شيخ
اياز سان، منهنجيون ڪيئي ملاقاتون رهيون پر سندس
شخصيت منهنجي ذهن تي ايتري حاوي رهي جو مان
پڇاڙيءَ تائين هن سان ڪنهن به موضوع تي زباني بحث
ڪري نه سگهيس. ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ئي هوندا آهن جن
کي ذهن ”استاد“ جو رتبو ڏئي ڇڏيندو آهي. مون به
ادب جي ميدان ۾ شيخ اياز کي خاموشيءَ سان ائين ئي
گرو تسليم ڪيو هو جيئن مهاڀارت جي ايڪلويه ڀيل هڪ
گرو دروڻ اچاريه کي استاد تسليم ڪيو هو. مون کي
فخر آهي ته شيخ اياز منهنجي هڪ ڪتاب ”جيل جي
ڊائري“ جو مهاڳ لکيو ۽ ڪي اهڙا جملا لکيا جيڪي
منهنجي قدبت کان تمام وڏا هئا. اها منهنجي لاءِ
قبر تائين وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته منهنجي
استاد شيخ اياز مون لاءِ ڪجهه لکيو.
رامائڻ ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو ويو ته،
”اهو هڪ سئو چوٽين وارو ملڪ آهي!“ سنڌ جي شعور جون
به هڪ سئو چوٽيون آهن ۽ مون کي چوڻ ڏيو ته سنڌ ۾
گذريل اڌ صديءَ ۾ سياست ۽ علم جون جيڪي چوٽيون
ظاهر ٿيون انهن مان هڪ جو نالو شيخ اياز آهي. جي
ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي،
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ رسول بخش پليجو ٻيون پنج
چوٽيون آهن. ڀلي ته انهن صاحبن جي سوچ لوچ جو
اندازو پنهنجو پنهنجو هجي ۽ هنن صاحبن جا پاڻ ۾ ڪي
نظرياتي اختلاف به رهيا هجن، تاريخ هنن سڀني کي هڪ
ئي سوچ جا مختلف لهجا ۽ پاڇا ڪري پيش ڪندي. اسان
جو انڪار تاريخ جي دستاويز تي محض هڪ اختلافي نوٽ
ئي ٿي سگهندو.
اڄ
زور شور سان بحث ڪيو ٿو وڃي ته اياز تنقيد کان
بالاتر نه آهي. ڪالهه چيو ٿي ويو ته ڀٽائي به
تنقيد کان مٿاهون ڪو نه آهي. دوستو! تنقيد ڀلي ڪيو
پر ڀٽائي تي تنقيد اهو ڪري جنهن چاليهه پنجاهه
سالن تائين ڀٽائيءَ وانگر جهر جهنگ، صحرائن ۽ جبلن
جا پنڌ ڪيا هجن ۽ پنڌ دوران مشاهدا ڪيا هجن. عالم
تي تنقيد اهو ڪري جنهن هن کان وڌيڪ نه سهي، هن جي
برابر علم حاصل ڪيو هجي ۽ ان کي پروڙيو هجي. علم
جو ڇيهه ته آهي ئي ڪو نه، ڀٽائي به پاڻ کي ”اديون
آئون اڻڄاڻ“ سڏيو ۽ اياز به علم جون حدون اورانگهڻ
جي ڪا دعويٰ ڪو نه ڪئي آهي. علمي بحث ضرور ٿيڻ
گهرجن پر جيڪڏهن ڀٽائيءَ پاڻ کي ”اديون آئون
اڻڄاڻ“ چيو ته ان جي معنيٰ اها ڪو نه آهي ته هو سچ
پچ ”حقيقت جي راز“ کان ناواقف هو ۽ ان ۾ به ڪا
چڱائي ڪو نه آهي ته پاڻ ڪنهن ڏاهي ۽ پرخلوص ماڻهو
لاءِ تڪڙ ۾ اهو چئون ته هو نه ڏاهو هو ۽ نه
پرخلوص! ياد رکجو ته اسان جي انڪار يا اختلافي نوٽ
سان حقيقت ڪو نه بدلبي.
ڇا
ٽين دنيا جا ماڻهو ”مرده پرست آهن؟ ڇا اهو سچ آهي
ته سنڌ جي ماڻهن شيخ اياز جو سچ پچ قدر سندس حياتي
۾ ڪو نه ڪو دليل ڏنو ويو ته شيخ اياز جهڙي عظيم
شخصيت جي جنازي ۾ ايترا ماڻهو ڪو نه هئا جيترا هئڻ
کپندا هئا. هڪ آمريڪي اديب آمريڪا مان فون ڪري چيو
ته ڊان اخبار ۾ شيخ اياز جي وفات کان پوءِ جيڪي
ڪجهه ڇپيو، سو هن سان انصاف ڪو نه هو. ڳالهه ظاهر
آهي ۽ ان ۾ ڪو به مونجهارو ڪو نه آهي. هن آمريڪي
اديب سنڌي اخبارون ڪو نه پڙهيون هيون. اسان جي ۽
شيخ اياز جي بدقسمتي اها آهي ته اسان اڄ تائين
پاڪستان جا ”قومي نه، علائقائي“ ماڻهو آهيون.
جيڪڏهن شيخ اياز انگريزي يا اڙدو ۾ لکندڙ هجي ها
ته ”قومي“ هجي ها، پر ڇاڪاڻ ته هن سنڌيءَ ۾ لکيو
انڪري ”علائقائي“ رهجي ويو. اهو ئي ظلم شاهه لطيف
سان به ٿيو آهي جو اڃا تائين هن کي به ”سنڌ جي
صوفي شاعر“ کان وڌيڪ تسليم نه ڪيو ويو آهي. شاهه
لطيف کي ”شاعرِ مشرق“
جو خطاب شايد ان ڪري ملي نه سگهيو جو هو نه پنجاب
جو هو ۽ نه اڙدو ۾ شاعري ڪئي هئائين ۽ نه وري
سندس محور پاڪستان جي سياست ۽ سوچ تائين محدود هو.
هڪ حقيقت بهرحال واضح آهي ته سنڌ جي ماڻهن شاهه
لطيف توڻي شيخ اياز کي سندن حياتي ۾ ئي قرب محبت ۽
مڃتا ڏني ۽ انهن جي شاعري جهونگاري. خود شيخ اياز
هڪ ڀيري قبول ڪيو ته هن اڪثر شاعري ڪن واقعن کان
متاثر ٿي ڪئي پر ڪي واقعا سندس شاعري جي اثر سبب
ٿيا، ڇا اها عوام جي زنده جاويد ۽ تڪڙي موٽ نه
آهي؟ اسان پنهنجي قوم کي مرده پرست چئي هڪ تڪڙي
فتوا نه ڏيون ته بهتر- ڪنهن مقبول ترين شاعر جي
جنازي ۾ شريڪ نه ٿي سگهڻ هڪ ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر
سندس گيت چپن تي رکڻ ٻي ڳالهه آهي.
شيخ
اياز ۽ ليڊي ڊائنا جي جنازن ۾ ايڏو فرق فقط ان ڪري
هو ته شيخ اياز جي وفات کي پاڪستان جي اليڪٽرانڪ
ميڊيا محض اوتري ڪوريج ڏني جيتري هڪ ”علائقائي
شاعر“ کي ڏيڻ گهرجي. ليڊي ڊائنا ته انگلينڊ جي
باغي شهزادي هئي جنهن جي لاش تي وزيراعظم صاحب
سياست ڪئي ۽ جنهن تي بي بي سي ۽ سي اين اين پورو
هڪ هفتو سوڳ ملهايو ۽ سڄي دنيا کي نفسياتي جڪڙ ۾
رکيو. شيخ اياز جي جنازي ۾ به اوترائي ماڻهو هجن
ها جيڪڏهن قومي ميڊيا هڪ قومي شاعر کي جوڳو مانءُ
ڏئي ها!
سنڌ
جا ماڻهو جيتريون محبتون ورهائي سگهيا آهن يا ڏئي
سگهيا آهن، اها ڪا لڪل ڳالهه ڪو نه آهي. اخبارن ۽
ٽي وي وارا سنڌ جي هر هڪ ماڻهو جا جذبا پڇي ڪو نه
سگهيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي مرده پرست ڪو نه آهن. ڇا
سنڌ واسين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي سندن
حياتي ۾ اهو مانُ ۽ مرتبو نه ڏنو، جنهن جي هو لائق
هئا! ڪن ٿورڙن دانشورن جي محدود سوچ کي اسان سڄي
سنڌ
تي
ٿاڦي نٿا سگهون. تخليقڪار طبقو چڱي طرح ڄاڻي ٿو
ته تخليق جو عمل گهڻو وقت هڪ طرفو جاري رهي نه
سگهندو آهي. جڏهن پورهئي ۽ خدمت کي موٽ ملندي آهي،
تڏهن ئي پورهيو جاري رهندو آهي. شيخ اياز کي به
پوري موٽ ملي هئي، تڏهن هو سٺ ستر ڪتاب لکي سگهيو.
رهي
ڳالهه تنقيد جي ! ته اها ڪنهن تي ڪو نه ٿي آهي؟
ڪهڙي تاريخ ساز شخصيت تنقيد ۽ مخالفت کان بچيل
رهي آهي؟ ڇا اسان وساري ويٺا آهيون ته ”دعويٰ“
تڪرار کي جنم ڏيندي آهي. شيخ اياز ”ماڻهوءَ جي مٽي
ٻيهر ڳوهڻ“ جي دعويٰ ڪئي هئي، پنهنجن بيتن کي بم
گولن کان وڌيڪ طاقتور سڏيو هو، ڌرتيءَ جي پوڄا کان
ڳالهه شروع ڪري زمان ۽ مڪان جي حدن کان ٻاهر جي
دنيا تائين وڃي پهتو هو. ڪميونزم جي ناڪامي جي اڳ
ڪٿي ڪئي هئائين. ان ريت هن پهرين مولوي صاحبن کي
چيڙايو ۽ پوءِ انقلابين کي! ظاهر آهي ته انهن
دعوائن وڏا تڪرار پيدا ڪيا ۽ مٿس تنقيد به زبردست
ٿي.
پر
هاڻي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته شيخ اياز کي هڪ
ڀيرو ٻيهر پڙهيو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته سندس ذهن ۾ شروع
کان آخر تائين سفر ۾ ڪهڙو فرق آيو ۽ ڪهڙيون
ڳالهيون جيئن جو تيئن رهيون؟ هر ذهن ارتقا ڪري ٿو
۽ شيخ اياز جي ذهن جي ارتقا ڪيئن ٿي ۽ هو ڪهڙي
ڪهڙي واٽ کان ٿيندو ڪيستائين پهتو هو؟ ڇا هو ” رڻ
ڀومي کان لاهوت“ تائين ويو؟ ڇا اياز ۽ سندس دور جي
اڀياس توڻي هن املهه ماڻڪ کي مان ڏيڻ لاءِ سرڪاري
۽ غير سرڪاري سطح تي هڪ گڏيل ادارو ”شيخ اياز
اڪيڊمي“ قائم ڪجي. هيءَ ڪا رسمي تجويز نه آهي.
مهرباني ڪري چڱا فيصلا ڪرڻ ۾ هاڻي دير نه ڪرڻ
گهرجي. هن اڪيڊمي پاڪستان جي پنجاهه سالن دوران
ٿيل واقعن ۽ ذهني اوسر تي سٺي نظر وجهي سگهندي.
(عوامي آواز 10 جنوري 1998ع)
ڌرتيءَ جو ميت
بيدل مسرور
ڪيڏي
نه دل ڏاريندڙ گهڙي هئي اها، جڏهن گلن تي شبنم
جيان ڳوڙهن جي جهلمل ۾ اياز گل اچي ڳرهين لڳو:
”اياز گذاري ويو....“
ڄڻ
ساحل تي ڪڏي ايندڙ سموري سمنڊ جون ڇوليون هڪدم
هڪدم فريز ٿي ويون. سنڌ ميوزم جي ٽائيل واري ڀت
سان، هڪ هٿ سيني تي رکيل هڪ هٿ ۾ ڪتاب، پنڊ پهڻ
ٿيل نصير مرزا، ڪنهن صنم وانگر ماتم ڪندي ڄڻ
پٿرائجي ويو هجي.
”اياز ڌرتيءَ جيڏو شاعر آهي....“
آئون
گذريل رُتن جي ريشمي هوائن مان ايندڙ آوازن جي
خوشبو ۾ گم ٿي ويس... دور ڌنڌلڪي ۾ ادل سومري کي
ڏسان ٿو. جيڪو هڪ گهاٽي وڻ جي هيٺان، ڪتابن جي لڳل
اسٽال کي پٺي ڏئي بيٺو آهي، ڄڻ ڪي دکيارا لفظ
خلائن ۾ اڏرندي پيو ڏسي، ڄڻ هو، موت جي سامراجي
رويي تي، ڪنهن به رديف کان سواءِ، ڪنهن به قافيي
کان سواءِ ڪو سڏڪن ڀريو نظم رچڻ ٿو چاهي.
آئون
جو ڪنهن جا آنسو ڏسي ڪو نه سگهندو آهيان، آئون جو
ڪنهن جي موت جي خبر ٻڌي اوڇنگارن ۾ اچي پوندو
آهيان. پنهنجي ميت جي، ڌرتيءَ جي پريتم جي، آڪاش
جي آزاد پنڇي جهڙي شاعر جي، شاعريءَ جي سينگار ۾
قوس قزح جا رنگ ڀريندڙ شاعر جي، فطرت جي روح جا
زلف سنواريندڙ ڪويءَ جي، سنڌ جي دل ڏاريندڙ ڏکن تي
لکڻ واري ڏاهي جي، هر عمر جي محبوب جي خلوتن ۾
ڀاڪرن ۾، چمين ۾ چانڊوڪي پکيڙڻ واري شاعر جي موت
تي، خاڪ مٿي ۾ وجهي، روڄ کان ڪٿي ٿي رڪجي سگهيس ۽
اکين ۾ چراغن مان ڳوڙهن جو تيل ڀلا ڪيئن نه ٿي
ڳاڙي سگهيس... پر نه...
مون
دل ڌرتيءَ کي سيلاب جيان پائيندڙ روڄ کي روڪي ورتو
... ان لاءِ نه، ته مون کي روئڻ نه ٿي آيو، پر مون
زندگيءَ جي قفس مان اڏري ويندڙ اياز متعلق، جنهن
وٽ مرڻ تائين. شاعري بهار جي موسم جيان رهي، جنهن
آخري دم تائين به تخيل جي پهاڙ مان تخليق جون
نديون وهايون، جنهن جي شاعريءَ جو شفق رنگ ادب جي
آسمان تي، دائمي نظر ايندو... جنهن کي ڀل ته
زندگيءَ جي خيمي مان موت جو سار ٿي ڪنهن اونداهين
گفا ڏانهن کڻي ويو هجي پر مان سدا
حيات
شاعر
جي ان جسماني لڏ پلاڻ کي موت جي معنيٰ سان ڀيٽڻ
نه ٿي چاهيو.. ۽ مان هڪ انساني ازلي حقيقت کان
باغي ٿيڻ ٿي چاهيو.
سنڌي
ادبي سنگت طرفان گولڊن جوبلي پروگرام جي آرزوئن
جا سڀئي
ڏيئا
وسامي ويا .... تاريخ جي هن هيرو شاعر جي ڏک ۾ ان
پروگرام کي به تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو ....
پر مان نه رنس ....
پوءِ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ڪنهن اجڙيل شوالي وانگر
آسيب زده ٿي ويو....پوءِ
ڪنهن پوڄاريءَ پنهنجي سڏڪن سان ڪو ڏيئو ٻاريو ....
پوءِ ڪنهن لڙڪن سان اجلاس جون اگر بتيون ٻاريون.
پوءِ ڪنهن اياز کي ٽربيوٽ ڏنو .... ڪنهن سندس
دوستيءَ کي اعزاز چيو، ڪنهن رنو ته ڪنهن سڏ ڪيو،
پوءِ ڪن پاڻ پڏايو ته ڪن پنهنجي قد کي وڏو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي...
۽
مون کي لڳو ڄڻ اياز پرنس ڪامپليڪس جي بند ٿيل لفٽ
کي لٺ سان ٺڪ ٺڪ ڪندي چوندو هجي:
”شايد لفٽ وارو وڃي گهر ستو آهي.“ ۽ ساڻ ساڻ ائين
به ٻڌم ته“ ڪجهه ڪانءَ اڏامي آيا ها/ جن ٽاريءَ
ٽاريءَ ڪان ڪان ڪئي/
ڪجهه
ڏيڏر ها جن ٽاٽان ڪئي
پر
جن کي سانت پياري هئي
يا
جن کي سُر جي ڄاڻ هئي
يا
جن ڄاتي سرهاڻ هئي....
جا
ڏيندي آءِ رابيل کِڙي،
جنهن
وقت سموري سانت ٽڙي
هن
ڌرتيءَ کي مهڪائيندي ...
آئون
به سانت چت سان اياز جو آواز ٻڌي رهيو هوس .... جو
هن جي گيتن کي چپن سان ڇهڻ جي اعزاز ۾، دور ساحل
تان نصير مرزا جو سڏ ٿيو. ڪرسيءَ کان اسٽيج تائين
جو رستو سچي ساک وٺڻ لاءِ وڇايل ٽانڊن تان گذرڻ
جهڙو هو... مون ... اياز سان محبت ڪئي هئي..-. هن
جي گيتن کي دل جي اٿاه گهرائين سان ڪنٺ جو رس
پيئاريو هو... پر .... سندس پهاڙ جيڏي شاعراڻي
حيثيت تي خود ثنائيءَ جي برف پوندي ڏسي، پنهنجي
آوارا فطرت کان مجبور ٿي .... ان برف جا گولا ٺاهي
مون به کيڏيو هو ... مگر مان پنهنجي ضمير جي ٽوپي
۾ ڪپت جو هڪ ڪڻو به نه وڌو هو. عاشق ته آئون هن جو
عزازيل جهڙو هوس ... سوين همعصرن لاءِ ڀل کڻي
ناپسنديده هئس پر اياز جي دل ڪنهن بيڪران ڪائنات
وانگر هئي ۽ منهنجي الفت جو کيس به احساس هو ان
ڪري اسان جي محبت جي چنڊ کي ڪو به چغل بادل، کير
جهڙي چانڊوڪي ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو هو.
ان
ڪري مان اياز سان نڀايل
نينهن ۽ سچ جي سماعتن ۾ ساک جون منزلون پار ڪري
وڃي اسٽيج تي پهتس پر هن جي يادن جي محويت ۽ تصور
۾ اهڙو ته جڪڙيل هوس جو چوڻ واريون سڀ ڳالهيون
تتر وانگر ٽهي ٽهي ويون... پر رنُس پوءِ به نه،
حالانڪ رئاڙڻ لاءِ نثار حسيني ۽ عطيه دائود جا
سڏڪا ئي ڪافي هئا... يا ڊاڪٽر تنوير عباسي جي
اکڙيل ساهن جو غم به ڏاڍو پئي ٿيو. پوءِ اوچتو
اياز کي ڀٽ شاهه تي دفنائڻ جو اعلان ٿيو، ائين
جيئن گوتم گيان ڏيندي چپ ٿي ويو هجي ۽ ڪنهن مها
ڀڪشوءَ اعلان ڪيو هجي ته ’هاڻي پوڄاري سر لوڏائي،
اثبات ۾ هائو هائو ڪندا رهن.‘
پوءِ
رات پئجي وئي ۽ مون ڪنهن ٻڍيءَ پوڄارڻ وانگر مٿي
جي وارن جو نذرانو ڏئي رات جي اونداهين ۾ اياز جي
يادن جو چراغ روشن ڪيو ۽ سندس شاعريءَ جو آب حيات
پيتو ... ۽ ائين صبح ٿي ويو ... ته احمد سولنگي
پنهنجي ڪار ۾ کڻي اچي ٽول پلازا جي ان زخمي رستي
تي آڻي بيهاريو... جتان اياز جيئرو گذري ڪراچيءَ
وڃي رهيو هو... ان رستي به اياز جي جنازي اچڻ جو
ٻڌي پنهنجو پاڻ کي ڇرين چاقوئن سان ڳڀا ڳڀا ڪري
ڇڏيو هو ... پر مون، پنهنجي دل تي پٿر رکي ڇڏيو
هو.
جنازو پهتو، ايمبولينس ۾ سرهاني انيس اياز ته قدمن
۾ مونس اياز. جيئن اياز کي ڀٽائي ۽ خسرو ۾ ڪو فرق
نظر نه ايندو هو تيئن مون لاءِ ٻئي اکيون برابر
... قافلو ڀٽ ڏانهن روانو ٿيو... زيب نظاماڻي،
امداد حسيني، سحر امداد، مدد علي سنڌي، اظهار
سومرو، سڄي واٽ رئندا هليا. ڀٽ تي پهچي اياز کي
ايمبولينس مان لاهي ڏوليءَ ۾ وڌو ويو.
”
ايندڙ سال ڀٽ تي وڃي رهندس... سالن کان ٿو سوچيان
ته ڀٽائيءَ تي ڪو ناول لکان.“
ڄڻ
شام جي پهر، گؤڌول ۽ ميران پنهنجي شيام جو ڀڄن
ڳاتو....
نيري نيري انبر تان ڪنهن نقاب پوش وانگر ڀٽ ڌڻي
به لهي آيو ۽ سندس ڏوليءَ کي ڪلهو ڏنائين:
”زندگيءَ جو ڪيترو ڪارج پيو آهي اڃا
جو
سلو مون پوکيو سو وڻ ٿيو ناهي اڃا
نيٺ
وهندي باک نيسارن جيان برسات ۾
آءُ
ڪاري رات ۾ زندگي پنهنجي گذاري آ اڃا
ڪو
ڪندي ڪنهن لاٽ کي ٻاريان پيو
ڪوڪ، جنهن جو پنڌ پورو ڪو نه ٿيو آهي اڃا
ڪوڪ
جيڪا تو مٿان
ڪنهن ڪَتيءَ جي ڇانوَ ٿيندي
جا
ابد ۾ ٿي ٻري
اهڙيءَ بتيءَ جي ڇانوَ ٿيندي.“
ڪن
عظيم جذبن ڪلهو ڪلهو ڪري کيس سنڌ جي سرتاج جي
ڳليءَ ۾ آندو...
جندڙي ڪائي ڇولي آهي
۽
منهنجو من
ان
ڇوليءَ جي ڏولي آهي
ڏوليءَ ۾ ستل اياز جي سامهون قطارون ٺهيون ۽ بيٺي
بيٺي جنازي نماز جو حرف حق ادا ٿيو. پوءِ ... ادب
جو اجهاڳ سفر ڪندڙ اياز جي آخري ديدار جي رسم ٿي
... ۽ مان جو اڳ ئي من پٿر، دل پٿر ڪيو ٿي هليس
هڪ نئو زهر پيئڻ کان پاسو ڪري بيٺس.
مون
جنهن کي مرڪندي ڏٺو، هلندي ڏٺو، ڦرندي ڏٺو،
ڳالهائيندي ڳالهيون ڪندي، شعر لکندي، شعر پڙهندي،
سمنڊ تي ٽلندي ڏٺو .. تهن جو ... موت کان ... ٿڌو
ٿي ويل منهن ... مان ڪيئن ٿي ڏسي سگهيس... مون دل
سان گڏ اکين کي به پٿر ڪرڻ چاهيو... اکين جي شمعن
کي اُجهائڻ ٿي چاهيو پر ماڻهن جي انبوه ۾ اياز کي
چاهڻ وارن جي شور ۾ ...ديدار جي رسم ۾ شرڪت نه ڪرڻ
تي لڳو ... ڪي ڪوتاه قد، مون کي پنهنجي پنهنجي
آدرشن جا چهڪ ڏيندا ... ڪين ڇڏيندا ... تڏهن مون
اياز جي منهن ۾ ڏٺو ...
نيٺ
ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي
هر
ماڻهوءَ جئن لڏڻو آهي
ٻيو
ڪوئي گهر اڏڻو آهي.
تڏهن
مون کيس آخري سلام ڪيو... ڪمال تقدير واري شاعر کي
آخري سلام ڪيو ... هڪ آتش فشان شاعر کي آخري سلام
ڪيو ۽ اوچتو مون ڏٺو انيس اياز، انور فگار ۽ نصير
مرزا سندس مڙه کي لحد ۾ لاهڻ لڳا.. مون... جو روئڻ
نه ٿي چاهيو ... بي اختيار روئي ويٺس... ڄڻ پنگهٽ
تان ڪا ڪويل ڪوڪي هجي تيئن ڪوڪڻ لڳس:
ڌرتي
توکي
منهنجي چمي
اڌ ۾
رهجي ويندي....
مون
ڏٺو، آئون روئڻ وارو اڪيلو ڪو نه هئس... اديب رنا
پئي، شاعر رنا پئي، محقق نقاد، شاگرد، رنا پئي
ڳائڻا رنا پئي. اسان سندس قبر جي ڪنڌيءَ تي بيٺا
رئندا ئي رهياسي. چنبيلي مهڪ شاعر جو جسم ڌرتي
ماءُ جي ڀاڪر ۾....
اياز... او اياز.... تنهنجو مغني نيٺ روئي پيو.
جيڪو روئندي روئندي تنهنجو ئي نظم ڳائي تنهنجي
وڇوڙي جو ورلاپ ڪري رهيو هو ...
ڌرتي
توکي، منهنجي چمي
اڌ ۾
رهجي ويندي.
۽
تون، جنهن سڄي سنڌ کي دلجاءِ ڏني هئي، باک جي ساک
ڏني هئي... منهنجي رئندڙ دل تي به ٻاجهارو هٿڙو
رکي مون کي پرچائي
رهيو هئين...
ڳائي منهنجا گيت پيو پوءِ
مون کي ياد ڪجانءِ...
گواهه رهجو...
محمود مغل
(۽
ڄاڻي ٿو مولاءِ ڪُل ته جيڪي به حرفَ ايندڙ سٽن تي
پنهنجو رنگ پسائيندا اُنهن مان هڪ به حرفَ ۾ ڪوڙ
جي بوءِ نه هوندي. هن گهڙيءَ جو اهو ئي امر فيصلو
آهي.)
ڪالهه صبح جو جڏهن ساون شيشن واري وڏي ايمبولينس
۾ آرام سان ليٽي هن ڊرائيور کي ڀٽ شاهه هلڻ لاءِ
چيو هو ته سندس رفيقن مان ڪيترن جو
هينئون
ڦارون ڦارون هو.
اکين
جي ڀڳل بندن ۾ ڪاون چڀُڻ جي موسم هئي، پر هو
اڪيلو، اداس ڪوي آخري معرڪو هارائڻ کان پوءِ به هڪ
عظيم الشان جرنيل جيان هٿيار سپرد ڪري چڪو هو پر
انتهائي اطمينان ۽ آرام سان هر وڏي رانديگر جيان،
جان جي بازي هارائڻ کان پوءِ به کيس وقت سان هٿ
ملائڻ جو حوصلو هئو، ۽ هو جيڪو آخري ڏينهن ۾
ڪليسائن ۾ وڄندڙ گهنڊڻين وانگر هر ڪنهن کي پنهنجي
هجڻ جو احساس ڏياري پاڻ وٽ هئڻ لاءِ جاکوڙيندو
هو. مڙني سڏڪندڙ مکڙن جي پاڻ وٽ اچڻ کان پوءِ
لاتعلقيءَ جي سرد چادر کي بُتَ تي ڍڪي ماٺ جي سفر
جي چونڊ ڪري چڪو هو.
ماڻهو پنهنجي هجڻ لاءِ
طالب هجي ٿو، مطلوب هجي ٿو، راغب ۽ مرغوب ٿئي ٿو.
ماڻهو ته پنهنجي سڃاڻپ چاهي ٿو ۽ اها سڃاڻپ جي
ڪنهن عظيم هستيءَ وٽ هجي ته ڇا چئجي. ان ڪري ئي ته
نصير پنهنجي آواز ۾ دنيا جهان جو لاڏ ڀريندي، سندس
روبرو بيهندي، جهڪيل ڪنڌ سان فرمائش ڪئي هئي.
”
پنهنجي ايندڙ ڪتاب لاءِ مون کي پيش لفظ لکڻ جو
موقعو ڏيو نه... مان پنهنجيءَ حياتيءَ ۾... مون کي
جيڪي ڪجهه مليو آهي ... اهو سڀ گڏ ڪري هڪ وڏو ڪم
ڪرڻ گهران ٿو... اهڙو جهڙو مون ڪڏهن به ڪنهن لاءِ
به نه لکيو هجي...“
۽
ادب جي هماليه مرڪندي چيو هو” تون هڪ خوبصورت ليکڪ
آن نصير... مان کي تنهنجا حرفَ پسند ايندا آهن...“
۽
محترم نصير مرزا- بيدل مسرور، محمود مغل، رکيل
مورائي، احمد سولنگيءَ ۽ ٽيليويزن جي ڪِرِيُو
ڏانهن نهاري بلند آواز ۾ چيو هو.
”دوستو، گواهه رهجو... اهو جملو پنهنجي دؤر جي هڪ
عظيم شاعر هن ناچيز لاءِ چوڻ فرمايو آهي.“
۽
انهن گواهن مان جي هڪڙو مان محمود مغل به آهيان ته
مان هڪڙي گواهي ٻي به ڏيڻ گهران ٿو. ان ڏينهن
نومبر
97ع
جي 18 تاريخ هئي. اسين سڀ ”ميري پهچان پاڪستان“ جي
حوالي سان دؤرِ جديد جي وڏي ۾ وڏي شاعر سان ڳالهه
ٻولهه ڪرڻ لاءِ اتي پهتا هئاسين، ٽيليويزن جي ان
رڪارڊنگ لاءِ بيدل مسرور پيشڪار هو ۽ مان انهيءَ
۾ سائين جن سان ڳالهائڻ لاءِ فيض مند، مٿان وري
رکيل مورائي، احمد سولنگي ۽ نصير مرزا به اسان ساڻ
هئا.احمد ۽ نصير دير سان آيا هئا، انهن کي شايد
خبر نه هجي، رکيل الاءِ ٻڌو الاءِ نه ... رابيلن
جي گلن جهڙي شاعريءَ جي ڪمانڊ کي 50 سالن کان
سانڍيندڙ مون ڏي نهاري آف دي رڪارڊ چيو هو.
”سوچان
پيو ته هڪ سال بلڪل آرام ڪيان... ڪجهه به نه
لکان... بلڪل آرام هجي، پر لڳي ٿو ته هڪ سال ملندو
ڪو نه ...“
هانءَ
کي مُٺِ ۾ ڪڏهن جهَلجندي محسوس ڪيو اٿوَ؟، ڪڏهن
ڪنهن اوهان جي دل کي نپوڙي وقت جي تار تي سُڪڻ
لاءِ لٽڪايو آهي؟... بلڪل اها ڪيفيت هئي مون
سان... ۽ ازل جي ڪنهن اڻ ڄاتي آواز چيو پئي ”ٺيڪ
پيو ٿو چوي مسافر...هاڻي منزل ڪا پري ڪانهي...“
اهو
خدشو سڄي انٽرويوءَ دوران حاوي هو. هڪ پروفينشنل
ڪمپيئر جي حوالي سان مون بهتر کان بهتر پرفارم
ڪرڻ پئي گهريو. هو، ورڪ به ٺيڪ ٺاڪ ڪيو هئم پر
هنياءَ ۾ لڳل ڪنڊو سور ڪري رهيو هو. ۽ انهيءَ
ڪيفيت جي ڪري ئي، جڏهن پرنس ڪامپليڪس جي چوٿين
فلور تان، سامان واپس کڻي موٽندي، نصير، رکيل،
بيدل ۽ احمد ڏاڪڻيون لٿا پئي ته مان کن پلَ لاءِ
اتي ئي ڪاريڊور ۾ بيٺو هئم، جنهن ۾ سندس قدمن جو
آواز هو ۽ سندس وجود جي خوشبو هئي. پرنس ڪامپليڪس
۾ رهندڙ بادشاهه، پنهنجي فليٽ جي دروازي ڏانهن
واپس مڙي رهيو هو. ننڍڙي ڏوهٽي ساڻ هئس ۽ اسٽڪ
سهاري آهستي آهستي هلندي، ناسي رنگ جي وڳي ۾ سندس
پُٺ کي تڪيندي مون ڀڻڪيو هو”الوداع...“ هو شاعر
هئو ۽ شاعر ته مستقبل جا نقيب هوندا آهن تڏهن ته
مون کي سندس جملن جي پڪ هئي.
ڪٿي
پڙهيم، ڪنهن فرمايو ته” وڏو شاعر ته متضاد هوندو
آهي. جي هن جي حوالي سان ڪا ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪهڙو
فرق ٿو پوي...“
مرڪڻ
جي موسم ناهي پر بي ساخته ڄڻ دماغ مرڪي اٿيو هجي
”ايتري ساري ڪم ڪرڻ ساڻ ڪو به فرق نه ٿو پوي؟...
جنهن جي پورهئي کي ساندهه پڙهندا رهو ۽ پڙهڻ کان
سواءِ دنيا جو ڪو به ڪم نه ڪيو ته به مهينن جو
گراف ٺهي ٿو... ان لاءِ اوهان ڪهڙي منهن سان ٿا
ڳالهايو؟... اتي اهو چوڻ بنهه ضروري آهي ته اهو
رڳو مقدار ناهي... اهو سڀ معيار به آهي.“
بهرحال، هاڻي ڀٽ شاهه جي مٽيءَ پنهنجي خمير کي
واپس ورتو آهي. جنهن جو ڄم شڪارپور ۾ ٿيو. انهيءَ
جي وجود جي ٽرين ڀٽ شاهه جي شيڊ ۾ هميشه لاءِ اچي
بيٺي آهي. مسئلو ته اهو به هڪڙو وڏو آهي ته جيئرو
قدآور گذارڻ کان پوءِ، موڪلائڻ کان پوءِ به سندس
قد گهٽجي نه ٿو، بلڪ مسلسل وڌندو رهي ٿو.
پنهنجيءَ ذاتي حياتيءَ ۾ مان ساڻس تمام گهٽ مليس.
75ع ۾ هڪ ٽرين ۾ پري کان ڏسڻ ۽ وائيس چانسلريءَ
جي دور ۾ گهرن جي انسپيڪشن ڪندي هجوم ۾ پري کان
مان به شامل هئم. 86ع جو سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ،
سندس ئي هٿن مان مون کي مليو. 95ع ۾ ”اڄ جو مهمان“
لاءِ ٽي انٽرويو ڪيم. مان حياتيءَ ۾ وڇوڙي جو قائل
آهيان، ملڻ مون کي راس ناهي اها ئي عقيدت هئي جو
مان وٽس سدائين گهٽ ويس. کين اها به خبر ڪا نه هئي
ته محمود مغل به ڪڏهن ڪجهه لکي ٿو. وٽن سدائين مان
شايد ٽي ويءَ جو هڪ ميزبان رهيم. ڪجهه به رهيم پر
خوشي رهي ته رشتو ڌنڌلو نه ٿيو. مان سندن ويجهو
اچي کانئس پري ته نه ٿيم نه.
”اڄ
جو مهمان“ رڪارڊ ڪري بس ڪيم ته چيائون ” پنهنجو
نالو ۽ ائڊريس ٻڌايو... توهان سٺو ڪم ڪيو ٿا
آسانيءَ سان...“
ڪاغذ تي پاڻ نالو ۽ ائڊريس لکيائون.اعزاز ته اهو
به هڪ هئو، پر هاڻي جڏهن هوائون اسان وٽان
گهُلندي ڀٽ شاهه پهچن ٿيون ته مان هٿ ادب جا ٻڌي
عرض ڪرڻ ٿو گهران ته ” منهنجو نالو محمود آهي ...
نه مان نصير ٿي سگهان ٿو نه بيدل، پر مان اوهان
جي هنر سان محبت رکندڙ جي فهرست جي آخري ڇيڙي ۾
ئي سهي، شامل ضرور ٿيڻ ٿو گهران...“
مون
ڏانهن نهاريندي چيائون“ دنيا جي گولي تي ٽٻڪي
وانگر آهي سنڌ ... ۽ مان آهيان سنڌ جو شاعر... مان
کي ڪير عالمي مڃتا ڏيندو...!! بابا جيتري مڃتا
هتان جا ماڻهو مان جي ڪري سگهن ٿا سا ته ڪن ٿا
نه... باقي ٻئي جي يا وڌيڪ جي طلب مان ڪيئن
ڪيان؟...“
اسان جو اهو شاعر، ڪوي، رنگساز، ادب جي آسمان کي
مختلف رنگن سان سونهن بخشي، زمين جي تهن کي سونهن
جي سبق ٻڌائڻ لاءِ منجهس هيٺ لهي ويو آهي ۽ سمنڊ
ڪناري، ڪراچي شهر جي ”پرنس ڪامپليڪس“ جي هڪ فليٽ
تي هاڻي ٻه تختيون لڳڻ گهرجن. هڪڙي کلئي عام ٻڌائي
ته ”بادشاهه هتان وڃي چڪو آهي.“ ۽ ٻئي تي احمد
فراز جي سٽن کي ڪتب ٿيڻ گهرجي.
وه
تيرا شاعر تيرا مُغني
وه
جس کي باتين عجيب سي تهين
وه
جس کي انداز خسروانه تهين
اور
ادائين غريب سي تهين
وه
کوهکن تو نهين تها ليکن
کڙي
چڻانون سي لڙ چکا هي
وه
مر چڪا هي اور اس کا تيشه
اسي
کي سينه مين گڙ چکا هي.
(ڊسمبر 30.ڏينهن:11 وڳا)
ڪُونجون ڪَرڪَن روهه تي
شيخ
اياز جي شايع ٿيل آخري شعري مجموعي جو اڀياس
نصير مرزا
شيخ اياز صاحب- پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ 27-A
۾ پنهنجو تازو شايع ٿيل، ۽ غالبن ٽيٽيهون ڇپيل
شعري مجموعو:”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ مون کي تحفي
طور لکي ڏيڻ پئي چاهيو ۽ پنهنجي نالي هيٺيان لکڻ
جي لاءِ تاريخ هُن کي بلڪل ئي ياد ڪونه پئي آئي.
چيائين تاريخ الائي جي ته اڄ ڪهڙي آهي!؟ مان کلي
پيس. چيم: ”تاريخ سگنيچر“ ثبت ڪري ڏيو. چيائين
نصير ! انساني زندگي هڪ ماڪ جي قطري کان وڌيڪ
اهميت نٿي رکي. ماڻهو رڳو مٽيءَ چاڻو آهي ۽ لحد ئي
اُن جي ابدي مهد آهي“ چيم پر اوهين ته اسان جي
لاءِ ازل ابد آهيو. وقت ۽ تاريخ کان بعيد. اڄ
سڀاڻي. منهجي ڳالهه تي اوچتو اياز صاحب جي چپن تي
لازوال مرڪ پکڙجي ويئي.چيائين:
چاهيان ٿو.
پورو هڪ سال هاڻي ريسٽ ڪريان ۽ بي باقي حياتي آهي
ته لکڻ جو رهيل ڪم، هڪ سال رکي پوءِ مڪمل ڪريان.
چيم: ٽيبل تي هن وقت ڀلا تيار ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب
اٿو!؟ چيائين خواهش ته منهنجي اها ئي آهي ته
پنهنجي ’آتم ڪٿا‘ کي گهٽ ۾ گهٽ ڏنهن واليومس ۾
سهيڙيان. انهن مان ٽيون واليوم مڪمل آهي. باقي
ست... اهي سال کان پوءِ لکڻ چاهيان ٿو. مڪمل مسودن
مان نئون شعري مجموعو ’ڪاري رات ڪُنگ‘ ( ۽ پوءِ
شيخ صاحب ڪاري رات سناٽي ۾ ڪنگ پکيءَ جي پراسرار
آواز ۽ رنگ بابت ٻڌائيندو رهيو) اهو ڪتاب پريس ۾
آهي ۽ جهڙوڪر ڇپجي ويو آهي. ۽ اهو چئي اياز صاحب
اٿيو ۽ هٿ وڌائي شيلف مان کڻي، هي شعري مجموعو مون
ڏانهن وڌائيندي چيائين. ” منهنجي شعر ۽ حياتيءَ تي
تون ئي سڀ کان بهتر لکي سگهين ٿو. |