رحم جوڳي
قوم تي ڪاوڙ نه ڪريو
اعجاز منگي
اها
ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي آهي؟ هميشه کان ائين ٿيندو آيو
آهي. مون کي ان تي حيرت آهي ته توهان انهيءَ
لقاءَ تي حيران آهيو ته لطيف جي پڳدار ڏات ڌڻي جي
جنازي نماز تي ايترا ٿورڙا ماڻهو ڇو آيا؟
مان اوهان کان پڇان ٿو ته خود لطيف جي جنازي نماز
۾ ڪيترا ماڻهو هئا؟ توهان کي يقينن خبر نه هوندي،
ڇو ته سنڌ جي تاريخدان وٽ لطيف لاءِ رڳو ٽي سٽون
آهن ۽ ان مان به ڏيڍ سٽ غلط آهي. چڱو ڀلا سقراط جي
آخري گهڙين دوران هن سان ڪيترا ماڻهو ساڻ هئا ۽
منصور جي جنازي کي ڪيترن صوفين ڪلها ڏنا؟ مفتوحن
جي قبر جو نشان به غنيمت آهي. پيارا! يونس ڇا
مسيحا جي زندگي جو آخري سن انساني تاريخ ڪڏهن به
وساري ٿي سگهي!؟ جڏهن رومن سپاهي هن کي صليب تي
چاڙهي روانا ٿي ويا، تڏهن پٺتان رڳو ٽي عورتون
بچيون هيون، هڪ مسيحا جي ماءُ، ٻي هن جي ماسي ۽
ٽين ميري ميگڊولين، تاريخ ۾ ورلي اهو حادثو ٿيو
آهي جو عظيم انسانن جا جنازا ان شان شوڪت سان کڄيا
هجن، جنهن جا هو حقيقي مستحق هجن ٿا. لينن جهڙو
نصيب هر انقلابي جي هٿ ريکا ۾ نه رهيو آهي، ڇو
ته ڪميونزم نظريي جي باني انسان جي جنازي ۾ ٿورا
ماڻهو هئا. ڪنهن جي عظمت اتان نه ٿي ڪڇي سگهجي ته
هن جي آخري رسمن ۾ ڪيترا ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ هن کي
دفن ڪرڻ مهل توپن جا ڪيترا گولا هلايا ويا. اسان
اڪثر تاريخ جي ڪيڙن کي ان عظيم شو سان دفن ٿيندي
ڏٺو آهي ته هاڻي دل ائين ئي چاهي ٿي ته خدا چئن
پيارن جي هٿان خاموشي سان دفن ٿيڻ جي سعادت نصيب
ڪري.
پر
اياز جي تدفين جو اجهائيل منظر ياد ڪري، دوستن جي
اکين ۾ ڳوڙها تري اچڻ جو سبب اهو ئي آهي ته انهن
دوستن جي اکين ۾ اڄ به انقلاب جا سپنا سڙيا ناهن.
انهن انقلاب جي گلابن کي پنهنجين اکين ۾ پالي
رکيو آهي. انهن دوستن چاهيو هو ته اياز جي مرتئي
تي سڄي باشعور سنڌ اٿلي پوندي. سنڌ جي چئني پاسن
کان هزارين عاشق ۽ انقلابي ” منهن تي مٽي ڦول جهول
۾“ کڻي پنهنجي عظيم شاعر کي الوداع چوڻ ايندا. ڀٽ
جي ڀونءَ لطيف جي بيتن ۽ اياز جي واين سان گونجڻ
لڳندي. ڪارن جهنڊن جا پاڇا ايترا ته گهرا ٿي ويندا
جو سنڌ جو روح نڙي ۾ ڦاٿل تاريخي سڏڪو ڀري ويهندو
۽ پوري قوم اوڇنگار ٿي ويندي. پر ائين نه ٿيو.
ڪراچي کان حيدرآباد تائين ڪجهه گاڏيون ۽ حيدرآباد
کان ڀٽ شاهه تائين ڪجهه ٻيون گاڏيون سراپا سنڌ
انسان کي لطيف جي پاڙي ۾ سدائين لاءِ وسائڻ خاطر
کنيو ٿي ويون. ۽ رستن جي ”لين هوٽلن“ تي ڪيسٽ ڪلچر
وارا اگهاڙا گيت هلندا رهيا. اسان جي اداس دوستن
جي اداسي جو سبب اياز جو وڇوڙو نه پر ان وڇوڙي
وقت پيدا ٿيل منظر آهي. انهن جڏهن ڏٺو ته ڀٽ شاهه
تي ڪو قومي، طبقاتي ۽ جمهوري ليڊر نه آيو، ڪو ايم
پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر نه آيو، ڪو وڏو بيورو
ڪريٽ، سرمائيدار يا وڏيرو نه پهتو ۽ نه وري سنڌ جو
ڪو باشعور عوامي حلقو ان ڏک ۾ شامل ٿيو ۽ ڏک جو
عملي مظاهرو ڪندي ڀٽ تائين پهتو. سنڌ جنهن ۾ 10-
هزار شاعر آهن پر اياز کي الوداع چوڻ وارن ۾ رڳو
ڪجهه اهي ماڻهو شامل هئا جن جي شموليت شعوري نه به
ته، سماجي حساب کان مجبوري هئي.
ان
مان ڇا ٿو ثابت ٿئي ته سنڌ قومي ۽ انساني جذبي جي
حوالي سان بي حس، خود غرض ۽ لاتعلق ٿي چڪي آهي!؟
مون کي ان ”فتويٰ“ جي رڳو ”ٿي چڪي“ لفظ سان اختلاف
آهي ۽ منهنجو اصرار اهو آهي ته سنڌ قومي ۽ انساني
جذبي جي حوالي سان بي حس، خود غرض ۽ لاتعلق آهي ۽
اڄ کان نه پر سدائين کان وٺي ائين رهي آهي. آئون
ڪو سياستدان ناهيان جو قوم جي خوشامد ڪريان. مان
هڪ رائٽر آهيان ۽ منهنجو فرض اهو آهي ته مان قوم
جو ضمير ٿيڻ جي ڪوشش ڪريان. جيڪڏهن قوم جو ضمير ٿي
ڏسبو ته هر دور ۾ قوم، محبوبن جهڙن ماڻهن جي موت
کان لاتعلق ۽ بي خبر رهي آهي.
انهن جي موت کان لاتعلق رهڻ جو سبب اِهو ئي آهي ته
هو انهن جي جيون کان به لاتعلق رهيا آهن. اهو لطيف
هو يا اياز، انهن پنهنجي قوم سان رشتو ائين ئي
نڀايو ته ”آئون انهن جي آهيان، توڙي مون نه مڃين“
انهن جي محبت هڪ طرفي ۽ غير مشروط هئي نه ته ڏاڍو
ڏکيو آهي، محبت جي بي آواز تعلق کي جاري رکڻ ۽ ان
کي توڙ تائين پهچائڻ.
اياز به قوم تي ناراض ٿيندو هو پر ان جي ناراضگي ۾
پنهنجائپ آهي. يقينن لطيف کي به قوم تي ڪاوڙ ايندي
هوندي نه ته ”جيها جي تيها مون مارون مڃيا“ جهڙي
سٽ ائين سرجي نه ٿي سگهجي. پر لطيف جي دور ۾
ڪميونيڪيشن جا جديد اوزار نه هئا. لطيف جا انٽرويو
ناهن. اسان وٽ لطيف جيترو به آهي اهو شاعري جي روپ
۾ آهي ۽ سندس اهو روپ ڪائنات جي هر روپ کان وڌيڪ
حسناڪ ۽ امر آهي، ساڳي طرح اياز جي شاعري به
سنڌين کي بلڪل الڳ دنيا آڇي ٿي. اها هڪ نئين
رنگين ۽ خماريل دنيا جي ڳالهه آهي. ان دنيا ۾ حسن
ئي حقيقت آهي پر سنڌي قوم جي باشعور فردن کي اياز
جي ”عشق ۽ انقلاب“ جي دنيا نه گهرجي. هنن کي پئسي
پائي واري دنيا کپي. هو باشعور هجڻ سبب اياز کي
ائپريشيئيٽ ڪن ٿا پر هو اياز سان اتفاق نٿا ڪن. هو
سمجهن ٿا ته اياز به ذهين ماڻهو هو ۽ هن اجايو
پئسن ٺاهڻ بدران شعر ٺاهيا.
پر
فرض ڪجي، جيڪڏهن اياز پنهنجي سموري ذهني توانائي
ڏات ۾ اجائي وڃائڻ بدران دولت حاصل ڪرڻ لاءِ سجائي
ڪري ها ته شايد پنهنجي مرتئي وقت هو سنڌ جو امير
ترين انسان هجي ها. پر تاريخ ۾ ڪيترا امير امر
آهن؟ ممڪن آهي ته هو وڏي جلوس جي شڪل ۾ دفن ٿئي ها
پر جيئن جيئن وقت گذري ها تيئن تيئن اسان هن جي
نالي کان نا آشنا ٿيندا وڃون ها.
جڏهن ته هاڻي ان جي ابتڙ ٿيندو، هاڻي جيئن جيئن
وقت گذرندو تيئن تيئن اياز اسان کي گهڻو ياد اچڻ
لڳندو. اياز کي پاڻ به ان ڳالهه جو شديد احسان
هو. ان ڪري هو مرزا غالب جي سٽ جهونگاريندي چوندو
هو ته ”آئون ان باغ جي بلبل آهيان جيڪو اڃا پيدا
ئي ڪو نه ٿيو آهي.“ پنهنجن اڪثر انٽرويوز ۾ اياز
چيو آهي ته” مون کي سمجهڻ وارا منهنجي موت کان 20
سال پوءِ پيدا ٿيندا.“ موجوده دور ۾ اياز کي فقط
اها مڃتا ملي ته هن کي زنده جلايو نه ويو. هن کي
ڦاسي تي لٽڪايو نه ويو. هن کي آخري ساهه تائين
زندان حوالي نه ڪيو ويو، نه ته اياز جي شاعري ۾
جيڪا بغاوت آهي تنهن بغاوت جو فطري انجام اهو ئي
هجڻ کپندو هو.
اياز هر دور جو باغي رهيو آهي، جڏهن بنياد پرست
پنهنجي پوري طاقت ۾ هئا ته اياز انهن کي للڪاريو،
۽ سنڌ جي جاگيرداري سماج ۾ پيار جا گيت لکڻ واري
بغاوت ڪيتري وڏي بغاوت آهي؟ ان جو اندازو ان دور
جي ڊٻاون کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ نٿو ڪري سگهجي.
اياز ان دور ۾ سنڌ جي ساراهه ۾ گيت لکيا، جڏهن سنڌ
جو نالو وٺڻ وڏو گناهه سمجهيو ويندو هو، اياز آخر
۾ تصوف اندر زندگي جي حقيقت ڳولڻ وارو خطرناڪ ڪم
به ڪيو.
هاڻي هي دور منجهي پيو آهي. هن دور کي سمجهه ۾ نه
ٿو اچي ته اياز ڇا آهي؟ ڇا هُو بنياد پرست آهي. ڇا
هو صوفي آهي؟ ڇا هو قومپرست آهي؟ ڇا هو انقلابي
آهي؟ ڇا هو رومانيت پسند شاعر آهي؟ هو سڀ ڪجهه
هوندي به ڪجهه ناهي. ڇو ته هو باغي آهي. باغين
متعلق اڪثر ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي پوندا آهن.
ڇو ته باغي انهن جي ڪنهن به کانچي ۾ ”فٽ“ نه ايندا
آهن. هڪ عام سمجهوتي باز انسان يا گروهه لاءِ هڪ
باغي کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سنڌي قوم ويهين صدي
جي پڇاڙي تائين سمجهوتي بازي سان سلهاڙيل رهي، ان
ڪري هن اياز کي اهو مان نه ڏنو. باقي جن نوجوانن
جي دلين ۾ اياز جي شاعري عشق جا ٻارڻ ٻاري ٿي ۽ جن
جو روح گرمائي ٿي، تن وٽ پيسا ناهن، وسيلا ناهن،
انهن پنهنجي گهر ۾ ويهي اياز جا گيت پڙهيا ۽
گونگا لڙڪ لاڙيا. انهن جي نظر ۾ محبت جو هڪ عظيم ۽
روشن ستارو ٽٽي ويو پر عام طور تي قوم پيسا ٺاهڻ،
هي قرض کڻڻ، هو ٺيڪو وٺڻ، هي نوڪري، هو ڪار، هي
بنگلو ..... رڳو ان ريس ۾ پنهنجا قومي، طبقاتي ۽
اصولي مؤقف پٺتي ڇڏي آيل ماڻهو ٻارن وانگر پيسا
ڪمائيندا، وطن وڃائيندا، خوش ٿيندا اڳتي وڌندا پيا
وڃن. انهن کي پتو ناهي ته اڳتي تاريخ جي اونهين کڏ
آهي جيڪا انهن کي ائين ڳڙڪائي ويندي، جيئن انهن
کان اڳي وارن ماڻهن کي ڳڙڪائي وئي. هن قوم سان
قدرت مختلف سلوڪ اختيار نه ڪندي. هيءَ قوم جيڪا
مادي ۽ روحاني ڪرپشن ۾ ئي ترقي جو راز پوشيده ڏسي
قابل رحم ٿي پئي آهي، ان قوم تي ڪاوڙ ڇو کائجي؟
آئون انڊيا جي سپريم ڪورٽ جي ان موقف سان سهمت
آهيان ته خودڪشي ڪندڙ شخص تي ڪيس داخل ٿيڻ نه
گهرجي. هي قوم جيڪا تاريخي خودڪشي طرف وڌي رهي آهي
ان تي اياز سان بي انصافي ڪرڻ جي ڪهڙي تهمت مڙهجي
۽ مٿس ڪهڙي ڪاوڙ ڪجي. هيءَ قوم ته قابل رحم آهي.
جيڪو ماڻهو ڏاڙهي مڇن هوندي به ٻاراڻيون حرڪتون
ڪري ان تي ڪاوڙ ڪري ڇا ڪجي؟ هونءَ به پنهنجي پاڳل
تي کل نه ايندي ۽ روئڻ مان ڪو فائدو نه سمجهڻ سبب،
روئڻ به نه ايندو آهي. بس اهو منظر ائين ڏسبو آهي
جيئن اسان اياز جي تدفين جو آخري منظر ڏسي رهيا
هئاسين ۽ ٽن صدين کان پوءِ ڀٽ تي ساڳيو ئي سمان هو
۽ جنهن ڏينهن اياز دفن ٿيو، تنهن رات ستارن ڀٽ جي
واريءَ ڪڻن کان پڇيو ته
”ڀٽائيءَ جو ٽيون جنم، ڪڏهن ٿيندو؟“
(2-جنوري 98 روزانه سنڌ)
اُهي ٽي وجود جيڪي وري واپس ورڻ ٿا چاهين
اعجاز منگي
اياز پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ مونس، سرمد ۽ وينگس جو
مختصر ذڪر ڪندي رڳو اهو لکيو هو ته ”زندگي هڪ
طوفان آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڏار ٽٽي ٿا پون“ ۽ مون
ڏٺو آهي ته اڪثر عظيم انسانن جي آڏو هميشه هڪ چونڊ
اچي ٿي.اولاد ۽ عوام جي وچ واري چونڊ. گوتم کان
وٺي گانڌيءَ تائين اڪثر عظيم انسانن عوام جي وچ
واري چونڊ ڪندي اولاد جي قرباني ڏني آهي. اياز وٽ
به اها چونڊ ۽ هن اولاد جي بدران عوام جي چونڊ
ڪئي. هن اولاد لاءِ پئسو ٺاهڻ بدران عوام لاءِ شعر
ٺاهيا ۽ بيشڪ اهي شعر شعلن جهڙا آهن، انهن جي آنچ
تي پوهه جون ٿڌيون راتيون ڪاٽي سگهجن ٿيون پر هڪ
پل لاءِ اهو احساس باقي رهڻ گهرجي ته ان مقدس باهه
۾ ٽن معصوم انسانن جون محبتون به جلي رک ٿي ويون.
سنڌ کي اياز جي موت تي سڏڪا ڀري روئي دل ڀرڻ کان
پوءِ انهن ٽن انسانن جي مٿن تي شفقت جو هٿ رکڻ
گهرجي، جن جي تياڳ اياز جي ڪلام ۾ وڌيڪ ڪاٽ آندي.
اسان اولاد وارا ٿيا آهيون ته پتو پيو آهي ته
اولاد ڇا هي؟ اسان يتيم ٿيا آهيون ته معلوم ٿيو
آهي ته والدين ڇا آهن؟ اياز ۽ هن جي اولاد جي درد
کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هر انسان کي پنهنجو ننڍڙو
مونس ياد نه ايندو هوندو؟ پر هر ٻُڌ کي پنهنجو
راحل ڇڏڻو ئي پوي ٿو. اياز کي اولاد ڇڏڻي پئي. اها
اياز جي قرباني هئي ۽ پوءِ رڳو مان ڀري جياپي لاءِ
حتي الامڪان ڊسٽرب نه ٿيڻ واري زندگيءَ جي ڍنگ سان
هو جيئڻ لڳو. هن سڄي زندگي انهن ٽن وجودن جو ذڪر
نه ڪيو، جن جو جوابدار هو پاڻ هو. جڏهن اياز جيل ۾
هو ۽ مٿان بم برسي رهيا هئا ته ڇا هن سليم، انس ۽
روحي سان گڏ مونس، سرمد ۽ وينگس ياد نه آيا هوندا.
پر هن ” وڏو ڪم“ ڪرڻ لاءِ اهو اظهار روڪي ڇڏيو.
هن
کي پتو هو ته هو جن سان رهيو پيو آهي، اهي هن کي
بحيثيت شاعر نه ٿا سڃاڻن پر هن جي ننڍي زال جا
ٻار، هن جي ميرج واري اولاد، جن جي نالن ۾ ئي
تاريخ، ادب ۽ ثقافت جي خوشبو آهي، انهن کي خبر آهي
ته ”اسان جو بابا ڪيترو وڏو ماڻهو آهي“ پر هن شديد
محبت واري جذبي جي ردعمل ۾ اچي علحيدگي اختيار ڪري
ڇڏي. اياز جي سمورن ذاتي دوستن کي معلوم آهي ته
اياز، ادي اقبال سان ڪيتري محبت ڪندو هو. آنٽي
زرينا پنهنجي انٽرويو ۾ ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي
ته اياز جي شاعريءَ واري خوبصورت عورت آئون
ناهيان. جيڪڏهن اها عورت هوءَ ناهي ته پوءِ آخر
اها ڪير هئي؟ اياز جي مثالي نثر ۽ نظم ۾ جنهن
ڪردار جو تذڪرو آهي، اها مونس ۽ سرمد جي امڙ هئي.
۽ ” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ واري ميران اها ئي هئي.
اياز هن جي آڏو غالب جا گهرا شعر جهونگاري سگهندو
هو ۽ ڀوربن جي ٿڌين راتين ۾ هن جي ڪلهي تي ڪنڌ
ٽيڪي ”اناالحق“ جا نعرا هڻندو هو. هن ” ڪلهي پاتم
ڪينرو“ ۾ محبت جي ماناري جهڙا نظم ادي اقبال جي
وجود سان پويا آهن.
ڇا
هڪ شاعر جي ذاتي زندگيءَ بابت ڳالهيون لکڻ جي اسان
کي اخلاقي ۽ منطقي اجازت آهي!؟ شايد ها، ڇو ته قوم
جو شاعر هو. سنڌ ڀلي چِلي نه هجي پر هو پيبلو
نرودا جهڙو عظيم شاعر هو. هو پنهنجي ملڪ ۽ دؤر جو
ٽئگور هو. هن جي هڪ هڪ لفظ تي هن جي پرستارن ۽
پڙهندڙن جو حق آهي ۽ خود انهن خطن تي به جيڪي
اياز، اقبال بيگم کي لکيا. جڏهن سڀاڻي سنڌ تعصب ۽
انا کان اتانهين ٿي، پنهنجي قومي شاعر کي مڪمل طرح
سڃاڻي وٺندي ۽ ادارن ۾ هن تي تحقيق ٿيڻ لڳندي تڏهن
اهي سڀ حوالا اوس ايندا.
ان
تحقيق دوران اهو نقطو تڪرار جي صورت اختيار ڪري
ويندو ڇا اياز کي حق پڳو ٿي ته هو پنهنجي آدرش
خاطر پنهنجي خاندان جي گهربل سارسنڀال نه لهي؟ جن
کي اياز جي ان فيصلي سبب گيت مليا، غزل مليا، بيت
مليا ۽ شفق جهڙيون سٽون مليون، اهي اياز جي فيصلي
کي صحيح سمجهندي به انهن ٽن معصوم چهرن بابت سوچي
اداس ٿي ويندا؟ ڪهڙي منجهه حساب؟ انهن جي قرباني
ڪهڙي حساب ۾ ليکي ويندي؟ اهي ڏينهن ۽ راتيون جيڪي
هن جي اولاد هن کان سواءِ گذارياسون. انهن جو حساب
ڪير ڪندو؟ اياز کي پنهنجا ٽئي ٻار بيحد پيارا هئا
۽ اڪثر مون هن جي اکين ۾ اولاد لاءِ اهي شديد محبت
جا اولڙا ڏٺا. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري هن مون
کان پڇيو ته سرمد جي طبيعت ڪيئن آهي؟ مون کيس چيو
ته ”هونءَ ته ٺيڪ آهي پر ڪمزور گهڻو آ. پر هن جي
طبيعت ۾ تيسو آهي، صفا مون تي ويو آ، مان به شروع
۾ خار باز هجڻ سبب سنهڙو هوندو هوس.“ اياز کي
پنهنجن ٻارن سان محبت هئي ۽ ڪراچيءَ ۾ شام جو
سرمد ۽ وينگس کان موڪلائيندي، گهر ايندي هو اها
حسرت سنڍيندو ايندو هوندو ته ”ڪاش! مان انهن ٻنهي
کي ترسائي سگهان ها. وينگس ڊاڪٽرياڻي آهي، ان کان
خدمت ڪرايان ها ۽ سرمد جا خيال ٻڌي ٽهڪ ڏيان ها.“
۽ هو زبان هيٺيان دل واريون گوريون رکي، رومال سان
اکيون اگهي ڇڏييندو هوندو.
اياز کي انيس واري خاندان ان شرط تي سڪون سان رهڻ
وارو حق ڏنو ته هو پنهنجي مونس واري خاندان سان ڪو
تعلق نه رکي. ان ڪري هن جيڪو به ۽ جيترو به تعلق
رکيو، لڪي رکيو. هو پنهنجي اولاد سان چورن وانگر
ملندو هو. هن کي پتو هو ته جيڪڏهن هن گهر ۾ سرمد
وارن سڙٻاٽ ٿيو ته هو ڪيترن ڏينهن تائين هڪ لفظ
لکڻ جي پوزيشن ۾ نه رهندو ۽ هن سڄو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ
کي ڏيڻ خاطر اولاد جي ساٿ ۽ سنيهه جي قرباني ڏني.
ان قربانيءَ جو سڀ کان وڏو فائدو سنڌ کي پيو، ڇو
ته کيس عظيم شاعري ملي، ٻيو فائدو خود اياز کي پيو
ته هو عظيم شاعر جي درجي تي پهچي امر ٿي ويو. ان
امرتا جي مرحلي دوران انيس ۽ سليم وارن کي اياز جو
معاشي، معاشرتي ۽ روحاني فائدو پيو. پر مونس، سرمد
۽ وينگس کي ڇا مليو؟ صرف هڪ نالو ۽ ڀلي ڪو چوي ته
اياز جي حيثيت جهڙي ماڻهوءَ جي اولاد ٿيڻ ئي وڏي
ڳالهه آهي. پر اولاد لاءِ ائين نه هوندو آهي.
اولاد کي پيءُ کپندو آهي، ماءُ کپندي آهي، انهن جي
ويجهڙائيءَ ۾ ورونهن کپندي آهي. وڇوڙي جا ٻٽيهه
سال پاڻ ۾ ٻٽيهه ناولن جي مواد سنڀالي ويٺا آهن.
زندگي اهو قافلو آ، جنهن ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون
هلنديون رهن ٿيون. اياز جي وفات ان قافلي جو پڙاءُ
بڻجي سگهي ٿي. اسان هڪ پل لاءِ اياز جي زندگيءَ جو
”بابا“ وارو پاسو ڀرپور انداز سان ڏسون ۽ پوءِ ڀلي
وڏي آواز ۾ هن جو اهو گيت ڳايون ته:
”نانءُ ڇڏيوسين،
ڌرتيءَ تي ٿر ٿانءُ ڇڏيوسين،
پنهنجي من جي پيڇي ڪارڻ
ڌن
جو پيڇو ڪونه ڪيوسين
ويڻ
ٻڌاسين، نيڻ ڀڄي پيا...“
28
ڊسمبر 1997ع تي اها” جيون ڪٿا“ پنهنجي انجام کي
پهتي، جيڪا 2 مارچ 1923 تي شروع ٿي هئي. پر ان ڪٿا
تي پهچندي، زندگيءَ جو ميلو وجود ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
شڪارپور جي مبارڪ علي اياز ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر
جي حيثيت سان هيءَ دنيا ڇڏي ۽ پويان انيڪ ڪاميابين
سان گڏ اهي ٽي ناڪاميون ڇڏي هليو ويو آهي ته هو
انهن ٽن وجودن کي اها زندگي نه ڏئي سگهيو، جيڪا
زندگي، هنن جو حق هئي. اياز پنهنجو فرض ته پورو
ڪيو پر اولاد جو حق ادا نه ڪري سگهيو. مون کي ياد
آهي ته هن ڀٽائيءَ سان ڀوڳ ڪندي هڪ هائيڪو لکيو هو
ته:
”ميان تون به اڻپورو
پلو
گهرجي زال کي
تو
وٽ دنبورو.“
اهو
شعر پڙهي هو ٽهڪ ڏئي کليو ۽ پوءِ چاڪوءَ جي ڦر
جهڙي حقيقي مرڪ مرڪندي هن چيو ته ”ڀلا جيڪڏهن
ڀٽائي پلا آڻيندو رهي ها ته ڇا هن جي دنبوري جي
صدا عرش ۾ غلغلو وجهي سگهي ها، ڪجهه عظمتن لاءِ
ڪجهه ڏک جهڙيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.“
اياز جي موڊ کي ڏسي مون کانئنس پڇيو ته” ڇا اولاد
کان پري رهي، اوهان اهڙي ئي قرباني نه پيا
ورجايو؟“ هو ماٺ ٿي ويو ۽ پنجن منٽن تائين خاموش
رهيو. پوءِ هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيائين
Perhaps
(شايد). اهو هڪ عجيب ۽ بي تُڪو اظهار ٿيندو.
جيڪڏهن چئجي ته اياز کي هي ٽي ٻار پيارا نه هئا.
پر هن ان ذهني سڪون خاطر کين زندگيءَ جي رڻ ۾ رلڻ
لاءِ ڇڏي ڏنو، جنهن ذهني سڪون مان ”وڄون وسڻ
آئيون“ جهڙي شاعري سرجندي آهي. وڏا ماڻهو ڏاڍا خود
غرض به ٿيندا آهن. جيئن چي گويرا کي اولاد کان
وڌيڪ انقلاب پيارو هو،تيئن اياز کي اولاد کان
شاعري مٺي هئي. هن لاءِ شاعري زندگي هئي، پر ان
زندگيءَ جو وجود ان ڪري برقرار رهيو، ڇو ته اياز
جي اولاد بغاوت نه ڪئي. مونس ۽ سرمد اياز جي پرڪيف
زندگيءَ ۾ خلل نه وڌو ۽ پنهنجي ٽڪي جيترو ڪم چئي،
هن جي تخليقي عمل کي ڊسٽرب نه ڪيو. ان ڪري سنڌ
اياز جي عظمت جا گيت ڳائي رهي آهي ۽ خود اسان به
ان ڪورس ۾ پنهنجو آواز شامل ڪرڻ باعث شرف ٿا
سمجهون. پر اسان جو اصرار اهو آهي ته ان عظمت جي
گيتن ۾ هڪ مصرع مونس، سرمد ۽ وينگس جي نالي به هجڻ
گهرجي. ڇو ته انهن ننڍڙن وجودن جو عظمت جي عاليشان
عمارت جو بنياد مظبوط ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. اهي
ٽي وجود جيڪي وري سنڌوءَ جي ڪناري ورڻ چاهين ٿا.
جتي ساڌ ٻيلي جي اوٽ ۾ مهاڻا ٻيڙيون ٻڌندا آهن ۽
شفق جا شعاع، شام جي منظر کي ايترو ته بيقرار ڪري
ڇڏيندا آهن جو روح عصر سنڌ کان پڇڻ لڳندو آهي
ته”اي چري ڌرتي! تون ڇا ٿي چاهين؟“
(7جنوري 98-روزانه سنڌ)
تڙ
تڙ تي طوفان الا
ناز سهتو
سنڌ جي سڀ کان محروم خطي ٿر جي ريگزارن کان وٺي
دنيا ۾ ” اهل دل“ جي سڀني گهرن ۾ ماتم ۽ سوڳ آهي.
شيخ اياز جو لاڏاڻو سنڌ جي شاعريءَ ۽ علم لاءِ
ڪيترو هاڃيڪار آهي، اهو ته هن وقت تائين، ٿيل سڏڪن
۽ سرد آهن مان لڳي چڪو آهي، پر درد ڀري هن دنيا ۾
اڃا الائي ڪيترو وقت هن تي ماتم ٿيندو رهندو. اياز
پنهنجي اڪثر تخليقن ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين تي
نظر اچي ٿو. اياز جون دعائون لکڻ ۽ سندس آخري
ڏينهن جون سوچون، سنڌ جي ادبي حلقن ۾ تنقيد کي
دعوت ڏينديون رهيون، پر اياز جهڙي اجهل شاعر لاءِ
ننڍڙي تنقيد جا تير هلي رهيا هئا ته اياز چپ ٿي
ويو، پر سنڌي ادبي سنگت طرفان جڏهن تاج جويو ۽ ان
جا ساٿي شيخ اياز کي حيدرآباد پريس ڪلب سنگت جي
سالياني ڪنوينشن ۾ وٺي آيا ته اياز جي اچڻ سان ڄڻ
ته سنڌي شاعري ۽ ادب جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو.
اياز پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ هڪ
Legend
بڻجي ويو. هن جا نقاد، وٽن ڪافي مواد هئڻ جي
باوجود، هن کي ايترو هيٺ آڻي نه سگهيا، جيتري سندن
خواهش هئي. اياز ته صدين تائين ڳائبو ۽ ياد ڪيو
ويندو. اياز جڏهن پاسيرو ٿي تخليقي ڪم ڪرڻ لڳو هو
ته هن خلاف هڪ طرف جلسن جلوسن ۾ تنقيد ۽ باهوڙ
ٿيندي هئي ته ٻئي طرف انهن ئي ڌرين جي جلسن ۽
اسٽيجن تي اياز، جو شعر سندن پهچڻ کان اڳ قبضو ڪيو
ويٺو هوندو هيو. اياز ۽ هن جي نقادن ۾ هڪ وڏو فرق
هي به آهي ته اياز جي نقادن جون شخصيتون سندن علمي
ڏاهپ کان وڏيون ٿي ويون آهن، جڏهن ته اياز جو فن ۽
علم اياز جي شخصيت کان وڏو ٿي ويو آهي،وڏن
تخليقڪارن بابت سندن دور ڪڏهن به درست فيصلو نه
ڪري سگهيو آهي. شاهه لطيف کي ايتري مڃتا سندس دور
۾ نه ملي، جيتري هن وقت ۽ ايندڙ وقت ۾ کيس ملڻي
آهي. لطيف سائين جي دور جو ڪو ماڻهو، هن وقت زندهه
هجي ها ته شايد هو به لطيف سائين بابت ائين ٻڌائي
ها ته ڀٽائيءَ ۾ ذاتي طور تي هي هي خاميون هيون،
پر هينئر اڍائي صديون گذرڻ بعد، جڏهن لطيف جي
شخصيت اکين کان اوجهل آهي ۽ سندس فن باقي وڃي پرک
جو معيار رهيو آهي. تڏهن لطيف جو فن ئي، سندس
سڃاڻپ بڻيل آهي ۽ ان فن ۾ هڪ زندگي، هڪ سدا حيات
تازگي، آدرش ۽ امنگ موجود آهن، جيڪي ڪڏهن به مري
نٿا سگهن، ان ڪري لطيف اڄ به زنده آهي ۽ ائين ئي
اسين به اياز جي دور جا ماڻهو آهيون. اسان کي اياز
جي ڪنهن به نقاد جي دور ۾ پيدا ٿيڻ تي ڪو به فخر
نه ٿيندو پر اياز جي دور ۾ موجود هئڻ تي اسين
فخر ڪريون ٿا، جيئن استاد بخاريءَ جي دور ۾ موجود
هئڻ تي اسين فخر مند آهيون، سڀاڻي، جڏهن شايد ئي
اياز جي دور جا ڪي ماڻهو هجن ۽ پوءِ تاريخ جي ورقن
مان اياز جو سمورو فن، آرٽ ۽ تخليقون به نڪري
نروار ٿينديون. اياز جي زندگي جي خامين بابت
ڇنڊڇاڻ سان، مواد، بنا ڪنهن تعصب جي پڌرو ٿيندو،
تڏهن وقت فيصلو ڪندو ته اياز، واقعي اياز هو. اهو
درست آهي ته ماڻهوءَ جي فن ۾ عمدگي ۽ تخليق ۾
پرفيڪشن تڏهن ٿئي ٿي،جڏهن هو اعلي آدرشن سان
واڳيل آهي، هو انسان دوست آهي، هو وطن جي وانڍ
لاءِ وڙهي ٿو پر ڇا ڪو ثابت ڪندو ته اياز انهن
آدرشن تان هٽيو. باقي ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيتريون
ئي تبديليون اينديون رهن ٿيون، هي تبديليون هڪ
شاعر، هڪ ڪهاڻيڪار کان ويندي هڪ سياستڪار ۽
صحافيءَ تائين به اچن ٿيون. انسان جو اندر ته
بهرحال انسان جو اندر آهي، ان کي ڪيئن ٿو زنجيرن ۽
ضابطن ۾ رکي سگهجي. خيال ۽ سوچون ته اڏامندڙ پکي
آهن. رڳو شاعرن ۽ اديبن خلاف ”رنگ“ کي سوڙهو ڪرڻ
نامناسب ڳالهه آهي. اسان وٽ اهي سياستڪار جيڪي
ڪالهه تائين ايم اين راءِ کي غلط قرار ڏيندا هيا،
اڄ اهي ايم اين راءِ جي فلسفي مٿان، پنهنجي فلسفي
جي فئڪٽري جو ليبل هڻي، تقريبون ڪندا وتن.
شيخ
اياز پنهجي اندر ۾ ڪيتريون ئي ڪيفيتي تبديليون
محسوس ڪيون آهن، اهي تبديليون اياز ۾ اوائل کان
اينديون رهيون آهن. هڪڙو اياز اهو هيو، جنهن وٽ
فارسي زده اهڙي سنڌي آهي، جيڪا پنهنجي دور ۾ هونئن
ته شايد تنقيد جو نشانو بنجي ٿي پر جڏهن اياز ان
ٻوليءَ کي استعمال ڪري ٿو ته اها بلڪل ائين سون
سريکي سنڌي بنجي پوي ٿي، جيئن لوهه پارس جي ڇهڻ
سان سون بڻجي ٿو.ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته اياز جو
هي غزل ئي پڙهي ڏسي:
قدم
قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا.
وري
اندر جي تخليقي تبديلي، هن کي اهڙي ٺيٺ ٻوليءَ
ڏانهن وٺي ٿي اچي، جتي رڳو مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿئي
ٿي، ان ئي حوالي سان اياز جو هي گيت آهي:
گذري وئي برسات،
تو
بن گذري وئي برسات.
بادل گرجيو، ڪڙڪي، مينهوڳيءَ جا جهلڪا آيا،
ڪجهه اک ڦڙڪي، ڪجهه دل ڌڙڪي، من تي پل پل الڪا
ڇايا،
اَلاپي اَلاپي ڪاٽي
ڪاري ڪاري رات.......
گذري وئي برسات.
تو
بن گذري وئي برسات.
منهنجي من جئن موڳا تارا، جهڙ جي جهاڳ ڏسي گهٻرايا
آس
به ٽمڪي، جهمڪي پيارا، جئن جئن تن جا جهلڪا آيا.
چپ
تي نينهن نياپي ڪاٽي،
ڪاري ڪاري رات
گذري وئي برسات،
توبن گذري وئي برسات!
اياز سموري سنڌ ۽ ادب جي دنيا جي ڇپر ڇانءَ هيو،
هن جي ڏهاڳ ڏيڻ سان، هن جي ڇانءُ اڃا وڌي وئي
آهي.اياز جون تخليقون، سنڌ جي پولارن ۾ صدين تائين
پڙلاءِ ڪنديون رهنديون. سڀ ڪنهن وٽ اياز هڪ الڳ
اياز هوندو، هر ماڻهوءَ جي اياز جو تصور الڳ الڳ
آهي، هن دور ۽ هن صديءَ جي ڪنهن به سنڌي شاعر کي
اهو مان نه مليو آهي ته هر پڙهندڙ، هر ٻڌندڙ ان
شاعر بابت جدا جدا خاڪو ٺاهي.اياز جي وڇوڙي جو
درد، سنڌ جي پيڙا جو پڙلاءُ بڻجي، زمانن تائين
اسانجو پيڇو ڪندو رهندو.
گذريل ٻن سالن کان ڊسمبر، اسان سنڌ وارن لاءِ ڏاڍو
ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي، گذريل سال ممتاز مرزا ۽
سرمد سنڌي جهڙي اثاثي کان اسين محروم ٿياسين ۽ هن
ڊسمبر ۾ وري اسين اياز ۽ در شهوار سيد کان محروم
ٿياسين....اياز جو لاڏاڻو هن سال جو شايد وڏي ۾
وڏو موت هجي پر هيءَ عجيب وارتا آهي ته اياز وري
به ڊسمبر ۾ ان ڏينهن اسان کان جدا ٿيو، جڏهن سنڌي
ادبي سنگت جي سالياني ڪنوينشن بهاني، سموري سنڌ جا
اديب اڳواٽ ئي گڏ ٿيڻ جو سوچي چڪا هيا، اهي سڀ ڄڻ
ته اياز جي لاڏاڻي جي موقعي تي ائين اچي گڏ ٿيا
هيا ڄڻ اياز کي مڃتا ڏيڻ چاهيندا هجن. تخليقڪار
اياز جي ان کان وڏي عظمت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ
جا ماڻهو، سڀ عالم،دانشور، مقرر ۽ سياستڪار، جڏهن
پنهنجون سموريون توانائيون صرف ڪرڻ جي باوجود،
پنهنجي ڳالهه پوريءَ طرح بيان نٿا ڪري سگهن. تڏهن
هو پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ لاءِ اياز جي شاعريءَ آڏو
هٿ ٽنگين ٿا ۽ اياز،پنهنجي تخليقي خزاني مان، هڪ
شعر کين آڇي ٿو ۽ ائين سندن مشڪل آسان ٿئي ٿي.
اياز فڪر ۽ فن جي دنيا جو ”مشڪل ڪشا“ آهي. ڪيترن
ئي ماڻهن جا اياز جي زندگيءَ جي پوئين ڏينهن بابت
ويچار، ڪافي ڪاوڙيل ويچار آهن. اياز هڪ زماني ۾
ساڄي ڌر وارن جي ڪاوڙ جو نشانو رهيو ۽ آخري ڏينهن
۾ سرد جنگ جي خاتمي کي ذهني طور قبول نه ڪري
سگهندڙن جي ڏمر جو نشانو بنيل آهي. هڪ ماڻهوءَ جي
عظمت لاءِ اهو به ڪافي ٿئي ٿو ته هو پنهنجي فڪري
ڌارائن سبب تنقيد جو نشانو بڻجندو رهي ٿو. پوئين
ڏينهن ۾ اياز هر قسم جي ساڙ کان پري رهڻ چاهيو ٿي،
جڏهن شيخ اياز،”برسات“ جو چيف ايڊيٽر بڻيو ته هڪ
رات آئون ۽ خالد کوکر کين، سندن ستر ڪلفٽن واري
گهر تي ڇڏڻ پئي وياسين، اياز ان رات جو هڪ نئين
انسان ڳولهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
(روزانه سوال)
اي
اياز! اڄ وري، ڌنڌ ڌاڙا هنيا
اي جي چانڊيو
وقت
جيڪو لامحدود آهي ۽ وقت جنهن جو ڪو انت ڪونهي، پر
ان جي باوجود انسان وقت کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي
سانچن ۾ قيد ڪرڻ سان گڏوگڏ وقت کي لمحن، منٽن،
ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن، مهينن، سالن، ڏهائين ۽ صدين ۾
تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اسرار ۽ رموز
واري ڪائنات جي ان پراسراريت ۽ رمزيت کي سمجهي
سگهجي، جنهن ۾ انسان ڪڏهن”موجود ۽ ناموجود“ آهي.
ڌرتي تي انسان جي ”موجودگي“۽ ڌرتي کان انسان
جي”عدم“ ڏانهن روانگي جنهن کي ”زندگي“ ۽ ”موت“ جا
نالا ڏنا ويا آهن، عجيب ڳالهه آهي ته انسان جي
مٿان رکيل ”زندگي ۽ موت“ جي انهن ٻن ڇپرن جي
باوجود انسان اڄ سوڌو زندگي ۽ موت جي فلسفي کي
سمجهي ڪونه سگهيو آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو
انسان ڌرتي تي ”زندگي“ جي بقا جي پويان ڊوڙي ٿو ته
ان جي سامهون ”موت راڪاس وانگر اچي بيهي ٿو ۽ جڏهن
اهو موت جي فنا جي چرنن ۾ گوڏا ٽيڪي سجده ريز ٿئي
ٿو ته ان جي سامهون”زندگي“ اچي بيهي ٿي. زندگي ۽
موت،بقا ۽ فنا، موجود ۽ ناموجود واري اسان جي ان
دنيا ۾ وقت هڪ اهڙو بي رحم ماپو آهي، جيڪو هر
ڏينهن ڪڏهن اسان جي سامهون ڪاميڊي ڀريا واقعا کڻي
اچي اسان کي کلائي هليو وڃي ٿو ته وري ڪڏهن ٽريجڊي
ڀريا واقعا کڻي اچي ٿو اسان کي روئاري هليو وڃي
ٿو.
وقت
جي 97ع وارو ڪلينڊر جنهن جي ختم ٿيڻ ۾ اڄ وڃي (3)
ڏينهن بچيا آهن،اهو ويندي ويندي به هڪ اهڙو ڏينهن
کڻي آيو، جنهن سنڌ جي چهري تي ”ماتم“ جا آثار
اُڀاري ڇڏيا آهن ته ٻئي طرف اهل سنڌ جي اکين لڙڪن
جي مالا پئي ڇڏي آهي. اهو انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو
سال 97ع جي ڪيلينڊر جي 28تاريخ تي ”سنڌ“ هڪ اهڙي
”شاعر“ کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن کي لطيف ثاني
چيو وڃي ٿو، اهو لطيف ثاني ڪير آهي؟ اهو لطيف ثاني
ٻيو ڪير نه، بلڪه شڪارپور جي چيڪي مٽي مان گهڙيل
شيخ مبارڪ علي آهي، اهو شيخ مبارڪ علي جنهن کي
دنيا”شيخ اياز“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، اهو شيخ
اياز جنهن جي هڪڙي سڃاڻپ شڪارپور واري آهي، اهو
شيخ اياز جنهن جي ٻئي شناخت ”وڪيل“ جي آهي، اهو
شيخ اياز جنهن جي ٽين سڃاڻپ سنڌ يونيورسٽي جي وي
سي جي آهي، ته سندس چوٿين سڃاڻپ هڪ انقلابي جي
آهي ته سندس پنجين شناخت هڪ اعتقادي جي آهي، پر
سندس انهن سڀني شناختن شڪارپوري، وڪيل،وي
سي،انقلابي ۽ اعتقادي جي مٿان سڀ کان ڀاري شناخت ۽
سڃاڻپ ”شاعري“ جي آهي، مطلب ته اهو شخص اياز جيڪو
شاعر هو، هڪ اهڙو شاعر جيڪو لفظن سان ”مصوري“ ڪندو
هو، يا وري لفظن سان ”چترڪاري“ ڪندو هو. اُهو شيخ
اياز جنهن سنڌ جو لينڊ اسڪيپ ائين ڪڍيو هو ته: ”جت
لُڪ لڳي، جت اُڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي.“
ڪالهه اهو شاعر شيخ اياز ”وجود“ کان”ناموجود“
ڏانهن راهي ٿي ويو آهي.جيڪو شڪارپور جي گهٽين
روڊن،رستن،اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اُهي انيڪ
داستان ڇڏي ويو آهي، جن سان اياز کي محبت هئي ۽
اياز جي انهن محبتن جي ڪري اسان کي اياز سان محبت
ٿي وئي ۽ انهيءَ ”محبت“ جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي نه بلڪ
اياز جي شاعري ئي ”ٽياڪڙي“ ڪئي. اياز جي اها وصل ۽
فراق واري شاعري جنهن جي لفظن جي”ڪُن“ ۾ اسان جون
دليون ڪيترائي دفعا ”ٻڏنديون“ رهيون آهن. شيخ اياز
جڏهن اهو لکيو هو ته”دور ڄامشوري مان شام جي
دوشالي ۾-تون اچي رهين آهين“ ته اسان کي ائين
لڳندو هو ته ڄڻ اسان جون پريتمائون ۽ اسان جون
داسيون اسان ڏانهن اچي رهيون آهن.
28ڊسمبر جو سج، اڀرڻ شرط سنڌ جي ان سج کي کڻي هليو
ويو آهي، جيڪو زندگي جي هڪ وڏي عرصي ۾ رڳو محبتن ۽
انقلابن جا خواب اُڻيندو رهيو آهي، ڪڏهن ان
شڪارپوري ’روشنيءَ‘ سان جنهن جو وصل ان کي نصيب
ڪونه ٿي سگهيو، نه ئي وري اهو انقلابي جنهن
انگريزن جي خلاف هيمون ڪلاڻي جي دؤر ۾ هڪ ويڙهاڪ
وارا خواب ته ڏٺا پر انهن خوابن تي عمل ڪري ڪو نه
سگهيو. مطلب ته فيض جي انهن لفظن ۾:
ڪڇ
ڪام ڪيا ڪڇ عشق ڪيا، فر ٿڪ هار
ڪي
دونون ڪو اڌورا ڇوڙديا“جو نمونو بڻجي ويو.
28
ڊسمبر هڪ اهڙو ڏينهن، جيڪو پاڻ سان گڏ هڪ اهڙي
انقلابي کي کڻي ويو، جيڪو عمر جي آخري سالن ۾
اعتقاد پرست بڻجي ويو هو ۽ هڪ اهڙو اعتقاد پرست
جنهن جي دل تي ٿيندڙ هر”حملو“ ان کي خدا جي
”وحدانيت“ ڏانهن وٺي ويندو هو. |