مون
ڳالهه پنهنجي هڪ ڪالم سان شروع ڪئي. جنهن جو عنوان
so
what
هو ۽ اهو تڏهن ياد پيو جڏهن مون
کي اياز جي موت جي خبر پئي ۽ مان مڊ ايسٽ مان
ٿيندو اٽڪل ڏهين لڳي، پرنس ڪامپليڪس ۾ اياز جي تڏي
تي پهتس. ان مهل تڏي تي رڳو علي احمد بروهي، سراج
۽ رباني ويٺا هئا. مان به ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي
رهيس ۽ مون سوچيو ته سنڌ جو ادبي معجزو مري ويو
هو. هيڏو ڊنگ ڊهي پيو هو ، پورو دؤر دسجي پيو هو
پر تڏي تي اسان ڪل چار ڄڻا ويٺا هئاسين جڏهن ته
هن ڏينهن تي سنڌ جي ساري ڌرتي اياز جو تڏو هئڻ
گهرجي ها. چڱو ٿيو جو ان ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جو
سلور جوبليءَ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ميڙاڪو هو، نه
ته سندس جنازي جو جيڪو ٿورو گهڻو ڀرم رهجي آيو، سو
به رهي نه سگهي ها!
اياز،
هڪ نه ختم ٿيندڙ دؤر
ماهتاب محبوب
صبح جو
جيئن ئي جاڳ ٿي ته الائي ڪيئن، خبر ناهي ڇو فون جي
گهنٽي تي دل دهلجي وئي. ۽ پوءِ معلوم ٿيو ته احمد
سولنگيءَ جو فون آهي. ٻڌايائين ” شيخ اياز اڄ فجر
مهل گذاري ويو.“ ٻئي پل من غم جي تاريڪ گهٽائن ۾
ويڙهجي ويو. اسان جي گفتگو ڄڻ ڪر حيرتن ۽ سڏڪن ۾
ٻڏل آواز ئي آواز هئا. ان دم لڳو ڄڻ زندگي رڳو
آواز ئي آواز هجي ٻيو ڪجهه به نه ! کن جو کن ۾
اياز جي ويجهي ۽ پيار ساٿيءَ نور محمد خواجه ۽
پبلشر فيروز احمد ميمڻ جا آواز به ڪارا ويس اوڍي
ڪنن سان ٽڪرايا ۽ پوءِ حسن درس کي احوال ڏيندي
وٺندي اوچتو منهنجي پلپيٽيشن وڌي وئي... دل جهلي
پئجي رهيس. ڀانيم ته هاڻ آئون به ٿي هلان....
ليڪسوٽينل ۽ انڊيرال کائي سامت ۾ آيس ته ڪاوش مان
مظهر لغاري جو فون آيو ۽ مان پنهنجا احساس قلمبند
ڪرڻ لڳس. پر اياز جي وڇوڙي جي ان اوچتي خبر تي لفظ
منهنجو ساٿ نه پيا ڏين مان پنهنجي ڏک ۽ دلي
ڪيفيتن جو اظهار ڪيئن ڪريان؟ڪيئن لفظن کي احساس
جو روپ ڏيان...
سال
جا پويان ڏينهن ايندا آهن ته دل ڪنهن اڻ ڄاتل خوف
۽ وسوسي وچان ڪنبيو وڃي. ته يا الاهي! نئون سال
خير سان شروع ڪجان! ڇاڪاڻ جو اڪثر ڏٺو اٿم ته
نئين سال کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پراڻو سال ويندي ويندي
پاڻ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن نامياري شخصيت کي به ساڻ
وٺيو ويندو آهي. اياز قادري ۽ ڊاڪٽر درشهوار ۽ هاڻ
سنڌي شاعريءَ جو ڪوهه نور شيخ اياز نئين سال جي
خوني چنبي جي ڀيٽا ٿي ويو آهي. ان حوالي سان 1997ع
جا هي پڇاڙڪا ڏينهن اسان جي ادبي دنيا جو انتهائي
وڏي ۾ وڏو سانحو آهن...
ڪارا
ڏينهن... جن جو پورائو ناممڪن آهي، ڇو جو اياز جي
وڇوڙي سببان سنڌي ادب ۾ پوندڙ هي خال هاڻي ڪڏهن به
نه ڀرجي سگهبو ۽ موجوده سنڌي ادب جي هن دور کي
سدائين اياز جي دور جي نالي سان ياد ڪيو ويندو.
فنا
آخر به فنا آهي ۽ انساني بت جي بقا! هن فاني جهان
مان ڪئين خان خانان هليا ويا. اياز به نيٺ هليو
ويو. پر ان کان ڪير انڪاري هوندو ته هو پنهنجي
لازوال شاعري ۽ لکڻين ۾ سدائين زنده رهندو ۽
سنڌي ادب جي نون لکندڙن لاءِ سدائين اتساهه جو
ذريعو بڻبو رهندو.
اها
حقيقت آهي ته شاهه لطيف کان پوءِ اياز ئي سنڌي
شاعري کي ٽيڪنيڪلي توڻي فڪري انداز جا نوان موڙ
ڏنا ته گڏ سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جديد شاعري وچ ۾
پُل وارو ڪم ڪيو نئين سنڌي شاعري تي پنهنجا گهرا
اثر پڻ ڇڏيا، جنهن ڪري اسين کيس سنڌ جي سڃاڻپ سان
گڏ ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪ طور ڏسي سگهون ٿا. جيڪو
هاڻ عالمي ادب، فڪر ۽ ڏاهپ جو اثاثو آهي.
اسان
جي ماڻهن جي اها نفسيات آهي ته جڏهن ڪنهن کي
ساراهڻ يا پڏائڻ تي ايندا آهيون ته پوءِ اکيون
ٻوٽي ان عمل ۾ جنبي ويندا آهيون. وري ساڳيائي
ماڻهو ننڍن ننڍن اختلافن کي بنياد بنائي ترا ڪڍڻ
جا خواب به لهندا آهن پر شيخ اياز سان سوين
اختلافن جي باوجود به سندس مقام، عزت ۽ قلمي
پورهئي کي نظر انداز ڪرڻ ، ڀتين سان مٿا هڻڻ برابر
آهي. هن جي خدائي ڏات کي اهو چئي چئلينج ڪرڻ وارو
ڪوئي نه هوندو جيڪو چئي ته اياز کي اياز اسان
بنايو آهي. باقي انسان مان اها اميد رکڻ ته هو
فرشتو هوندو. وڏي ڀل آهي، جو ننڍيون وڏيون
ڪوتاهيون ڪميون ته هر ڪنهن منجهه آهن. اياز جي
قدآور شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن جي حوالي سان جيترو
به لکجي اهو گهٽ آهي، ڇو ته هو سنڌي ادب ۽ شاعري
جي زنده تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به نه مرندي آهي.
تاريخ سان رڳو ڪپتيا ٺڳيون ڪندا آهن پر اياز
سنڌيءَ جو سپتيو سڄڻ هو. هن جي لکڻين جيڪو به روپ
ورتو سي هن جي اندر جي سچائي منجهان ڦٽي نڪتل ڪرڻن
مثل آهن.
ڪجهه
عرصي کان سندس سوچ ۾ آيل تبديليون فطري ۽ قدرتي
عمل هيون. بلڪل ايئن جيئن وقت هر شيءِ تبديل ڪرڻ
جو اختيار رکي ٿو. ان ڏس ۾ اسان جون نڪته چينيون
يا احتجاج ڪنهن جي به سوچ کي تابع نٿا ڪري سگهن ۽
اياز اهو ثابت ڪري ڏيکاريو. هن فرمائشي شاعري
بدران صرف اها شيءِ تخليق ڪئي جيڪا هن جي اندر جو
آواز هئي ۽ مون کي ڇا پر پوري سنڌ ۽ هر ان سنڌي کي
يقين آهي ته اهو آواز اوستائين امر رهندو
جيستائين دنيا جي تختي تي هڪ به سنڌي آباد هوندو.
باقي وڏن ماڻهن جا حمايتي به لکين هوندا آهن ته
مخالفت ڪندڙ به ڳڻپ کان ٻاهر. پر تڏهن به هو
پنهنجي دور ۾ نمايان رهندا آهن. وڌيڪ فيصلو وقت ۽
تاريخ تي ئي ڇڏبو جيڪا هر شيءِ کي ڇنڊي ڇاڻي
ڇڏيندي آهي. ذاتي طور تي مان سمجهان ٿي ته وقت ۽
تاريخ اياز جي حق ۾ ئي فيصلو ڏيندا.
(29
ڊسمبر 97- روزانه ڪاوش)
شيخ
اياز معصوم شاعر ۽
معصوم
وائيس چانسلر
عبدالقادر جوڻيجو
”هن
جيڪا دنيا جي جوڙجڪ ڏٺي، سا کيس ڪا نه وڻي. هن
پنهنجيءَ قوم جي ستايل ماڻهن جا جيڪي ڏک ڏولاوا
ڏٺا، سي کيس ڪو نه وڻيا. هن دنيا جي هڪڙي ڇيڙي
کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين دنيا جي سڀني قومن جي
ماڻهن کي لوڙيندي ڏٺو. کيس اها ڳالهه به ڪا نه
وڻي. هن پنهنجي ماڻهن کي بک، سوڪهڙي، ڌڪار، ويڇن ۽
رت جي راند ۾ ٻڏندي ڏٺو. هن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن
کي ڏاڍن جي هٿان ڦرجندي ۽ ٺڳن جي هٿان ٺڳجندي ڏٺو
ته کيس خبر پئي ته سندس ملڪ جي تاريخ ۽ حاصلاتون
پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن. هن پنهنجي ملڪ جي
شاهوڪارن ۽ سياستدانن کي موجون ماڻيندي ڏٺو ته کيس
خبر پئي ته سياستدانن کي ڪرپشن چٽي رهي آهي. اهي
انڌ جي گهوڙي تي سوار آهن. لالچي ٿي پيا آهن. ڪنن
۾ ايتري ڪپهه وجهيو پيا هلن جو کين غريب ماڻهن جون
ريهون به ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. سندن دليون پٿر بڻجي
چڪيون آهن ۽ سندن خوابن ۾ وڏيون وڏيون ڪرسيون گهمي
رهيون آهن. هن پنهنجي سماج کي ذريون ذريون ٿيندي
ڏٺو ۽ ماڻهن جي وچ ۾ کاهيون پيدا ٿيندي ڏٺيون. هن
اهي سڀ ڏيک کليل اکين ۽ چٽين نظرن سان ڏٺا. هن
پنهنجي ملڪ جي عورتن کي شيطاني گهاڻن ۽ پوپٽن جي
وچ ۾ گهوماٽين کائيندي ڏٺو. هن پنهنجي ملڪ جي
اقتصادي اوڀڙ کي من مستين، خرمستين ۽ شاهه خرچين
جي لسٽ ۾ ٻڏندي ۽ ماڻهن کي لڏيندي ڏٺو. هن ڇتن
سياسي بحرانن مان جنم وٺندڙ آمرن کي ڏٺو. هن آمريت
جا ڊگها دؤر ڏٺا. هن آمرن جي تختن کي ڇيهون ڇيهون
ٿيندي به ڏٺو. هن پنهنجي روح جي ٽن عدالتن ۾ هن
دنيا لاءِ انصاف گهرڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيا.هن وڏي
جوش جذبي سان ڀرپور دليل ڏنا روحن جي دنيا ۾ سندس
داخل ڪيل ڪيس ڏاڍو مضبوط هو. پر ڪيس وڙهڻ وقت هو
اڪيلو .“
مٿي
ڄاڻايل جملا نائجيرين ليکڪ بين اوڪري(Ben
okri)
جا آهن. جيڪي هن پنهنجي شاهڪار ناول ”بکايل روڊ“ ۾
لکيا آهن ۽ صفحي نمبر 492 تي موجود آهن.
تاريخ
28 ڊسمبر 1997ع آچر جي ڏينهن صبح جو نوين وڳي آئون
پنهنجي پلنگ تي ليٽئي ليٽئي انهن جملن مٿان سائي
رنگ جو هاءِ لائيٽر گهمائي رهيو هوس ته اهي جملا
ڪڏهن نه ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي حوالي طور ڪم اچي ويندا.
آئون هاءِ لائيٽر گهمائي پورو ڪري اڳتي ڪتاب پڙهڻ
لڳيس ته مرتضيٰ سيال جو فون آيو ته اڄ فجر جو شيخ
اياز گذاري ويو.
هينئر
جڏهن سندس ڪجهه يادون لکڻ ويٺو آهيان ته بين
اوڪريءَ جا لکيل اهي جملا سندس فن،شخصيت ۽ روح تي
پورا لهندا نظر ٿا اچن.
شيخ
اياز جي شخصيت جا ڪئين پهلو آهن پر سندس اندر ۾
جيڪو معصوم ٻار ويٺل هو، تنهن نه رڳو سندس فن ۾
توڙ تائين جان وڌي پر سندس معصوميت اسان يارن کي
پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهي.
روزي
ڏيڻ وارو ته رب آهي. پر معرفت ڪنهن ماڻهو جي ڏيندو
آهي. شيخ اياز جڏهن وائيس چانسلر هو ته هن ٻين
ڪيترن ئي نوجوان اديبن سان گڏوگڏ مون کي به گهرائي
يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني. بادشاهه نوڪرين جي ديڳ
چاڙهيو ويٺو هو. نوڪريون ڏيندي ڏيندي جڏهن علڻ
فقير کي 16 گريڊ جي آفيسري ڏني ۽ کيس
A
ٽائيپ بنگلو الاٽ ڪيائين ته هڪ اداري جي صاحبلوڪ
اعتراض واريو ته علڻ فقير وٽ قاعدن قانونن موجب
گهربل علمي لياقت ناهي ته کيس ٺڪ سان جواب ڏنائين
ته ” مرزا غالب ڪهڙي اردوءَ ۾ ايم فل ڪئي هئي؟
شاهه لطيف ڪهڙي سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي؟ ڇا
اوهان انهن جي اهليت به ڊگريءَ جي پڇ سان ماپيندو؟
چئو ته ڪنٽرولر کي چئي يونيورسٽيءَ ۾ گهمندڙ ٻن ٽن
گڏهن جي ڳچين ۾ ڊگريون ٻڌائي ڇڏيان؟“ صاحبلوڪ اياز
جي اکين مان نڪرندڙ شعاعن کان ڊڄي هٽي ويو. شيخ
اياز مون کي انهيءَ زماني ۾ نوڪري ڏني، جڏهن
اردوءَ جي شاعر حمايت علي شاعر پنجابي زبان جي
ليکڪ احمد سليم کي نوڪري ڏني. سندس دل ۾ غير نه
هو. سندس نبضن ۾ تعصب جي زهر بدران هڪ معصوم ٻار
جو رت ڊوڙندو هو.
آئون
انهيءَ زماني هڪ ته خاڪي ۽ ناسي رنگ جا بش ڪوٽ
پائي هلندو هوس ۽ ٻيو ته سندس پاران ماڻهن سان
اٽڪي پوندو هوس. انهيءَ ڪري هو مون کي اصلي نالي
سان سڏڻ جي بدران ”ليفٽيننٽ“ جي نالي سان سڏيندو
هو ۽ آئون کيس پنهنجو ”ڪمانڊر“ سمجهندو هوس. پرنس
ڪامپليڪس ڪراچيءَ ۾ آخري ملاقات ۾ به هو مون کي
”ليفٽيننٽ“ جي نالي سان مخاطب ٿيندو رهيو.
جيتوڻيڪ انهيءَ وقت مون کي بوسڪيءَ جي قميص ۽ هرک
جي سٿڻ پيل هئي ۽ پاڻ منهنجو وائيس چانسلر نه رهيو
هو.
هاڻي
اچون ٿا سندس معصوميت جي قصن تي:
اياز
جڏهن وائيس چانسلر هو ته سندس خاص سيڪريٽري ته
مرحوم عطا محمد ميمڻ هو. پر پي آر او حبيب الله
پنوهر هو. پنوهر صاحب ٻاهران ته سڌو سادو ماڻهو
ڏسڻ ۾ ايندو هو. پر اندرو اندر ڏاڍو ذهين ماڻهو
هو. اياز جي نس نس کان واقف هو. کيس پري کان سڃاڻي
سگهبو هو. ڇاڪاڻ مٿي تي وار به ڊگها ڇڏائي هلندو
هو. شيخ اياز جي چرچن جو خاص نشانو بڻبو رهندو هو.
هڪ ڏينهن شيخ اياز کي چيائين ته مون کي آمريڪا
موڪليو. شيخ اياز سندس ڳالهه ٻڌي پهرين ته کيس
ڏسندو رهيو. پوءِ سندس تلوار جي ڌار جهڙي مرڪ چپن
تان ٿيندي سندس اکين ۾ ڀڙڪڻ لڳي ۽ چيائين” آمريڪا
وڃي وائيٽ هائوس تي قبضو ڪرڻو اٿئي ڇا؟ تون ويندين
ته پوءِ هن ملڪ کي ڪير هلائيندو؟ ماٺ ڪري ويهي
رهه، نه ته هيءَ نوڪري به وڃائيندي. ”پر پنوهر بس
نه ڪئي. اياز جي دوستن ۽ گهر جي ڀاتين کان
چورايائين، پر اياز پڙ ڪڍي بيهي رهيو. نيٺ پنوهر
کي اعلان ڪرڻو پئجي ويو ته جيڪڏهن شيخ اياز کيس
آمريڪا نه موڪليو ته خودڪشي ڪندو. اهو اعلان جڏهن
اياز جي ڪنن تي پهتو ته اياز هر ڪنهن کي چوندو
رهيو ته پنوهر کي ٻڌائي ڇڏيو ته ”اهي خودڪشيءَ جون
مون کي ڌمڪيون نه ڏئي. خودڪشي ڪرڻ ايتري سولي
ناهي. گهڻو گوڙ ڪيائين ته نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندو
سانس.“
هڪڙي
ڏينهن حبيب الله پنوهر پنهنجي موٽر سائيڪل مان
سائلينسر ڪڍي اچي وي سي هائوس اڳيان بيهاري. کيس
خبر هئي ته اياز ڪنهن ميٽنگ جي سلسلي ۾ حيدرآباد
وڃڻو آهي. شيخ اياز عطا محمد مرحوم سان گڏجي ڪار ۾
بنگلي کان ٻاهر نڪتو. پنوهر پنهنجي موٽر سائيڪل،
گاڏيءَ جي پويان لائي. جڏهن اياز جي ڪار سپر هاءِ
وي تي چڙهي ته حبيب الله پنوهر به کڻي ڇڪي رکيو ۽
اياز تيز رفتار گوڙ ڪندڙ موٽر سائيڪل ڏسي عطا محمد
کان پڇيو”عطا محمد! اهو پاڻ وارو پنوهر آهي ڇا؟”
جي سر“ عطا محمد جواب ڏنو. ”اڙي بابا هيءَ ته سچ
پچ خودڪشي پيو ڪري. بابا هن کي جهليو نه! نه ته هي
خودڪشي ڪري ڇڏيندو. چئوس نه ڀلا ته آمريڪا
موڪليانس ٿو. خودڪشي ته نه ڪري ني.“
خير!
حيدرآباد مان موٽي شيخ اياز حبيب الله کي گهرايو
پر حبيب وٽس اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اياز لاچار
ٿي پنهنجن دوستن ۽ لفٽيننٽ کي ميڙ ڪري حبيب الله
پنوهر وٽ موڪليو ته حبيب الله کي وڃي منٿ ڪن ته هو
خودڪشي نه ڪري ۽ کيس آمريڪا موڪليون ٿا. ايئن اياز
جي وڏن پٽڪن پلاندن کان پوءِ پنوهر خودڪشيءَ جي هٿ
ناٽ تان هٿ کنيو ۽ آمريڪا هليو ويو ۽ اياز جي اندر
۾ ويٺل معصوم ٻار خوش ٿي ويو.
شيخ
اياز جي خاص عادت هوندي هئي ته سج لهڻ کان پوءِ
پنهنجي ڪنهن ليکڪ دوست کي ساڻ ڪري بنگلي جي اڳر ۾
چڪر ڪاٽيندو هو ۽ تازو پڙهيل ڪنهن ڪتاب جي باري ۾
پنهنجي دوست اڳيان معلومات جا ڍير لائي ڇڏيندو هو.
500 صفحن جو ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ چٽڻي ڪري ويندو هو ۽
سندس حافظو سيٽيءَ وانگر تيز هوندو هو جو کيس اهو
به ياد رهندو هو ته ڪهڙي ڳالهه ڪهڙي صفحي تي لکيل
آهي. پوءِ جيڪو يار ور چڙهيس، سگريٽ سان دونهاڙ
ڪڍندي، هلندي هلندي ڳالهائيندو ويندو هو. يار جي
ايستائين جند نه ڇڏيندو هو جيستائين يار هلي هلي
ٿڪجي هڦ نه ٿئي. گهڻو غلام رباني آگري سان گهمندو
هو. شام جو ڪو دوست نه ملندو هوس ته پنهنجي
ليفٽيننٽ کي گهرائي وٺندو هو.
هڪڙي
ڏينهن آئون رات جو ڏهين وڳي ڌاري گهر پهتس ته
نياپو مليم ته شيخ صاحب پيو ياد ڪري. ڊوڙندو
ڊوڙندو وي سي هائوس جي در تي پهتس ته سندس ڊرائيور
يعقوب ٻئي هٿ مٿي تي ڏيو ويٺو آهي. ”يعقوب يار خير
ته آهي ٿڪو ويٺو آهين.“ جواب ڏنائين”سائين! صاحب
کي سمجهائي ڇڏيو ته اسان موالي ناهيون. الائي
ڪنهن وٽس چغلي هنئي آهي ته آئون ڪي وسڪيون ٻسڪيون
پيئندو آهيان. اوهين ڄاڻو ۽ وسڪيون ڄاڻن. پورا ٽي
ڪلاڪ مون کي هلايو اٿس ۽ ٽيئي ڪلاڪ وسڪيءَ جون
ڳالهيون ٻڌايون اٿس. جڏهن پڇيومانس ته جواب ڏنائين
ته روس ملڪ ۾ ٺهندي آهي. پوءِ ٽوڪون هڻي مون کي
ويهاري ڇڏيو اٿس. روس وارن الائي ڪهڙي وهسڪي ٺاهي
۽ ڦاٿاسين اچي اسين. يعقوب جي ڳالهه ٻڌي اندر ويس
ته خبر پئي ته شيخ اياز کي ڪو دوست هٿ نه اچي
سگهيو، سو يعقوب کي ساڻ ڪري کيس روسي شاعر
ماياڪووسڪي جا ڊوز ڏنا هئائين. جڏهن شيخ اياز کي
چيم ته ”سائين! يعقوب ويچاري کي ڪهڙي خبر ته
ماياڪووسڪي عوامي شاعر هو. هزارين ماڻهن کي گڏ ڪري
شاعري پڙهندو هو، ته عوام پاڻيءَ مان نڪري ويندو
هو. يعقوب به ته عوام مان آهي. پر مغز ۾ ڪو اٺ
ويٺل اٿس. پنهنجو عوام ڪو نه سڌرندو.“
قربان
وڃان اياز جي معصوميت تان.
هڪڙي
ڏينهن منجهند جو ڪجهه ڪاغذ کڻي وي سي هائوس پهتس.
سندس سيڪريٽريءَ عطا محمد مرحوم وٽ پهتس ته صلاح
ڏنائين ته اندر نه وڃ. صاحب جو پارو چڙهيل آهي.
تنهن هوندي به تنهنجي مرضي آهي. مون عطا محمد جي
صلاح نه مڃي ۽ ضد ڪري اندر هليو ويس ته ڇا ٿو ڏسان
ته اياز سگريٽ مان سگريٽ دکائي رهيو آهي ۽ گهمي
رهيو آهي. ڪاوڙ ۾ اصل ڳاڙهو ٿيو پيو هجي. پهرين ته
مون کي لفٽ ئي نه ڪرايائين. پوءِ زور زور سان مون
کي چوڻ لڳو.”ڌاڙا ميان ڌاڙا! هنن مون کي الائي ڇا
سمجهيو آهي. اڄ رڳو پهچي. پهرين مٿي ۾ جوتا
ٺوڪيندو سانس. پوءِ نوڪري مان ڪڍندو مانس، کائي
ويندا! سڄي يونيورسٽيءَ کي کائي ويندا! هن وي سي
هائوس جون سرون به پٽي وڪڻي ڇڏيندا. پر اڳيان آئون
به شيخ اياز آهيان. چار ٽڪر ڪري روڊ تي اڇلائي
ڇڏيندو مانس. وغيره وغيره.“خبر اها پيئي ته سنڌ
يونيورسٽي جي هڪ آفيسر فيڪ (جڙتو) قسم جا پنج ڇهه
بيلدار ڀرتي ڪري انهن جي نالن اڳيان صحيحون ڪري
پگهار پاڻ ويٺو کائي. شيخ صاحب کي جڏهن اها خبر
پئي ته ڪاوڙ مان آفيس ئي نه ويو هو ۽ بنگلي ۾
موجود هو ته جيئن آفيسر اچي ته سندس ڪچيون ٻوٽيون
پٽي وڃي. شيخ اياز کي ايڏيءَ ڪاوڙ ۾ مون ڪڏهن ڪو
نه ڏٺو. هيڪر دل چيو ته ڀڄي جند ڇڏايان. پر ٻيو
خيال آيو ته جي هينئر ٿو ٻاهر نڪران ته مون کي
نڪرندو ڏسي شيخ صاحب متان مون تي گوڏا ڏئي چڙهي
وڃي. لاچار بيٺو رهيس. ڪرسيءَ تي ويهي ته آئون به
سولو ٿي ويهان. رکي رکي ڊوڙ ڪري وڃي انٽرڪام
کڻي”عطا محمد! اڃا اهو ڪو نه آيو آهي.“ مون کي
سورهن جا ويهه آنا پڪ ٿي ويئي ته آفيسر جو سر ويو
نوڪري ته وينديس، پر خدا جيل کان بچائيس.
نيٺ
انٽرڪام وڳي آفيسر صاحب پهچي چڪو هو. شيخ اياز
ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ مون کي چيائين ته ”ويهه،اڄ اکين
سان ڏسجانءِ ته ڪرپشن جي سزا ڇا ٿيندي آهي.“ ڪجهه
وقت کان پوءِ آفيسر آيو، مون آفيسر ڏانهن ڏٺو.
سندس چهري تي پريشاني جي ڪابه نشاني نه هئي.
”اڙي
تون بيلدارن جا پگهار ٿو کائين؟“ شيخ اياز ڪاوڙ جي
باهه ۾ کامندي کانئس پڇيو.
”جي
سائين، بلڪل کاوان ٿو.“ مون ڏٺو ته آفيسر جي انهي
سچي جواب ٻڌڻ کانپوءِ شيخ اياز جو پارو 100 جي
ڪانٽي تان لهي اچي 50 جي ڪانٽي تي بيٺو.
”اهڙا
به ڌاڙا هڻبا آهن؟ ڇو ٿو کائين ڙي؟“ دڙڪو ٿڏو هو.
”سائين کاوان نه، ته ڇا ڪريان؟ ٻچڙيوال ماڻهو
آهيان. ڇهن ٻارن جو پيءُ آهيان. پگهار جي خبر اٿو.
پورت نٿي ٿئي. ٻچڙن جو پيٽ ته ڀرڻو آهي.“ اياز اهي
لفظ ٻڌي ٻوڏار ۾ پئجي ويو. سندس هڪ لڙڪ اکين مان
ڳڙي ڳل تي اچي بيهي رهيو. ڪجهه دير لاءِ خاموشي
ڇانئجي ويئي. دم جهلڻ کانپوءِ شيخ اياز مون ڏانهن
منهن ڪيو. ”ٻڌاءِ اهو اٿئي پنهنجو سسٽم. اها اٿئي
پنهنجي سرڪار، اهو اٿئي پنهنجو ملڪ، جتي آفيسرن جي
ٻچن جو پيٽ نٿو ڀرجي. اتي ويچارا ننڍڙا ملازم
پنهنجو وقت ڪهڙين حالتن ۾ گذاريندا هوندا. هن
انڌير ۾ هڪڙا مسڪين ۽ ٻچڙيوال ماڻهو پنهنجو ضمير
وڪڻي نه کائيندا ته پوءِ ڇا ڪندا آخر. هي قهر ظلم،
ناحق ڪڏهن ختم ٿيندا؟ قاعدا قانون ٿا ٺاهين ته
ڪرپٽ ماڻهوءَ کي سزا ڏيو. اڙي پهرين ته ماڻهن جي
بک، بيماريءَ ۽ لاچاري کي ته ختم ڪريو ته پوءِ
ڪنهن کي سزا ڏيو. آخر هن مسڪين آفيسر، قانون ٺاهڻ
وارن، سسٽم ٺاهڻ وارن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هي
پنهنجا ٻچا بک ڇو ماري، نه کائي ته ڪيڏانهن وڃي؟
تون ئي ٻڌاءِ ليفٽيننٽ! تون ئي ٻڌاءِ ته آئون ڪهڙي
مُنهن سان، ڪهڙي دل سان، ڪهڙي قلم سان هن کي سزا
ڏيان؟“ ايئن چئي شيخ اياز انهي آفيسر (مرحوم)
ڏانهن منهن ڪندي چيو ته” ٻچا، منهنجو چيو معاف
ڪجانءِ، پر ايئن ته نه کاءُ ني. ڪا سولي اٽڪل ڳولي
لهه. وڃ بابا وڃ. مون کي پٽجانءِ نه.“
آفيسر
نڪري ويو. اياز ڪنڌ جهڪائي ٽيبل تي رکي ڇڏيو. شايد
روئي رهيو هو. آئون ٻاهر نڪري ويس.
شيخ
اياز جي معصوميت جا قصا ڊگها آهن. ڪجهه سلڻ جهڙا،
ڪي نه سلڻ جهڙا.
اسان
جي پٽ ۾ رواج آهي ته جيڪي ٻار معصوميت ۾ گذاري
ويندا آهن، انهن تي فاتحه نه پڙهبي آهي. چون ٿا ته
ٻار جنتي هوندو آهي. انهيءَ ڪري فاتحه نه پڙهبي
آهي. شيخ اياز به هڪ معصوم ٻار هو. ڪنهن مٿس
فاتحه نه به پڙهي ته مڙئي خير آهي. جنتي ماڻهو هو.
عمر جي آخري ڏينهن ۾ الله الله ڪندو جنت ڏانهن
هليو ويو.
هاڻي
ته ڳالهيون پيون ڳائبيون.
(31
ڊسمبر 97ع روزانه ڪاوش)
ڏاها
تنهنجي ڏات،سڀ ساڻيهه سُڪاريو
امداد
حسيني
جيئن
پاڻيءَ ۾ چنڊ، لڙهندو وڃي وچ سِيرَ ۾،
تئين
هي سارو کنڊ، مون ۾ آهه اُتاولو.
اياز
جي اندر ۾ اهڙا ڪيئي ڄاتا اَڄاتا کنڊ اکنڊ اُتاولا
هئا. هن ٻاهرين ڪائنات کان به وڏيون ڪائناتون هيون
اياز جي اندر ۾، ۽ هو ساري سڀ ڄمار انهن ڪائناتن
جي ڳُجهن کي ڦولهيندو ۽ اسان جي آڏو اکرن ۾
اگهليندو رهيو.
روپ
سوين اڪاس، ڪويتا تنهن کان تنها
اياز
پنهنجن اهم ۽ املهه تجربن کي پوري ڌيان گيان سان
پني تي پليندو رهيو ۽ ائين هو اسان لاءِ پنهنجي
تخليقات جي هڪ اهڙي رنگا رنگ ڪائنات جوڙي سگهيو،
جنهن جي ڳُجهه لهڻ لاءِ زمانا درڪار آهن:
تنهنجي
جيڪا قوم آ، سان منهنجي ناهي،
مون ته
لکيو آهي، اُن لئه جا ايندي ڪڏهن!
اياز
جيڪا ”
ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي، ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات
کُٽي“ جهڙي رنگين ۽ ”آءُ اڪيلو سامهون سٿ ، خنجر
خنجر ڪيئي هٿ“ جهڙي سنگين زندگي گذاري، اُن کي
سامهون سچائيءَ سان لفظن ۾ بيان به اياز ئي ڪري
سگهيو آهي.
اياز
موجوده دور جو اُهو اڪيلو سرجڻهار آهي، جنهن لفظ
کي نه رڳو اُن جي صدين جي پس منظر ۾ ڏٺو آهي، بلڪ
هن لفظ کي صدين جو پيش منظر پڻ عطا ڪيو آهي، ۽
ائين هن ايترو ۽ اهڙو وکر وهايو آهي، جو ڪڏهن به
پئي پراڻو ٿيڻو نه آهي.
اياز
سنڌ جي پوري اتهاس ۾ اُهو اڪيلو سرجڻهار آهي، جنهن
کي نثر توڙي نظم تي هڪ جيتري قدرت حاصل آهي. اياز
جو لکڻ مان موهه ڪڏهن به ختم نه ٿيو : ” دراصل مون
لکيو ئي ڇا آهي !“
ايڏو
رچنا ۾ نه جي، هجي منهنجو ساهه،
منهنجي
لاءِ پساههُ، مون کي بي معنيٰ لڳي.
اياز
نئين اتهاس جو پنهنجي شاندار لوڪ-ڪلاسيڪل اتهاس
سان رشتي جوڙڻ جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
اياز سنڌ جو هوندي به پوريءَ دنيا جو آهي، پوريءَ
دنيا جو هوندي به سنڌ جو آهي :
اهڙي
لوءِ نه ڪا هئي، جهڙي پنهنجي لوءِ،
اوءِ
ڀٽائي اوءِ، مون ساري دنيا گهمي !
هن
ڌرتيءَ جي گولي تي نبين جو اچڻ ڪڏهوڪو بند ٿي چڪو،
پر ڌڻيءَ سائين جڏهن به ڪنهن قوم تي ٻاجهه سٻاجهه
ڪئي آهي، تڏهن ان ڏانهن شاعر پئي موڪليا آهن. سنڌ
جي اتهاس ۾ اياز جي به اهڙي ئي اهميت آهي:
وٺي
ساري رات، ڪوتا سانوڻ مينهن جيئن،
اُٺي
اوهيرا ڪري ، کنوڻين سين برسات،
ڏاها
تنهنجي ڏات ، سڀ ساڻيهه سُڪاريو!
سنڌو
تنهنجيءَ لهر لهر ۾
قمر
شهباز
29
ڊسمبر 1997ع صبح جو ساڍي اٺين بجي، شيخ اياز جو
جنازو سندس پرنس ڪامپليڪس واري رهائش کان نڪري ٿو.
ايمبولينس کان علاوه ڪل پنج گاڏيون ڪلفٽن پل پار
ڪري، سندس آخري آرمگاهه ڀٽ شاهه لاءِ روانيون ٿين
ٿيون، جن ۾ ويهارو کن ڪانڌي سنڌ جي هن لافاني شاعر
جي غم ۾ گم سم، خاموش ۽ دکارا ويٺا آهن . ٽي پٽ،
ٽي نياڻا، ٻه ٽي ويجها عزيز ۽ ڏهه ٻارنهن مداح ۽
صحافي.
منهنجي گاڏي ۾ ويٺل عاجز جمالي چوي ٿو: مون
سمجهيو هو ته اياز جي موت تي سڄي سنڌ اٿلي پوندي.
چيومانس : سنڌي بي حسيءَ جو شڪار آهن.
چوي ٿو
: جيڪڏهن شيخ اياز جي لاڏاڻي تي اهو حال آهي ته
پوءِ توهان ۽ اسان جو ڇا حشر ٿيندو؟
مان
جواب ۾ ڪجهه نه ڇپڻ جهڙا جملا چوان ٿو.
اياز
جي وفات واري ڏينهن تي پرنس ڪامپليڪس جي گرائونڊ
فلور تي تڏو وڇايو ويو هو. جنازي کڄڻ تائين وارن
چوويهن ڪلاڪن ۾ مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن به ايندڙن
جو تعداد ويهن کان مٿي رهيو هجي. مداري جي تماشي
تي به پنجاهه سو ماڻهو مڙي ويندا آهن .رڳو پرنس
ڪامپليڪس ۾ رهندڙ سنڌي گڏ ٿين ها ته جيڪر انگ ڏيڍ
سو کان چڙهي وڃي ها پر سنڌ جي هن بيگاني شاعر جي
موت تي نه شاگردن جا هجوم آيا نه دانشورن جا ڪٽڪ ،
نه ڪامورن جا ڪاروان ۽ نه وري نوجوانن جا جٿا ئي
مڙيا. اسان جو ڀرم ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو، مٺ بند
ته لک جي، کلي ته ڪک جي، اهي ماڻهو، جي اياز جي
محبت جو دم ڀريندا هئا، تقريبن ۾ هنبوڇيون هڻندا
هئا، جلسن جلوسن ۾ اياز جا گيت ڳائيندا هئا ۽ سندس
عظمت کي سلام ڪندي نه ٿڪبا هئا، سي ڪيڏانهن ويا؟
ڇا ٿي ويو انهن سڀني کي جن جي نظر ۾ اياز هن صديءَ
جو سڀ کان وڏو مفڪر ۽ لافاني شاعر هو؟
ڇا اهو
سڀ ڏيکاءُ هو؟
ڇا
اسان صرف تماشبين هئاسين؟
ڇا
اسين سڀ منافق هئاسين ؟
اسان
اهو ڪجهه نه هئاسين، جيڪي ڪجهه هجڻ جا دعويدار
هئاسين؟
ڪيڏانهن ويو اسان جو جوش ۽ خروش ؟ ڪيڏانهن وئي
اسان جي عقيدت ؟
ڪيڏانهن وئي اسان جي محبت؟
هوا
ٿي وئي هڪ کن ۾.
مٽيءَ
مٺ هئي، وکري وئي.
چوڏهين
جي وير هئي، موٽي وئي.
ڪراچي
ٽول پلازه تي اسان ڪجهه اڳ ۾ پهچي وڃون ٿا،
ايمبولينس ۽ ٻيون گاڏيون پٺتي رهجي وڃن ٿيون .
پڇيوسين: ڇاٿيو؟
چون
ٿا: پئٽرول ڀرائڻ لاءِ ترسي پيا آهن.
اسن
گاڏين مان لهي ٻاهر ٿي بيهون ٿا. ايتري ۾ ڇهين
گاڏي اچي اسان سان ملي ٿي. تاجل بيوس ۽ سندس ٻه
ساٿي منجهس ويٺل آهن.
عاجز
جمالي چوي ٿو : حيدرآباد ۾ وڌيڪ ساٿي شامل ٿيندا.
ڪجهه
اميد ٿيئم ٿي. چوان ٿو: ها،اصل سنڌ ته اتي آهي.
اصل
سنڌ پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ ٻيو به لڳي وڃي ٿو. حيدرآباد
ٽول پلازا تي هڪ وين، هڪ پجارو ۽ پنج ڇهه گاڏيون
اڳئي بيٺل آهن. مهڙ وارين گاڏين تي ڪارو جهنڊو
لڳل آهي ۽ وين جي پويان خوبصورت اکرن ۾ اياز جا
بيت لکيل آهن.
ميت
گاڏيءَ کي ڏسندي ئي چاليهه پنجاهه سوگوار
ايمبولينس کي وڪوڙي وڃن ٿا ۽ جذباتي انداز ۾
نعريبازي ڪن ٿا. بيدل مسرور جي اکين ۾ پاڻي آهي.
هو ڪافي نڍال ٿو لڳي. ڀاڪر پائي ملي ٿو. چوي ڪجهه
به نه ٿو. ههڙي موقعي تي لفظ بي معنيٰ هوندا آهن.
مدد علي سنڌي جذباتي نوجوانن جو مهندار آهي. هو
ميڙ جي وچ ۾ بيهي پر زور نعرا هڻي رهيو آهي.
پڇان
ٿو: باقي سنڌ ڪٿي آهي؟
عاجز
جمالي ٻئي پاسي ڏسڻ لڳي ٿو.
ويهارو
کن گاڏين جو قافلو هاڻي ڀٽ شاهه طرف هلڻ لڳو آهي.
رستي جي ٻنهي پاسي دڪان کليل آهن. وهنوار جاري
آهي. هوٽلن تي رڪارڊنگ ٿي رهي آهي. سنڌ بي خبر
آهي. سنڌ جو راڳي چپ چاپ پنهنجي آخري سفر ڏانهن
راهي آهي. ويهن گاڏين ۾ سئو کن مداح اياز جي سفر ۾
ساٿ ڏيئي رهيا آهن.
مان چپ
چاپ گاڏي هلائي رهيو آهيان.
اوچتو
عاجز ڳالهائي ٿو، ڄڻ خاموش سوال جو جواب ڏيندو
هجي.
چيائين: لڳي ٿو ته ڀٽ شاهه تي سڀ وڃي گڏ ٿيا آهن.
ڀٽ
شاهه تي خاموشي آهي. سئو کن همراهه درگاهه جي ڏاڪڻ
وٽ جمع آهن. ايمبولينس پهچندي ئي گهيرو ٺاهي، ميت
کي گاڏي مان لاهين ٿا ۽ لطيف سائينءَ جي مزار
ڏانهن راهي ٿين ٿا.
هڪ
دوڪاندار پڇي ٿو: ڪير گذاري ويو آهي؟
مان
سندس سوال کي نظر انداز ڪندي پڇان ٿو: ڏنڊو ڪونڊو
گهڻي ڏيندين؟
ان
کان اڳ جو هو جواب ڏيئي، مان انبوهه ۾ شامل ٿي
وڃان ٿو.
درگاهه
جي ورانڊي ۾ جنازي نماز جي تياري آهي. فوٽو گرافر
سامهون ڪئمرائون تيار ڪيو ويٺا آهن. هر هڪ ڪانڌيءَ
جي خواهش آهي ته هو پهرينءَ صف ۾ ڪئمرا جي سامهون
جڳهه وٺي. ڌڪا ٿاٻا، گٿا لفظ مولوي صاحب جي بار
بار تلقين: صفون سڌيون ڪيو. جن کي اڳيان چگهه نٿي
ملي، سي آخري وار طور پنهنجي پهرين صف جوڙڻ جا جتن
ڪن ٿا. حملو پسپا ٿئي ٿو. زور آور ڪنهن نه ڪنهن
طرح پاڻ کي مناسب جاءِ تي ڇڪي تاڻي پهچائڻ ۾
ڪامياب ٿين ٿا. ڪمزور دور رڪجي وڃن ٿا.
نماز
کان پوءِ ٻيهر جنازي جي ڀر ۾ فوٽو ڪڍرائڻ جي
جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿي. ان افراتفري ۾ دُعا گهرڻ
پڻ وسري وڃي ٿي.
ڪو
ناراض نوجوان وڏي واڪي چوي ٿو: بدبختو، دعا ته
گهرڻ ڏيو ها.
سندس
ڳالهه ڪو به نه ٿو ٻڌي. هو مون کي مخاطب ٿي چوي
ٿو:سائين توهان ئي سمجهايو، ته فوٽو پيا نڪرندا،
گهٽ ۾ گهٽ دعا گهرن.
ڪراڙ
ڍنڍ جي ڪناري قبر تيار آهي. حميد سنڌي ۽ ظفر ڪاظمي
رات جاڳي انتظام مڪمل ڪيا آهن. ٻن اڍائي غمگسارن
جو ٽولو جنازي ساڻ قبر ڏانهن وڌي ٿو اديب، صحافي،
دانشور، فنڪار ۽ درگاهه جا فقير، آخري ديدار لاءِ
رش وڌي وڃي ٿي. مان پٿر جي بينچ تي ويٺل تنوير
عباسيءَ سان گڏ ويهي رهان ٿو. تڏهن اوچتو بيدل جو
ڳوڙهن ۾ ٻڏل آواز گونجي ٿو:
سنڌ
ديس جي مٽي توتي، پنهنجو سيس نمايان
سڀ
گڏجي ساڻس گڏ ڳائڻ شروع ڪن ٿا
تنهنجي
مٽيءَ منجهه ملان جي،
آئون
امرتا پايان.
ورلاو
سڏڪن ۾ بدلجي وڃن ٿا. سڏڪا تواريخ ۾ منجمند ٿي
بيهي ٿا رهن. نثار حسيني ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏني
روئي ٿو. سندس گهر واري زيب بي حال آهي. امداد ۽
سحر خاموش آهن. عطيه روئندي چوي ٿي:ادا قمر، اياز
مري ويو!
بيدل
جي غم جو بند ڀڄي پيو آهي. هو ڳائيندو رهي ٿو.
جنازو قبر ۾ لاٿو وڃي ٿو. هو ڳائيندو رهي ٿو. قبر
تي مٽي ورائي وڃي ٿي. هو ڳائيندو رهي ٿو. مٽيءَ تي
گلن جي ورکا ٿئي ٿي. هو ڳائيندو رهي ٿو.
راڳيءَ
جا زخم اٿلي پيا آهن. خون ۾ لت پت گيت ڪراڙ جي
ڪنڌيءَ تي تڙپي رهيا آهن.
تڏهن
مرده باد جي نعرن تي سڀ ڇرڪي اٿن ٿا.
ڪجهه
دوست سنڌ يونيورسٽي خلاف وڏي آواز ۾ نعرا هڻي رهيا
آهن
تنوير
پڇي ٿو: هي ڇا ٿي رهيو آهي؟
حميد
وراڻي ٿو: بيورو ڪريسي جي خلاف احتجاج ٿي رهيو
آهي.
تنويز
چوي ٿو: هيءُ ڪهڙو موقعو آهي،احتجاج جو؟
ڪو به
جواب نه ٿو ڏئي. |