سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 18

مان ايندس ٻيهارَ....!

بخشل باغي

سنڌ ڌرتيءَ جتي پنهنجيءَ ڪک  مان صدين جيڏن انسانن کي جنم ڏنو آهي، اُتي اُن پنهنجن جهونن پر پُر اميد نَيڻن ۾ صدين جا لڙڪ به سمايا آهن.

اِتهاس جي آئيني ۾ سنڌ جو چهرو هميشه لڙڪن سان آلو نظر آيو آهي. پر پوءِ به سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ ڌڙ ڪندڙ در کي  پنهنجيءَ ڪک مان جنم ڏيندڙ تخليق ۾ سمائي، اتهاس جي سينڌ ۾ سينڌور ڀرڻ جو عظيم فرض نڀائيندي آئي آهي. اُن  سدائين ادب جي نرڙ تي  نت نئين امر بِنديا لڳائي، اُن جي سندرتا کي عالمگير مڃتا بخشي آهي. اُن لطيف جي عظيم ۽ لافاني هستيءَ کي پيدا ڪري دنيا جي وجود  ۾ اچڻ کان وٺي، لطيف جي پيدا ٿيڻ واري وقت جي وچ واري خال کي پر ڪري، صدين جي تسلسل کي برقرار  رکيو. اُن لطيف، پنهنجي آغوش ۾ ڪوتا پريءَ کي پالي، وقت جي اونداهين ۾ ڏات جو نور پکيڙي، اُجالا  ڦهلائي، شاعريءَ کي پنهنجا نقش  ۽ نگار بخشيا ۽ جيڪي دنيا جي شاعريءَ جي صورت کان بنهه مختلف ۽ نرالا هئا. ان نموني لطيف جي شاعريءَ، دنيا ڀر جي شاعريءَ جي نرڙ تي بنديا جو روپ اختيار ڪري، سندس سونهن کي نکاري، وقت جي اکين ۾ فخر جي روُشني ظاهر ڪئي آهي. ائين وقت جي لطيف، ڪجهه صديون گوشي نشيني اختيار ڪرڻ کان پوءِ هن صديءَ جي مهان هستي ۽ سنڌي ادب جي امام شيخ اياز جي روپ ۾ ظاهر ٿي، گذريل صدين جي وچ واري خال کي ڀري، تاريخ جو تسلسل برقرار رکيو- ۽ پوءِ اُهو شيخ اياز، سنڌي ادب جي آڪاس تي شاعريءَ جو چنڊ اُڀاري، پنهنجي شعور جي چانڊاڻ ڦهلائي، سنڌي شاعريءَ جو چنڊ اُڀاري، پنهنجي شعور جي چانڊاڻ ڦهلائي، سنڌي شاعريءَ کي سدا امر جوڀن بخشي ويو.

شيخ اياز، هڪ انسان دوست، صاحب علم، باصلاحيت انسانُ قومي ۽ بين الاقوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي فن ۽ فڪر وسيلي پاڻ کي عالمي سطح تي مڃائي، سنڌ جو مانُ مٿانهون ڪيو. جديد سنڌي ادب جي تاريخ، شيخ اياز کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ مڪمل ٿي نه ٿي سگهي. نه صرف سنڌي ادب، پر اردو ٻولي ۽ شاعريءَ کي پڻ شيخ اياز وڏي اوڄ ڏني آهي. اياز هڪ اهڙو صاحبِ علم شخص هو، جنهن جي سوچ ۽ فڪر آڏو بند ٻڌجي نه ٿي سگهيا. هن جي فن ۽ فڪر جو انداز انتهائي  منفرد هو. ان فڪر جي انفراديت ۽ سچائيءَ هن کي ڪيترين مصيبتن ۽ امتحانن مان گذاريو. هن قيد و بند جي اذيتن ۽ عذابن مان گذري به ڪڏهن ٺاهه جو رستو اختيار نه ڪيو، پر وقت  بوقت، حڪمرانن کي شاعريءَ ۽ نثر ذريعي للڪاريندو رهيو. سندس للڪار ۽ چئلينج، سگهارن آمرن جي ذهنن ۽ جسمن ۾ ڏڪڻي ۽ لرزش  پيدا ڪري ڇڏي.

اهڙا دور، جن ۾ سنڌ جو وجود خطرن جي گهيري ۾ هو، جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز جهڙن  مهان انسانن، پنهنجي تخليقي ۽ نظرياتي سگهه سان، قوم جو سهارو بڻجي، حملي آور قوتن تي واضح ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم نڌڻڪي نه آهي، جنهن کي هو مٽائي ۽ ميساري سگهن. پوءِ به الائي ڇو اسان جي قوم جي اڪثريت اهڙن سچن انسانن جي عظيم ڪارنامن ۽ فڪر کان وانجهي آهي! هنن عظيم انسانن، پنهنجي زندگيءَ جي جوڀن جا رنگين ڏينهن ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاري، پنهنجي آدرشن سان نڀايو، قومي جاڳرتا ۽ آزاديءَ جا گيت ڳاتا ۽ نغما آلاپيا.

شيخ اياز اڄ توڙي جو انسان کان جسماني دوريون  ڪري ويو آهي، پر پوءِ به هو تاريخ جي سيني ۾ سدائين ڌڙڪندڙ رهندو ۽ روحاني طورپنهنجي شاعراڻي روپ ۾ ظاهر ٿيندو رهندو- اها سنڌ کي اُميد آهي، ۽ اهڙي پڪ خود شيخ اياز، پنهنجيءَ شاعريءَ ذريعي ڏئي ويو آهي.

ورندو ڇا جي ڇيڳرا، رُئندين زارو زار،

مان ايندس ٻيهارَ، صدين کان پوءِ سنڌ ۾!

(اياز)

واهه شيخ اياز واهه

سسئي پليجو

آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي

پر ائين نه مرنداسين ساٿي

ڪا آڳ لڳائي وينداسين

هي ڏينهن به گهاري وينداسين

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين

 

هنن امر ۽ جيءَ کي جهنجهوريندڙ سٽن جهڙين هزارين سٽن جو خالق، هزارين انوکين تشبيهن سان سينگاريل من گرمائي ڇڏيندڙ بيت، وايون، نظم، گيت ۽ غزل تخليق ڪندڙ ۽ هزارين بهارن جهڙن تازن ۽ نفيس احساسن کي جنم ڏيندڙ شيخ اياز اڄ نيٺ اسان سڀني کان موڪلائي هليو ويو. سنڌ اڄ واري ماتم پئي ڪري، پنهنجي ههڙي پيار  ڪندڙ ۽ مٿس ساهه ڏيندڙ جينيس پُٽ جي وڇوڙي تي جنهن پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ چيو ته:

”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان“ يا وري:

هن ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين

هو پير ڌريندا ڪيئن تيسين

هن ڌرتيءَ تي جا امي آ

هيءَ جندري هونءَ نڪمي آ

شل جيجل جي ڪنهن ڪار اچي

شل ان تي ڪا نه معيار اچي

يا ”سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز“

مري نه ٿيڻو آ هي مات

شيخ اياز هن صديءَ جو واحد سنڌي شاعر آهي جنهن سچ پڇ شاعري جي ميدان ۾ پنهنجي ڏاهپ، تخيلقي صلاحيت، ۽ بيش بها خدائي ڏات وسيلي شاعري جي انهن بلندين کي ڇهيو، جتي هر ڪنهن جي پهچ ڪونهي. اياز جيئن پاڻ منفرد هو تيئن سندس شاعري به، اياز عام شاعر ڪو نه هو. هو قومي شاعر هو. هو ڌرتيءَ جو شاعر هو ۽ ان دور ۾ به پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجن شاعرن جي اصل مقصد سان ڪميٽڊ رهيو جنهن وقت سنڌ جا ڪيئي ”سپوت“ ڪنڊ وٺي ويهي رهيا، واقعي ابراهيم جويي سچ چيو ته اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀئي وار اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سر تي سٺا. اسان جا اهي ساٿي جيڪي بنهه مهڙ ۾ هئا، سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز  سندن تيرن آڏو پڻ پنهنجو سينو سپر بنائي بيٺو. پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ شايد نجي فن ۽ ادب لاءِ ڪنهن کان ايتري قرباني ڪڏهن به نه گهري وئي، جيئن اياز کان. اياز سڀ ڪجهه سٺو، برداشت ڪيو پر پوءِ به هيڻو نه ٿيو!

ڪجهه ڏينهن اڳ 15 ڊسمبر تي اسان سنڌ ميڊيڪل ڪاليج  ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي سنڌي ميڊيڪوز ايسوسيئيشن جي شاگردياڻين ايس ايم سي ۾ مهراڻ رنگ پروگرام ۾ شيخ اياز جو لکيل منظوم ڊرامو ”دودي سومري جو موت“ پيش ڪيو. اهو پهريون دفعو هو جو هيڏي عرصي ۾ هيترن مهاجرن ۽ پنجابين جي وچ ۾ زوريءَ ٽائيم ۽ اسپيس وٺي شاگردياڻين ڪنهن ڪراچيءَ جي تعليمي اداري ۾ ڪنهن سنڌي سو به شيخ اياز جهڙي تخليقڪار جي ڪا شيءَ اسٽيج تي پيش ڪئي. اهي اياز جا ئي لفظ هئا، اهو اياز جو ئي سحر هو جو ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هڪ دفعو وري ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سنڌين پنهنجي اندر نئون جوش عزم، همٿ ۽ ولولو محسوس ڪيو.

ڊرامي جي ريهرسل دوران جيئن جيئن اسان اياز  جي سٽن کي ياد ٿي ڪيو، اهي تير تلوار مثل لفظ اچاريا ٿي، تڏهن وات مان بي اختيار ٿي نڪتو، واهه اياز واهه، واقعي اياز اياز آهي! انهن ڏينهن ۾ امان زرينه(زرينه بلوچ) لنڊن مان آئي هئي ۽ ادا اياز (اياز لطيف پليجو) به ڪراچي آيو. سڀ گڏ ٿي ويٺاسين ۽ ”دودي سومري جو موت“ جي وڊيو ڏٺيسين ۽ پوءِ جيئن شيخ اياز تي ڳالهائڻ شروع ٿياسين ته ڪي پهر گذري ويا. سڀني چيو، حياتي تي ڪو ڀروسو ڪونهي. لڳي ٿو شيخ اياز به ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي ڇو نه ان سان رهاڻ ڪجي يا ڪو پروگرام رٿجي. ههڙن عظيم شاعري جي شاهوڪارن کي هيڪلي پڻي(ISOLATION) جو شڪار نه ٿيڻ کپي. اهو ان جو حق آهي ته هڪ دفعو وري مختلف نمونن سان ان جي شاعري کي مڃتا ڏئي ان جو ٿورو مڃجي. جنهن، اسان کي اسان جي پوئين نسل ۽ ايندڙ نسل کي جيئڻ جون نيون راهون ڏيکاريون ۽ حوصلا ڏنا. ڪنهن چيو، اياز عمر جي هن حصي ۾ ڀلي نظرياتي  طور ڪمزور يا بدلجي ويو هجي، پر فقط ان ڪري ان جي هيستائين ڪيل قومي خدمتن کي IGNOR (نظرانداز) ڪرڻ بي واجبي ٿيندي. ادا اياز چيو اصل ۾ اندروني طور سنڌ جو هر ماڻهو اڃا به شيخ اياز سان پيار ڪري ٿو. ۽ هونئن  به سڀاڻي ماڻهو اهو ڪو نه ڏسندا ته اياز آخري ڏينهن ۾ ڇا چيو يا ڇا ٿي ويو آهي هو ان جي ڪم کي جاچيندا ۽ پرکيندا ۽ مڃيندا ته هن پنهنجي شاعري ۾ واقعي  زبردست انقلاب آندا آهن. ان ڪري ماڻهن  کي وري شيخ اياز سان پيار ئي رهندو ۽ صدين تائين ماڻهو کيس ياد رکندا ۽ قدر ڪندا! ان ڏينهن امان زرينه، شيخ اياز جا سندس ڳايل ڪلام وري ٻڌايا، مزو اچي ويو، امان زرينه هونئن ئي گهڻو وڻندي آهي پر شيخ اياز جي شاعري امان زرينه کي اڃا به وڻائڻ تي مجبور ڪندي آهي.

اسان سڀني جي پسنديده ڪلام ”ڪيئن ڪريان مان، ڪنهن به ريت منهنجي من کي چين ناهي“ ٻڌي اصل روح جهومي اٿندو آهي يا وري ”گهرا گهرا نيڻ پرينءَ جا  ڪارا ڪارا نيڻ“ ٻڌي واقعي لڳندو آهي ته ماڻهو ڪنهن گهرائي ۾ حقيقتن ٻڏي رهيو هجي يا جيئن بيدل مسرور  جو ڳايل اياز جو ڪلام:

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان

مون آزاديءَ جي سئن هنئي

مون لاٿا طوق غلامن جا

زنجير ٽٽا ايامن جا

سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا

اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا

 گيت ٻڌي جسم ۾ چڻنگون ڊوڙندي محسوس ٿينديون آهن. اسان جو نسل خوشقسمت آهي جنهن نه فقط اياز کي پڙهيو پر سامهون وڃي سندس ڪچهري مان  لطف اندوز به ٿيو. مون کي ياد آهي، وچ ۾ جڏهن شيخ اياز کي دل جو شديد اٽيڪ ٿيو ۽ کيس مڊ ايسٽ جي ڊاڪٽرن وڏي ڪاوشن کانپوءِ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ اياز چيو ته ڪجهه لمحن لاءِ واقعي مون کي به لڳو ته منهنجو روح جسم ڇڏي پرواز ڪري پيو. مون وري نئين زندگي ماڻي. موت کي چائنٺ کان موٽائي ڇڏيم. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ منهنجو ۽ چاچا ف م لاشاري جي ڌيءَ نصرت لاشاري جو مسلسل شيخ اياز سان ملڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڪمزوري وچان وڌيڪ ڳالهائي نه سگهندو هو ۽ اسين ڪافي دير ڪجهه به ڳالهائڻ کان سواءِ کيس ڏسندا رهندا هئاسين. اڪثر ائين ٿيندو هو جو اسين ويندا هئاسين ته هو هيٺ واڪ لاءِ وڃڻ وارو هوندو هو. پوءِ پنهنجي گهر واريءَ کي به سڏ ڪري چوندو هو زرينا. پليجي جا ٻار آيا آهن انهن کي ويهار، اڪثر چوندو هو ڪافي  ماڻهن اهڙي موٽ نه ڏني جنهن جي توقع هئم. هڪڙي ڳالهه مڃڻ مراد آهي ته هن وقتن  فوقتن نئين نسل کي هميشه همٿايو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي. نون شاعرن جي ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ جي مهاڳ ۾ لکيو اٿس ته ”........ مون کي ان وقت خيال آيو ته سنڌ تي منهنجي پنجاهه سال هڪ هٽي رهي آهي. ادب ۾ ايتري آمريت به چڱي نه آهي جي منهنجي شاعري کي جتاءُ  ۽ اسٿرتا آهي ته اها مون کان پوءِ به رهندي! وقت بهترين منصف آهي ۽ ان جي تارازي ۾ ڪاڻ نٿي ٿي سگهي، گهڻي اينگهه ٻين کي اڌير، اتاولو ۽ کميا، رهت ڪري ٿي. ان کان اڳ ۾ جي مان زيبائتي  موت کانوان  ۽ جيئري ئي تسلط کان ٽارو ڪيان  ته بهتر ٿيندو. آخر مان ڪو حرف آخر ته نه آهيان. مون خود ڪيئي حرف آخر مٽايا آهن.“ هڪڙي ٻي هنڌ، حسن درس جي نظم خانم گوگوش لاءِ لکي ٿو ” حسن درس جو اهم نظم سبطِ حسن پڙهي ها ته هو پنهنجي ڪتاب ”انقلابِ ايران“ ۾ ترميم آڻي ها،  يا هن جي خوبصورت  تشبيهه جنهن تي تبصرو ان جي حسن کي وڌائڻ کان قاصر آهي منهنجي خيال ۾ حسن درس کي شيخ اياز جهڙي عظيم ڪوي جي هن خوبصورت  ڪمينٽ کان پوءِ ڪنهن ٻي مڃتا جي گهُر نه ٿيندي، يا وري وسيم سومري جي لکيل سٽن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته  سٽون آهن يا شاعر هُد هُد ۽ ڪاٺ ڪُٽي  کان پر وٺي ڪاغذ تي چنبڙائي ڇڏيا آهن، ههڙي شاعري ڏسي مون کي روايت سان بغاوت ۽ پنهنجي سٺ ورهين جي پورهئي تي پيار ٿو اچي ” سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي ۽ ان جي سڌي پنڌ کي ڪا به رڪاوٽ روڪي نٿي سگهي“ ان کان وڌيڪ نئين نسل جي شاعري جي حوصلا افزائي ۽ قدر داني ٻي ڇا چئبي.

جڏهن وقت جو ۽ قوم جو ايڏو وڏو شاعر انهن کي پڙهي چوي ته سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي. اها آهي وسيع الذهني ۽ پنهنجي تسلسل تي اعتماد!.

اياز نه فقط حُسن، عشق، وصل ۽ فراق جو شاعر هو پر هو وقت جو انقلابي ۽ باغي شاعر هو جنهن ننڊا کڙي قوم ۾ سجاڳي جو روح ڦوڪيو. شيخ اياز جي ڪنهن سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪ جي ترقي يافته ٻولي جو شاعر هجي ها ته هيستائين الائي گهڻن لقبن، خطابن ۽ ايوارڊن سان نوازيو وڃي ها ۽ نوبل پرائيز به مليس ها. پر نه اهو اياز کي افسوس رهيو ته هو ڪنهن پوئتي پيل غربت ۽ بي وسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل قوم جو ڄايو ۽ ان جي وچ ۾ پلجي جوان ٿي پوڙهو ڇو ٿيو؟ ۽ ها! اسان کي فخر ضرور آهي ۽ اسان کي ناز آهي. شيخ اياز تي سلام آهي. هن جي تخليق تي سلام آهي. ان جي سلجهيل ذهن تي! گندي معاشري ۽ ڌپ هاڻي راڪاس مثل آمريت جي خلاف بغاوت ڪندڙ ۽ ان خلاف پنهنجي قوم کي ذهني شعور ڏيندڙ شاعر تي اسين لکين سلام ڪيون ته به گهٽ آهن! شيخ اياز پنهنجي هر نئين تخليق سان تاريخ ۾  هڪ نئين رواج ۽ رجحان جو اضافو ڪيو آهي. نئون نسل جڏهن به شيخ اياز کي پڙهندو، پنهنجون پاڙون هڪ عظيم الشان، همت ڀري ۽ ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪائيندڙ قوم ۾ محسوس ڪندو. ۽ پنهنجي اصولڪين واهڻ وستين، ڳوٺن، شهرن ٻنين ٻارن، رسمن رواجن ۽ اڳيان وڌندڙ بڇڙائين ۽ ڏاڍ سان هميشه مهاڏو اٽڪائيندو تاريخي وجودن سان شناسائي محسوس ڪندو رهندو!

شيخ اياز صحيح چيو آهي ته :

کن پل تنهنجو منهنجو ميلو

روح گهڙيءَ لاءِ ڏيندو ريلو

سڀ اتفاقيءَ ڪجهه آ نه باقي

تون به اڪيلي مان به اڪيلو

سڀ ڪجهه چانڊوڪي ۽ پيار

ان کان اڳيان آ انڌو ڪار

سمجهئي ڇا آهي سنسار!

سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز

جي عظمتن تي سلام

خواجه ذوالفقار

هر سال پهرين جنوريءَ کان نئون سال شروع ٿي ويندو آهي ۽ سال جا ٻارنهن ئي مهينا پنهنجي مختلف تاريخن ۾ غمن خوشيون اميدن ۽ نااميدن جو سفر ڪندا آهن ۽ وقت جي رفتار کي روڪڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو آهي.

ڊسمبر مهيني هميشه سنڌ واسين کي لڙڪ ڏنا آهن، اڃا سرمد جي پهرين ورسيءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون ته سنڌي ادب جو هڪ وڏو نانءُ شاعر اديب محقق ۽ ڀٽائي جو پارکو  اياز قادري 16 ڊسمبر تي سنڌ واسين کي هميشه لاءِ الوداع چئي ويو ۽ اڃان اياز قادريءَ جو ڏک ختم ئي نه ٿيو هيو  ته سن جي سائين جي ايم سيد جي نياڻي درشهوار سيد ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي ۽ ساڳي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ هڪ اهڙي تاريخ ساز شخصيت جو روح آچر ڏينهن 28 ڊسمبر  تي سنڌ واسين کي الوداع ڪيو جنهن سڄي زندگي، پنهنجي ماروئڙن لاءِ جهيڙيو. چنڊ چنبليءَ ول کان ويندي نيل ڪنٺ اورنيم ڪي پتي، تائين هو لکندو رهيو ۽ هن ڪڏهن به ڪنڌ ورائي پوئتي نه ڏٺو. 2 مارچ 1923 تي سنڌ جي سدا بهار شهر شڪارپور ۾ اڻ  ورهايل ننڍي کنڊ ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز 28 ڊسمبر تائين سنڌ ۽ سنڌي قوم  لاءِ جيڪو لکيو آهي ان کان  ته شيخ جا دشمن به انڪار ڪري نٿا سگهن، هن وقت سڄي ننڍي کنڊ ۾(موت جون ڌنون) ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، اداس چهرا ۽ ويڳاڻا ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هو سائين مرنا جي يڪتاري جون ڌنون نه ٻڌن. ليڪن سچائيءَ کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ۽ اها حقيقت ته سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم شاعر سان مخاطب ٿيندڙ شيخ اياز جڏهن چيو هو ته آءُ ڀٽائي آءُ.تنهنجي کهه، منهنجون اکيون ڏس مون تنهنجو ڪينرو ڀوريو ناهي ڀاءُ،ساڳيو جوڳ جڙاءُ ساڳيا سڏڙا ساز جا. هاڻي جڏهن هيءَ سنڌ جو ٻهٻگڻ ڪو هڪ عظيم شاعر جي ڀر ۾ وڃي آرام ٿيو آهي ته پوءِ هو سنڌ جي مستقبل بابت ضرور ڪچهريون ڪندا، اصل ۾ شيخ اياز اها وصيت ڪئي هئي ته منهنجي خواهش آهي ته مون کي ڪراچيءَ سمنڊ جي سامهون دفن ڪجو.اتر.سنڌ جي هن شهر سکر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته شيخ اياز جو گهڻو جوانيءَ جو حصو هتي ئي گذريو،  هڪ طرف سندس شاعريءَ جو آواز سنڌ جي ماڳن تي دلين جي ڌڙڪن بڻجي گونجندو رهيو.مارشل لا واري دور ۾ شيخ اياز کي پراڻي سکر واري گهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هو مختلف جيلن ۾ رهيو.ليڪن شيخ اياز چيو آهي  ته جڏهن آءُ صبح جو 4 بجي اٿي لکڻ شروع ڪندو هُيس ته جيل جون ڀتيون غائب ٿي وينديون هيون ۽ حاڪمن جي جيلن جون ڏنل ڀتيون منهنجي سوچ کي قيد ڪري نه سگهنديون هيون شيخ اياز آمريت ۽فاشزم خلاف جهيڙيو هن جي شاعري ٽن نسلن کي متاثر ڪيو،1988ع ۾ سکر چڏيندڙ شيخ اياز زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جي پرنس ڪامپليڪس ۾ گذاريا،جنات بلڊنگ کان لبِ مهراڻ ۽ سکر جي سمورين گهٽين ۾ اڃا تائين شيخ اياز زندگيءَ جي قدمن جي خوشبوءَ ڦهليل آهي.رشيد ڀٽيءَ کان ويندي ادل سومري ۽ سندس هم نام شاعر اياز گل سميت سنڌي ادب سان لاڳاپيل نوجوانن سان هن جون ڪيل ڪچهريون اهڙا يادگار لمحا آهن جن کي شيخ اياز جي سکر ۾ گذاريل گهڙين کي قلم بند ڪرڻ گهرجي، ساهيوال ۽ سکر جيل ۾ شيخ اياز جيڪي ڪتاب لکيا ان مزاحمتي شاعري سنڌ جي ماروئڙن کي هڪ نئون شعور ڏنو ۽ شيخ اياز جا اهي لفظ ڪيترا نه تاريخ ساز بڻجي ويا آهن. آءُ پنهنجي ڏات سان سنڌ جي مستقبل ۽ ماضيءَ کي اهڙي ڀت ڏيون ٿو وڃان جو هن ڌرتي جي ٻوليءَ لوليءَ جا دشمن ان کي ڪڏهن به اورانگهي نه سگهندا. اڄ نه رڳو سڄي سنڌ پر سمورو ننڍو کنڊ اهڙي عظيم شاعر جي ڏک ۾ ٻڏل آهي ۽ سچ پچ هو هن صديءَ جو  عظيم شاعر هيو ۽ اسان پنهنجي دور جي ڀٽائيءَ کي ڇا ڏيئي سگهياسين. فقط هن تي اجايون تنقيدون ڪرڻ کان سواءِ. ليڪن شيخ اياز جا 50 کان وڌيڪ ڪتاب انهن نقادن لاءِ اهڙو جواب آهن جنهن کي شيخ اياز جا دشمن به محسوس ڪري سگهن ٿا ته هن عظيم ڪويءَ قوم لاءِ  پنهنجي قلم سان جيڪا مني صديءَ تائين ڪرت ڪئي آهي کيس هر صديءَ جو عظيم شاعر بڻائيندي رهندي. اي ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي آرامي ٿيندڙ عظيم شاعر تون ڀاڳن وارو آهين جو توکي  پنهنجي مرشد جي آڳر ۾ دفن ڪيو ويو آهي تون پاڻ ئي ته چيو هيو ته آءُ فقط ڀٽائيءَ جي آڏو ئي جوابدار آهيان“

شيخ اياز جون هيءَ  سٽون  هر هر منهنجي سڏڪن ڳاڏڙ لفظن ۾ گڏجي ٿيون وڃن تاريخ جا ڦيٿا بيهجي ويا آهن يا مون کان وڌيڪ سفر نٿو پڄي.

يا مان وڌيڪ سفر ڪرڻ نٿو چاهيان ڇو ته هر منزل اڳي کان به وڌيڪ  اونهي کڏ ۾ ڪيرائي ٿي. تاريخ جا ڦيٿا ته سچ پچ  تنهنجي موت سان بيهي ويا آهن، ليڪن تنهنجي ڏات ۽ ڏانءِ جي سمورن سوچن جي اڏام وارن ڦيٿن کي پر لڳي ويا آهن ۽ انهن جي اڏام هاڻي آسمانن ڏانهن آهي ۽ تنهنجا قهي قومي گيت سنڌ جي وستين، واهڻن، ڀٽن ۽ ڀاڻن منجهه هميشه امر بنجي گونجندا رهندا.

اي سنڌ جا عظيم شاعر توتي سلام

تون هر صديءَ جو شاعر آئين تون هر نسل جو شاعر آهين جهڙي طرح دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعري انهن قومن لاءِ ميراث به آهي ساڳي طرح تنهنجي شاعري به سنڌ ۽ هن واسين لاءِ هميشه امر ۽ اٽل رهندي.

مُئي پڄاڻان اياز جون ڳالهيون

ڊاڪٽر ايوب شيخ

5 جنوريءَ تي محترمه محمد حسين پنهور جي جاءِ تي استاد محمد ابراهيم جويي موڪلائڻ مهل شيخ اياز جي باري ۾ ڪنهن ذڪر تي سندس اهم شعر جو تفسير بيان ڪري رهيو هو. ان شعر ۾ اياز درد جي شام جي پڄاڻيءَ، اتر، لاڙ ۽ لهندڙ سج جو ذڪر ڪيو آهي. اهو تفسير ٻڌڻ وارن ۾ سنڌ جو لاجواب تاريخدان مسٽر پنهور ۽ سندس گهر واري فرزانه پنهور، سنڌ جو اهم صحافي جي اين مغل، ڊاڪٽر شفقت عباسي، احمد سولنگي ۽ اسان جو اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر لاکو ۽ آئون هئاسون.

جويي صاحب جي ڪيل تفسير سان مون کي مڪمل اتفاق نه هو، تنهن نااتفاقي  تي پنهنجي انتهائي شانائتي رواداري سان چيائون ”هر ڪو پنهنجو پنهنجو خيال جوڙي سگهي ٿو.“

اياز جي ان شعر سميت سڄي شاعري جا هر ماڻهوءَ سوچ ۽ رويي پٽاندڙ الڳ الڳ تفسير هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. شاهه لطيف جي بيتن ۽ وائين لاءِ ڪميونسٽ کان وٺي مُلان ۽ مڊل ڪلاسي سطح کان سطحي ”ناميارن“دانشورن وٽ ڌار ڌار تفسير ۽ وضاحت آهي. ساڳئي طريقي سان اياز جي شاعري لاءِ به الڳ هوا ۽ لُڪ جو لڳڻ معمول جو ڪم آهي.

جويي صاحب کي مون چيو ته ”اياز 74 ورهين جي زندگي ۾ گهڻو ڪري چاڙهه ڏٺو. ذاتي زندگي کان وٺي جذباتي سياسي زندگيءَ ۽ اڌ صديءَ جي شاعري ۽ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ جهڙو نثر ۽ ڪل ملائي 54 ڪتاب هن جي لاءِ لاٿ يا(ذاتي طور به) نااميدين  جو تاثر ۽ تصور نه ٿا ٺاهين.“ جويو صاحب ان ڳالهه تي سهمت هئا. هن ٻڌايو ته جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي جهڙو نثر اياز ڪٿي به نه لکيو آهي ۽ اهو شاهڪار نثر آهي. مون اتي هڪڙي ڳالهه اها به ڪئي ته اياز جي طبعي موت سان درحقيقت انهن انگوري ول جيان لڏندڙ ويچارن ”مسڪين شاعرن“ جو موت   ٿيو آهي، جيڪي بقول اياز جي ته ”هماليه پهاڙ جي تري ۾ ڪي وڇون ڏنگين ٿا ته فرق ڪهڙو پوندو!“ اياز جي موت واري ڏينهن کان وٺي جيڪي خبرون اخبارن ۾ ڇپيون آهن تن ۾ اياز جي  جيئري سنڌي اخبارن جا خاص ايڊيشن ڇپڻ، جنگ اخبار ۾ ڊبل ڪالمي خبر لڳڻ، بي بي سي جو خصوصي پروگرام، ٽي وي خبرنامي تي اٽڪل ڇهه منٽ خبر ڏيڻ، ڪنهن به سرڪاري ڪاموري کان وٺي سرڪار پاران ڪو به ماڻهو نه اچڻ، اياز جي ٻنهي گهرن جي روين ۽ اياز جي تدفين واري جڳهه سميت سنڌ اسيمبليءَ ۾ نثار احمد کهڙي جو اهو اهم تاريخي جملو ته ”جي اوهان اياز تي ڳالهائڻ نه ٿا ڏيو ته پوءِ اسان لياقت علي خان لاءِ به ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين.“

ذڪر ڪيل سمورا رويا ۽ لاڙا اسان جي سماجي تضادن ۽ شاعرن ڏانهن سماجي روين جو ننڍڙو مشاهدو آهي. منهنجو ذاتي رايو آهي ته سنڌ جي مختلف اديبن کان ويندي چونڊ سنڌي اخبارن کي اياز جي شاعري ۾ موجود  مختلف روين کي جانچڻ ۽ تحقيق لاءِ فڪري نشستون، مذاڪرا ۽ سيمينار پڻ ڪرائڻ گهرجن.

اياز جي ذاتي وارثن ۾ شايد مونس اياز ۾ ڳچ اهليت آهي ته هو شاعري ۽ ان جي سماجي ڪارج ۽ سندس والد جي لکتن تي وڌيڪ غور ڪري سگهي. ڇو ته سندس ان پُٽ جو گهڻي زماني کان لاڙو ادب ڏانهن رهيو آهي، جيڪو سندس ٻئي اولاد ۾ نظر نه ٿو اچي. ان پئرا جو مطلب اهو ناهي ته ڪو مونس کي اياز بڻائي مٿس پڳ وجهي  کيس سندس شعر ۽ ان ۾ موجود فڪر جو وارث ڪجي پر ان جو سڻائو مطلب هي آهي ته مونس باقي ڀيڻن ۽ ڀائرن کان وڌيڪ ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. جويي صاحب ذڪر ڪندي جناب رسول بخش پليجي جي تازي ڇپيل لکت جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”اياز دنيا ۾ هن صديءَ جو وڏو شاعر آهي.“ پليجو صاحب اهڙي فتويٰ ان ڪري ڏئي سگهي ٿو ڇو ته شعر ۽ ادب خشڪ واري جيان سندس هٿن جي آڱرين مان نڪري نه ٿا سگهن، پر پليجي صاحب  جي دعويٰ لاءِ پڻ ساهمي اهڙن هٿن ۾ ڏيڻي پوندي، جيڪي هن صدي ۾ ٿيل روسي، آمريڪي، آفريقي، اسپيني ۽ ٻين ٻولين جي شاعرن جو ايترو ئي  تجزيو ڪري سگهن، جهڙي سندن شاعري آهي.

ٻئي ڏينهن ٿڌي سڙڪ تي  ڪيسٽون وڄائي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيءَ کان اياز جي ڳايل گيتن جو پڇيوسين. بيدل مسرور ۽ زرينه بلوچ پاران  ڳايل پر ٿرڊ ڪلاس ڪوالٽي واريون ڪيسيٽون سامهون رکيائين، ڪنهن چڱي ۽ نامياري جپاني ڪمپنيءَ ۾ اهي ٻئي ڪيسيٽون نه هئڻ بابت جواب ۾ چيائين ”سائين اهي ڪيسٽون ڪو به نه ٿو وٺي، اسان ڇا ڪريون؟“ وري جڏهن عمدي ڪمپني ۾ ماسٽر چندر جو رڪارڊ ٽيسٽ ڪيوسين ته آواز ماسٽر چندر جو ۽ محسوس پئي ٿيو جڻ سندس پاڙي واري مائي پئي ڪلام چيو. ڪوالٽي جي ان ڏڪر ۽ ماسٽر چندر سان يل قهر دل ۾ سمائي اياز جي قبر تي وياسين. ڊاڪٽر شفقت، ڊاڪٽر مظهر، احمد ۽ آئون بنا ڪنهن بحث جي شاهه لطيف جي مزار تي آياسين. علامه محمد عمر دائودپوٽي ۽ غزل جي عظيم شاعر ۽ حاڪم عبدالحسين سانگي جي اجڙيل ڪتبن وارين پٿريلي  پر بي يارو مددگار قبرن کان ٿيندا، شاهه سائين جي مزار جي ڪنجي بردار وٽ ورانڊي ۾ ويٺاسين.

احمد سولنگي  کانئس پڇيو ” هتي مدن فقير به دفن آهي ڇا“؟ ڪنجي بردار فقير اسان جا مهانڊا ڏسي الاهي ڇا سوچيو ۽ يڪ ساهيءَ چيائين ”مدن ته واڻيو هو. مون کي خبر ناهي. چون ٿا ته پاڙ ۾ پوريل آهي ۽ شاهه سائين چئي ويو هو.“ احمد کانئس پڇيو ته ”هت ڪو نئون فقير به دفن ٿيو آهي ڇا؟“ ڪنجي بردار  مزار جي  ڪنجين کي هٿيڪو جهليندي  چيو ”ڪيئي فقير آهن توهان الاهي ڪنهن جو ٿا پڇو؟” ”اوهان شيخ اياز ٻڌو آهي“؟ احمد اسراري سوال ڪيو. ”ها ڍنڍ پريان دفن آهي، وڌيڪ خبر ناهي.“ هن ڪراڙ ڍنڍ بدران ڍنڍ لفظ چئي اياز جي تدفين کي ”فقيراڻي“ معنيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

تمر فقير جي قبر ڀرسان هڪ جيئرو فقير ويٺل هو. تنهن کان پڇيوسين ته ”شاهه سائين جو فقير وڳند هيو، تنهن جي قبر ڪٿي آهي؟“ هن پنهنجي ”عاليشان اٿارٽي“ جو بي نيازي سان استعمال ڪندي اسان کي بنهه اڻ پڙهيل سمجهي ٺهه پهه چيو ”اسي ورهيه هتي ٿيا اٿم. وڳند جون تون پيو ٻڌائين، اهڙو ڪو به فقير ڪو نه هُيو.“ آئون سمجهي ويس ته اسي سالن جي فقيري  ڪيئن ”ذهني فقير“ بڻائي ڇڏيندي آهي.

شيخ اياز جيڪو ڪراڙ جي ڪناري فن آهي، تنهن ۽ شاهه لطيف کي ”مرحوم“ چوندي زبان ڏُکي ٿي ۽ ڪو به انهن کي مرحوم نٿو چوي. ٻن هڪ ٻئي پٺيان وڏن شاعرن جي وچ ۾ لاڳاپي جو ذريعو ڪراڙ ڍنڍ جو پاڻي آهي. جي اياز پنهنجي قبر واري جاءِ اتان ڪڏهن اڀريل سڄ ڏٺو هوندو ته کيس ڀٽائي ئي نظر آيو هوندو ۽ لطيف جڏهن پنهنجي هنج ۾ وکريل موتي ڏسندو ته ڪلهوڙن جي زرخيز ۽ پوءِ ميرن جي چراگاهه بنايل سنڌ ۾ کيس چمڪندڙ جوت اياز ئي نظر ايندو.

قبر تي پليجي صاحب جو دانشور ڀاءُ عبدالرحمان پليجو ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو بيٺا هئا. عبدالرحمان عرف ”فقير“ اياز جي شاعري جي باري ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي واقفيت ڏني هئي. قاسم ٻگهيو سنڌ يونيورسٽي ۾ شيخ اياز معرفت نوڪري ۾ آيو هو.

چون ٿا ۽ وري بيان ڪن ٿا ته علڻ فقير کي سماجي تحفظ به شيخ اياز ڏنو هو ۽ سندس سُر ۽ سوز جي بدلي سڀ ڊگريون اجايون سڏيون هيون. علڻ فقير تي ياد آيو ته جڏهن اياز کي لطيف جي حوالي ڪري ڪانڌين مان عوام اخبار جي ايڊيٽر نذير لغاريءَ باءِ پاس جي چنگي ناڪي جي ٿلهي تي ويٺل علڻ فقير کان  گاڏي روڪي پڇيو هو ته ”ڀٽ شاهه تي اياز جي دفنائڻ ۾ نه آئين“ ته علڻ فقير  چيو ته ”مون کي دعوت ڪا نه هئي.“ پر جڏهن 6 جنوري تي ٻنپهرن جو سنڌ ميوزيم ۾ آڊيٽوريم جي ڏاڪڻ تي علڻ  فقير انتهائي خوشامداڻي انداز ۾ هڪ ٻئي خوشامدي اديب کي ڏوهيڙا ٻڌائي رهيو هو ته مون کي وَر وَر ذهن ۾ اهو سوال پئي اڀريو ته ” ان خوشامد جي دعوت خبر ناهي علڻ کي ملي هئي يا نه.“

اياز جي قبر تي ڊاڪٽر ٻگهئي جو وقت کان اڳ جذباتي مؤقف، احمد سولنگي جو ”رات جي لحد ۾“ اياز لاءِ ٺاهيل نئون نظم ۽ اياز جي ڪتاب ”وڄُن وسڻ آئيون“ جا بيت اچاري، اياز جي قبر لاءِ جديد ۽ خوبصورت  رٿا جو خاڪو جوڙي واپس ٿياسين. ان خاڪي ۾ اهو هيو ته اياز جي ساڄي هٿ تي هڪڙي سيمينار اسٽيج ٺهي، کاٻي هٿ تي شرڪت ڪندڙن جي ويهڻ جو بندوبست استعمال ڪرائجي ته جيئن هر مذاڪري ۽ سيمينار  ۾ اياز ٻڌندڙن ۽ ٻڌائيندڙن جي وچ ۾ ائين موجود هجي، جيئن جيئرن جي ڇاتيءَ ۾ دماغ جي آسري هلندڙ دل جي ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ.

(10 جنوري روزانه، سنڌ)

ڪڏهن ڪڏهن ته سار جو،

ته ڪير سڃ ۾ ستو!

نور سنڌي

هن صديءَ جو مهان ڪوي، ليکڪ، صحافي مبارڪ علي شيخ اياز  هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري  ان دنيا ۾ هليو ويو آهي، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به ناهي موٽيو، هي دنيا فاني آهي، هتان هر ڪنهن کي هلڻو آهي پر ڪي موت اهڙا هوندا آهن، جن جو غم سالن تائين دلين ۾ رهندو آهي، سندس مرڻ سان ان فيلڊ جنهن سان هو لاڳاپيل آهن، ان ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويندو آهي جو صدين تائين نه ڀربو آهي، خاص طور ڪلاڪارن ساهتڪارن جو  موت ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هو قوم جو سرمايو هوندا آهن ۽ شيخ اياز جو موت به اهڙو ڏکوئيندڙ موت هو، جنهن جي وڇوڙي تي پوري سنڌ غم ۾ ٻڏل آهي، هر ماڻهو جي اک آلي آهي، 29 ڊسمبر تي خواهش موجب کيس ڀٽ ڌڻي جي ڀلاري ڀونءِ ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪنڌي تي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ جي باوجود يقين نٿو اچي ته اياز ڪو مئو آهي.

اياز! نه مرڻو آ، هو ويس مٽائي ورڻو آ)

هونءَ به اياز مئو نه آهي، هو ظاهري طور تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر روحاني طور اسان سان گڏ آهي، جيسين اياز جا گيت هوندا، جيسين سنڌ ڌرتي هوندي ايستائين اياز زنده رهندو، اياز 1941 کان افسانه نگار جي حيثيت ۾ ادبي زندگي جي شروعات ڪئي، وقت گذرڻ سان هو سنڌ جو وڏو شاعر، اديب بنجي ويو، هن 75 ورهين واري زندگي ۾ تقريبن 55 ڪتاب لکيا، جيڪي شايع ٿيا، جن ۾ 40 شاعريءَ جا مجموعا شامل هئا، هن جا اردو ۾ 3 ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ’نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي‘، ’بوءَ گل نالهءِ دل‘ ۽ حلقه ميري زنجير کا‘ شامل آهن، سندس لکيل  ڪتابن  ۾ ٽن ڪتاب ’ ڪلهي پاتم  ڪينرو‘، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘، ڀؤنر ڀري آڪاس‘ تي وقت جي حڪمرانن بندش وڌي ۽ انهن ڪتابن تي اڄ به بندش پيل آهي. سندس  زندگي جو آخري ڪتاب ڪٿي به ڀڃبو ٿڪ مسافر حصو ٽيون آهي، جيڪو سندس سوانح عمري تي مشتمل آهي، جيڪو ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي، شيخ اياز هڪ ديوتا هو، هن تي هر دور ۾ الزام لڳا پر هن همٿ نه هاري، سنڌي ادب جي خدمت ۽ قوم کي سڌارڻ ۽ ماڻهن  جا ڏک دور ڪرڻ لاءِ هر طرح سان ڪوشان رهيو، ون يونٽ جي زنجير هجي يا سنڌي ٻولي جو مسئلو  اياز نه صرف شخصي  طور ان لاءِجدوجهد ڪئي پر شاعري وسيلي ماڻهن ۾ سجاڳي آندي ۽ جدوجهد لاءِ آماده ڪيو، شاهه لطيف کان پوءِ اياز ئي سنڌ جو وڏي کان وڏو شاعر هو.

اياز پنهنجي زندگي ادب لاءِ ارپي ڇڏي هئي ۽ سخت بيماري هوندي ۽ ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود لکندو  هو.

شيخ اياز پنهنجو تن من سنڌي ادب، سنڌي قوم جي جاگرتا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، شيخ اياز  ديوتا هو، اياز عظيم هو .... اياز امر هو....

واقعي شيخ اياز پيارو ۽ جيءُ جيارو ماڻهو هو، واقعي اياز  ساهه ڏئي ويساهه ڏنو. واقعي اياز سنڌ واسين جي دل ۾  درد دکائي ويو، اهڙو درد جو سالن تائين دل ۾  دکندو رهندو.

اياز جي موت جو جڏهن ريڊيو، ٽي وي تي ٻڌايو ويو، جڏهن اخبارن سندس موت جون خبرون شايع ڪيون، ان وقت هر سنڌي واسي غمگين ٿي ويو، هر ماڻهو جي اک آلي ٿي وئي، ۽ دل دانهن ڪئي ته:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا- شاهه

لڳي ٿو لطيف اهي سٽون شيخ اياز جهڙي پياري ماڻهو لاءِ اڳواٽ لکي ويو هجي. جهڙو لطيف کي اها پهرين خبر هئي ته سنڌ جو اهو مهان ڪوي مرڻ بعد سندس نگري ۾ ابدي ننڊ ۾ اچي سمهندو. جهڙو لطيف اڳواٽ اياز جي موت جو صدمو محسوس ڪندي اهي سٽون لکي ويو هجي. شيخ اياز صرف شاعر نه هو، هو تمام وڏو اديب هو، هن جا افسانه ڪهاڻيون ڊائريون ڏاڍيون دلچسپ آهن ۽ اهي هيئن سان هنڊائڻ جهڙيون لکڻيون آهن، اياز تمام وڏو صحافي هو، شيخ اياز هڪ سماجي ڪارڪن هو، 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جيل مان آزاد ٿي ريل تائين سکر ذريعي ويو ته سڄي سنڌ اٿلي پئي، هر ريلوي اسٽيشن تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، اياز جي شاعري پوڙهن، نوجوانن- ٻارن، مردن، عورتن ۾ هڪ جهڙي مقبول هئي ۽ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org