سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 7

مان ورڻو هان، مان ورڻو هان!

تاج جويو

هيءَ جا لاٽ لُڙاٽَ آ. هيءَ جا رَئيءَ رءُ،

مُون کي مُور نه ڀئُه، مرڻو ناهي آدمي!

اياز نه رڳو هن صديءَ جو وڏو شاعر هو، پر صدين جو شاعر هو. جيئن اڍائي صديون گذرڻ  کان پوءِ به ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي، تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به زنده رهندو، ڇو ته  اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي.

جديد سنڌ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ ٽي وڏا Genious ۽ legends  پيدا ڪيا آهن. جي - ايم سيد، محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز، جن نه رڳو جديد سنڌ جي تشڪيل ڪئي، پر صدين جي جمود ۽ ماٺار کي  ٽوڙي زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي علمن ۽ لطيف فنن ۾ وهڪرو ۽ تحرڪ  پيدا ڪيو. هنن ڪاتارن جو پورهيو ۽ اُڻت، تاريخ ڪڏهن به ضايع نه ڪندي. هنن ٽنهي شخصن وٽ سنڌ جي پنجن هزارن سالن جي تاريخ جو گڏيل شعور  آهي، جنهن کي ” سنڌ جو فڪر“، ”سنڌ جو فلسفو“ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو اياز جي لفظن ۾ ”ڀٽ ڌڻيءَ کان سن جي سائينءَ“ تائين پهچي، هڪ نظرئي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. اهو نظريو، اُهو پيغام  آهي:

”اتحاد اِنساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم.“

اياز اُن فڪر ۽ نظريي جو وڏو شارح، مفسر ۽ مفڪر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي ويدن جي ويدانت ۽ سنڌ جي وحدت الوجودي فڪر جو هڪ اهڙو سهڻو سنگم جوڙيو، جو محبتن جي امين سرزمين سنڌ، دنيا جي گولي تي هڪ انوکي ۽ نرالي صورت ۾ نمودار ٿي بيٺي آهي:

ڪُجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني،

هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!

شيخ اياز، سائين جي ايم سيد کي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾”سچو ديش ڀڳت، صوفي ۽ اڌوگابرو ساميوادي“ سڏيو آهي، ۽ منهنجيءَ نظر ۾ خود شيخ اياز جي سڃاڻپ اها آهي، ۽ ان صورت کان جيڪڏهن ڪو کيس ڌار ڏسي ته اُهو غلطي ڪري ٿو.

تصوف ۽ ساميه واد جي سنگم ۽ ”فڪر سنڌ“ مان رچي ريٽو ٿيل هي شخصيتون، اڄوڪيءَ سنڌ جي سڃاڻپ آهن. سنڌ، سنڌ جي صوفين، سنڌ جي فلسفين ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ فڪري طور تي ڪڏهن به انتها پسندي نه رهي آهي، پر امتزاج ۽ اعتدال سندن شخصيتن جو خاصو رهيو آهي. سنڌ جي روح، جدلي ماديت کان وڌيڪ تاريخي ماديت کي قبول ڪيو آهي، تڏهن ته سنڌ جي سدا سهڻي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس گوبند مالهيءَ کان جڏهن ڪنهن پُڇيو ته ” تون هڪ ئي وقت تصوف  ۽ ماڪسزم کي ڪيئن ٿو قبولين؟“- ته هن وراڻيو ته” مون مارڪسز کي سنڌوءَ ۾ ٽٻُي  ڏياري آهي.“ سنڌ جي روح ۽ سنڌ جي مفڪرن، هر ٻاهرئين نظرئي، ويندي مذهب  کي، سنڌوءَ ۾ ٽٻي ڏياري، پنهنجي روايتن ۽ تهذيبي پسمنظر ۾ قبول ڪيو آهي.

سائين جي ايم سيد، ڪميونسٽ دنيا جي ”خوني انقلاب“-(Bloody revolution) جو مخالف هو، محمد ابراهيم جويو، ايم- اين راءِ کان متاثر آهي ۽ اياز تي به ايم اين راءِ جو اثر آهي ۽ هن ڪالهه به سوشلزم کي سنڌوءَ ۾ ٽٻي ڏياري وحدت الوجودي فڪر جي پرچار ڪئي هئي ۽ آخري گهڙيءَ تائين به هو”تصوف“ کي ”دنيا جي نجات جو واحد وسيلو“ سمجهندو هو ۽ ان ڏس ۾ هو سائين جي- ايم سيد سان سهمت هو، جيڪو Thesis ۽ Anti thesis  بدران  Synthesis جو قائل هو. اهو ئي سبب آهي جو جي ايم سيد هجي يا شيخ اياز- ٻئي نه مذهبي مُلا ٿي سگهيا ۽ نه Athiest (دهريا)- هي مذهبن جي روح ۽ وحدت جا قائل هئا، ٻئي Panthesism  جا پيروڪار هئا.

تازو پريس ڪلب ڪراچي واريءَ تقريب ۾ هڪ مقرر چيو هو ته ” اياز آخري وقت ۾ آدرشن  کان هٽي ويو هو.“ آءُ سندس يا ٻين جي ان راءِ سان اتفاق نه ٿو ڪريان، ڇو ته اياز جو آدرش  ڪميونزم  نه هو ۽ نه اياز جو آدرش سوشلسٽ انقلاب هو، پر اياز جو آدرش سنڌ هو، استحصال ۽ ٻانهپ کان آجي، آزاد ۽ خوبصورت سنڌ- جيڪا سنڌ، هن جي شاعريءَ ۾ ساهه پساهه ۾ رچيل هئي:

تو کي ڪهڙي ڪل،

جيءَ اچي نه جهل:

مون کان سنڌ نه سري!

جي_ ايم سيد ۽ اياز ، ” سوشلسٽ طوطن“ وانگر ” سنڌ کي ”سوشلزم جي ليبارٽري“ بنائڻ نه پئي چاهيو، پر هنن، هن اقتصادي نظرئي جون سُٺايون ۽ اقتصادي گڻ، استحصال کان آجي سنڌ چُنيءَ ۾ ستارن جيئن ٽاڪڻ چاهيا ٿي!

آءُ هتي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته هنن هڪ ٻه مضمون لکي، اياز کي ٺاهيو يا Discover (پڌرو) ڪيو، سي بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا.

اياز جي فن ۽ فڪر تي سڀ کان وڌيڪ محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، پر هُن ڪڏهن به اياز کي” ڊاهڻ يا Discover ڪرڻ“ جي دعويٰ نه ڪئي آهي، بلڪ  هن اياز جي شاعريءَ ۾ موجود فڪري سونهن ۽ سگهه، اياز جي شاعريءَ ۾ سمايل دائمي قدرن ۽ جمالياتي رُخن، اياز جي شاعريءَ جي سنڌ دوست ۽ انسان دوست پهلوءَ کي اُجاگر ڪيو آهي، بلڪل ائين جيئن نامور نقاد سڳن آهوجا، هن صديءَ جي ٻئي وڏي شاعر نارائڻ شيام جي شعر گُڻن، خوبين ۽ حُنساڪين کي ”روشن ڇانورو“ جي مهاڳ ۾ بيان ڪيو آهي، يا جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، سراج ميمڻ، مون ۽ ڪجهه ٻين دوستن، هن صديءَ  جي شاعراڻي ٽموريءَ جي ٽئين رتن ۽ سنڌ جي وڏي شاعر استاد بخاريءَ جي فڪري، سنڌ دوست،انسانيت پرست ۽ زندگيءَ سان عشق پرستيءَ وارن رخن تي قلم آرائي ڪئي آهي. اسان سنڌ وارن جي ڪيڏي نه خوش بختي چئبي، جو اسان کي هن دور، عظيم شاعرن جي ٽمور تي ڏني آهي. واقعي اياز ، شيام ۽ استاد، هن صديءَ جا وڏا شاعراڻي ٽمور تي هئا ، جهڙي ٽمورتي ،تاريخ جي اڳيئن دور شاهه سچل ۽ ساميءَ جي صورت ۾ سنڌ کي ڏني. اڳئينءَ ٽمورتيءَ جو سرواڻ شاهه لطيف هو ۽ هن ٽمورتيءَ جو سرواڻ شيخ اياز آهي. مون کي اُن وقت ڏاڍو عجب لڳو، جڏهن سنڌ ميوزم ۾ سنڌي لئنگوج اٿارٽي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين ادارن پاران شيخ اياز بابت سڏايل تعزيتي اجلاس ۾ مانواري دانشور  رسول بخش صاحب، ”ساميءَ جي مهانتا“ کي اهو چئي رد ڪيو ته ” آءُ جويي ( محمد ابراهيم) جي ان ٽمورتيءَ، شاهه، سچل ساميءَ“ کي نٿو مڃان ، ڪٿي شاهه ۽ ڪٿي سامي؟ هڪ هندوءَ کي مسلمان سان ڪيئن ٿي ڀيٽ ڏچي!“

پليجو صاحب خبر ناهي ڪڏهن کان سيڪيولر (Secular) مان فنڊامينٽلسٽ(Fundamentalist) ٿيو آهي! هن صاحب ساڳئي نقط نظر سان نارائڻ شيام جي حيثيت کي به مڃڻ کان انڪار ڪيو. آءُ هتي هيءَ ڳالهه واضع ڪرڻ گهران ٿو ته ” شاه سچل ۽ ساميءَ“ جي ٽمورتي، محمد ابراهيم جويي Create (تخليق) ڪئي يا ٺاهي نه آهي، پر ٽمورتي تاريخ جوڙي آهي،جهڙيءَ ريت ويهين صديءَ اياز، نارائڻ شيام ۽ استاد بخاريءَ جي ٽمورتي جوڙي ۽ ثابت ڪئي آهي . هن ڪهڪشان (Galaxy)۾ ڪالهه به ٻيا حسين ستارا روحل، مراد فقير،خليفو نبي بخش، بيدل، بيڪس، حمل فقير، خوش خير محمد، منٺار فقير  ۽ محمد فقير موجود هئا. ۽ اڄ نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي ، هري دلگير، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، ذوالفقار راشدي ، ايم-ڪمل“ راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، امداد حسيني، ارجن حاسد، وفا ناٿن شاهي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا شاعريءَ جي اڄوڪي ڪهڪشان (Galaxy)جا چنڊ ۽ ستارا آهن. پر وقت، هڪ ٽموريءَ کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي ڪو نقاد ۽ برک ڏاهو ميٽي ۽ ريٽي نه ٿو سگهي.

سامي، ڪلهه جي ٽمورتيءَ جو روشن رتن هو ۽ نارائڻ شيام اڄ جي ٽمورتيءَ جو جرڪندڙ ستارو آهي. سامي ديش ڀڳت ۽ صوفي هو ته شيام به ويدانتي ۽ ديش ڀڳت آهي. ٻنهي کي مذهب جي اڏيءَ تي اسان قربان نه ٿا ڪري سگهون. شيام ته ورهاڱي جي اڏيءَ جو شهيد آهي.

الائي ڪهڙي گهڙيءَ اُن مان شيام نڪتاسين،

وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!

اها حقيقت آهي ته ڪي ماڻهوٻين لاءِ عقيدت، احترام ۽ محبتن جو خراجُ، برداشت نه ڪري سگهندا آهن. جڏهن سندن اندر جي بوتل ۾ لڪلن ”شُهرت جو جنِ“ ٻاهر نڪري ايندو آهي، ته هو جي - ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجون سالگراهون ملهائڻ شروع ڪندا آهن ۽ اياز جي وڇوڙ تي کيس Discoverڪرڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا آهن. احترام، محبتون ۽ عقيدتون گهرڻ سان نه ملنديون آهن. شهرتون ۽ عظمتون by demand(گهرڻ سان) نه پر by command حاصل ٿينديون آهن.

وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مرن !(شاهه)

مارڳ منجهه مري ڏيکاريو ، قلب مان ڪينو ڪوري ڪڍو، ٻين جو احترام سکو، ٻين جي عظمت تسليم ڪريو، پنهنجي علميت ۽ ڄاڻ جو ڏيکاءُ نه ڪريو، ڇو ته خالي گهڙو گهڻو وڄندو آهي ۽ ڀريل گهڙو پياسن جي اڃ اجهائيندو آهي ،

جيئن سمِ ۾ اوڀڙ، اڄڪلهه دانشور ائين،

اُن ۾ اوچا بڙ، اُڀري سگهندا ڪينڪي! (اياز)

” اياز کي بُت نه بڻايو ۽ اياز کي پير نه بنايو “ جا مشورا ڏيندڙ ڏاها دانشور، اسانکي جهلين ٿا ته اياز جي وڇوڙي تي ڏک نه ڪيو، روئو نه، ۽ ڳوڙها نه ڳاڙيو. آءُ هتي واضع ڪريان ٿو ته اياز اڃا لحد ۾ ئي نه لٿو هو، اڃا سندس خاڪي جسم ڪراچيءَ واري گهر ۾ رکيو هو ، اڃا اهو فيصلو نه ٿيو هو ته اياز جو آخري آرام گاهه ڪٿي ڪجي، اُن وقت سنڌي ادبي سنگت جي سروائڻ بروقت حوصلي ۽ همت جو مظاهرو ڪري، ” سنگت گولڊن جوبلي“ پروگرام کي تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪري ورتو، ۽ شايد دنيا اندر اهو منفرد مثال آهي، ته ڪو شخص- ڪو وڏو انسان، ڪا تاريخي شخصيت، اڃا مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ئي نه ٿي هجي. سندس باري ۾ تعزيتي اجلاس ٿيو هجي، اهو تاريخ جو انوکو مثال هو، مفرد مڃتا هئي ته، سنڌ جي دانش جو وڏو ميڙ، 5 سؤ اديبن ، صحافين ۽ سڄاڻ ماڻهن جي اسيمبلي، اياز کي سلام(Tribute)پيش ڪري رهي هئي. هر اک آلي، هر چهرو افسرده، هر نگاهه منتظر ، هر روح بيچين هو. پرهه جا پکي ته ڏينهن ڪڏهوڪو اياز کي سلامي ڏئي چڪا هئا، رات به مٿس روئي چڪي هئي، ڏينهن جي دامن وٽ اياز جو خاڪي جسم امانت هو، ۽ ڀنل اکين ۽ لرزندر چپن سان کيس خراج پيش ٿي رهيو هو . عطيه دائود ۽ اياز گل جا گلا ڀرجي آيا هئا، تنوير عباسيءَ جي نڙيءَ ۽ زبان مان لفظ نڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، ۽ اهڙي افسرده ماحول ۾ جيڪڏهن جيجي زرينه جو درديلو آواز گونجي ته:

ٿو موڪلايان

الوداع!

۽ ساز کي مضراب جي

سيني لڳايان

الوداع!

مان آخري شعلي جيان

ٿو گيت ڳايان

الوداع!

هو اڳ ويا جي قافلا،

تن کان به اڳ ۾ ٿو وڃان،

پر ٿو وڃان ڪيڏانهن مان،

هي مون نه ڄاتو آ اڃان!

ٿي دُور جا سانجهي سڏي، ان ۾ سمايان،

الوداع!

سو درد ها، سَوَ دُک ها،

پر زندگي پياري هئي!

اڄ چنڊ ڏي آڪاس ۾،

ٿو وِک وڌايان

الوداع!

جئن سانوڻيون ڀرجي وسن،

ٿر بر وسائي ٿو وڃان!

پر هي ڪلهي تي ڪيترو!

ڪيسين وڄايان،

الوداع!

اي سنڌ توکي الوداع!

اي هنڌ توکي الوداع!

تو ۾ هيو سارو جڳت!

اي جند توکي الوداع!

ته اُن وقت ڪهڙو ڪٺور دل هوندو، جو روئندو نه ۽ جڏهن خود ڳائيندڙ جيجي زرينه جو گلو ڀرجي آيو ته هال مان الائي ڪيترن ماڻهن کان اوڇگارون نڪري ويون. اهي اوڇگارون، اهي سڏڪا مصنوعي نه هئا ۽ نه ڪنهن بتَ ۽ پير لاءِ هئا. اياز ڪالهه به بُت نه هو، نه هُن جي ”بُت“ بنجڻ جي خواهش هئي، ۽ نه اڄ به بُت بڻبو. اياز ڪالهه به متحرڪ شخص هو، ۽ اڄ به سندس شاعري سينا گرمائي ٿي، ۽ سڀاڻي به اياز جو وجود اسان لاءِ متحرڪ، زندهه هوندو. اياز مرحوم نه آهي، مردو نه آهي، اياز زنده آهي، زنده رهندو، صدين تائين زنده رهندو.

اهڙي ماحول ۽ موقعي تي جيڪڏهن ڪو کيس Discover ڪرڻ ۽ ٺاهڻ جو دعوائون ڪري، ۽ سندس روح تي سنگ زني ڪري ته ڏک ضرور ٿيندو، ۽ پوءِ ڪو ادريس جتوئيءَ ۽ نصير مرزا جهڙو دل جليو، اياز جي لحد ۾ لهڻ کان پوءِ، ڪنهن تعزيتي اجلاس ۾ مٿئين رويي کي نندي ته اُن تي بِرُ ٿيڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ کي ”ٺونشا هڻڻ“ سڏڻ واري ڳالهه، ننڍڙي هجڻ ۽ برداشت نه ڪرڻ واري عادت جو مظهر سڏبي. مڃان ٿو اياز تنقيد کان بالاتر نه آهي، اياز سان اختلاف راءِ رکڻ ڪو ڏوهه نه آهي، پر مٿس سنگ زني ڪرڻ-۽ اُن اياز لاءِ اهو چوڻ ته ”کيس سنڌي زبان جو هڪ اکر به صحيح لکڻ نه ٿو اچي“ جنهن اياز هن دور جي ”سنڌي زبان تخليق“ڪئي. عظيم شاعر پنهنجي دور جي زبان تخليق ڪندا آهن. لطيف جي روح، دل ۽ عوام جي زبان سنڌي هئي- ۽ اهڙيءَ طرح اڄ به جڏهن سنڌي زبان ”صوبائي زبان“ آهي، ته اياز جي روح، دل ۽ عوام جي قومي زبان سنڌي آهي. اياز سنڌي زبان کي لطيف کان پوءِ اها جلا بخشي آهي، جيڪا کيس صدين تائين جرڪائڻ ۽ جيئري رکڻ لاءِ ڪافي آهي.

اسان اياز کي نه اڳ بُت ۽ پير بنايو ۽ نه اڄ ئي کيس ”بُت“ ۽ ”پير“ بنائڻ جو ارادو رکون ٿا. اها خواهش خود اياز جي به ڪانه هئي، تڏهن ته وصيت ڪري ويوهو ته:

 اُٿي اسر ويل جو، لوڏائي لامن،

پکي اُڏامن، اُتي مون کي پُور جو!

۽ اهو به چئي ويو هو ته:

سوچئين تون متان مون مٿان مقبرو!

چَنڊُ، تارا، ڪتيون، 

سجَ جون مشعلون،

 مون مٿان روز ٻرنديون پيون،

هي خدائي مجاور جيان،

 روز مون تي ڪندا سوجهرو!

سوچئين تون متان مون مٿان مقبرو!

روز مون تي شفق،

پڙ پائي زريءَ جا عقيدت جو اظهار مون سان ڪندي،

ڏينهن جو روز سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي،

رات رابيل جا گل نڇاور ڪندي،

ماڪَ سان تنهن مٽيءَ کي معطر ڪندي،

 آءُ هوندس جتي!

تون متان هن گنهگار کي ڪنهن وڏي پيرَ سان ڀيٽئين!

شاعري ريٽئين،

 جنهن هزارين بزرگيون مٽائي ڇڏيون،

سِجَ هيٺان ڪَڪر جيئن لڪائي ڇڏيون،

سمنڊ ۾ ريت وانگر ڇپائي ڇڏيون،

مَشعلون سَو جلائي ڇڏيون،

جي نه ڪوئي اُجهائي سگهي،

۽ نه طوفان،

ڪوئي به تن کي وسائي سگهي!

اياز سان اختلاف ڀلي رکو، اياز تي تنقيد ڀلي ڪريو، پر اُن جي ”ڏات کي ڏنگ نه هڻو“. اياز زندگيءَ ۾ ئي سندس فڪري سگهه جي دزَ کي نه پهچندڙ ساڙ سڙين نقادن لاءِ چئي ويو هو ته: ”ڪنهن چيو ته هن توتي تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙ ڏانهن ڏٺو، هڪ وڇون اُن کي ڏنگ هڻي رهيو هو“. اياز، ادب جو پهاڙ هو، هو تاريخ جو بلند شخص هو. ڪنهن چواڻي: ”بُلند پهاڙن جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسي سگهنديون آهن.“

سائين جي- ايم سيد ۽ شيخ اياز، هڪ ئي مَٽَ مان مَڌُ پيتو هو، سنڌ جي پنجن هزارن سالن جي شعور  مان سُرڪيون  ڀريون هيون. لطيف ٻنهي جو رهبر هو. ٻنهي هڪٻئي سان اختلاف به ڪيا، رُٺا به. هڪ ڀيري ڪنهن جذباتي نوجوان، سائين جي، ايم سيد آڏو شيخ اياز جي خلاف ڳالهائي، سائينءَ کي مخاطب ٿي چيو ته ” اياز اوهان وٽ ڇو نه ٿو اچي؟“ سائينءَ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيو:

”ڪا مُونهين ۾ وِڏ، نا ته سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو!“

اها آهي عظمت، اها آهي مڃتا- تڏهن ته چيو اٿن:

The peaks of the high mountains see each other

”بلند پهاڙن جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسي سگهين ٿيون.“

بلند شخص، مهان شخص، هڪ ٻئي جو احترام ائين ڪندا آهن.

پر اياز جي زندگيءَ ۾ توڙي زندگيءَ جي ڏوري ٽٽي وڃڻ کان پوءِ واري مڃتا کان خائف شخص ئي اياز کي Discover ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. اُنهن لاءِ اياز ڇا چيو آهي؟ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. جديد ٻوليءَ ۾ ان کي  معجزو ئي سڏي سگهجي ٿو. ايازُ پنهنجي آخري ڇپيل ڪتاب ” ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ ۾ ڀٽائيءَ جي ڀٽ تان بيهي، اهڙن نقادن کي چوي ٿو:

پوءِ به چڙهي ڀٽَ تي، ڀريان آءُ گهڙا،

توڙي ڀٽونئڙا، ڏنگن منهنجيءَ ڏات کي!

ڪراچي پريس ڪلب ۾ فهميده رياض کي مون چيو ته ”اياز بابت هڪ سٽ ۾ تاثر لکو“

هن لکيو ته:

”هماري خوش نصيبي که هماري دور مين اياز تهي“.

آءُ سمجهان ٿو ته اها وڏي ڳالهه نه آهي، پر وڏي ڳالهه آهي ته اسان جي اها خوش نصيبي آهي، جو اسان شيخ اياز جي دور ۾ رهون ٿا. اياز پورو هڪ دور هو، شاعريءَ جو هڪ دور، (Era of the poetry)، پر سندس شاعري مختلف دورن تي، صدين تائين محيط رهندي.

گونجار ڪندي جا مُون کان پوءِ،

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان،

مان ورڻو هان، مان ورڻو. هان!

                                                    (اياز)

شيخ اياز: رڻ ڀوميءَ کان

 لاهوت ويندڙ مسافر

بدر ابڙو

سال 1968ع جي هڪ شام جڏهن آئون اڃا هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، مون پهريون ڀيرو شيخ اياز ڏٺو. سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ زورن تي هئي، 4 مارچ 1967ع واري هاڃي جا ڏينهن گذري  چڪا هئا. شاگردن ۽ انتظاميه جي وچ ۾ هلندڙ ٽڪراءَ جا ڪي منظر مون حيدرآباد جي ماڊل اسڪول جي چؤديواري مان هيسيل هانءَ سان ڏٺا هئا ۽ ڪي چڪريون گاڏي کاتي واري چوڪ تان. انهن ڏينهن ۾ مون ٻيو ڪجهه نٿي ڄاتو سواءِ ان جي ته شاگرد سنڌ جي حقن لاءِ مارشل لا سان وڙهي رهيا آهن، هو ”جيئي سنڌ!“ چون ٿا ۽ ”ايوب ڪتو ۽ مسرور ڪتو هاءِ! هاءِ!“ جا نعرا هڻن ٿا. مون ديوارن تي ”جيئي سنڌ“ پڙهيو هو، گولين جا ٺڪاءَ ٻڌا هئا ۽ رستن تي ٿيل  پٿر بازي ڏٺي هئي. مون لٺ بردار پوليس وارن کي شاگردن تي لٺين وسائيندي به ڏٺو هو. ان ماحول منهنجي ڪچي ذهن تي خوف، ڪاوڙ ۽ نفرت جا ٻج پوکيا هئا.

انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڀيري مون ريڊئي تان ٻڌو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏ اياز جي گرفتاري جا وارنٽ  به نڪتا آهن. ان ئي ڏينهن تي مون شيخ اياز کي پنهنجي گهر جي مهمان خاني ۾ ڏٺو. فوجي سرڪار هن کي روپوش قرار ڏنو هو پر هو هڪ جج جي گهر ۾ ”لڪل“ هو. انهن ڏينهن ۾ مون کي شيخ اياز بابت وڌيڪ ڄاڻ ڪو نه هئي. بس اها خبر هئم ته  بيحد خطرناڪ ۽ وڏو باغي شاعر آهي ۽ سنڌ ديش جي ڌرتيءَ جي مٽي جو تلڪ پيشاني تي لائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيئي سنڌ! چوي ٿو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي پارٽيءَ جو آهي، جيڪو پڻ تمام خطرناڪ باغي آهي. مون ٿورا ڏينهن اڳ ڪامريڊ جتوئي کي به ڏٺو هو جنهن مون کي ڏسي ٻانهن مٿي ڪري مٺ ڀڪوڙي ”جيئي سنڌ!“ چيو هو. جواب ۾ مون به ائين ئي ڪيو هو پر لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org