻولي جي
بااختياري اداري ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران 29ڊسمبر
تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزيم ۾ هڪ تعزيتي
ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائز
سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري تاج جويي
سرانجام ڏنا.
ان
موقعي تي خطاب ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽
نامياري دانشور محمد ابراهيم جويي چيو ته شيخ اياز
کي جيڪا مڃتا سندس زندگيءَ ۾ ملي آهي، اها تمام
گهٽ ماڻهن کي ملي هوندي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن
مٿان تنقيد ڪئي وڃي ته اها بجا هئڻ گهرجي بيجا
نه.شيخ اياز تي تنقيد ڪرڻ وارن جو تعداد گهٽ ۽
مداحن جو وڌيڪ آهي. نقاد کي پنهنجي ذاتي مفادن
بدران سماجي ۽ اجتماعي مفادن کي نظر ۾ رکندي تنقيد
ڪرڻ گهرجي. اها تنقيد جيڪا ماڻهو پنهنجي مفادن
لاءِ ڪري ٿو،اُها بيجا آهي. شاعر اهو وڌيڪ سُٺو
آهي جيڪو سادي ٻوليءَ ۾ گهڻو فڪر سمائي. هن موقعي
تي شيخ اياز جو هڪ غزل پڙهيو ۽ ان جي تشريح پڻ
ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پنهنجي تقرير ۾ چيو ته شيخ اياز کي بنائڻ ۾ گهڻي
حد تائين محمد ابراهيم جوئي جو هٿ آهي.ڪنهن به
ڳالهه کي وزن ۽ توازن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو
ته ڳالهه کي گهٽائي بيان ڪجي،وڌائڻ نه گهرجي.
تنقيد جي اصولن، اياز جي ماحول جي روشني، سندس
حالتن جي روشني ۽ ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي اياز
کي پرکڻ گهرجي. هن چيو ته اياز نئين دور جي
شاعريءَ جو اڳواڻ آهي. نامياري سياستدان، اديب ۽
دانشور رسول بخش پليجي چيو ته اياز کي عالمي سطح
تي متعارف ڪرائڻ لاءِ انهيءَ جي لکڻين جو، ترجمو
ڪرڻ گهرجي. پر اسان وٽ ترجما ناقص ٿين ٿا انهن کان
بهتر آهي ته ترجما ڪجن ئي نه.هن چيو ته جن ماڻهن
تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيئريون جوڙيون ويون آهن، انهن ڪو
خاص ڪم نه ڪيو.هن چيو ته هتي شين جي ڇنڊ ڇاڻ کي
عيب بڻايو پيو وڃي.اياز سان پرستش وارو نه پر عملي
ڳانڍاپو هئڻ گهرجي.اياز کي گهلي هڪ گروهه جي ملڪيت
بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته شاعر ۽ سچا
ماڻهو مرندا ناهن.انهن کي پوڄا جي ڪابه ضرورت
ناهي. اهي صدين کانپوءِ پاڻ کي پاڻ جياريندا
آهن.هن چيو ته شاعر ۽وڏا ماڻهو حالتون پيدا ڪندا
آهن ۽ حالتون انهن کي پيدا ڪن ٿيون. اياز پنهنجي
دور کي ٺاهيو ۽ حالتن ان کي ٺاهيو. اسان کي اياز
جي سمورن پاسن جي باري ۾ نقطه نظر پيش ڪرڻ
گهرجي.هن چيو ته اياز کي نوبل انعام ملڻ گهرجي ها
پر نوبل پرائيز هميشه حقيقي باغي ماڻهن کي مليو ئي
ناهي. هن چيو ته اڳ ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪرڻ جي
ضرورت آهي، جيڪي اياز کي پڙهي ۽ سمجهي سگهن. سنڌي
ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ۽ نامياري ڪهاڻيڪار غلام
رباني آگري چيو ته ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي
اڳواڻي جي جيڪي دعويٰ ڪن ٿا انهن مان ڪوبه اياز کي
دفنائڻ وقت موجود نه هو. سنڌي ٻولي اختياريءَ جي
چيئرمين حميد سنڌي چيو ته ڪنهن شاعر ۽ اديب جو فڪر
اتان جي رهاڪن کان پري ناهي. هر فڪر ماڻهن وٽ
مشاهدي هيٺ آهي ۽ وري اتان جو ماحول ۽ ماڻهو فڪر
جي مشاهدي هيٺ آهن. اياز کي نوبل انعام ۽ ٻين
اعزازن جي نه بلڪه عشق وارن جي جذبن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته نوجوان اديب ڪلاس هلائين ۽ پاڻ سان گڏ
ادبي هٿيار سنڀالين. نامياري شاعر تاجل بيوس چيو
ته اياز جون ڪيتريون ئي شيون هن وقت ڪلاسڪس بڻجي
چڪيون آهن. اياز پنهنجي ٽهيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر
آهي اسان کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيون ها ته
وڌيڪ بهتر ٿئي ها. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي
سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر شمشيرالحيدري چيو ته جي
ايم سيد،محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز سنڌ جا تمام
وڏا ماڻهو آهن. جن صحيح نموني ۾ سنڌي ماڻهن جي روح
کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. اياز مغرب ۽ مشرق جي ادب
۽شاعريءَ جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪري اهي شيون اسان
کي سمجهايون. قومپرست سياستدان عبدالواحد آريسر
چيو ته ڪي شاعر اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي
شاعريءَ سان ملڪ کي زنده رکي سگهن ٿا اهي شاعر
صدين تائين زنده رهن ٿا . شاهه لطيف سنڌيءَ شاعري
کي گهڙي ٺاهيو ۽ شيخ اياز ان کي ڪنوار جيان ڳاڙهو
ويس ڍڪايو.اياز ماڻهن کي عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ
تيار ڪيو.ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر ۽
نامياري اديب نصير مرزا چيو ته ڪجهه ماڻهن اياز کي
ٺاهن جي دعويٰ ڪئي آهي، پر منهنجي اها دعويٰ آهي
ته انهن ماڻهن کي ٺاهڻ ۾ اياز جو هٿ آهي. ان
کانسواءِ تعزيتي ميڙاڪي کي شيخ اياز جي پٽ سليم
اياز شيخ، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، ادريس جتوئي، آغا نور
محمد، پروانو ڀٽي، ڪامريد رسول سهتي، اياز لطيف
پليجي،ڊاڪٽر صاحب خان چنه، ناصر مورائي،نور احمد
ميمڻ ۽ غفار تبسم پڻ خطاب ڪيو.جڏهن ته جيجي زرينه
بلوچ شيخ اياز جو نظم جهونگاريو.
آخر
۾ بيدل مسرور ۽ پريتم پرڪاش پڻ شيخ اياز جا گيت
ڳايا.
(-29ڊسمبر 97ع)
شيخ
اياز جو لاڏاڻو: قليچ سنگت سنڌ طرفان
ڏهه ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان
قليچ سنگت سنڌ جي چيئرمين نثار حسيني ۽ وائيس
چيئرمين محترمه زيب نظاماڻيءَ پڌرو ڪيو ته سنڌ جي
عظيم شاعر شيخ اياز جي لاڏاڻي تي قليچ سنگت طرفان
ڏهن ڏينهن تائين سوڳ ملهايو ويندو ۽ قليچ سنگت جي
آفيس ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيندو. هوڏانهن سنڌ جي لوڪ
فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن به 10ڏينهن جي سوڳ ۽
تعزيتي ميڙاڪن جو اعلان ڪيو آهي.
ادل
سومرو
مرڪيو ڀٽَ ڌڻي،
ڏسي
شيخ اياز کي
”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، گونجي ٿو آواز
هڪڙو شيخ اياز، سُڏڪا ساري سنڌ جا.
”واٽون ڦلن ڇانئيون“ ، اکين اوسيئڙا
هئه هئه جو ڳيئڙا، ڪهڙي پار هليا ويا،
ڪڏهن ساحل تي هُئين، هاڻ نه آهين تون
”سانجهي، سمنڊ، سپون“، گهايلُ سجُ ٻڌي ويو.
”ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري“ اندر ۾ ڇوليون
ڏوليون ئي ڏوليون، ڪانڌي تنهنجي ڪنڌ تي.
”اُڀرُ چنڊ پَسُ پرين“ سُتو آهي جو
اُنهيءَ جو سُڏڪو، اڃان جاڳي ٿو پيو.
”گهاٽَ مٿان گهنگور گهٽا ۾“ بيدل ٿو ڳائي
هرڪو لڪائي، ڳوڙها ٿو پنهنجا اُگهي.
”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ توکي مون ساريو
۽ پوءِ گذاريو، صبح تائين جاڳندي.
ڪڪرين جي ويسَ ۾، ڪوَتائون ڇانئيون
”وڄڻ وسڻ آئيون“ وري اَڄُ ڪراڙ تي.
او مٽيءَ جا ميت! تُون به ته نيٺ سُمهي پئين
”الوداعي گيتَ“ ، سُڏڪن ۾ ويا ويڙهجي.
”ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ باقي ٿورو پنڌ
سڀ کان سُهڻو هنڌ، پاڙو آههِ پرينءَ جو.
ڪنهن لئه واجهائي پيو ”راج گهاٽَ تي چنڊُ“
سارو ننڍو کنڊُ ، ويڙهيل آهي ننڊَ ۾.
”جڳُ مڙيوئي سپنو“ اُن ۾ پيارَ ورهاءِ
جوڙِ نه اهڙي جاءِ، جنهن ۾ پلجن نفرتون.
”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ جي نه سمجهين ٿو
پوءِ چئبو تو، ڪڏهن پيارُ ڪيو ناهي.
پيار جي ڳولا ۾ ٿو“ ، ڀونر ڀري آڪاس“
مُرڪَ نه آئي راس، هُن کي ڦولن وچَ ۾.
”چنڊ-ڳليون“ هِي ڪيتريون، ۽ مان اڪيلو
توسان ٿئي ميلو ، ڀل ته اونداهيون هُجن.
تون آئين ته دل جي، ”رڻ تي رم جهم ٿي
دري دردن جي، بند اسان لئه ٿي وئي.
”هينئڙو ڏاڙهونءَ گُل جيئن،“ تو سنگِ آههِ ٽِڙيو
ڇو آ لوڪُ چِڙيو، پرين پنهجي پيارَ تي.
”تون ڇپر تون ڇانءُ“ تون ئي منهنجو آسرو
پرين تُنهنجو نانءُ ، ٻيو ڪجهه گهرجي ڪين ٿو.
”پتڻ ٿو پُور ڪري“ تو لئه ناکئا!
تنهنجا سڏ هُئا، الائي ڪهڙي گهاٽ تي.
”اڪن نيرا ڦليا“ ويراني ۾ واءُ
آءُ مسافر آءُ، ٿَر ۾ تو لئه ٿرٿلو.
”ڪلهي پاتم ڪينرو“ تنهنجي وئي کان پوءِ
ڇڏيم پنهنجي لوءِ، نڪتس تنهنجي پوئتان.
سُڏڪا ۽ آهون، ”جُهڙ نيڻئون نه لهي“
سنڌ سڄي دانهون، ڪوي! تنهنجي موت تي،
”سر لوهيڙا ڳڀيا“ راتيون، تنهائي
علڻ جي وائي. ڦٽ اُڊيڙي ٿي ڇڏي.
ويون وڪوڙي ڪيتريون، مون کي ”ننڍ-وليون“
توسان ڪينَ سليون، جاڳي دل جون ڳالهڙيون.
ساڌ ٻيلي جي شامَ، ۽ ”ڪنڌيءَ ڪناري ناوَ“
نيڻن جا هِي جامَ، ڇُلڪيا ڪنهن جي سارَ ۾.
”ڪونجون ڪرڪن روههَ تي“ آءُ به ايئن اُداس
توبن رات اُماس، توڙي ڪيئي روشنيون.
”هرڻ اکي ڪيڏانهن“؟ چوڏس شڪاري
سنڌڙي ويچاري، آهيڙين جي اک ۾.
”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ گهايل پنهنجا خواب
اونداهين جا بابَ، پورا ٿيندا ديس جا.
ٽڙنديون هي ٽاريون وري، ”پن ڇڻ پڄاڻا“
موسم جا ماڻا، مٽيءَ سان رهندا ائين.
”لڙيو سِجُ لڪن ۾ “ پنهنجو ٿَڪُ کڻي
مُرڪيو ڀٽَ –ڌڻي، ڏسي شيخ اياز کي.
ڪيڏا اَڄُ ڪراڙِ ۾ ”جر ڏيئا جهمڪن“
ويٺا ڳالهيون ڪن ، شاهه، ايازُ پاڻَ ۾. |