ارپنا
شيخ
اياز صاحب جي تخليق:
انيس، ياسمين، ڊاڪٽر روحي،
نگهت،، ڊاڪٽر سليم، مونس،
ڊاڪٽر وينگس ۽ سرمد اياز ۽
سڄي
دنيا ۾ پکڙيل سندس مداحن
جي
نالي
مون
مرڪي پنهنجو پانڌ ڏٺو
رات
آئي،
ڳاڙهن ٻيرن جي.
اياز
شيخ اياز
سوچئين تون متان مُون مٿان مقبرو!
چنڊُ، تارا، ڪَتيون،
سج
جون مشعلون
مون
مٿان روز ٻرنديون پيون،
هِي خُدائي مجاور جيان،
روز مون تي ڪندا سوجهرو!
سوچئين تون متان
مون
مٿان مقبرو!
روز
مون
تي شَفق،،
پَڙَ پائي زريءَ جا عقيدت جو اظهار مون سان ڪندي،
ڏينهن جو روز سُورجُ مکين سان پئي زندگي جرڪندي،
رات رابيل جا گُل نڇاور ڪندي،
ماڪ سان تنهن مٽيءَ کي معطر ڪندي،
آءٌ هوندس جتي !
تون متان هن گُهنگار کي ڪنهن وڏي پِيرَ سان
ڀيٽئين!
شاعري ريٽئين:
جنهنِ هزارين بُزرگيون مِٽائي ڇڏيون،
سجَ هيٺان ڪڪر جيئن لِڪائي ڇڏيون،
سمنڊ ۾ ريت وانگر ڇُپائي ڇڏيون
مَشعلون سَوَ جلائي ڇڏيون،
جي نه ڪوئي اُجهائي سگهي،
۽ نه طوفان،
ڪو ئي به تن کي وسائي سگهي!
مهاڳ
اسان جيءَ سنڌ جو شيخ اياز، دنيا جي عظيم شاعريءَ
جي شاهراهه جو
Mile-stone
شاعر آهي. ۽ مان سنڌ جي عظيم ڏاهي محمد ابراهيم
جويي صاحب جي ان راءِ سان سهمت آهيان ته: ’اياز
جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي‘... ۽ قسم رني
ڪوٽ جي قلعي جي ديوارن جو ته، حيرتن جي جزيري مثل،
اياز صاحب جي ان شاعريءَ کي، مون جڏهن پڙهيو، ٻڌو
۽ پوءِ کيس اکين سان ڏٺو، ته مان سندس ئي ٿي ويس.
شاعريءَ جي لحاظ کان هيءَ صدي ’خالي ٿانءٌ‘ هئي، ۽
مان گواهه آهيان ته اُن کي مون صرف اياز جي
شاعريءَ سان ئي ڇلڪندي ڏٺو ۽ مون کي پڪ آهي ته
ايڪهين صديءَ جي چائنٺ تي، سنڌي شاعريءَ جي’ ڪل
شعري
اثاثي‘ طور به، هُن جي ئي نانءَ جو ڏيئو ٻرندو. (
قسم پاڪ پرور دگار جو ته، اُهو سنڌ جي ماضيءَ ۽
ويندي مستقبل جي مستقبل تائين روشني ڏيندو رهندو!)
۽ جيتوڻيڪ اِها خود ثنائي جي ڳالهه آهي، پر ان
ڳالهه جا گواهه به ڪئي دوست آهن، جن جي آڏو شيخ
صاحب اڪثر چوندا رهندا هئا: ” نصير! تنهنجي
نثر
جو
ذائقو بي حد مرغوب آهي مون کي... تون مون تي
پنهنجي ڏانوَ سان لک نه....! ۽ ڪيڏو ڀاڳ وند آهيان
مان، جنهن هُن ڪارونجهر پهاڙ جيڏي عظيم شاعر کي
پنهنجي ناتوان هٿن سان هيٺ لحد ۾ ڀٽ شاهه جي
ڌرتيءَ تي سمهاريو، ۽ سندس معصوم ۽ محبوب ’مک کي
قبله روءِ‘ ڪيو هو. ۽ پڪ اٿم جئن هن شخص عاليشان
کي، منهنجي نثر جو ذائقو وڻندو هو.پنهنجي چهري تي
منهنجي هٿن جو آخري انساني ڇهاءُ پڻ بيحد وڻيو ۽
پنهنجائپ ڀريو لڳو هوندو ۽ مان جو ازلي ابدي ڪاهل
انسان آهيان، ڪراچي پهچي جڏهن به فون ڪري کائنس
وقت وٺي ٽائيم طئه ڪري، هُن ڏانهن ويس، هميشه ليٽ
پهتس. ۽ دروازو کوليندي، ۽ مون تي نظر پوندي ئي،
پاڻ يڪدم چوندا هئا. ’تون مون وٽ‘ ڪڏهن به وقت تي
نه پهچندو آهين نصير..! ۽ 18 هين نومبر 1997ع تي
ساڻن ٿيل آخري ملاقات وقت به، دستور مطابق مان
دير سان پهتو هئس...
(Sorry
شيخ صاحب! توهان جي وصال کان پوءِ توهان بابت
هيءَ’ تعزيتي بوڪ‘ سهيڙيندي ۽ وقت جي خزان زده
باغن مان پلڪن سان هي لڙڪن هاڻا پيلا پن چونڊيندي،
مون هن دفعي توهان تائين پهچڻ ۾ دير، دير! بلڪل ئي
ڪو نه ڪئي آهي.)
۽
ڀٽائي بادشاهه کي ڀٽ تي ٺهيل تربت ۾ سمهارڻ لاءِ
الائجي ته، ڪنهن لحد ۾ لاٿو هو. متان تمر فقير؟ يا
شايد متان مدن فقير!؟ ۽ قبر جي نشان تي ڪوڏر جو
پهريون لپو الائجي ته، ڪنهن هنيو هو؟ متان وڳنڌَ
فقير؟ يا متان... پر ڪراڙ جي ڪپ سان نِمن ۽
سرِينهن جي لامن هيٺان اياز صاحب جي تربت جي نشان
تي پهريون لپو، تاج جويي هنيو هو ۽ هيٺ لحد ۾، مان
اڪيلو لهي پيو هئس. تڏهن سندن مبارڪ مک کي’ قبله
روءِ‘ ڪندي، ۽ ڌرتي جي وهاڻي تي ستل سندن ’گل
جهڙي‘ معصوم چهري تي، اڌ کليل اکين جي پلڪن ۾ مون
پنهنجو آخري سوال اٽڪائي ڇڏيو هو. ڀٽائي !! ٻن
صدين کان پوءِ ته، توهان شڪارپور جي ’شيخ محلي‘ ۾
اکيون کوليون... ٽئين جنم ۾ هاڻي ڪٿي جنم وٺندؤ!؟
ڇا جهوڪ ۾؟ يا کير ٿر جبل جي ڇانوَ ۾... ٽوڙهي
ڦاٽڪ وٽ... يا مخدوم بلال جي ڳوٺ ۾... سکر ۾ کُرڙي
واري ميدان ڀرسان، يا روپلي ڪولهيءَ واري
ڪارونجهر جبل جي آس پاس... اروڙ ۾ يا... يا،
”واڪا ڪندي ووءِ، صديون تولهءِ سنڌڙي!
تاريخ جي رجسٽر تي اياز صاحب جي ڪانڌين جو تعداد
ٻه چار سؤ درج ڪيو ويو آهي. ۽ انهن ٻن چئن سون جي
تعداد ۾ اتي پهتل ڪانڌين مان، مون کي رکي رکي
ائين
پئي ڀاسيو ڄڻ سنڌ جي ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي
مستقبل جا ڪيئي عظيم ڏاها انسان ڪراڙ جي ڪپَ سان
سوڳوار بيٺا آهن.
۽
عين اُن وقت جڏهن، ڀٽ شاهه جي کڙ کٻڙ رستن تان
اياز صاحب ڏوليءَ جي پالڪيءَ ۾ چڙهي پنهنجي لحد
ڏانهن اچي رهيو هو... تڏهن ڪانڌين جي جلوس ۾
لڳو... اڙي هان! هي شخص ته جهڙو سائين جي. ايم،
سيد. ڪنهن پل لڳي ته، هي ڪانڌي ته صفا جهڙو مرزا
قليچ بيگ... اڙي هان؟... هي ته جهڙو ڊاڪٽر
گربخشاڻي! وري لڳي ته ... اڙي! هي ته بنهه جهڙو
نارائڻ شيام...
۽
پوءِ اياز صاحب کي لحد ۾ لاهي، جڏهن ٻاهر اچي
بيٺو هئس ۽ جڏهن لوڙهه لٽجي چُڪو ۽ ڀٽ شاهه جي
ڌرتيءَ تي تربت تيار ٿي وئي، ۽ اُن تي گلن جون
چادرون چاڙهيون پئي ويون. تڏهن لڳو:
اُس ڪا مُک اِڪ جوت هي، گهونگهٽ هي سنسار
گهونگهٽ ۾ وه ڇُپ گيا، مُک پر
آنچل
ڊار.
شيخ
صاحب پنهنجي پهرين ئي شعري مجموعي’ ڀؤنر ڀري آڪاس‘
جو نالو نهايت محبت سان مرشد لطيف سائين جي هڪ بيت
مان اخذ ڪيو هو. ۽ حيرت حيرت جو، جنهن بيت مان
اِهو نالو چونڊيو هو... چاليهن سالن جي وڇوڙي کان
پوءِ، هُن آخرڪار جڏهن مرشد جي پيرن کان اچي
وسرام ڪيو. تڏهن اُن ئي مشهور بيت جي هنن باقي
مصراعن کي ڄڻ پورڻتا ملي وئي هئي:
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رزاق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن مُحبتي ميڙيا.
۽
تحقيق ته، اياز جي ڪوتا
ڪنبري
۾ ساڳيو، ڀٽائيءَ وارو ئي ته جوڳُ جڙاءُ هو، ۽
ساڳيائي ته سڏڙا هئا. پر اياز جنهن پنهنجي ڏات
لاءِ اِهو به چيو هو ته: ” ڏات اُهو زنجير آهي. جو
جسم جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ مان جُڙيو آهي، ۽ وري ڀرپور
اعتماد سان هيئن به چيو هو:
سچل، سامي، ڀٽ ڌڻي.
جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي
آئون انهيءَ جي پيرَ پڻي
ڇو
ته اُهو هي ڌرتي آ
ڇو
ته ڇَپر مان ڇاٽَ ڇڻي
هُونئن ته مون ۾، آءٌ گهڻي!
۽
جيتوڻيڪ هُن جي شاعري جي هڪ خاص حصي کي ” هونئن ته
مون ۾ آءٌ گهڻي“ جي اَنا ۽ پڙلاءُ آهي، ۽ وري هڪ
ٻئي هنڌ پنهنجي شاعراڻي وسعت لاءِ اياز ائين به
چيو:
آئون ته، سارو سمنڊ آهيان!
جڏهن ته، ان جي ابتڙ اياز جي مرشد، ڀٽائي گهوٽ جو
پاڻ بابت فرمان وري ڪجهه هن طَرح آهي ته:
جي
سمنڊ مُنهن ڪريان ته، سُرڪيائي نه لهي.
جيتوڻيڪ اياز صاحب جي مرشد لطيف‘ يا ٻئي ڪنهن به
’پيش رو‘ مان ڪا به ڀيٽ ڪانهي. پر جنهن
بي
ڊپائي، پُوري طاقت ۽ ڀرپور فورس مان سنڌ ۾ ’شيخ
اياز‘ شعر لکيو آهي. سچل سائينءَ کان پوءِ، سموري
سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾، اُن جو ڪو ٻيو مثال
اياز کان سواءِ ملي ئي ڪو نه ٿو:
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو
آءٌ سند
۽
ديوارن سان،
ٿا
تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان.
۽
اياز جي شاعريءَ جي اصل سگهه،
هن
جو اِهو ئي ته طاقت ور ترنم، اسلوب ۽ آهنگ آهي.
جنهن بابت وضاحت ڏيندي، هن اُن جي جواز ۾ ڪنهن
هنڌ- لطيف سرڪار جي ’ سر ڪارايل‘ جي هي سِٽ آندي
آهي.
آسڻُ جَن اريجُ، تَن جي وِههَ جو ورن ٻيو.
يعني: جن ناگن جا آسڻ (ٽڪاڻا) بنا ريج واري زمين ۾
هوندا آهن، اُنهن جي زهر جو ورن (رنگ) ئي ٻيو
هوندو آهي. ۽ اڄ جيڪا سنڌ موهن جي دڙي کان
هيستائين مون کي ورثي ۾ ملي آهي. اُها اريج آسڻ
آهي. جتي اسان جي وهه جو ورن واقعي ٻيو ڇو نه
ٿيندو“!
۽
(اي ايمان وارؤ) ڪنهن به ڌرتي سان، سورج- ۽ پنهنجي
ماءُ ٻوليءَ سان، شاعر کان وڌيڪ، ڪو به ماڻهو محبت
ناهي ڪري سگهندو. ۽ هيءَ صدي اياز صاحب جي سلسلي ۾
ساکي آهي ته، هُن پنهنجي رَت جي رشتن کان وڌيڪ
سنڌي ٻولي سان پيار ڪيو. ۽ صورت خطيءَ جي آسمان
تي تخيل جون جيڪي نيون ڪهڪشائون جرڪايون ۽ ويڻا کي
جيڪي نوان سر اَرپيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳلي ۾ هُن
جيڪي پنهنجي ڏات جون نيون هيري ڪڻيون پارايو، اُن
جو مثال پوري صديءَ جي سنڌي شاعري ۾ ٻيو ڪنهن به،
هُن جي همعصر وٽان ڪو نه ٿو ملي: ” منهنجي شاعري
انسائيڪلو پيڊيا وانگر آهي. جنهن ۾ سنڌ جو مستقبل
آهي. آئون رهان نه رهان- منهنجي شاعري صدين تائين
زنده رهندي. مون پنهنجي ڏات ذريعي جيڪي رنڍا روڙيا
آهن، اُن جي مون کي ڪنهن کان به مڃتا جي ضرورت
ناهي. منهنجي لاءِ تاريخ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“
۽
وصال
کان
ڪي ٿورڙا مهينا اڳ ئي، پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇپيل ،
آخري شعري مجموعي:’ ڪونجون ڪرڪن روه تي‘ جي مهاڳ ۾
دلگير ٿيندي هن لکيو هو ته: ڪيتري نه رنگا رنگي
آهي هِن ديس ۾، ۽ مون پنهنجي شعرو ادب کي پوري
برصغير جو آئينو بنائڻ چاهيو آهي. پر زندگي ڪيتري
نه مختصر آهي“
۽
غالبً پنج ويهين ڊسمبر تي ’ساهه ۾ تڪليف‘ باعث هو
هاسپٽلائيز ٿيو هو ۽ ’مختصر علالت‘ کان پوءِ 28
هين ڊسمبر جي پرهه ڦٽي مهل، مڊ ايسٽ هاسپيٽل
ڪراچيءَ ۾ ننڊ مان سجاڳ ٿي، هڪ هٿ دل جي ڌڪ ڌڪ جي
وسامندڙ ۽ ٻيو هٿ ايمرجينسي ’ڪال بيل‘ تي رکي، هن
اوچتو اطلاع ڏنو هو. اي هوائو... اي دشائو ...
دوستو... ستارو... اياز وڃيوَ پيو...
...”
اي موت تون دري کولي هوا جي جهوٽي وانگر اندر آيو
آهين ۽ مون کي ڪهڙي نه مِٺي ننڊ اچي رهي آهي“
پر:
وقت
جيان مان وڃڻو ناهيان
وڃي
وري ڀي ورڻو آهيان
جيسين
منهنجا گيت نه مرندا
تيسين
مان ڀي مرڻو ناهيان.
۽ اسان
جو هي امر شاعر شيخ اياز، جيڪو نوجوانيءَ ۾ سٺ
پنجهٺ سال اڳ پنهنجي استاد کيئل داس فانيءَ ڏانهن،
پنهنجا گيت ۽ غزل ڏيکارڻ ۽ اصلاح وٺڻ لاءِ هن وٽ
کڻي ويندو هو. ۽ سنڌ جي عظيم شاعر جي حيثيت سان 29
هين ڊسمبر تي پنهنجي مرشد ڀٽائيءَ جي بارگاه ۾،
پنهنجي بيتن سوڌو آخر پهچي چڪو.
ڪيئي
سال اڳ اياز صاحب لکيو هو:”ديوار ڊهي ته ملان تو
سان.“ ۽ هاڻي جڏهن ديوار ڊهي چڪي ۽ هو ڀٽ شاه جي
مِٽي ۾ لَهي چڪو آهي، تڏهن منهنجي صحافي دوست
جاويد کوسي جا لکيلَ هي اکر ڪيڏا نه صحيح ٿا لڳن
ته: ” اياز جي پهچڻ تي ڀٽائي جِي صدين جي تنهائي
۽ اڪيلائي نيٺ ختم ٿي وئي آهي، ۽ هاڻي ڪراڙ ڍَنڍ
تي راتين جو، ڀٽائيءَ لاءِ ڪچهري ڄمائڻ ممڪن بنجي
پيئي آهي.
۽ جنهن
رات، اياز، لطيف جي بارگاه ۾ پهچي چڪو، مون اکيون
ٻوٽي رسالي مان فال ڪڍندي هن کان سوال ڪيو هو:
ڀٽائي ! پنهنجي اياز سان هي ميلاپ ڪيئن لڳو اوهان
کي ؟ تڏهن رسالي کي کوليندي ئي ، اکين آڏو هي بيت
اچي ويو هو.
جهنگل
کامِي پَٽ ٿِئو، ڀڳي چوراڻي لڪ،
سيڪڙوُ
۽ سِڪَ ، ٻيئي گڏيا پاڻ ۾.
هي
ڪتاب: ’سامي سج وڙاءُ ‘ شيخ صاحب سان منهنجي بي
لوث عشق جو اظهار آهي. جنهن کي مون شيخ صاحب جي
مداحن پاران لکيل ليکن کي پنهنجي لڙڪن جي خمير ۾
ڳوهيو، ۽ سچي لگن جي تندن سان اڻيو آهي. هنن ليکن
جو حوالو، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جون اخبارون آهن
۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل هنن اکرن کي مون
رڳو هن ڪتاب جي گلدستي ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
۽ شيخ صاحب جي تربت کي مون پاران، چاليهي جي موقعي
تي، ان کي پهريون خراج به سمجهڻ گهرجي.
شيخ
صاحب جي مداحن، عقيدت مندن ۽ ساڻن بي پناهه پيار
ڪندڙن جي اکين ۽ ذهنن ۾ اڃا صدمي جهڙي فضا آهي ۽
اڃا ته هن جي تربت جي مٽي ۽ هر اک هن جي اوچتي
وڇوڙي باعث آلي آهي، ۽ دراصل مون هن ڪتاب ۾ انهن
ئي آلين اکين جي پلڪن تان تازا ڳوڙها چونڊي ، هي
ڪتاب تيار ڪيو آهي.
۽ هن
هيڏي شاندار ڪتاب جي فنانسر جو نالو ڇا آهي!؟ هو
ڪير آهي !؟ ته ان جو جواب رڳو هي اشارو آهي ته، هن
جي نالي جي نسبت ان عظيم هستيءَ سان آهي، جنهن
نمرود جي لال گلال شعلن ۾ جڏهن هٿ وڌو هو، ته اهي
گل و گل گلزار ٿي ويا هئا.
هن
شيخ صاحب جي لحد وٽ لڙڪ به لڪائي لاڙيا هئا ۽
نمائشي ڳوڙها ڳاڙيندڙن جي وچ ۾، هو عينڪ جي شيشن
پويان پنهنجا لڙڪ به لڪائيندو پئي وتيو. انتهائي
راڄائتو انسان، جنهن وٽ سنڌ جي اديبن ۽ ادب دوستن
کي آڌر ۽ احترام ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي دل ۽ ڪشادو سينو
موجود آهي. مون کي پڪ آهي ته، هن ڪتاب جو خرچ
برداشت ڪرڻ جي موٽ ۾، سنڌي ادب صدين تائين سندس
ٿورائٿو رهندو. ( شال خوش هجي)
مان بي
حد ٿورائٿو آهيان جديد ڇپائي جي منفرد سرواڻ ۽
سونهن ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي چيئرمين ڀاءُ نور احمد
ميمڻ جو، جنهن جي مڪمل ۽ مهر ڀرئي سهڪار کان سواءِ
هي ڪتاب اهڙي سهڻي انداز ۾ (۽ هن موقعي تي)شايع
ئي نه ٿي سگهي ها. اهڙا ئي ٿورا، مان پنهنجي ننڍپڻ
جي ۽ انتهائي محبوب دوست خدابخش ابڙي ۽ سندس
گهرواريءَ ۽ نامياري شاعره
عطيه
دائود جا مڃيندس. جن جا مشورا هن ڪتاب ۾ وک وک تي
مون سان گڏ رهيا آهن. خاص ڪري، مان دوست خدابخش
ابڙي جو بي حد احسان مند آهيان، جنهن هن ڪتاب لاءِ
شيخ صاحب سان پنهنجي والهانه محبت جي موٽ ۾،
تصويرن، لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل ڊزائن ڪري ڏيڻ لاءِ مون
سان ’هڙان وڙان‘ تعاون ڪيو آهي.
ڪجهه
دوست جرڪندڙ ستارن وانگر هميشه منهنجي آس پاس
رهندا آهن، انهن مان منهنجي بي حد پياري دوست
عرفان علي انصاريءَ، غلام محمد ميمڻ ميجر، ماجد
صديقيءَ، ڊاڪٽر رميش ڪمار رامناڻيءَ، اسحاق سميجي،
۽ ان کان سواءِ منهنجي پيارن بيدل مسرور، آصف
فرخي، الطاف آگري، تاج جويي، حسن درس ۽ احمد
سولنگيءَ وک وک تي مون سان تعاون ڪيو ۽ هن ڪتاب کي
سهيڙڻ ۾ منهنجا مددگار ٿيا. شال ڌڻي کين ڏينهن ڏي.
شيخ
صاحب جي مزار ۽ سندس ادبي ڪارنامن تي باقائده ۽
باضابطه ڪم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي عظيم ڏاهي،جناب
محمد ابراهيم جويي صاحب جي سربراهي م شيخ اياز
فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. ان کان
سواءِ به شيخ صاحب جي مداحن ۽ دنيا جي انيڪ ليکڪن
مان، ڪئي ليکڪن، نقادن ۽ اڀياسين، طرحين طرحين
انداز سان شيخ صاحب بابت لکڻ جي ابتدا ڪري ڇڏي
آهي.
شيخ
اياز، جيڪو هڪ پورو دؤر ۽ هڪ پورو زمانو آهي ۽ ان
جي زندگيءَ، فن شخصيت ۽ شاعريَ جا انيڪ پهلو،
پاسا، رُخ ۽ لاڙا آهن، جن تي ايندڙ وقت ۾ ۽ نهايت
جلد باقائده لکجڻ شروع ٿيندو ۽ صدين تائين هن تي
لکبو ئي رهبو.
بقول
اياز صاحب جي:
عظيم
شاعر!اهو وڻ هوندو آهي
جنهن
جا گل
هن جي
موت کان پوءِ
اڳي
کان به وڌيڪ ٽڙندا آهن .
24.1.1998
(سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَجي آفيس ۾ ويهي لکيل)
نصير مرزا |