سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 14

حقيقت ۾ شيخ اياز جنهن جي زندگي جا ڪيرائي رخ هئا، مطلب هو. جيڪو هڪ شڪارپوري هو، هُو جيڪو هڪ وڪيل هو، هُو جيڪو انقلابي هو، هڪ اعتقادي هو ۽ شاعر هو، ان جي انهن سڀني معلوم رُخن جي باوجود هڪڙي حقيقت اها آهي ته هو هڪ خانه بدوش، آواره ۽ جپسي هو جيڪا حقيقت اسان جي مٿان 28 ڊسمبر تي ظاهر ٿي آهي، جڏهن هو هن دنيا مان هُن دنيا ڏانهن وڃي خيمه زن ٿيو آهي، اصل ۾”زندگي ۽ موت جي سفر“ حقيقت وانگر”موت“ جي سرزمين تي ديرا ڄمائي ٿي.

ها!ممڪن آهي ته”زندگي“ هڪ جپسي هجي ۽ ”موت“ هڪ ديرو هجي، پر حقيقت اها آهي ته 28ڊسمبر جو صبح سنڌ جي ان سج جي زندگيءَ کي چورائي ويو آهي، جنهن جي ايف آءِ آر به درج نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو ”زندگي“ جڏهن ”موت“ جي آغوش ۾ جنم وٺندي آهي ته، اسان کي اهو چئي ماٺ ڪرايو ويندو آهي ته اهو”فطرت“جو هڪ اڻٽر حصو آهي، هڪ اهڙو اڻٽر حصو، جنهن ۾ ’زندگي‘ کي ”موت“کي ڀليڪار ڪرڻو پوي ٿو، ڇا فطرت جي اهڙي سفاڪي ۽ بي رحمي جي خلاف ڪا ايف آءِ آر درج ڪري سگهجي ٿي، جواب بلڪ واضع آهي، ته ڪڏهن به نه! ڇا موت تي انساني حقن جي سڀ کان اهم حق زندگي جي لتاڙ تي ڪا قرارداد مذمت پاس ڪري سگهجي ٿي،جواب اتي به بلڪل واضع آهي ته نه، نه..!

ها البت موت کي ميار ضرور ڏئي سگهجي ٿي، سا هي ته موت تون ڏاڍو بي رحم ، سنگدل ۽ سفاڪ آهين، هڪ اهڙو بي رحم، سنگدل ۽ سفاڪ ديو جنهن جو بقا ”زندگي“ مان ”روح“ کي چوسڻ آهي ۽ عمل ۾ اهو ٿوري دير لاءِ به اهو نه ٿي سوچي ته جنهن جسم مان ان ”روح“ کي هو چوسي رهيو آهي، اهو ڪنهن جو پٽ، ڪنهن جو ڀاءُ،ڪنهن جو مڙس، ڪنهن جو پيءُ، ڪنهن جو محبوب ۽ ڪنهن جو سڄڻ به هوندو ۽ جيڪڏهن اهو ائين سوچڻ شروع ڪري ته بذات خود”موت“ مري ويندو، انهيءَ ڪري ”موت“ پنهنجي بقا لاءِ ”زندگي“ کي ماري ٿو.

پر زندگي ۽ موت جي انهيءَ ويڙهه ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي”موت“ جي هٿان”فنا“ جو شڪار ٿيڻ جي باوجود ”لافنا“ ٿي ويندا آهن، شيخ اياز به جيتوڻيڪ جو ظاهري طور تي ”فنا“ جي راهه ۽ رستي جي ياترا ڪئي آهي،پر حقيقت هي آهي ته هو پنهنجي زندگي جو ٻليدان ڏئي ”ابديت“عطا ڪري چڪو آهي. اها ابديت جيڪا ڪنهن ڪنهن کي ورلي ئي ملندي آهي،ڇاڪاڻ جو جيستائين سندس”شاعري“ موجود آهي، ايستائين”اياز“ ائين ئي جيئرو رهندو، جيئن روحاني طور اڄ لطيف، سچل ۽ سامي جيئرا آهن.

اهو جيئرو رهڻ ئي اصل ۾ يادن ۾ جيئرو رهڻ آهي، اصل ۾ يادن ۾ جيئرو رهڻ ئي بقا ۽ لافانيت آهي، باقي جسماني طور تي رهڻ جي ڪو به منطقي مفهوم ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هن ڌرتي تي اهڙا انيڪ ماڻهو آهن، جيڪي جسماني طور تي جيئرا آهن، جن کي بقا نصيب ٿيندي آهي ۽ انهن مان هڪڙو شيخ اياز آهي.

پر سروم دکم دکم جي هن ديس جو وڏو الميو هي آهي ته، انسان ”ويسر“ جو شڪار آهي، هڪ اهڙي ”ويسر“ جنهن ۾ آهستي آهستي يادون به دم توڙي وينديون آهن ۽ پويان رهجي ويندا آهن، ماڳ ۽ مڪان، اهڙن ئي ماڳن ۽ مڪانن کي چئبو آهي، قبرستان! ۽ انهن قبرستان ۾ موجود انيڪ قبرن جي مٿان جيڪڏهن ڪنهن ”قبر“ تي ”ڪتبو“آهي ته پوءِ ان ڪتبي تي رهجي ويندو آهي، هڪ ”نالو“ شيخ اياز.

اندر جي دنيا جو نوبل شاعر

سردار شاهه

موت سان جهيڙو هلي ٿو

آئون تنهنجي وهٽ تي ڪو نه هلندس

تنهن ڪري جهيڙي ۾ هو هاري ويٺو ۽ موت مدد پٺاڻ جي گهوڙي تي سنڌ جي هڪ اهڙي ماڻهو کي سوار ڪري ويو، جنهن جي ڪري انهي گهوڙي جا سنب سنڌ جي الائي ڪيترين حساس دلين ۾ کپي ويا آهن. جنهن جو اندازو  ڪرڻ ۾ سنڌ مائي جندو وانگر  بيوس ٿي چڪي آهي. هو جيڪو لطيف کان پوءِ سنڌ جي اداس دلين جو ڌاڙيل هو. جنهن جا کاٽ، الائي ڪيترن نوجوانن جا قيمتي سامان چورائي ويا. دليون، اکيون، محبتون، همدرديون، آٽو گراف ۽ اداسيون سڀ هن جي عربي سمنڊ جي ساحلن تي سندس فليٽ جي ڪنهن شيلف  ۾ امرتا پريتم جي ”ايڪ اداس ڪتاب“ سان گڏ رکيل هئا ۽ انهي قيمتي سامان جي تلاش ۾ سنڌ جي جواني ڄڻ گلزار جو هو گيت ڳائيندي هئي.

ميرا ڪجهه سامان تمهاري پاس پڙا هي

وه لوٽا دو

۽ هو جيڪو شاعري جي رنگ برنگي  پوپٽن کي سنڌ جي فضائن ۾ اڏاري ڇڏيندو هو ۽ ڪيترائي گيت آسمان  جي تارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا هئا، وياڪل سنڌ جون اداس اکيون ۽ دليون سندس گيتن جي پوپٽن  جي تعاقب ۾ ڦڙڪنديون رهنديون هيون ۽ انهي تعاقب  ۾ پڙهندي سڀ ڪجهه وڃائي ويهنديون هيون. جيڪو سندن حياتي جي هڙ ۾ هوندو هو ۽ پوءِ سنڌ جي ڪنهن ليکڪا  لکيو هو” هو پڪين سرن واري دلين مان کاٽ هڻي ويو.“ ۽ جڏهن هي سٽون  سنڌ جا نوجوان  پڙهندا هئا ته چوندا هئا ته اياز  سونهن جو سودائي شاعر آهي  ۽ سندس ڪم آهي دلين جي ڪليسائن  ۾ ڪفر جون وارتائون وکيرڻ. انهي ۾ ڪو شڪ به ڪونهي ته  هو سونهن ۽ عشق جي شاعرن جو امام شاعر هو. جنهن جي اندر ۾ ڏات جي سنڌوءَ جو ڇوڙ ٿيندو هو ۽ سندس شاعري سمنڊ  جيان ورندي هئي ۽ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندي هئي. اياز جي شاعري ۾ ٻڏل  نوجوانن جي سنڌ پنجاهه سالن کان اياز ۽ جي ايم سيد جي چوڌاري پروٽان وانگر  ڦرندي رهي.

شڪارپور جي شاهي باغ ۾ موتئين ۽ گلابن تي من واريندڙ ۽ بيگاري واهه ۾ وهنجندڙ شيخ مبارڪ اياز کان وٺي عربي سمنڊ جي ساحلن وارين عاملياڻين جي ساڙهين جهڙين شامن جي دامن تي شاعريءَ جا تارا ٽاڪيندي شيخ اياز تائين هڪ ڄمار آهي. جيڪا سراپا بهار آهي، جنهن سنڌي ادب جي اڌ صديءَ تائين امامت ڪئي آهي. سنڌي شاعري کي فارسي جي فاعلن مفاعلن جي ڦرهي تان لاهي بلبل جي بڙ بڙ کان آزاد ڪرايو ۽ انهيءَ شاعريءَ  کي هند ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي  ورثي جي واٽ ڏني جنهن تي اڄ سنڌ جي شاعرن جي هڪ چڱي خاصي  پلاٽون ليفٽ رائيٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿي. اهو اياز جو ڪمال آهي جنهن سنڌي شاعري جي منهن تان ايراني برقعو لهرائي کيس سنڌي چني اوڍائي. جنهن تي لطيف، ڪبير ۽ ميران جي ڦلواڙي اڪريل آهي جنهن تي راجسٿاني چارڻن جا چٽ، امير خسرو جي خوشبو ۽ لوڪ شاعري جي لالاڻ آهي.انهن سڀني رنگن جو هڪڙو رنگ آهي، جيڪو اياز جو رنگ آهي ۽ اڄ جي سنڌي شاعري  انهي رنگ ۾ رنگيل آهي. ڇو ته هن وٽ شاعري انهي سگري جيان هئي جنهن تي سموري سنڌ جون جوانيون پنهنجا سياري ۾ برف ٿيندڙ روح گرمائينديون ۽ منزل مقصود پائينديون. ” ڀونئر ڀري آڪاس“ کان وٺي، ڪونجون ڪَرڪن  روهه تي“ تائين هڪ سفر آهي، هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ درد آهي، هڪ دنيا آهي، جنهن ۾ اسان سڀ اکين ۽ دلين جي وچ جا مسافر چئن انچن  جي کيسي جون خرچيون پنهنجي خواهشن جي تڪميل  تي خرچ ڪندا آيا آهيون ۽ اياز جا ڪتاب پنهنجي دل جي شيلف  ۾ ڌڙڪنن سان گڏ سجائيندا آيا آهيون ۽ انهيءَ جو احساس شايد  اياز کي به ايترو ئي هجي، جو اسان سندس شاعري جي داد تي دلين جا دان ڏنا آهن. اها سنڌ جي جواني جي سخاوت آهي، اها سنڌ جي جوڀن جي محبت آهي، جنهن کي هو پنهنجي  هن صدي جي محبوب تخليقڪار جي پيرن جي ترين هيٺان وڇائينديون رهيون آهن ۽ درد آڪاس جي تارن وانگر کڙندا رهيا آهن ۽ هڪڙي اها به ميران ۽ تلسي جي دنيا آهي جنهن ۾ اياز ڪرشن جيان پوڄيو ويو آهي ۽ انهن عشق جي مسلڪ جي مسافر جواني، اياز کي اديبن ۽  دانشورن جي ڪوئنروئن ۽ پانڊوئن واري جنگ کان پري ڪري پنهنجي لڙڪن سان آلن وهاڻن جي هيٺان لڪائي رکيو آهي. اڄ جڏهن صبح جو اعجاز منگي مون کي ننڊ مان اٿاري فون تي ٻڌايو ته اياز گذاري ويو آهي. اوڏي مهل منهنجي دل کي خبر آهي ته، نه ڄاڻ ڪيترا خواب ڪرچيون ڪرچيون  ٿي ويا ۽ اکيون لڙڪن جي لامن ۾ لڏڻ لڳيون ۽ نگاهن جو پنڌ ڏکيو ٿي پيو. ڇو ته گذريل هفتي کان وٺي آئون ۽ اعجاز، اياز سان ملڻ جو پروگرام ٺاهي  رهيا هئاسين، پر وقت سڀ کان وڏو ويري نڪتو. پنهنجي روايتي چال سان  سڀ چالاڪيون ڪري ويو. هاڻي جڏهن منهنجي  اڳيان اياز جي شاعري کلي پئي آهي، سندس انهي شعر تي نظر پوي ٿي، جنهن ۾ هن موت کي سڏيو آهي.

موت تون ايڏو ڀيانڪ ڪو نه آهين

ڇو نه تون مون ڏي اچانڪ ٿو اچين

تڏهن سوچيان ٿو ته ڪيئن نه موت جنهن کي اياز ڀيانڪ به نٿو چئي، اياز ڏي اچي ٿو کيس ڇهي ٿو ۽ هو عقابي اکيون پوري ابد جي هنج ۾ منهن لڪائي سمهي ٿو رهي. انهي موت جي ڇهاءُ اياز کي سمهاري ٿو، جيڪو سموري زندگي ۾ سندس شاعري ۾ چنڊ سان گڏ ايندو رهي ٿو. بلڪل ائين جيئن اسپين جي شاعر لورڪا جي شاعري ۾ موت ۽ چنڊ گڏ گڏ  هلن ٿا ۽ سنڌ جا پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو اياز جي موت کان ڊڄڻ واري ڳالهه کي هڪ ڪيڪ سمجهن ٿا ۽ هر اسٽيج تي  لفظن جي تيز ڇريءَ سان ان کي ڪٽيندا رهن ٿا کيس موت کان ڊڄندڙ  شاعر قرار ڏين ٿا، واعده خلاف ۽ عهد شڪن ماڻهو چون ٿا، ڪميونزم  سان بيوفائي ڪرڻ تي کيس مُلون  چون ٿا. سندس ڪجهه شاعري تي چوري ٿيل شاعري جو الزام هڻن ٿا. اقتداري ايوان جي ڳاڙهن ڪارپيٽن تائين پهچي وائيس چانسلري وٺڻ تي ڪاوڙجن ٿا، پر هو انهن سڀني الزامن جي پٿرن کي شبلي جا گلاب سمجهي سهندو رهيو، ڇو ته هن ڄاتو ته کين فقط سندس سماجي ڪردار نظر اچي ٿو، پر سندس تخليقي  سگهه کان اُهي يا ته واقف هئا يا ته جيلس هئا، پر هو انهن سڀني ڳالهين جي باوجود پنهنجي آڏاڻي تي شعر اُڻيندو  رهي ٿو.

ڳائي منهنجا گيت پيو، پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ،

الا مان اڏري ويندو سانءِ

۽ جڏهن سنڌ ميوزيم ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادب جون گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي ته هو جيڪو سنڌي ادب آهي سو انهي ميڙ مان نڪري وڃي ٿو، ڪراچي جي ساحلن ڏانهن جتي چنچل جواني جي چڳن جيان سيگل سمنڊ جي لهرن تي اڏامن ٿا ۽ هو انهن سامونڊي سيگلن جي ڪري سکر کي ڇڏي آيل شاعر پنهنجي  آخري نگاهه  انهن لهرن تي رقص ڪندڙ شام ۽ شاعري کي  ارپي پاڻ سمهي رهي ٿو ۽ هتي سنڌ ميوزم  ۾ موجود سنڌي اديب، سنڌي ادب جي گولڊن جوبلي فضول ٿا سمجهن. سنڌي اديبن جو جشن وري ۾ بدلجي  ٿو وڃي ۽ اتي موجود اديب پنجاهه سالن جي ڪمائي کي ” مڊ ايسٽ اسپتال مان پلاڻيل پساهن جي پنهون سان گڏ پلاڻيندي ڏسن ٿا.

اياز جو اڄوڪو ڏينهن سنڌي ادب جي پنجاهه ساله جشن تي ڇا ته زبردست احتجاج آهي،جنهن کي هو اتفاق جي نالي ۾ پنهنجن نانءَ سان منسوب ڪري ويو. حقيقت اها به آهي ته سمورو سنڌي ادب پنجاهه سالن ۾ ايترو ڪم نه ڪري سگهيو جيترو هڪ ماڻهو پنهنجي  پنجن آڱرين جي ميلاپ ۾ قلم جهلي ڪيو ۽ ڪيترن ئي سنڌ ادب جي سوڪالڊ لاتن  مناتن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو. هن سنڌ جي روايتي ڪلاسيڪي شاعري جي مقبرن کان پري پنهنجي قبر ٺاهي ورتي آهي جنهن تي نه  درويشي  جو ليبل هوندو، نه بزرگي جو گمان ٿيندو، پر عاشقي ۽ سونهن پرستي  سندس قمبر جي ڪتبي  تي هن شعر سان گڏ چمٽيل رهندو.

آئون هوندس جتي

تون متان هن گنهگار کي

ڪنهن وڏي پير سان ڀيٽئين

شاعري ريٽئين

جنهن هزارين  بزرگيون مٽائي ڇڏيون

سج هيٺان ڪڪر جيئن لڪائي ڇڏيون.

اياز، جنهنجا دنيا ۾ ڪافي ٻولين ۾ ترجما ٿيا، ۽ هاڻ جڏهن هڪ آسٽريلوي مائي سندس شاعري جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري رهي آهي سو ڪهري خبر ته کيس ٽئگور وانگر نوبل انعام تائين پهچائي ڇڏي. جيڪا سندس حياتي جي حسرت هئي. هن جون حسرتون ڳاڙها ويس پائي سگهيون يا نه؟ پر هن سنڌ جي الائي ڪيترين شاعري جي پياسين دلين جي ڪنوارين حسرتن  کي سهاڳ جا سونا زيور پارايا. ڪيترين هوڏي اکين جي لڙڪن کي لفظن جي ريشمي رومال جي پناهه ڏني. اهو ئي سندس لاءِ نوبل انعام آهي ۽ انهي ڪري ئي هو دلين جو نوبل شاعري آهي.

 پرهه جو پکين سان گڏ ننڊ ڦٽائي اٿندڙ ۽ حياتي ۾ ڪٿي به ٿڪ نه ڀڃندڙ شاعر هميشه جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ اهڙي اڄاتي نگري ڏانهن هليو ويو آهي، جتان ڪو به موٽي نه سگهيو آهي. پنهنجي پويان ڪتاب، يادگيريون، ادبي ميڙاڪا، تعزيتي گڏجاڻيون ۽ دانشورانه الفاظي ڇڏي ويو آهي  جيڪا ڏينهن تائين اياز جي عاشق جيئار سين جهڙين دلين تي پٿر هڻندي رهندي.

هي لوءِ هميشه لاءِ لڏڻ

گهر ٻار ڇڏڻ سنسار ڇڏڻ

بي موت مرڻ، واپس نه ورڻ

۽ ڏورانهين کان ڪو نه ڏرڻ

ڪيڏو نه اڻائو سپنو آ

ڪيڏو نه سڻائو سپنو آ

انهيءَ اڻائي ۽ سڻائي  سپني جي وچ ۾ بيٺل سنڌ جيڪا سال جي پڇاڙڪي پوهه واري مهيني ۾ باهه وانگر ڀڙڪي ٿي جڏهن ڪيلاش جي پهاڙين تي چمڪندڙ هيمنت جو چنڊ پروين شاڪر، ڊاڪٽر درشهوار سيد ۽ شيخ اياز جي ورسي واري ڏک ۾ سموري سنڌ کي چاندني جي اڇي چولي ۾ سوڳوار ڪري ٿو وڃي ۽ گڏوگڏ ساڌ ٻيلي جي وڻن وانگر غمن ۾ ويڙهيل عاشقن جي دلين کي ۽ قدم قدم تي گڏ ٿيل رندن جي هجوم کي اياز هيٺين شعر سان ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اسان انهيءَ حرڪت کي ناڪام ٿا چئون ۽ خود اياز کان سندس وڇوڙي تي انهي شعر جا ڪيفيت ٿا پڇون جڏهن هو چوي ٿو:

اٿ اياز! اگهه اکيون، جي وياسي ويا،

پور ڪنهن جا پيو تون پچيائين اڃا؟

 

للي پٽ ۾ گليور ٿيڻ جهڙي

 ٻي ڪائي بدبختي نه آهي

بدر اُڄڻ

اياز جي هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هئم:

”شاهه لطيف ڪير آهي؟“

”شاهه لطيف شاهه لطيف آهي.“

”شيخ اياز ڪير آهي؟“

”شيخ اياز شيخ اياز آهي.“

”شاعري ڇا آهي.“

”شاعري شاعري آهي.“

اياز شاعري کي طعنو ڏنو هو ته:

منهنجي مايا! مان تومان به مڪت ٿي چڪو آهيان.

شاعريءَ وراڻيو هوس ته:

” مان تنهنجي مئي کان پوءِ به توسان هوندَس، تون مون ۾ جيئرو رهندي.“

اکيون پوريل ئي هيون ته پرنس ڪامپليڪس  تي پل کان لهي وڃي پهتس. هيڏي هوڏي لوڻا هڻندي ڏاڍو ششدر ٿيس، ڪنن ۾ ڪا ڀڻڪ آئي:

”هر انسان جا ٻه گهر ٿيندا آهن

هڪ اندريون گهر ۽ ٻيو ٻاهريون گهر“

ڇرڪ ڀري وري چؤطرف ڏسڻ لڳس:

ڪنهن چيو: هتان وارو گهر توهان جهڙن لاءِ بند ٿي ويو ۽ هاڻي ڀٽ شاهه تي ڀيرا ڪيو!

اياز هڪ هنڌ لکيو هو ته:

”ننڍي هوندي کان مان آتوار ڏينهن شڪارپور جي ڪاٺ مڏيءَ وٽان ٻه ٽي چڪر ڏيندو هوس... واڍن کي ڪرٽ سان ڪاٺ جا تختا چيريندو ڏسندو هوس ۽ ڪاٺ جو هر تختو مون کي ذڪريا وانگر چيربو نظر  ايندو هو... مينهن وسيو.... ۽ ڪاٺ جي ٻُوري مان هڪ انوکي  مدهوش ڪندڙ خوشبوءِ....“

” مان سنڌي چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس.... ان ڪري مان ڪجهه ڏينهن شڪارپور جا باغ چڪاسيندو وتندو هوس. پر ڳوليندي مون کي خيال آيو ته اُهي پکي جن جا هي پر آهن، پنهنجون ٻولڙيون ٻولي ڪيڏانهن اُڏامي ويا؟“

سوچيندي وڃي شڪارپور نڪتس. لکيدر، شيخ محلو،شاهي باغ، بيگاري وٺي وري روڊ تي ڦري آيس ته هڪ وڏي بلڊنگ  تي نظر پئي،اندر گهڙيس. اهڙي هي ته سي. اينڊ. ايس ڪاليج آهي. چپ چاپ، ويراني لڳي پئي هئي.

اياز جو ڪتابن سان عشق، ازل کان هو ۽ جوانيءَ کان ئي انهن جي صحبت  اختيار ڪيائين، پوءِ ڀلا ڇو نه پڇاڙيءَ تائين انهن سان ناتو ڳنڍي رکي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز آخري ايامن تائين ڪتابن جو پاسو نه ڇڏيو. اسان لاءِ پڻ اهو اکيون کولي هلڻ جو سبق آهي.

شيخ اياز اڄ اسان ۾ ناهي، پر هن جي جگر جا ٽڪر اسان سڀني وٽ آهن. هڪ ويهڪ ۾ سڀني جگر جي ٽڪرن بابت ته لکڻ ممڪن ناهي. هاڻي هينئن ٿو ڪيان جو اکيون ٻوٽي ڪو هڪ ڪتاب کڻان ٿو، جنهن بابت ڪجهه لکان، اکيون پوري ڪتاب کڻان ٿو ۽ اکيون کولي ڏسان ٿو ته ڪتاب آهي: ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“

شڪارپور، جو تاريخي، علمي، ۽ ثقافت سان ٽمٽار شهر، جيڪو  شيخ اياز جي جنم وارو شهر آهي، جنهن ۾ سامي، فاني، جوڳي، فقير غلام علي مسرور، حبيب ۽ اهڙين ٻين شخصيتن  جنم ورتو ۽ آرامي به اتي ئي آهن. ان شهر کي شيخ اياز ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهي. وري شڪارپور جا مکيه ماڳ لکيدر، شاهي باغ، بيگاري، قلعو قافلو  وغيره ياد ڪري ورجائي ٿو۽ کين ڳائي ٿو. اها شڪارپور شناسي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي!

اياز جي مطالعي جي ڪا حد ناهي. خاص طور تي دنيا جي ادبي، سياسي ۽ انقلابي تاريخ تي هن جي خاص نظر رهندي آئي آهي. ان جو مطالعو ڪري ايترو ته حفظ  ڪيو اٿس جو اها وٽس هضم ٿيل ٿي لڳي. سورهين صديءَ جي يورپ جي تاريخ هڪ اهم ۽ وسيع باب آهي، ڏسو ته اُن کي ڪيئن نه هڪ سِٽ ۾ سمايو اٿس:

”للي پٽ ۾ گليور ٿيڻ جهڙي ٻي ڪائي بدبختي نه آهي.“

هي اهو دور هيو، جڏهن يورپ ۾ ماڻهن جي ذهنيت گندي ۽ خواهشون ننڍڙيون ۽ مڪروهه ٿي چڪيون هيون، جتي چڱي ماڻهوءَ کي خوار ڪيو ويندو هو ۽ ان تي چٿرون ڪيون وينديون هيون. ان وقت جي طنزيه ليڪک جوناٿن سئفٽ، ماڻهن جي انهن گندين عادتن کي خوب خوار ڪيو هو پنهنجي ڪتاب”گليور جو سفرنامو“ ۾ ان تاريخي پس منظر ۾ اياز جي هڪ سٽ ڪيڏو ته معنى ۽ مفهوم رکي ٿي. ٻي هنڌ لکيو اٿس ته:

”جڏهن ساڳئي شخص ۾ ميڪاولي، ڊان ڪئگروٽ سان مُنڊو اٽڪائيندو آهي، تڏهن هئمليٽ  جو ظهور ٿيندو آهي، جو ٻنهي جو فيصلو ڪندو آهي.“

هن چواڻيءَ يا حملي تي هڪ مڪمل مضمون لکي سگهجي ٿو، جنهن ۾ پڻ اوائلي يورپ، خاص طور تي اٽلي ۽ انگلينڊ جو تاريخي پس منظر سمايل آهي. ميڪاولي، ذهين ۽ تيز فهم انسان جو ڪردار آهي ۽ ڊان ڪئگروٽ وري بي عقل ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جو نمونو آهي، اهي ٻئي جڏهن منڊو اٽڪائين ٿا يعني وڙهن ٿا ته پوءِ فيصلو وري ٽئين شهزادي يعني هئمليٽ وٽ وڃي ٿو. هي وري اهو شهزادو آهي، جنهن ۾ قوت فيصله نه هوندي آهي ۽ اهڙو فيصلو ڪندو آهي، جنهن ۾ پنهنجو سِر گم ٿيندو اٿس ۽ دشمن حاوي ٿي ويندو اٿس.

هئمليٽ جو مشهور ڊائلاگ آهي:

To be, or not to be, that’s question.

هي يورپ جا جڳ مشهور ڪردار ڪيئن نه سنڌ جي تاريخ ۾ به ڳولي لڌا  اٿس. اسان جو سنڌ جو ذهين ترين ماڻهو بيوقوف ۽ منافقن سان اٽڪي پيو، فيصلو هئمليٽ جهڙي وٽ ويو ۽ هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، پنهنجو سر سوليءَ جي چاڙهي ڇڏيو، بنا سڌي ڏوهه ڪرڻ جي.اهو مثال اڃا به موجوده سنڌ م پيو هلي.

اها آهي اياز جي تاريخ تي گرفت، جو هن جي هڪ سٽ يا جملي جي پٺيان هيڏا سارا داستان سمايل آهن. اهڙن مثالن سان سندس شاعري ڀري پئي آهي.هاڻي ڏسون ٿا اياز جي منظر نگاري:

”ڏس،هو چنڊ سرنهن جي وڻ تي پنهنجو دعوت نامو رکي وڃي رهيو آهي...

باک تنهنجي چپن تي مرڪ وانگر اڀري آئي آهي...۽ سج نوريءَ جي کاريءَ ۾ تماچيءَ جي دل وانگر ڦٿڪي رهيو آهي.

۽ ڄامشوري جا وڻ،

ڪينجهر جي هندوري وانگر لڏي رهيا آهن....“

 يا وري هي سٽون:

”جڏهن نمن ۾ نموريون پچن ۽ سرنهن جا وڻ واس سان واسجي وڃن ۽ ڏؤنرن سان ڀريل ڏار بربلين جي بار سان جهڪي پون.....“

شاعر جي شعرن ۾ ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي هو پنهنجي يادگيرين يا ڏٺل منظرن جي زور تي بيان ڪري ويندو آهي. پر شيخ اياز جو مشاهدو ته ڏسو مٿين سٽن ۾ هن هر منظر ۽ مهل جو پنهنجي ذهن ۽ اکين سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ ڪا به مصنوعي چيز نظر نه ٿي اچي. چنڊ جو رات جي وقت منظر ۽ ان جي ڀيٽ کي جدت سان پيش ڪرڻ، باک ڦٽيءَ کي، محبوب جي چپن  تي اڀري آيل مُرڪ سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ تماچيءَ جي دل جي تڙپ کي،مڇيءَ جي ڦٿڪڻ سان مشابهت ڏيڻ ۽ ڄامشوري جي هوا ۾ وڻن جي لڏڻ کي ڪينجهر جي هندوري سان ڀيٽڻ،يا ان کان به اڳتي هلي نمن ۾ نمورين جو پچڻ ۽ بلبلين جو ڏارن کي جهڪائڻ....ڇا ته نازڪ خيالي آ ۽ ڪهڙي نه زبردست منظر نگاري آ.

شيخ اياز پنهنجي حال کان ته واقف آهي پر هو مستقبل کان به بخوبي خبردار آهي. هو چوي ٿو:

شيخ اياز پنهنجي حال کان ته واقف آهي پر هو مستقبل کان به بخوبي خبردار آهي. هو چوي ٿو:

”سج لهي سانجهي ٿي ويو، سونا ٿيا سَر“

پاڻ وڃون ٿا وو ميان!...

نه ڪنهن سَمر ساٿَ سان نه ڪنهن سانگ سفر،

پاڻ وڃون ٿا وو ميان!

۽ پوءِ چوي ٿو:

”الوداع! هر انسان ازلي مسافر آهي، هيءَ سراءِ هر ڪنهن کي ڇڏڻي آهي، ان جو سارو سامان اڌورو آهي ۽ وري چوي ٿو:

الوداع !الوداع!الوداع!

۽ منهنجي مادريءَ زبان ۾ الوداع بدران”سدائين گڏ“ چئبو آهي.

سدائين گڏ!سدائين گڏ! سدائين گڏ!

   (روزانه سنڌ)

ويساري جي موسم ۽ شيخ اياز

بخشڻ مهراڻوي

ماڻهن جا ڪاغذ، مس ۽ خيال کٽي ويا پر ماڻهو اياز کي کٽائي نه سگهيا. اياز جو طبعي وجود کٽي ويو آهي ته ماڻهو پاڻ سان لفظن جا کارا ڀري کڻي آيا آهن. هو چئي رهيا آهن ته ”اياز کي اياز اسان ڪيو ۽ اڃا به اسين جيڪڏهن چاهيون ته اهو اسان جي وس ۾ آهي ته اياز کي آسمانن ڏانهن وٺي وڃون يا سطح تي آڻي ڏيکاريون.“هنن مان ڪي چئي رهيا آهن ته ”اچو ته ڪاميٽي جوڙيون جيڪا اياز ايوارڊ ڏئي، پر اهو انعام ڏهه هزارن جو نه پر لک روپين جو هجي.“ هڪڙا پيا چون ٿا ته” پنهنجي زماني ۾ اسان اياز کي پنهنجي هڪ رسالي جي ٽائٽل تي ڇاپيو هو تنهن ڪري هو عظيم ٿي.“ هڪڙا ٻيا جن ادبي ادارن ۾ علم جاڳائڻ بدران پاڻ ننڍون ڪيون سي چون ٿا ته ”شيخ اياز جي جيڪڏهن اسان تشريح نه ڪريون ها ته هو سڃاڻپ ۾ نه اچي ها.“هڪڙا ٻيا ماڻهو جن سڄي ڄمار سنڌ جي لوڪ ڏاهن جون يادگيريون ماسترن کان لکرائي فيئر ڪري چپرايون ۽ علم جا طبيب ٿي ويا سي چون ٿا”شاعري هڪ فضول شيءِ ۽ وقت جو زبان آهي. اسان جهڙا ڄاڻو ماڻهو دماغ سان شاعري ڪندا آهن. اياز وٽ شاعري ڪٿي آهي؟“ 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org