شيخ
اياز پهريون جديد سنڌي شاعر هو ۽ جنهن جو پنهنجي
همعصرن ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان تمام گهڻي لهه وچڙ
رهي. هن اڪيلي سر رستو ٺاهيو .مخالفتن ۽ رڪاوٽن کي
منهن ڏنو. اڄ جيڪو مانڊاڻ متل آهي تنهن ۾ اياز تي
الزام واري آڱر اڀي ڪرڻ ته آسان آهي، پر تنقيد ،
بحث مباحثي کان وٺي الزام هڻڻ تائين جون اهي
آزاديون به اياز جي پورهئي جو ثمر آهن. پنهنجي ديس
واسين جي روين تي هن جو هڪڙو ردعمل اهو به هو ته ”
اي هموطنو! آئون اوهان تي ڇو نه کلان؟“ پر هو جن
انقلابن جا ڏس پتا پڇي رهيو هو تن تائين پهچ ۽ ان
پهچ جي وسيلن بابت به هن کي سمورا احساس ۽
پريشانيون هيون. اياز ناهي رهيو، اهي احساس ۽
پريشانيون اڄ به هن شعر ۾ موجود آهن ته:
پرار
تي ڪا پڪار آهي.
مگر
اڳيان تک تار آهي
ڪٿي
اسان جي اُڪار آهي؟
اياز!
ڪيڏانهن هي ناوَ نيندي؟
(30-ڊسمبر97 روزانه ڪاوش)
شيخ اياز ۽
حيرت جو جزيرو
مظهر
لغاري
فلاسفر
اسپنوزا پنهنجي ڪتابEthics
(اخلاقيات) ۾ لکيو آهي ته” ذهن ۾ ڪنهن به آزاداڻي
مرضي
(Free
will)
جو ڪو به وجود ڪونه ٿو هجي ۽ ذهن ڪنهن ڪارڻ آڌار
عمل ڪندو رهي ٿو ۽ ان ڪارڻ جو تعين وري ڪي ٻيا
ڪارڻ ڪن ٿا. ڪو ماڻهو پاڻ کي رڳو ان ڪري ئي آزاد ۽
آزادي سان فيصلا ڪندڙ سمجهي ٿو جو هو پنهنجي عملن
يا پنهنجي مرضيءَ پٺيان موجود ان ڪارڻ کان بي خبر
هجي ٿو. هر شيءِ جو اڳواٽ تعين ٿيل آهي ۽ فرد جي
آزادي دراصل ذهن جي خلل کان سواءِ ٻيو
ڪجهه
به ڪانهي.”هي اهو ساڳيو اسپنوزا آهي جنهن چيو هو
“Our
is the best possible world”(اسان
جي دنيا”بهتر ممڪن“ دنيا آهي) ۽
يهودين
سزا طور پنهنجي گرجا
Synagogue
جي ٻاهران پيرن هيٺيان لتاڙيو هو ۽ اهو لڳ ڀڳ
ساڳيو ئي دور هو جڏهن مسلمان عبادت کان واندا ٿي
پنهنجي سائنسدان ابن رشد جي منهن ۾ ٿڪون هڻي رهيا
هئا.
فرد جي آزادي بابت انهن ٻنهيءَ صاحبن کي نه رڳو
وڌيڪ معلومات هئي پر کين اضافي ”تجربو“ به ٿيو ۽
پوءِ به هنن جو چوڻ هو ته اسان واري دنيا بهتر
دنيا آهي يعني هن کان وڌيڪ بهتر دنيا ٻي ڪا به نٿي
ٿي سگهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هنن اها ڳالهه
نهايت سنجيدگيءَ سان چئي هئي. ان ڳالهه جي تسلسل ۾
ڪو پاڻ سان ٿيندڙ سڀني خوشگوار واقعن بابت ته اهو
سمجهي خوش ٿي سگهي ٿو ته انهن جو اڳواٽ تعين ٿيل
هو پر ننڍپڻ ۾ جيڪڏهن سندس هٿ سائيڪل جي چين ۾ اچي
چچرجي ويو هجي يا سندن آڱر منجهان سلائي مشين جي
سئي پار ٿي وئي هجي ته ڇا ان سڀ ڪجهه کي به هو
اڳواٽ تعين ٿيل سمجهندو؟ هو ڀلي کڻي ايئن نه به
سمجهي، اسپنوزا ايئن ئي سمجهي ٿو ۽ ان حوالي سان
آزادي يا آزادگيءَ جو دنيا ۾ ڪوبه وجود نظر ڪونه
ٿو اچي. فرد کي پنهنجي ئي عملن تي اختيار حاصل نه
هجي ته آزادي ڪهڙو جانور رهجي وڃي ٿي، پر جڏهن ان
فرد کي ٻيا فرد پنهنجي اختيار ۾ سمجهڻ جي غلطي ڪن
ٿا ۽ ڪجهه عرصو سندس مرضي ۽ منشا مطابق هلندي اهو
ساڳيو فرد اوچتو جڏهن سندن ڪمپيوٽر پروگرامنگ جي
web
مان ٻاهر هليو وڃي ٿو ته هو جڪ کائين ٿا ۽ جڏهن هو
سرشٽيءَ جي ڪارخاني ۽ دائره ڪار مان ٻاهر هليو وڃي
ٿو ته وري ساڻس همدردي ڪن ٿا.
موت
بابت آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻو لکندڙ شيخ اياز جي
موت هن جي پرستارن، نقادن، دوستن ۽ ويندي گهر جي
ڀاتين تائين سڀني کي
Expose
(نروار) ڪيو آهي. اهي جيڪي
پنهنجي ليکي سندس ”اصولي“ مخالفت ڪندا آيا سي اڃا
به مخالفت جي گهوڙي تي سوار نظر اچن ٿا ۽ سببن کي
وساريندي هو فقط پنهنجي
Selfجي
جانور اڳيان ان
Ego
(انا) جو چارو وجهن ٿا ته” اسين
اڃا تائين بيٺل آهيون.“ ”بيٺل هجڻ“ عرف ” قائم
رهڻ“ جون سنڌي سوسائٽي ۾ وڏيون مارڪون آهن. تنهن
ڪري هو ٻين کان ۽ پنهنجو پاڻ کان اهي مارڪون وصول
ڪن ٿا. ٻيا اهي جيڪي شروع ۾ شيخ اياز صاحب اڳيان
ريشمي رومال ٿيا پيا هلندا هئا پر اڳتي هلي ڪجهه
ڪرڻ واري بيچيني کانئن اياز جي شان ۾ اهي شيون
لکرايون جيڪي دنيا جي معياري ادبي تنقيد وارن قدرن
تي قطعي به پوريون نٿيون لهن. پر اهو به پنهنجي
ٿوري مختلف قسم جي
Self
اڳيان رکيل چارو هو. اهڙن ماڻهن مان هڪ همراهه مون
کي چيو ”اسين اياز تي نٿا لکي سگهون جو اسان
ماضيءَ ۾ هن جي مخالفت ڪئي هئي.“ مخالفت منهنجي
خيال ۾ ان شيءَ لاءِ رعايتي لفظ آهي. جيڪا حقيقت ۾
هنن ڪئي هئي. هن لڏي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تيزي
سان صفون تبديل ڪري هاڻي اياز جي حامين جي اڳين صف
۾ پهچڻ لاءِ ڀڄ ڊوڙ ۾ آهن. اياز تي ڪالهه به ان
ڳالهه جو اثر ڪونه هو ۽ هاڻي ته ڪوبه اثر نٿو پئجي
سگهي. اهي ماڻهو آهن جيڪي پڙهيل لکيل هئا ۽ اديب
نه هئا(ڇو ته اسان وٽ اديب جو مطلب گهٽ پڙهيل ۽
لکيل وڌيڪ هجي ٿو ) ۽ اياز سان انهن جو تعلق فقط
کيس پڙهن جي حد تائين هو. هنن ماڻهن کي گاريون
ڏيئي سگهجن ٿيون ته هو اياز لاءِ ميرپورخاص جي
انبن جو کوکو ڪو نه کڻي ويا يا ميهڙ جي مٺائي ڪونه
آندائون، هو سندس وفات جو ٻڌي پرنس ڪامپليڪس به
ڪونه پهتا ۽ نه ئي انهن 56602251 ۽5660244 وارا
نمبر ڊائيل ڪيا. نه صرف ايترو پر انهن ظالمن سندس
آخري سفر واري ايمبولينس پٽيان ڪار، موٽر سائيڪل
به ڪانه لڳائي ۽ نه ئي تدفين کان پوءِ انهن ڪا
چادر آندي. هنن ماڻهن کي جيتريون به ٿي سگهن
گاريون ڏئي سگهجن ٿيون پر انهن وٽان ڪوبه جواب
ڪونه ملندو جو اها خواهش اڪثريت پنهنجو موقف لکيت
۾ پڌرو ڪانه ڪندي آهي. انهن ماڻهن اياز کي شايد
ڪڏهن خط به نه لکيو هجي پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته
کين جا”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ لکيل خط ۽ سائين جي
ايم سيد جا ”ڪجهه خط“ ڪتاب ۾ شامل ڪجهه بدران سوين
خط ۽ پڪ ساڻ وڻندا هوندا، پر هنن
Matamorphosis
جي ليکڪ فرانز ڪافڪا جي سندس محبوبا ملينا ڏانهن
لکيل خط پرهيا آهن جن ۾ هڪ هنڌ هن لکيو آهي ته:
“Writing letters is to denude oneself before the
ghost”
(
خط لکڻ پاڻ کي جنن اڳيان اگهاڙو ڪرڻ آهي) ڇو ته
اهي هوائن مان ئي خط پڙهي سگهن ٿا. اها خاموش
اڪثريت ڪافڪا جي ساڳين خطن ۾ ڪنهن هنڌ چيل ان
ڳالهه جي اثر ۾ آهي ته:
“Milina, I think
that you are not in love with me but your
loves is
in love with me”
(ملينا آئون سمجهان ٿو ته تون مون سان پيار نٿي
ڪرين، پر تنهنجي پيار کي مون سان پيار ٿي ويو
آهي.)
اها
خاموش اڪثريت اياز سان پيار نٿي ڪري، پر ان جي
پيار کي اياز سان پيار آهي ۽ هي پيار جيڪو اظهاريل
ناهي سو مقدس پيار آهي. اها خلق اياز جي تدفين جي
ڏس ۾ سندس آزاداڻي مرضيءَ جي احترام جي قائل هئي،
پر ان آزاداڻي مرضيءَ جي اسپنوزا واري تشريح ئي
درست ثابت ٿي سگهي آهي.
Fame
(شهرت) ڇا آهي؟ ميلان ڪنڊيرا پنهنجي ناول
Immortality
(امرتا) ۾ ان کي هيئن سمجهايو آهي ”شهرت جو مطلب
اهو آهي ته اوهان کي اهڙا گهڻا سڃاڻندا هجن جن کي
اوهين پنهنجي سر نه سڃاڻندا هجو پر اهي اوهان تي
ڪانه ڪا دعوى، اوهان ۾ ڪا حصيداري رکن ٿا تنهن ڪري
اهي اوهان بابت سڀ ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا ۽ ان خواهش
جي پورائي لاءِ ايئن عمل ڪن ٿا ڄڻ هو اوهان جا
مالڪ هجن. ايڪٽرن، ڳائڻن ۽ سياستدانن کي ان نموني
پنهنجو پاڻ ٻين جي حوالي ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو.“ ميلان
ڪنڊيرا جيئن ته اهو به لکيو آهي ته ”شهرت لازمي
طرح رڳو مشهور ماڻهن جي ئي حصي ۾ نٿي اچي پر هر
ماڻهو جي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي کيس شهرت
جي چپٽي ضرور ملي ٿي “ تنهن ڪري اسين اهو به ڏسون
ٿا ته لطيف پنهون تي پنهنجو حق جتائيندي چوي ٿو ته
”اريءَ جي اولاد مان، منهنجي پنهونءَ منجهه پتي!“
شهرت جي نالي ۾ اها مالڪي ان مانهوءَ لاءِ ڪنهن نه
ڪنهن مرحلي تي عذاب بڻجي وڃي ٿي جنهن تي اها مالڪي
جتائي وڃي ٿي. اهو شخص جيڪڏهن سياستدان، ايڪٽر ۽
ڳائڻو هجي ته هو آسانيءَ سان پنهنجي آزاداڻي
مرضيءَ کي پرستارن جي مرضي جي تابع بنائي سگهي ٿو
پر ليکڪ ۽ شاعر (ان لفظ جي صحيح معنى ۾) پنهنجي
مرضيءَ جي اتم هجڻ جو حامي هجي ٿو ۽ کيس ان ڳالهه
جو پورو پورو احساس هجي ٿو ته عام طرح ڪو ماڻهو
ڪنهن ٻئي لاءِ فقط تڏهن ئي قبوليت جوڳو ٿئي ٿو
جڏهن هو پنهنجو پاڻ لاءِ ناقابل قبول بنجي
وڃي.شاعر ۽ ليکڪ فقط تاڙيون وڄرائن لاءِ پنهنجي
نظرن ۾ ناقابل قبول بنجڻ پسند نٿو ڪري ڇو ته هن جي
دل جڏهن پڇتاءُ جي ڪنهن بار کان آجي ۽ هوا کان
هلڪي ٿي پوي ٿي تڏهن ئي هو تخليق ڪري سگهي ٿو. شيخ
اياز بحيثيت انسان جي اهو نهايت سٺو ڪيو جو وجود
جي دنيا ۾ جتي ماڻهوءَ جي پنهنجي مرضي ۾ هلڻ لاءِ
گهٽي سوڙهي ٿيندي پئي وڃي اتي هن پنهنجي زندگي
پنهنجي مرضي سان گذاري. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته
سندس آزاداڻي مرضيءَ
(Free
will)
مٿان
determinism
(شين جي اڳواٽ تعين ٿي هجڻ
وارو نظريو) حاوي پئجي ويو. ماڻهوءَ جي آزاداڻي
مرضي واري اختيار جي دنيا ۾ واقعي به وڏا حادثا
ٿيندا آهن. ميلان ڪنڊيرا چواڻي ”ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن
معذور ڇوڪري جي لاٽري کلندي آهي ۽ انعام ۾ بائسيڪل
نڪري ايندي آهي.“
شيخ
اياز کي سندس شاعري گمناميءَ کان ٻاهر ڪڍي آئي ۽
اجهل هوائن سندس
Fame
(شهرت)جي چڻنگ کيFlame
(شعلي) ۾ تبديل ڪيو ۽ اڳتي هلي انهن ساڳين هوائن
جن تي سندس ڪو به وس ۽ اختيار ڪونه هو، ان شعلي کي
وسائن جي ڪوشش ڪئي. اياز سلمان رشدي ته ڪونه هو پر
قومپرستيءَ جا امام هن جي شاعريءَ تي پابنديون
هڻندا ۽ کڻندا رهيا ۽ ٻيون پابنديون وقت جي سرڪار
طرفان هيون. هن جا وڪيل به اڳتي هلي هن جو دفاع
ڪرڻ بدران پراسيڪيوشن سان ملي هڪ ٿي ويا. آخري
ڏينهن ۾ هن تي اهو آشڪار ٿي ويو هو ته شهرت دراصل
بوتل مان نڪري آيل جن هجي ٿو جيڪو هڪ ڀيرو ٻاهر
اچي ” هو هو...ها ها ها“ ڪري حڪمن جي تعميل ڪرڻ
لڳي ٿو پر پوءِ نه ته ڇڏي ٿو ۽ نه ئي بوتل ۾ واپس
وڃي ٿو. شيخ اياز ڪونه رهيو، پر اهو جن اڄ به ”هو
هو... ها ها ها“ ڪري رهيو آهي. آخري ڏينهن ۾ مٿس
اهو به آشڪار ٿي ويو هوندو ته
Anonymity
(گمنامي) ڇا ٿيندي آهي ۽ بلهي شاهه ڇو ان جي خواهش
ڪندي اهو چيو هو ته”بلها! هل ته اوڏانهن هلو، جتي
ڪوبه اسان جي ذات نه سڃاڻندو هجي ۽ ڪو به اسان جي
ڳالهه نه مڃيندوهجي.“اصل لفظ هن ريت آهن ته:
”چل
بلهيا، چل اٿي چلئي
جٿي
نا ڪوئي ساڊي ذات پڇاڻي نا ڪوئي سانون مني!“
”نا
ڪوئي سانون مني“ حڪمن جي تعميل ڪندڙن ان جن ڏانهن
ئي اشارو آهي جيڪو اڳتي هلي ماڻهوءَ تي پاڻ تي
حڪومت ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
اهي
سڀ ماڻهو جيڪي شيخ اياز جا پرستار هئا ۽ مٿس حق
ڄاڻائيندي ان جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا هئا تن کي
سندس موت وقت
Expose
(نروار) ٿيڻو هو ۽ شيخ اياز
جيئن ته هڪ ئي وقت سنڌ جي ادب، سياست ۽ صحافت جي
هار جو سڳو هو تنهن ڪري سڳو نڪرن سان هڪ ئي ڌڪ ۾
سنڌ جو تقريبا سمورو سامان
Expose
ٿيو آهي جنهن تي ڳالهائڻ جون
گنجائشون پيدا ٿي پيون آهن. آئين اسٽائين وانگر
شيخ اياز حيرتون کڻي دنيا مان لڏيو هوندو ۽ جتي
پهتو هوندو، اتي وٽس اڃا ٻيون حيرتون هونديون جن
جو اظهار هو پنهنجي هڪ شعر ۾ به ڪري چڪو آهي:
آ چوڌاري مانڊاڻ متو، جنهن جو نه پهي، جنهن جو نه
پتو
هي روح جزيرو حيرت جو، جنهن منجهه سمايو آ پيارا !
ڳالهائڻ جون گنجائشون نڪتيون آهن ته اڄ شيخ اياز
جا دوست، پٽ ۽ ڌيئر ڳالهائي رهيون آهن ۽ شيخ اياز
جون ٻه بيواهون ٻه ڳالهائي رهيون آهن، پر اهي
ڳالهيون جٽادار ناهن. انهن ڳالهين کي امرتا ڪانه
ملندي. اهي ڀلي ڳالهائين پر ڳالهه اها آهه ته ڪٿي
آهي ۽ ڇو نٿي ڳالهائي جنهن لاءِ هن ”ڪٿي آهين ڪٿي
آهين، اڙي او روشني منهنجي!“ جهڙا شعر لکيا هئا؟
گيتا راج ڪٿي آهي؟ ازبڪستان جي زلفيه خانم ڪٿي
آهي؟ ۽ اها ڪٿي آهي جنهن جي ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي
ويندي هئي ۽ ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي ويندي هئي؟ انهن
جڏهن به ڳالهايو يا لکيو، ان کي امرتا ملندي.
Fame
(شهرت) جو اهو جن جيڪو پرنس ڪامپليڪس مٿا لامارا
ڏيندو رهيو سو هاڻي شيخ جي ماضيءِ جا پيرا به
کڻندو ۽ انهن کي به ڳولهي وڃي هٿ ڪندو جيڪي منظر
تي موجود ناهن.جيتوڻيڪ شيخ اياز گوئتي وانگر ”“Poetry
and Truth
(شاعري ۽ سچ) جي عنوان سان ڪو ڪتاب ڪونه لکي
سگهيو، پر گوئٽي وانگر هن جي زندگي ۾ به ڪا
Bettina nee Brentano
آئي هئي. بيٽينا جو مختصر پروفائيل هن ريت آهي ته
گوئٽي جي عمر 62ورهيه هئي جڏهن ته 26 ورهين جي
بيٽينا سندس شهر ويمار آئي ۽ عشق جي اسير ٿي وئي.
1806ع ۾ گوئٽي ڪرسٽيانا ولپيئس سان شادي ڪئي جنهن
جي ڄمار 49 سال هئي. جوابي ڪارروائي طور بيٽينا
1807ع ۾
Achim
Vom Arnim
سان شادي ڪئي جيڪو به شاعر هو.
بيٽينا شادي شده هجڻ جي باوجود گوئٽي سان پنهنجي
فلرٽيشن آخر تائين جاري رکي. بيٽينا گوئٽي جي
شاعري ۽ زندگي ۾ اڄ به تڙڪندي پئي اچي جڏهن ته
ڪرسٽيانا جو نالو به ميسارجي چڪو آهي.
8
جنوري 98ع-روزانه ڪاوش
هڪ
اياز جيڪو فاني هو ۽
ٻيو
اياز جيڪو دائم رهندو
جامي چانڊيو
سنڌ
جو هن صدي جو عظيم شاعر شيخ اياز هاڻي هن دنيا ۾
باقي نه رهيو آهي. اياز صاحب اسان جي قومي زندگي
جو ايڏو وڏو ڪردار هو جو هن جي شخصيت، فن ۽ فڪر
هميشه سنڌ جي ادبي دنيا ۾ زبردست بحث مباحثي جو
موضوع رهيا ۽ جڏهن هو سنڌ توڙي هن جهان کان
موڪلائي ويو آهي تڏهن به هو بحث مباحثي جو موضوع
بڻيل آهي. يعني جتي هن جي حياتي هميشه سڄاڻ ماڻهن
جي دلچسپي جو مرڪز رهي، اتي هن جو موت به پنهنجي
پويان انيڪ سوال ڇڏي ويو آهي، جن تي ادبي حلقن ۾
خيالن جي ڏي وٺ به ٿي رهي آهي ته اخبارن ۾ ڪيترائي
مضمون، ڪالم، تاثر ۽ تبصرا پڻ اچي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ شخصي طرح مون ڪڏهن به اياز صاحب کي
ويجهڙائي کان نه ڏٺو، جو منهنجو ساڻس اهڙو ڪو ذاتي
محبت وارو تعلق به نه هو. منهنجون ساڻس ڪجهه
يادگار ڪچهريون ضرور ٿيون، جيڪي مون کي سدائين ياد
رهنديون. باقي جيستائين اياز جي شاعري توڙي نثر کي
پڙهڻ ۽ پنهنجي سمجهه آهر پرکڻ جو تعلق آهي ته مان
به ٻين سوين، هزارين مداحن وانگر اياز جي سٺي ۽
اعليٰ شاعري جو عاشق ۽ سندس بيمثال نثر جو چاهڪ
رهيو آهيان ۽ جن شاعرن کي زندگي ۾ نهايت گهرائيءَ
۽ محبت سان بار بار پڙهيو ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم
انهن ۾ اياز صاحب به شامل آهي. اياز صاحب جي فڪر
تي مون اڳ به مختلف مضمونن ۾ پنهنجا ويچار پيش ڪرڻ
چاهيان ٿو جيڪي تازو سندس وفات کان پوءِ اٿاريا
ويا آهن.
اياز جي وفات کان پوءِ هڪ عام راءِ جنهن کي تمام
گهڻو ورجايو پيو وڃي، اها آهي ته اياز هڪڙي بي قدر
قوم ۾ ڄائو، هن جو جيئري به گهربل قدر نه ٿيو ۽
مئي پڄاڻان به قوم اهو رد عمل نه ڏيکاريو جيڪو
ڪنهن قوم کي سندس عظيم شاعر جي کسجي وڃڻ کان پوءِ
قوم کي ڏيکارڻ گهرجي ها. قمر شهباز، تاجل بيوس،
بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻين ڪيترن دوستن جي ڪالمن، مضمونن
۽ بيانن مان اهڙو تاثر ملي ٿو. مان ذاتي طرح اهڙي
راءِ سان اتفاق نه ٿو ڪريان، سڀ کان پهرين ڳالهه
ته منهنجي خيال ۾ جيتري عزت ، مانُ ۽ مڃتا مئي
پڄاڻان ته ڇا جيئري ئي اياز صاحب کي ملي اها اسان
وري ادبي ميدان ۾ ٻيو ڪنهن کي به نه ملي سگهي
آهي. گذريل پنجاهه سالن کان ڪهڙي محفل آهي جتي
اياز نه ڳايو ويو هجي؟ منهنجي خيالن ۾ هنن پنجاهه
سالن ۾ جيترو اياز تي لکيو ويو آهي يا جيتريون
محبتون ۽ مڃتا جون بلنديون اياز کي نصيب ٿيون، اهي
تاريخ ۾ ڪنهن ڀاڳ واري تخليقڪار کي ئي نصيب
ٿينديون آهن. ٻي ڳالهه ته جي اياز صاحب جهڙي وڏي
هستيءَ جي لاڏاڻي وقت متوقع طور ڪي ماڻهن جا هجوم
گڏ نه ٿيا، ان ۾ مون کي ڪو عجب نه ٿو لڳي. ان جا
ڪجهه سبب آهن.
سڀ
کان پهرين ڳالهه ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان
جي قوم رڳو شاگردن، اديبن يا سڄاڻ ماڻهن تي مشتمل
ڪونهي. قوم جو وڏو اڪثريتي حصو اڃا تائين سماجي ۽
ثقافتي شعور کان وانجهيل ۽ عملي طرح هڪڙي گهٽيل،
جهالتن ۽ انيڪ پس ماندگين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماحول ۽
سرشتي ۾ رهي ٿو. جتي حقيقي طور پڙهيل ماڻهن جي
تناسب پنج سيڪڙو به ناهي. اسان جو عوام جديد
تعليم ۽ فڪر ته ٺهيو پر ٺلهي خواندگي کان به محروم
آهي. ان ڪري اهڙي قوم توڙي عوام کان اها توقع ڪرڻ
ته اها شيخ اياز جهڙي وڏي ڳوڙهي، تخليقي ۽ مفڪر
شاعر جو هڪ شاعر طور قدر ڪندي، يا اسان جي ذهني
ڀورڙائپ آهي يا خود فريبي ۽ خام خيالي. اياز کي
قوم جي اڪثريت يعني عوام حقيقي معنيٰ ۾ سمجهي ۽ ان
بنياد تي هن جو قدر ڪري، ان لاءِ ته اڃا زمانا
گهرجن، اياز ته هن دؤر جي ڳالهه آهي پر خود لطيف
جو، هڪ شاعر، فنڪار ۽ مفڪر طور اڃا عوام قدر تي ته
پري جي ڳالهه آهي ٺلهو تعارف به نه ٿي سگهيو آهي.
مان نه ٿو سمجهان ته ڀٽ شاهه تي عقيدت مان ايندڙ
هزارين ۽ لکين ماڻهن جو اچڻ ڪو هڪ عظيم شاعر جي
مڃتا آهي. عوام ڀٽ شاهه تي ان ڪري اچي ٿو ۽ ڀٽائي
جي مزار تي پڙ وجهي ٿو جو ماڻهو لطيف کي هڪ عظيم
شاعر، فنڪار ۽ ڏاهو مفڪر نه پر روحاني پير، مرشد ۽
اولياءُ سمجهن ٿا. هڪ ڀيري اسين ڪجهه دوست ڀٽ شاهه
تي هجون، هڪڙو همراهه، ڏسڻو وائسڻو، بظاهر پڙهيل
لکيل لطيف جي مزار تي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو
هو. همراهه اصل هٿن مان ٿي ويو. مون کيس جهلي، آٿت
ڏئي چپ ڪرائي ۽ چيو ته،
“لطيف جهڙي وڏي شاعر ۽ فنڪار جي قبر تي هيئن
اوڇنگارون ڏيڻ کان بهتر آهي ته اوهان کيس دل جي
حضور سان پڙهو ۽ سمجهو.“ همراهه ڪاوڙجي پيو، چي
”تون مرشد جي شان ۾ گستاخي ٿو ڪرين. تون هڪ
اولياءُ کي ٽڪي جي شاعر ۽ فنڪار ٿو ڪوٺين”“ پوءِ
دوستن کانئس منهنجي جند ڇڏائي، مطلب ته خود لطيف
کي اڄ تائين اسان جو عوام هن جي اصل سڃاڻپ ۽
مرتبي بدران هڪ روحاني پير ۽ اولياءَ سمجهي ٿو. ان
ڪري هن موقعي تي جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي قوم يا
عوام کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا انهن کي ميار ڏيڻ جو ڪو
چڱو ۽ حقيقت پسند عقلي رويو ناهي.اڄ جيڪڏهن اياز
جي مرتبي تي ماڻهن جا هجوم گڏ نه ٿيا ته ان جو ڪو
اهو مطلب ٿوروئي آهي ته اياز جي حياتي ۽ عظيم
تخليقي پورهيو اجايو ويو. ائين هر گز ناهي، قومون
پنهنجن اصل هيرن،سورمن ۽ املهه ماڻڪن جو حقيقي
قدر تڏهن ڪنديون آهن جڏهن اهي ذهني بلوغت کي
رسنديون آهن. هر وڏو شاعر، مفڪر، فلسفي ۽ تخليقار
پنهنجي سيڙپ صدين ۾ ڪندو آهي. ان ڪري ان جي تڪ
طور جي ماپن کي ايترو محدود ۽ فقط پنهنجي هم عمر
دؤر سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي. اياز قوم جي جنهن
باشعور حصي جي محسوسات، فڪر ۽ تصورات جو شاعر آهي،
اهي عنصر ان پيماني تي قوم ۾ اڃا پيدا ئي نه ٿيا
آهن. هر وڏي شاعر ۽ مفڪر وانگر اياز به پنهنجي قوم
جي نسبت سان پنهنجي سماج کان گهڻو گهڻو اڳتي
سوچيو. عالمي حوالي سان پرکبو ته اياز هن دؤر جو
ترجمان شاعر آهي ۽ هو ٽئگور جيان جيئري ئي
انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي دنيا آڏو متعارف ٿئي ها ته
اڄ سندس قد ۽ قدر گهڻو مختلف هجن ها پر سنڌي سماج
جي نسبت سان هو هن دؤر جو ترجمان شاعر ناهي. هو
سنڌ جي مستقبل جو ترجمان شاعر آهي. ان ڪري جلد
بازي ۾ جذباتي ٿي عوام کي ميار ڏيڻ نه ته اياز
سان انصاف ٿيندو ۽ نه قوم ۽ عوام سان.
اهو
سمجهڻ ۾ ڪا گهڻي عربي فارسي به ناهي. هر قوم ۽
معاشري جي تاريخ ۾ اهو ٿيندو رهيو آهي پر مان نه
ٿو سمجهان ته ڪو فيض انهن ماڻهن جي سوچ، روين ۽
محسوسات جو ترجمان شاعر آهي جيڪي اردو ڳالهائين
ٿا، عجيب ڳالهه آهي ته فيض پاڪستان ۾ عوام ۽ ترقي
پسند حلقن کان وڌيڪ پنجاب جي سول توڙي ملٽري
بيورو ڪريسيءَ ۾ مقبول ۽ پسند ڪيو ويندو هو جڏهن
ته انهن جو ترجمان شاعر نه هو. ان ڪري منهنجي خيال
۾ اياز قوم جي جنهن روشن خيال حصي جو ترجمان شاعر
آهي اهو اڃا سنڌي سماج ۾ ان سطح تي پيدا ئي نه ٿيو
آهي. هاڻي مان اصل ڳالهه تي اچان ٿو. سوال اهو
ناهي ته ڪو اياز جي مرتبي تي ماڻهن جا هجوم گڏ
نه ٿيا ته ڪو اياز ننڍو ٿي ويو يا ان سان هن جي
اهميت گهٽجي وئي! اياز ته اهو ئي رهڻو آهي، جيڪو
هو هيو ۽ آهي. بنيادي ڳالهه جنهن تي اسان کي
ويچارڻ گهرجي ۽ اسان لاءِ وڏي سماجي ۽ قومي
ذميواريءَ جو سوال آهي ته اسان کي پنهنجي قوم ۽
عوام کي ان قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي ته
اها ذهني طور ان جي قابل هجي جو پنهنجن اياز جهڙن
املهه ماڻڪن جو حقيقي قدر ڪري ۽ انهن کي سمجهي
سگهي. اهو الميو اياز جو ناهي. اياز ته اياز آهي.
اهو الميو اسان جو آهي ته اسان جي قوم جنهن جي
”عظمت“ جون دعوائون ڪندي اسان ٿڪجون نٿا اها
ذهني طور اڃا پٺتي پيل ۽ شعور کان وانجهيل آهي.
اياز جي حوالي سان ٻيو معاملو جنهن تي اڪثر
ڳالهايو ۽ لکيو پيو وڃي ته اياز تي تنقيد ڇو ڪئي
ويندي هئي. منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان اسان کي
حقيقت پسند ۽ عقلي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. سڀ کان
پهرين ڳالهه ته ائين اٻهرائيءَ وچان اياز جي سمورن
نقادن کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ ڪنهن طور به جائز
ناهي. هر وڏي ماڻهو جيان اياز به سڄي زندگي متنازع
رهيو.ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجن فن، فڪر ۽
حوالي سان موجود
Quo-status کي ٽوڙيندي، ماڻهن جي ذهنن، قدرن، روين ۽ تصورن کي متاثر ڪندو ته ان تي
بحث مباحثا لازمي طور ٿيندا. ان ۾ ڪو به عجب ناهي
۽ نه ئي سماج ۾ متنازع ٿيڻ ڪا خراب ڳالهه آهي.
سوال ڪنهن جي متنازعه هجڻ جو ناهي، سوال اهو آهي
ته ان سڄي تنازع ۾ ماڻهو پاڻ ڪهڙي پاسي آهي؟ آيا
هو پاڻ زندگي جي بهتر، روشن خيال، تخليقي، اڳتي
وٺي ويندڙ ۽ ساهه سڌير پاسي آهي يا ان جي ابتڙ؟
اياز جڏهن ادب، فن ۽ شاعري جي ميدان تي آيو ته پاڻ
سان نئون تخيليقي فن ۽ فڪر کڻي آيو، هو سنڌي سماج
۾ فن ۽ فڪر جي حوالي سان نئين جوت ۽ جاڳرتا جي
علامت ٿي اڀريو. هن ادب ۽ شاعريءَ جي روايتي ۽
صدين کان گٺل ۽ زندگي جي حقيقتن کان لاتعلق ادبي،
فني ۽ فڪري رجحانن کي ادبي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽون
ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته ان جي نتيجي ۾ اياز تي
اونداهه ۽ تقليد جي علمبردارن طرفان تنقيد اوس
ٿيڻي هئي، سا ٿي. پر ڇاڪاڻ ته اياز ان زماني ۾ فن
۽ فڪر جي تخليقي ۽ اڳتي وٺي ويندڙ قدرن. تصورن ۽
روين جو سج هو، ان ڪري اونداهه هن جو ڪجهه به
بگاڙي نه سگهي ۽ اهو اڳتي وڌندو ٿي رهيو. ائين
اياز پنهنجي زندگي، فن ۽ فڪر جون منزلون طيءِ ڪندو
ويو ۽ ان سڄي سفر ۾ ڪيترا اهڙا به هئا. جن ساڙ ۽
حسد وارن اياز کي سَٺو نه ٿي ۽ هن تي ذاتي حوالن
سان غير ضروري طور جُهلون ڪندا رهيا ۽ اهو سلسلو
آخر تائين هليو. پر اياز تي زندگي ۾ تنقيد ڪندڙن
جو هڪ ٻيو حلقو به هو، جنهن اياز جي فني ۽ شاعراڻي
عظمت کي تسليم ڪندي هن جي وجود تي فخر ڪندي، هن
سان پيار ڪندي هن تي خلوص وچان مختلف مرحلن تي
تنقيد به ڪئي ته جيئن هو پنهنجي ماضيءَ جيان اوچو
۽ اڏول ٿي رهي. خاص طور تي مان اياز جي پڇاڙيءَ جي
دور بابت ٿو چوان. ان سڄي عرصي دوران اياز جي فڪر
۾ عجب تبديليون آيون.
جيتوڻيڪ هر ماڻهوءَ کي حق پهچي ٿو ته هو جن خيالن
کي صحيح سمجهي ٿو انهن کي قبول ڪري پر، بدقسمتيءَ
سان اياز پنهنجي ان عظيم شاعريءَ جي پاڙن ۾ کتل
فڪر ۽ قدر کي به رد ۽
Disown
ڪري رهيو هو. اهو سڀ ظاهر آهي
ته انهن ماڻهن کي برداشت ٿيڻ ڏکيو هو، جن اياز
شخص کان وڌيڪ اياز جي شاعريءَ ۽ ان جي قدرن ۽
آدرشن سان پيار ٿي ڪيو. انهن ماڻهن اياز تي جائز
تنقيد ڪئي ۽ مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان
چوان ٿو ته اهي حق بجانب هئا. هي اهي ماڻهو هئا
جن اياز سان پيار فقط ٺلهي عقيدت ۽ شخصيت پرستيءَ
وچان ٿي ڪيو پر هنن اياز کي زندگيءَ جو شاعر
سمجهيو هو. زندگيءَ جي عظيم قدرن، تصورن، محسوسات
۽ خوابن جو شاعر سمجهيو هو. هنن اياز کي ان عظيم
شاعريءَ بدولت پنهنجي سماج ۽ سڄيءَ دينا لاءِ سج ۽
سونهن جو سرجڻهار ۽ سونهن سمجهيو هو ۽ اهو واقعي
به ائين هو پر جڏهن اياز انهن جي پاڻ نفي ڪرڻ شروع
ڪئي ته هنن پنهنجو فرض سمجهيو ته پنهنجي محبوب
شاعر ۽ جينئس سان پورو پورو اختلاف ڪن. ان ڪري
اياز جي سمورن نقادن کي هڪ قطار ۾ بيهارڻ زيادتي
آهي. اياز سان به ته، اياز جي شاعريءَ سان به ۽
انهيءَ اعليٰ شعور سان به جنهن تحت اياز سان
اختلاف ڪيو ٿي ويو، جيڪي ماڻهو ٺلهي عقيدت ۽
درٻاري مزاج وچان اسان جي هڪ بي مثال شاعر کي
”ادبي پير ۽ مرشد“ بڻائڻ جي چڪر ۾ آهن اهي اياز
سان ناانصافي ڪن ٿا. سنجيدگيءَ سان سوچين ته اياز
صاحب پنهنجي بي مثال شاعريءَ سبب جينئس هو يا
برسات اخبار ۾ لکيل انهن ايڊيٽوريلن،
مضمونن، ڪالمن ۽ دعائن سبب جن سان انهن ماڻهن به
اختلاف ڪيو، جن هميشه اياز جو دفاع ڪيو هو. اياز
سان حقيقي محبت جي تقاضا به اها آهي ته هن جي
ڪمزور پاسن تي اجايو زور ڏيڻ بجاءِ هن جي شاندار ۽
بي مثال شاعريءَ ۽ ان جي فڪر ۽ فن کي اڀاريو وڃي.
هونئن به دنيا جو ڪو به ماڻهو سڄي حياتي سمورن
حوالن سان عظيم نه ٿو هجي. اياز جي بهترين ۽ بي
مثال شاعري ئي هن جي وڏائي جو بنياد ۽ سبب آهي ۽
ان کي مڃتا ۽ اهميت ملڻ گهرجي. جي اياز پنهنجي
زندگيءَ جي ان سرمائي کي آخري دور ۾ ڪنهن به سبب
ڪري
Disown
ڪرڻ لڳو هو ته به اياز جي اها
حيثيت گهٽجي نه ٿي سگهي. مثلاً هڪ سائنسدان پنهنجي
سڄي زندگيءَ جي تخليق جي نتيجي ۾ جيڪي دريافتون ۽
ايجادون ڪري ٿو، جي اهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن
مرحلي تي انهن کي قبول نه به ڪري تڏهن به انهن جي
حيثيت ۽ اهميت گهٽجي نه ٿي سگهي. ڇو ته پوءِ اها
هن جي ذاتي وٿ نه ٿي رهي. پوءِ اها سموري انسان
ذات جو ورثو ۽ وٿ بڻجي وڃي ٿي.
انسان هڪ عجيب شيءِ آهي، اهو پنهنجي اوسر ۽
تبديليءَ جا انيڪ مرحلا طئي ڪري ٿو ۽ ڪيئي ڏسائين
ڏانهن پاڻ کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان سڄي سفر ۾
لازمن ٿڙي ۽ ٿاٻڙي به ٿو. ان ٿڙڻ، ٿاٻڙجڻ ۽ غلطيون
ڪرڻ جي پنهنجي اهميت آهي. پر ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ
جي پرک بنيادي طور هن جي بهترين حاصلات ۽ تخليق جي
بنيادن تي ئي ڪرڻ گهرجي. ان ڪري سڀ کان پهرين ته
اياز جي سمورن نقادن کي هڪ صف ۾ نه بيهارڻ گهرجي.
هڪڙا جهالت وچان اياز تي جهلون ڪندا هئا، ٻين کي
هن سان ذاتي حسد ۽ بدنيتي تحت بغض رهندو هو ۽ ٽين
اعليٰ ادبي ۽ فڪري شعور تحت هن سان اختلاف رکيو.
انهن سڀني کي هڪ صف ۾ ڪيئن ٿو بيهاري سگهجي. اياز
هڪ تخليقار هو ۽ هن ڏانهن به تقليدي ۽ عقيدي پرستي
وارا نه پر تخليقي رويا اختيار ڪرڻ گهرجن. ٺلهين
عقيدتن وچان اياز کي”ادبي پير“ بنائڻ اياز جي
تخليقي شاعري جي روح جي نفي آهي. ٻيو ته اياز تي
چند عقيدت پرستن جو ٺيڪو نه به هجڻ گهرجي. اياز
ڪنهن هڪ محدود گروهه جو شاعر نه هو. هو اسان جو
قومي شاعر، قومي ورثو ۽ سرمايو آهي، هن سان پيار
ڪرڻ، هن کي پڙهڻ، هن تي ڳالهائڻ ۽ خود هن تي تنقيد
ڪرڻ جون
سمورن ماڻهن کي حق آهي ۽ هجڻ به گهرجي.
ان
کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه ته به اٻهرائيءَ وچان وڏو
ممڻ مچايو ويو آهي ته اياز ڪنهن جي به پيداوار نه
هو ۽ هو فقط پنهنجي ذاتي سبب ايڏو جينئس بڻيو. ان
۾
ڪو به شڪ ناهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به فيڪٽري ناهي
يا اهڙا ڪي به ذريعا ناهن جن تحت رٿابندي سان ڪو
به جينئس ٺاهي سگهجي. پر ائين به ناهي ته ڪو
جينئس فقط پنهنجي داخلي ۽ شخصي سببن ڪري تخليق يا
پيدا ٿئي ٿو. هر جينئس جو ٺهڻ هڪڙو همه گير لقاءُ
(Phenomenon)
هوندو آهي.اياز به رڳو هڪ فرد نه هو پر هڪ ادبي،
فني ۽ فڪري امتزاج جو آرٽسٽڪ فنا مينن هو. جي هن
جو شڪارپور جو پس منظر نه هجي ها ۽ فارسي، هندي ۽
اردو تي عبور سبب هو اوڀر جي باڪمال ادب ۽ شاعري
جي مزاج ۽ مقام کي نه سمجهي ها. انگريزي زبان
معرفت دنيا جهان جي عظيم ادب ۽ فڪري ڌارائن سان
روشناس نه ٿئي ها، ادب جي تاريخ جو ڄاڻو ۽ شاعري
جي لطيفي فڪر ۽ روايت جو امين نه هجي ها ۽ هن کي
محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سوڀي
گيانچنداڻي، فيض احمد فيض، سبطِ حسن جهڙا عالمي
ادب جا ڄاڻو ۽ اسڪالر دوست نه هجن ها، جن کان
مختلف نموني هو زبردست متاثر ٿيو ۽ سڀ کان وڏي
ڳالهه ته کيس اهڙا تشنه دؤر نه ملي ها ته مان نه
ٿو سمجهان ته اياز جنهن سطح ۽ مرتبي جو شاعر آهي،
اهو ممڪن هجي ها.بنيادي ڏات ۽ صلاحيت ته ظاهر آهي
ان ماڻهو ۾ هوندي آهي پر اهي عوامل به بي حد اهم
آهن، جيڪي هن کي متاثر ڪن ٿا. ٽئگور ته ساڳيو هو
پر جڏهن هن کي ازرا پائونڊ جهڙا نقاد مليا ۽
Yeats
ٽئگور کي پيدا ڪيو، پر ٽئگور کي دنيا ۾ ايترو مٿي
آڻڻ ۾ ان جو به هٿ هو. خود جيڪڏهن ٽئگور کي بنگالي
ادب جو پس منظر نه ملي ها يا هن کان پهرين بنگالي
ادب ۽ فڪر ۾ نشاط الثانيه جا بنياد نه پئجي چڪا
هجن ٿا ته ٽئگور شايد اهو ساڳيو ٽئگور نه هجي ها.
خود اردو ۾ فيض کان پهرين اقبال جهڙو يگانو شاعر
پيدا ٿي چڪو هو. پر جڏهن فيض اردو شاعري کي ساڳئي
تسلسل ۽ فني توڙي فڪري حوالي سان نوان رخ ۽ نئون
مزاج نه ڏئي ها ته فيض، فيض نه ٿي سگهي ها. مطلب
ته هر جينئس جي پيدا ٿيڻ جو هڪرو خاص پس منظر ۽ ان
۾ ڪيترن داخلي، فڪري، فني، سماجي، سياسي ۽ تاريخي
عنصرن جو عمل دخل هجي ٿو، ان ڪري ائين محدود سوچ
سان اٻهرائيءَ وچان هوائي تبصرا ۽ فيصلا صادر ڪرڻ
کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اياز هاڻي هن دنيا ۾ جسماني
طور باقي نه رهيو آهي. البته هڪ وڏي شاعر طور هو
اڄ به موجود آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود تائين زنده
رهندو.
هڪڙو
اياز اهو هو جيڪو هڪ شاعر سان گڏ هڪ انسان به هو،
سموريون عظمتون ۽ ڪمزوريون رکندڙ انسان. هڪ انسان
طور، هڪ پيءَ ۽ مڙس طور، هڪ دوست ۽ مخالف طور، هڪ
وڪيل ۽ سماج جي هڪ فرد طور هن زندگيءَ جا فرض
ڪيئن نڀايا، اهو سوال هاڻي ماضيءَ جو سوال بڻجي
چڪو آهي. هر ايندڙ ڏينهن ان سوال کي سرد ڪندو ۽ ان
کي بي معنيٰ بڻائيندو. تاريخ جي ڇاڻي انهن سمورن
سوالن کي ڇاڻي ڇڏيندي. ها باقي جيڪو ٻيو اياز هو،
اسان جو قومي شاعر جنهن سنڌيءَ شاعري ۽ ٻوليءَ کي
نئين زندگي ڏني. ان کي نئون حسن ۽ هڳاءُ ڏنو. اهو
زنده آهي ۽ زنده رهندو. مستقبل ۾ اياز جي ذات ۽ ان
جي ڪمزورين جو سوال بي معنيٰ بڻجي ويندو ۽ هن جي
شاعري فن ۽ فڪر جو سوال اهم بڻبو ۽ اسان کي به ان
کي ئي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن جي ذات باقي نه رهي ته
ان سان لاڳاپيل سوال به معنيٰ خيز نه رهيا آهن.
البته هن جي شاعري اڄ به زندهه آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ
جي اتهاس سان گڏ زندهه رهندي، نتيجي ۾ سندس شاعري
سان لاڳاپيل سوال به تشنه ۽ اهم رهندا ۽ انهن کي
ئي اهميت ملڻ گهرجي.
(12
جنوري روزانه ڪاوش)
الوداع! وو الوداع!
اعجاز
منگي
هو
چوندو هو ته، ” منهنجي ننڊ نه ڦٽاءِ، مان اهڙو
سمهندو سانءِ، جو وري نه اٿندوسانءِ.“
سنڌ
واسيو! نيٺ هو اهڙو ستو جو اوهان هن کي وري اٿاري
نه ٿا سگهو، هو جيڪو اوهان جو قومي شاعر هو، جيڪو
آخر ۾ پاڻ کان پڇندو هو ته مون کي کرڙيءَ جي ميدان
۾ مرڻو هو. مان ڪراچيءَ ۾ ڇو ڀڄي آيو
آهيان!“ڪارڊيو ويسڪيولر انسٽيٽيوٽ جي ڪري يا سمنڊ
جي ڪري!؟ هو ڪراچيءَ ڇو آيو؟ شايد هن جي روح جي
جوار ڀاٽا سا سنڌو سنگت نه پئي ڪري سگهي. هن کي
زندگيءَ جي نيم تاريڪ اسٽيج تي ڪراس ڊانس لاءِ
سمنڊ جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهڻ جي ضرورت محسوس ٿي
هجي. هو آخر ۾ گهڻو وسيع ٿي ويو. ان ڪري محدود
ماڻهو هن جي وسعت کي برداشت نه ٿي ڪري سگهيا.
ننڍڙا ماڻهو لکندا هئا، طنزون ڪندا هئا ته هو
دعائون ٿو لکي، پر انهن کي خبر نه هئي ته اياز جي
دعا ڪا عام دعا نه هئي. هن جي دعا واري ٻُڪ ۾
جهالت ۽ بيخبري نه هئي، پر ان ۾ تصوف ۽ سائنس جو
قديم کان جديد تائين سمورو علم هو. هو فقط عظيم
ليکڪ نه هو، پر عظيم پڙهندڙ به هو. سنڌ ۾ جيترا
ڪتاب اياز پڙهيا، ايترا ڪنهن نه پڙهيا ۽ منهنجي
معلومات مطابق اياز کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن گهڻا
ڪتاب پڙهيا آهن ته اهو به شڪارپور ڄائو جاويد ڀٽو
آهي، جيڪو هن وانگر شڪارپور مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾
هن جي پاڙي ۾ رهيو ۽ هو شاعري پسند نه هجڻ جي
باوجود بين الاقوامي ادب جو وڏو ڄاڻو آهي. ڇا اهو
به اتفاق آهي ته اهو جاويد ڀٽو ”وي سي شپ“ واري
تڪرار تي ڳالهائيندي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي
هائوس آڏو، تنهن وقت جي اوپن ايئر ريسٽوران ۾
چانهن جي چسڪيءَ کان پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چوندو
هو ته، ” ڏسو، هڪ ڇاڻي اوهان جو تجزيو آهي ۽ ٻي
ڇاڻي تاريخ وٽ آهي، جڏهن اياز کي تاريخ ڇاڻيندي ته
ان جي سوراخن مان اهي ڳالهيون ڪري وينديون ۽ باقي
بچندي، هن جي شاعري! جيڪا لطيف کان پوءِ سنڌ جي
وڏي ۾ وڏي شاعري آهي.“
پر
سنڌ واسيو! هن انسان کي ڏاڍو ستايو ويو، هڪ عظيم
شاعر جي روح ۾ روين ۽ لفظن جا ڪنڊا چڀايا ويا ۽ هو
سخت ڪاوڙ ۾ چئي ڏيندو هو ته ”تون ڏاهو آهين؟ تون
ته رڳو ڄاهو آهين، ڪنڊا کڻي ڪڍيا اٿئي!“
سڌ
واسيو! مان انهن ٿورڙن ماڻهن هڪ منجهان آهيان،
جيڪي هن سان ويجهو هئا. هو منهنجو استاد هو، مون
کي جسماني جنم منهنجي ماءُ ڏنو ۽ مون کي شعوري جنم
اياز ڏنو، جيڪڏهن امان مون کي جنم نه ڏي ها ته مان
هن دنيا ۾ ئي نه هجان ها ۽ جيڪڏهن سکر جي هلڪي
سرديءَ ۾ نماشام جو اياز انٽر جي هڪ نوجوان لاءِ
پنهنجي گهر جو در نه کولي ها ته مان هي سٽون نه
لکان ها. مون کي ياد آهي ته ان دور ۾ منهنجو اياز
جي سڀ کان ننڊي پٽ سرمد کان سواءِ ڪو دوست ڪو نه
هو. اها ڳاڙهي ۽ سرمئي شام هئي، جڏهن مون پراڻي
سکر جي جناتي بلڊنگ جو ڊور ڪال وڄايو. هو ۽ هڪ ٻار
نڪري آيو، جنهن ٻار کان مون پڇيو هو ته، ”اياز
صاحب آهي؟“ اهو ٻار ويو ۽ بوسڪيءَ جو چولو پاتل،
هڪ ننڍي قد وارو تمام وڏو ماڻهو منهنجي آڏو اچي
بيٺو. هن جي ڊگهن وارن ۾ اڇيون چڳون هيون، هن کي
عقاب جي پرن جهڙا شهپر هئا ۽ هن جي اکين ۾ اهڙي
جوت هئي، جيڪا ايڏن وڏن شاعرن جي سڃاڻ هوندي آهي.
هن
مون کان پڇيو ته، ”ڪير آهين پٽ!“ مون کيس
گهٻرائيندي چيو ته ”مان سرمد جو دوست آهيان ۽
شڪارپورکان اوهان سان ملڻ آيو آهيان.“ هن حيرت مان
پڇيو ته، ” تون شڪارپور مان مون سان ملڻ آيو
آهين!؟“ چڱو ڦري اچ.“ هن ڀر وارو ننڍڙو ڪمرو
کوليو، جنهن جي چئني پاسن کان ڪتاب سٿيا پيا هئا ۽
ڪمري جي ديوارن تي ڪامريڊ لينن، سقراط ۽ هندو
ديومالائي داستانن جون تصويرون فريم ٿيل هيون. ان
وقت لائيٽ نه هئي، ننڍي ڪمري ۾ لالٽين ٻري رهيو
هو. مون هن کان پڇيو ته، ”اوهان ڪميونسٽن جي خلاف
آهيو پر توهان وٽ لينن جي تصوير لڳل آهي؟“ هن ڪنڌ
ڦيرائي لينن جي تصوير کي ڏٺو ۽ اڻ دکيل سگريٽ چپن
مان ڪڍي چوڻ لڳو: ”پٽ هي عظيم انسان هو. عظيم
انقلابي هو. مان اسٽالن جو مخالف آهيان ۽ هتان جي
نقلي ڪميونسٽن جي خلاف آهيان. هي ته ٻي شيءِ هو.“
۽
پوءِ هو مون کان مسلسل سوال پڇندو رهيو. اڄ مان
سمجهان ٿو ته هو منهنجو پاڻي ڪڇي رهيو هو ۽ شايد
مان ٽيسٽ ۾ پاس ٿيس، جو هن چيو: ”پٽ تون موٽ وٽ
ڪڏهن ڪڏهن ايندو ڪر، سرمد کي منهنجا سلام ڏجانءِ.
مونس ڪيئن آهي؟“ ” ٺيڪ آ سائين.“ اهو چئي مان هن
کان موڪلائي آيس ۽ پوءِ منهنجو هن سان استاد شاگرد
وارو رشتو جڙيو. اهو رشتو ٻه سال هليو، ٻن سالن
تائين مان تقريباً هن وٽ هر موڪل واري سانجهيءَ جو
ويندو هوس، هو مون کي چانهن پيئاريندو هو ۽ پنهنجي
ڪپ ۾ کنڊ بدران سيڪرين جي ٽڪري وجهندو هو. مون هن
جا ڪيترائي موڊ ڏٺا، ڪڏهن ڪڏهن ته هو مون تي چڙي
پوندو هو. چوندو هو ته، ” ڇو ٿو اچين؟ وڃي پنهنجو
ڪورس پڙهه. ڇا رکيو آهي، انهن ڪتابن ۾. انهن مون
کي ڇا ڏنو؟ توکي ڇا ڏيندا؟ ۽ پوءِ دنيا جي انهن
اديبن جو ذڪر ڪندو هو، جيڪي سائنس جا عالم هئا. هو
بار بار آمريڪي ناول نويس جان اسٽين بيڪ جو ذڪر
ڪندو هو، جيڪو سامونڊي حياتيات جو ماهر هو. هو
چوندو هو ته، ” مان جيڪڏهن ڪامياب وڪيل نه هجان ها
ته سٺو شاعر به نه هجان ها.“ پر وري ادب ڏانهن
منهنجو مضبوط لاڙو ڏسي، موڪلائڻ مهل ٻه ٽي ڪتاب
ڏيندو هو. هو ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هو ته بين الاقوامي
ادب تي تيز نديءَ وانگر وهندو هو ۽ شيلي، ڪيٽس،
بائرن ۽ باشوءَ جا نالا منهنجي شعور جي آسمان تي
آتشبازيءَ جي چڻنگن وانگر ڦهلجي ويندا هئا.
”پٽ! دنيا ۾ مون کان وڏا شاعر آهن.“ هن مون کي
يوناني نال نويس ۽ شاعر ڪاز انٽ زاڪس سان متعارف
ڪرايو. مان کيس چوندو هوس ته، ”مون کي اهي سڀ ڪتاب
پڙهايو“ ۽ هو مسڪرائي چوندو هو ته، ” ها، پر آهستي
آهستي، تون اڃا ننڍو آهين.“ ٻي سال دوران مان هن
سان ڪوئينس روڊ واري آفيس ۾ به ملندو هوس ۽ اتي
آفيس ۾ سکر جي سينيئر وڪيلن سان ڳالهائيندي چوندو
هو ته، ”هي منهنجي ڳوٺ جو ڇوڪرو آهي ۽ ادب ۾
منهنجو پهريون ۽ آخري شاگرد آهي، هونئن ته سڄي سنڌ
اياز جي شاگرد آهي، پر هن روبرو منهنجي شاگرديءَ
کي قبول ڪيو.
۽
مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن مان ڪميونسٽ
پارٽيءَ سان لهه وچڙ ۾ آيو هوس ۽ ان ڏينهن هو سخت
ناراض ٿيو هو. هن مون کي چيو هو ته: ” تون انهن
کان الڳ ٿي. انهن حشوءَ کي ڇا ڏنو؟ سوڀي کي ڇا
ڏنو؟ توکي ڇا ڏيندا“ ۽ مان کيس چيو هو، ”استاد!
مان هڪ سچو ڪميونسٽ ٿيندس“ ۽ هن ڪاوڙ ۾ بند مٺ
ڇنڊيندي چيو هو، ” وڃ ڌوڙ پاءِ.“ ۽ مان کانئس
ناراض ٿي هليو آيو هوس. اها منهنجي پنهنجي استاد
کان پهرين ناراضگي هئي. پوءِ هن مون کي خط لکيو
هو. اهو خط منهنجي علمي ادبي تعليم جو سرٽيفڪيٽ
هو. مون کي ياد آهي ته اهو خط مون سوين دفعا پڙهيو
هو ۽ عبدالواحد آريسر کان وٺي مير ٿيٻي تائين سڀني
کي پڙهايو هو.
منهنجي استاد لکيو هو ته:
”پيارا اعجاز!
خدا
توکي ڏات ڏني آهي، ڪالهه مون تنهنجي شاعريءَ جي
ڪاپي پئي پڙهي، هي بيت ته منهنجي دل ۾ لهي ويو.
”ها
هوءَ بات بَکي، مکڙيون مهڪيون ٽارئين،
پڃري منجهه پکي، باندي برکا رت ۾.“
تنهنجو خير انديش
شيخ
اياز“
پر
مان ادب کي الوداع چئي پنهنجو سڱ سياست سان ڳنڍيو
پر منهنجي سياست به ادبي هئي. اياز منهنجي سڃاڻ ٿي
چڪو هو. مون کي هن جي سموري شاعري ياد هئي ۽
زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ مان هن سان گهڻي عرصي کان
پوءِ ان وقت مليس، جڏهن مون شادي ڪئي. مان هڪ
شاگرد، پٽ وانگر پنهنجي ڪنوار وٺي اياز وٽ آشيرواد
لاءِ ويو هوس. هن انيتا جي مٿي تي هٿ رکي، دعا
ڏني. مان ادب ڇڏي چڪس پر اياز سان منهنجو رشتو
قائم هيو. پوءِ اهو رشتو ادبي شاگرد وارو نه رهيو
۽ هڪ پيءُ ۽ پٽ وارو ٿي ويو هو. مان اهم موقعن تي
هن سان ملندو هوس، مان هن وٽ اڪيلو ويندو هوس ۽
منهنجون هن سان ملاقاتون نج ذاتي نوعيت واريون
هيون ۽ اسان ادب بدران سرمد، مونس ۽ ادي وينگس جي
باري ۾ ڳالهائيندا هئاسين. وچ ۾ ڪا ادبي ڳالهه
نڪرندي به هئي ته هو مختصر جواب ڏئي ڇڏيندو هو.
مون
کي ياد آهي ته جڏهن سکر ۾ منهنجي ڀيڻ آمنا کي
ڌيءُ ڄائي ته ان جو نالو مون اياز کان پڇيو ۽
قيوم منگيءَ جي پهرين ڌيءُ جو نالو اياز روماسا
رکيو ۽ جڏهن ڪراچيءَ ۾ سارنگ ڄائو ته مون چيو،
”استاد! مون کي پٽ ڄائو آهي. نالو ٻڌايو.“ ”هان!
اڙي اعجاز تون اولاد وارو ٿي وئين!“هو خوش ٿيو، هن
چيو، ”ترس مان سگريٽ کڻي اچان.“ هن سگريٽ دکائي
پيتو ۽ چيائين، ”مون کي سارنگ نالو وڻندو آهي، ڏس
جيڪڏهن تو اهو نالو نه رکيو ته مون کي ڏک ٿيندو.“
۽ جڏهن انيتا دل جي آپريشن پئي ڪرائي ۽ مان ڏاڍو
گهٻرايل هوس ۽ ’اتفاق!؟‘ سان منهنجو ذهني پيءُ به
ساڳي اسپتال ۾ داخل هو. مان انيتا کي ويل چيئر تي
ويهاري پنهنجي ٻڍڙي استاد وٽ وٺي ويس ۽ کيس چيم
”استاد! سڀاڻي انيتا جي دل جي آپريشن آهي. مان
گهٻرايان ٿو، اوهان دعا ڪريو.“
هن
جون اکيون ڀرجي آيون ۽ انيتا جي مٿي تي هٿ رکي
چيائين،” پٽ! مون سڄي عمر ڪنهن کي دعا نه ڪئي آهي.
سڄي عمر. اڄ مان خدا کان پهريون ڀيرو ڪجهه گهران
ٿو. يقين ڪر ته خدا منهنجي دعا اگهائيندو.“ ۽ مون
کي چيائين، ڏس! آپريشن کان پوءِ سڌو مون وٽ
اچجانءِ.“ جڏهن انيتا جي آپريشن ٿي وئي ۽ هوءَ هوش
۾ آئي ته مان اياز وٽ ويس ۽ منهنجو منهن ڏسي، ڪنڌ
ورائي پنهنجي گهر واري زرينا کي چيائين، ” مون کي
يقين هو ته خدا منهنجي پهرين دعا ضرور قبول ڪندو.“
ان ڳالهه جو ذڪر بعد ۾ هن پنهنجي ڪتاب“ ڪتين ڪر
موڙيا جڏهن،“ ۾ ڪيو پر اياز سان منهنجو رشتو گهرو
هو.
سنڌ
واسيو! اڄ ڄامشوري ۾ هڪ وائڙو ۽ اداس ڏينهن آهي ۽
منهنجي امڙ جيان منهنجي استاد جو جسم سفر ۾ آهي ۽
اڄ منهنجي دل ٻار وانگي روئي ٿي ۽ مان پاڻ کي يتيم
محسوس ڪندي سوچيان ٿو ته، ” اڄ مون لاءِ دعا جو هڪ
ٻيو در بند ٿي ويو.“ اهو انسان هليو ويو، جيڪو مون
کان ناراض ٿيندو هو، ڏکارو ٿيندو هو، جنهن لاءِ
مان سرمد جهڙو هوس. منهنجي من ۾ بار بار اهي
ڪيفتيون اٿي رهيون آهن، جيڪي مان ”ڀنؤر ڀري آڪاس“
پڙهندو هوس، جڏهن ” جي ڪاڪ ڪڪوريان ڪاپڙي“ پڙهندو
هوس. اهي لفظ، اهي تشبيهون، اهي استعارا، جيڪي
محبوب جي وارن کان وڌيڪ پيارا هئا، جن هڪ انسان کي
ٻيهر جنم ڏنو.
سنڌ
واسيو! اڄ مون لاءِ ممڪن آهي ته مان گاڏي ڊرائيو
ڪري پنهنجي استاد جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيان. پر
مان هڪ مرڪندڙ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور چهري کي اڇي
ڪفن ۾ ويڙهيل نه ٿو ڏسي سگهان. مان چاهيان ٿو ته
مون وٽ هن جي آخري ياد ائين تازي ۽ جيون سان
شرابور هجي، جيئن مان هن سان آخري ڀيرو مليو هوس،
جڏهن هو ڪاوڙيل هو ۽ آخر ۾ کيس پرچائي مان هن لاءِ
هڪ پيار ڀريو ڪالم لکيو هو. جنهن ۾ مون سنڌ جي
نوجوانن کي اپيل ڪئي هئي ته، اياز سان محبت جو
اظهار ڪندي، هن ڏانهن ڪارڊ موڪليو. مون ان ڪالم ۾
اياز جي ائڊريس به لکي هئي.الائي ڪيترن ڪارڊن ۾
هڪ ڪارڊ منهنجي دوست عثمان شيخ جو به هو، جيڪو سنڌ
جي موجوده نسل جو ماڊرن ۽ روائتي نوجوان آهي.
سنڌ
واسيو! اڄ مون سان تعزيت ڪريو. اڄ منهنجي دل ڳوري
آهي، اڄ منهنجي دل ٻاٽليءَ جهڙي آهي. جنهن ۾ پيار
۽ پڇتاءَ جا ڳوڙها ڇلڪي رهيا آهن. اڄ حيدرآباد ۾
سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي سالگره هئي، جيڪا
منهنجي استاد جي وفات سبب تعزيتي ميڙ ۾ تبديل ٿي
وئي. مان ان ميڙ ۾ نه ويس، ڇو ته منهنجي اندر ۾
تڏو وڇايل آهي. ها هن تڏي تي ويٺي مان اهي لفظ لکي
سگهان ٿو ته:
اي
سنڌ جا اديبؤ! ڇا ثابت ٿيو؟ اڄ اهو ئي ثابت ٿيو ته
28 ڊسمبر سنڌي ادب جي سالگره جو ڏينهن نه پر
ورسيءَ جو ڏينهن آهي. اهو اتفاق ناهي ته جنهن
ڏينهن تي اوهان پُڇ ٻڌي سنڌي ادب جي لاڏن کي مهري
بڻائڻ جو پروگرام جوڙيو ۽ سنڌي ادب جي حوالي سان
تاريخي ڏينهن ملهائڻ لاءِ اسٽيج ٺاهي، منهنجي
استاد انهيءَ ڏينهن اکيون ٻوٽي ثابت ڪيو ته اڄوڪو
ڏينهن سنڌي ادب جي موت جو ڏينهن آهي. هاڻي توهان
جو به ڪريو پر اوهان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌي
ادب معنيٰ اياز آهي. سنڌي ادب جيستائين سرجڻو هو،
سرجيو. هاڻي سنڌي ادب ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو ۽ اوهان
مايوس نه ٿيو، ڇو ته اهو ايترو ادب آهي، جنهن کان
پوءِ توهان کي ٻي ادب جي ضرورت نه پوندي. ڇو ته
اياز ڀٽائيءَ کي ڏنل اها ڳنڍ آهي، جنهن جو آخري
ڇيڙو رڳو اهو ئي ڳولهي لهندو، جيڪو اياز کان پوءِ
سنڌ جو وڏو شاعر ٿيندو. هي توهان جون ادبي ڪاوشون
۽ اجايا ترجما ٽڪليون گڏ ڪرڻ واري شوق جهڙا ڪم
آهن.
سنڌ
وري هڪ اهڙي شاعر کي جنم ڏيندي جيڪو اياز کان پوءِ
ڏات جو سفر اڳتي وڌائيندو، جيئن لطيف کان پوءِ
اياز وڌايو. اهو به اتفاق ناهي ته لطيف کي پنهنجو
خالق شاعر مڃيندڙ شاعر هيترن سارن ڪتابن مان هڪ
ڪتاب به لطيف جي نالي منصوب نه ڪيو پر هن پنهنجو
آخري ڪتاب ” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ جو انتساب لطيف
جي نالي ڪندي لکيو،
”
تنهنجي جتيءَ جي مٽي-شيخ اياز.“
جڏهن اسان پنهنجي هماليا جهڙي شاعر جي ڏک مان
نڪرنداسين ته اسان هن جي شاعراڻي عظمت تي ڳالهائڻ
جهڙا ٿينداسين. اڄ ته فقط ڏک جي جهڙ وارو ڏينهن
آهي. اڄ اسان جي دور جي عظيم دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽
جيڪو ماڻهو هوائن، ڪهڪشائن، بادلن، رنگن، ماڪ ڦڙن
۽ پکين جي پرن تي گيت لکندو هو، ان جو روح مڊ ايسٽ
اسپتال جي دريءَ ۾ پر هڻي سمنڊ جي لهرن تي آخري
رقص ڪرڻ لڳو.
اي
سنڌ واسيو! ان کي به اتفاق نه سمجهو ته اياز اتي
ئي اکيون ٻوٽيون آهن، جتي سنڌ جي دريا خان، مير
مرتضيٰ ڀٽي زندگيءَ جو آخري ساهه کنيو. اياز مير
تي نه لکيو پر هڪ قومي شاعر جي حيثيت سان هن جي
بهادريءَ ۽ مجاهد واري زندگيءَ لاءِ سراپا ساراهه
ٿيندي هن پويون ساهه مڊ ايسٽ ۾ ڏنو. مرتضيٰ کي ٻيو
ڇا کپي؟ ان کان وڌيڪ مڃتا ته ڪنهن انقلابيءَ کي
نه ملي آهي ۽ اها مڃتا اتفاق جي دائري مان ٻاهر
نڪري، ڏسي سگهجي ٿي.
سنڌ
واسيو! موت اٽل حقيقت آهي. منهنجو استاد چوندو هو
ته:
”موت اسان جو پاڇو آهي،
ڪارونجهر، آ، ڪاڇو آهي،
منڇر آهي، مياڻي آهي.
سانجهيءَ جي سومهياڻي آهي.“
موت
جي حقيقت تي اسان جي استاد ايترو ڪجهه لکيو آهي،
جيڪڏهن اهو ڪٺو ڪجي ته ٽي ڪتاب تيار ٿين. هن موت
کان نفرت نه ڪئي، پر هن کي زندگيءَ سان ٻوڙان ٻوڙ
محبت هئي. هن جهڙي زندگي هر شاعر جي مقدر ۾ نه
ايندي آهي. هن کي هڪ شاعر جي زندگي ملي ۽ هن جو
موت به شاعرانه ٿيو. بلڪ اچانڪ! هونءَ به دنيا جا
اڪثر رومانوي شاعر ڊسمبر ۾ ويا آهن. اياز نئين سال
کان ٻه وکون اڳ ۾ موڪلائي ويو ۽ ويندي ويندي ثابت
ڪري ويو ته : ”اڄ سنڌي ادب مري ويو.“ اي سنڌ
واسيو! پنهنجي قومي شاعر جي الوداع پڙهو.
”الوداع! تون ڀرون ڇا لاءِ گهنجائي رهيو آهين،
ڏکايل ڇو ٿو لڳين؟ هن ڌرتي تي مون ڪائي نئين ڳالهه
ته نه آهي! ها پر زندگيءَ ۾ به ته ڪائي نئين ڳالهه
نه آهي!
مون
پنهنجن چمين سان سون ورنيون ڪنورايون، سورج مکين
وانگر ٽڙنديون ڏٺيون آهن. جنهن جنهن پکيءَ کي
منهنجين اکين گليل وانگر چٽيو آهي. ان اڳي کان به
وڌيڪ چهچهايو آهي. مون ويساک جي باک ۾ پاسو ورائي
پنهنجي ڀاڪر کي ڀريل ڏٺو آهي، ۽ پنهنجي ڇاتيءَ تي
رکيل ڳاڙهن ڳلن تي سج اڀرندو ڏٺو آهي.
الوداع! هر انسان ازلي مسافر آهي. هيءُ سراءِ هر
ڪنهن کي ڇڏڻي آهي.ان جو سارو سامان اڌارو آهي.
الوداع! اي هريون ڀريون کيتيون! جڏهن ڪڻڪ جا سنگ
هوا ۾ لڏندا آهن، تڏهن ائين لڳندو آهي ته هزارين
هنس ڪنڌ نوائي ڪنهن ڍنڍ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا آهن.
هن
دنيا سان مون ڪيترو نه پيار ڪيو آهي، پنهنجي پوري
جسم سان ۽ پوري روح سان!
او،
مان رهان يا نه رهان. شال سدائين ٽڙندا رهن املتاس
جا پيلا گل ۽ گلِ مهر جا ڳاڙها گل ۽ جڏهن نمن ۾
نموريون پچن ۽ سرنهن جا وڻ واس سان واسجي وڃن ۽
ڏؤنرن سان ڀريل ڏار بلبلين جي بار سان جهڪي پون.
شال ٻکن ۾ هٿ ڀريل ۽ چپن تي چپ الا رهن ۽ اکيون
اکين مان ڍاپي نه ڍاپن.
الوداع! اي ٿر ٻاٻيها! منهنجا گيت گواهه آهن ته
مون سدائين تو سان تنهنجي اُڃ ورهائي آهي.
جيڪڏهن ڪوئي گل منهنجن پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجي
ويو آهي ته مان ان کان به معافي ٿو وٺان، مان گاهه
تي به اڇاترو گهميو آهيان، جيئن اُنکي به چيڀٽ نه
اچي.
مان
ڄاڻان ٿو ته مون کوٽي جواريءَ وانگر پنهنجيءَ هار
جا داوَ لڪايا آهن.
ها،
مون تنهنجون جهوليون پنهنجن گيتن سان ڀري ڇڏيون
آهن.
پوءِ به اي ڌرتي
ها،مون کي اڃا ڪيئي گيت لکڻا ها جي مان پنهنجن
اوڻاين ڪري لکي نه سگهيو آهيان!
مان
اڃا تائين تنهنجو قرضي آهيان ۽ تنهنجو رهيل قرض تو
کان بخشايان ٿو.
الوداع! الوداع! الوداع! الوداع!
۽
ها منهنجيءَ مادريءَ زبان ۾ الوداع بدران ”سدائين
گڏ...“ چئبو آهي.
سدائين گڏ! سدائين گڏ! سدائين گڏ!
۽
اها الوداع پڙهي مان هڪ ٿڌي ساهه سان کيس چوان ٿو:
الوداع استاد!
تنهنجي جتيءَ جي مٽي- اعجاز منگي.
(روزانه ’سنڌ‘ جي ٿورن سان) |