اها
منهنجي ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز سان پهرين
ملاقات هئي تنهن کان پوءِ جون سڀ ملاقاتون ڪراچيءَ
۾ ٿيون، جڏهن مان دادو ڇڏي هتي مٿي ڇانو جي ڳولا ۾
آيو هوس. ادي بيدل ۽ سندس ساٿين جڏهن وائسز جو
بنياد وڌو ته ان جو پروگرام ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيو،
جنهن ۾ شيخ اياز جي سامهون سندس ڪلام بيدل ۽ ٻين
ساٿين ڳايو، اتي شيخ صاحب کان به سندس شاعري ٻڌي
وئي. پاڻ پنهنجي ڪتاب چنڊ چنبيليءَ ول ۽ ٽڪر ٽٽل
صليب جا منجهان چونڊ تخليقون ٻڌايائين، اتي مون
ڏاڍي اڪير مان شيخ صاحب جون تصويرون ٿي ڪڍيون.
منهنجي هر هر اٿ ويهه تي مون آڏو ويٺل انور
پيرزادو ڏاڍو ڊسٽرب ٿي ٿيو، نيٺ مون ڏي منهن ڪري
چيائين ادا! هاڻي بس ڪريو، پر منهنجو اهو دؤر ٿورو
جذباتيت وارو (۽ ٿورو بيوقوفيءَ وارا) هو، سو
کُهرو ٿي چيومانس، ”ڇو؟“ بهرحال مون ڪم جاري رکيو.
ان کان پوءِ اهي فوٽو ڏيڻ بهاني شيخ صاحب جي جاءِ
تي ويس ۽ ائين باضابطي اچ وڃ جو رستو کليو.
سنڌي ادب ۾ جيتري عزت، مڃتا شيخ اياز کي ملي،
اوتري شايد ئي ڪنهن ٻئي تخليقڪار کي ملي هجي. ٻئي
پاسي جيترو تڪراري کيس بڻايو ويو، ان جو مثال ملڻ
به شڪل آهي. ڪڏهن ته سنڌ مٿس ايترو راضپو رکيو جو
سندس نظم ”سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس
نوايان، مٽي ماٿي لايان“ کي قومي تراني جو درجو
ڏنو ويو، ته ڪڏهن کيس زير عتاب آڻي سندس سماجي ۽
ادبي بائيڪاٽ ڪيو ويو. کيس سرڪار جو سڳو قرار ڏئي
ساڻس ويڳو ورتاءُ ڪيو ويو. ان هوندي به سندس
شاعراڻي عظمت کان ڪنهن به انڪار نه ڪيو. سندس
ڪتابن تي جيئن جيئن پابندي لڳندي وئي، تيئن تيئن
سندس تخليقن کي پذيرائي ملندي وئي سنڌ جي پڙهيل ۽
ساڃهه وند ماڻهن ۾ کيس اوتار جو درجو حاصل ٿيو.
پرائمري ماستر جي سيرانديءَ کان وٺي سنڌ يونيورسٽي
جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن جي وهاڻن هيٺان وڄون وسڻ
آئيون، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪا پڙي، ڀونئر ڀري آڪاش وڏي
سڪ ۽ لڪ سان رکيل هوندا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
سينٽرل ڪينٽين کان وٺي دادو جيل جي سامهون واري
جتوئي هوٽل تائين ڇوڪرن جي فرمائش ساڳي هوندي هئي،
ته ”استاد! سهندو ڪير ميار او يار!“ هڻجانءِ يا
وري جيجي زرينه جي آواز ۾ شيخ صاحب جو خاص البم
(ڪيسيٽ) جنهن ۾ سندس وايون ۽ غزل هئا.
شيخ اياز عاشقن، دوستن ۽ دوکن جي حوالي سان
انتهائي خود ڪفيل شخص رهيو، جڏهن سندس شاعراڻي ۽
ادبي عظمت تي آڱر کنئي وئي ته سندس انتهائي سڄڻ
دوست ۽ دانشور سياستدان رسول بخش پليجي انڌا اونڌا
ويڄ لکي سندس تخليق جو دفاع ڪيو ۽ سندس ادبي اوسر
واري دور ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙو پارکو رهنما
مليو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٿين ٻنهي دل گهرين
دوستن سان آخر ۾ سندس اختلاف ٿي پيا. ايتري قدر جو
پليجي صاحب کي استاد بخاري جهڙو مومن سر جڻهار شيخ
صاحب کان وڏو شاعر نظر اچڻ لڳو ۽ جويي صاحب کي شيخ
اياز جي شاعريءَ ۾ مشاهدي جي گهٽتائي محسوس ٿيڻ
لڳي، ساڳئي وقت شيخ اياز به پنهنجي ڇپجندڙ نوٽ
بوڪ ۾ مٿئين پراڻين سنگتين تي علامتي انداز ۾ ڏاڍا
ڇوهه ڇنڊيا. جنهن کي سڄاڻ حلقن محسوس به ڪيو.
بهرحال ان هوندي به شيخ اياز جي ادبي شاعراڻي عظمت
۾ رتيءَ برابر به ڪمي محسوس نه ٿي. ان جي شاعري
اڳي کان اڳري رهي. هن جي لکڻ جي رفتار ڇوهي کان
ڇوهي ٿيندي وئي. هو پاڻ چوندو رهيو ته مون کي پاڻ
تي پنهنجي صحت تي اعتبار ڪونهي، انهيءَ ڪري مون
کي لکڻ جو ”حرص“ ٿي پيو آهي دل جا ايڏا دوکا، شايد
ئي ڪنهن ٻئي شاعر سٺا هجن. هر ڀيري هارٽ اٽيڪ کان
پوءِ سندس لکڻ جي رفتار تکي ٿي ٿي وئي، جيئن جيئن
ڊاڪٽرن کيس گهٽ لکڻ جي تاڪيد ٿي ڪئي، تيئن تيئن هن
”بدپرهيزي“ ٿي ڪئي. ايستائين جو دل ۽ دماغ تي ايڏي
دٻاءَ هوندي به 15-15 ڏينهن ۾ سوين صفحن جا ڪتاب
لکي ڇڏيائين. هائيڪوز وارو ڪتاب پن ڇڻ پڄاڻا، نثري
نظمن جو ضخيم ڪتاب ’ پتڻ ٿو پورو ڪري‘ انهن راتين
جا لکيل آهن. جڏهن گهر ڀاتين کان لڪي هن اونده ۾
نوٽ بوڪ ڪارا ڪيا ۽ صبح جو سٽ تي سٽ چڙهي پئي
هوندي هئي، جن کي ورائي ٻيهر لکيائين.
اهو
ماڻهو جنهن جي چوڌاري جنت جهڙو ماحول هجي، ڪٻٽ
ڪتابن سان سٿيل هجن، اسٽڊيءَ کان ٻاهر ڏوهٽاڻ ۽
پوٽاڻ جون ڪلڪاريون هجن، اهو ماڻهو ڪيئن دنيا کان
دور ٿيڻ چاهيندو؟ بلڪل ائين ئي شيخ صاحب جي جيئڻ
جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي. هيڏا هارٽ اٽيڪ هو
ائين سهي ٿي ويو، لکائي نه ٿي ڏنائين، ڪي ماڻهو
چوندا هئا ته شيخ صاحب وٽ هڪ کان وڌيڪ دليون آهن،
جن تي واري واري سان ڌڪ سهندو، ساڄائيندو ٿو رهي.
پر دل هڪڙي هجي يا ڪيئي، انهي جو مقدر ته اوس بيهي
وڃڻ ئي آهي، سو اڄ اسان جي ادب جي امام، اسان جي
هن ننڍي کنڊ جي تمام، تمام وڏي شاعر شيخ اياز جي
دل به سڌا لاءِ دوکو ڏئي وئي آهي، کيس به ۽ سندس
گهڻگهرن کي به!
(روزانه عوامي آواز)
...جنهن محبتي ميڙيا
مُونس اياز
28
ڊسمبر آچر! بابا جو پسنديده ڏينهن. شڪارپور، صبح
جا 30-10 ڀيڻ وينگس جو فون اچي ٿو “بابا گذاري
ويو“ هن ريڊيو تي خاص خبر ٻڌي. ڪراچيءَ سرمد کي
فون ڪيوسين، هن پرنس ڪامپليڪس تان پڪ ڪري ٻڌايو،
امان روئي ويٺي. اسان چئني ڀائرن مان پهريون سرمد
اتي پهتو، کيس بابا ننڍي لاءِ کلندي چوندو هو ”
تنهنجو افلاطون جيڏو ته مٿو آ“ ۽ وري وڏي لاءِ
سندس سنجيدگيءَ تي هميشه چوندو هئس ”Son,don`t
angry with life“
شڪارپور مان سکر لاءِ هليس ته ڪراچيءَ لاءِ شام
واري فلائيٽ ۾ جلدي پهچان.
بابا جو اباڻو شهر شڪارپور. سکر تائين منهنجي ڪڍ
ڪنهن ڪمزور ڪراڙي جيان تکو تکو هلي رهيو هو ۽ پڇي
رهيو هو ” اياز کي ڇا ٿيو؟ ڪيئن گذاري ويو !...
هيڏي کڻي ايندؤس!؟ پوين سالن ۾ فليٽ جي ٻوساٽيل
ماحول کان تنگ ٿي چيو هئائين ” دل ٿي چوي شڪارپور
جي گهٽين
۾
گهمان، انب کاوان ۽ هاٿي در تي ساميءَ سان گڏجي
چانهه پيان.“
سکر
۾ لهندڙ سج جا مايوس پاڇا ۽ ملول سرد هو، الائي ڇا
ڇا چئي رهي هئي. بابا جتي چاليهه سال گذاريا هئا:
ڪيئن
ڳوٺ ڇڏيندس مان
جنهن وقت سکر آيس، توڏي به ته ايندس(اياز)
ڪراچي... بابا جي جوانيءَ ۽ پڇاڙيءَ وارو شهر، شام
جو 30-6 وڳي ايئرپورٽ تان سڌو پرنس ڪامپليڪس،
ڪلفٽن برج پهتس. سڄي واٽ ڊڄندو آيس، متان بابا کي
دفنائي نه ڇڏيو ويو هجي. هيٺين فلور تي تڏو وڇايو
ويو هيو، بابا جا دوست ۽ سڄڻ مليا. ڀاءُ سليم ڪجهه
منٽ مون کان اڳي لاهور کان پهتو هيو ۽ مٿي گهر
هيو. دل چيو مٿي وڃان، بابا جو منهن ته ڏسان، پر
مان ته ڪڏهن به اندر دل
نه
ويو آهيان!؟.... اڳئين دفعي آمريڪا مان ڪيترن سالن
کان پوءِ موٽندي بابا کي فون ڪيم، ته ملڻ ٿو اچان،
پرنس ڪامپليڪس پهتس، بابا اڪثر هيٺ منهنجو انتظار
ڪندو هيو، کيس هيٺ نه ڏسي مٿي
چوٿين
فلور تي فليٽ جي پهريون ڀيرو در کڙڪايم، بابا پاڻ
ٻاهر آيو هيو، سندس هٿ ۾ ڪي سال اڳ ڪوهه مريءَ مان
آندل مون واري بانس واري لٺ هئي. بابا مون کي ڏاڍي
عاجزيءَ سان چيو ” پٽ معاف ڪجانءِ توکي ته خبر آ.
پاڻ هيٺ ٿا هلون، اهو ٻڌي مان صفا جهري پيو هئس.
پر مون کي ڪابه شڪايت ناهي، ڇو
ته
مون کي خبر
آ ته
بابا ڪيئن
victum
آهي. تڏي تي ويٺل بابا جي هڪ مائٽ ۽ دانشور دوست
سان اهڙو اظهار ڪيم ته، هو مون کي مٿي وٺي هلي ته
مان بابا جو منهن ڏسان. پر هن اهو چئي منهن ڦيري
ڇڏيو ته” الائي بابا ڪيئن چئجي!“
ايتري
۾ سليم هيٺ آيو کيس زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڇڪي
ڀاڪر پاتم، پر ورهين جي افسوسناڪ حجابن جي ڪري کيس
به نه چئي سگهيس.
خير،
ٻئي ڏينهن صبح تائين تڙپي گذاريم، سڄي رات بابا جي
شڪل اکين اڳيان ڦرندي رهي.
ياد
ماضي ”اياز“ ائين آيو
رات
روز حساب جيئن گذري
ڇهين
وڳي سرمد سوڌو مٿي ويس، در کڙڪايم. سليم نڪري آيو،
کيس عرض ڪيوسين، اندر وٺي هليو، بابا جو منهن
ڏٺوسين، جيڪو ٻري رهيو هو ۽ بابا پر سڪون ننڍ پيو
هي. هيٺ لٿاسين ته وڏو ڀاءُ انيس جده کان پهچي چڪو
هيو. بابا کي هيٺ آڻڻ لاءِ ٻڌوسين، مٿي در تي
اسٽريچر ۾ هٿ وڌاسين، لفٽ ۾ پهريون ڀيرو اسان چار
ئي بابا سان گڏ ٿياسين.
جنازي
نماز پڙهي، روئڻ ۽ اوڇنگارون جي وچ ۾ اسٽريچر کي
ايمبولينس ۾ چاڙهيو ويو. سيرانديءَ کان انيس،
پيرانديءَ کان مان ۽ وچ ۾ قاضي منظر حيات جيڪو سڄو
ٿڙڪي رهيو هيو.
ٿورا
ماڻهو، ٿوريون گاڏيون، خاموشيءَ سان قافلو ڀٽ شاهه
روانو ٿيو.
ڪنڌيءَ
ڪيڏي سن، ڪيڏو شور سمونڊ ۾(اياز)
ها
سمنڊ ۾ شور ضرور هوندو، اياز جو وڏو ڀاءُ جو آهي.
جي خاموش به هوندو ته ڏک وچان هوندو، رستن تي هشام
ماڻهن جا هلي رهيا هئا.
جهرمر
جهرمر شهر ۾ ڪيڏو انڌوڪار!
ڄڻ ڪو
زنده لاش آ، ڳڀرو، ٻڍو ٻار
ٻاهر
ٺٺ هزار، ڇڳل ٺڪر هينئڙا (اياز)
ايمبولنس جو سائرن ڄڻ رڙي رهيو هيو.”هوڙي، هوڙي“
اياز جي شاعريءَ جا ماڳ وٿاڻ ڪڍ ڊوڙي رهيا هئا.
الوداع! او ڪراچي ڪامڻي، تنهنجو سهج سڀاءُ
ڏيندي
ڀيک، کڄي وئين، لڌو ڪو نه سماءُ
تنهنجو
موکي گهاءُ، جٽاوا جيئن جيءَ ۾(اياز)
الوداع
او ڪراچي تنهنجو ڪوي وڃي رهيو آهي. يادون زمان و
مڪان کان ماورا...سيريت پسني
(mysticism)
تصوف ...بابا جو اصل فڪر ڪهڙو هو ؟ بابا ڇا
هيو!“؟ هڪ سوچ جو پارکو، جدت پسند، مارڪسوادي،
وجودي ۽ وحدت الوجودي ۽ انهن کان مٿاهون موهن جي
دڙي جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هيو، سندس ڪلام ۽ فڪر
کي ملائي ڏسجي ته تضادن جي ٻڌيءَ تي مشتمل هڪ
جدلياتي ايڪائي ملندي ۽ هڪ ”خيال ڪُل“ ٺهندو، سچل
وارو اهو ” جوئي آهيان سوئي آهيان“ ملندو. جيڪو
لطيف سائين جو ڪراڙ ڍنڍ کي ارپيل پراسرار ۽
باغياڻي ڪلام جي صورت ۾ ڪپ تي تري آيو آهي.
مان ڪير الا! مان ڪير آهيان! ڪنهنجو ڀلائي ڀير
آهيان.
آيو
ته ”اياز“ اويرو آ، پوءِ به ساٿ نڀائڻو ٿي.
ايمبولينس کي لوڏا اچي رهيا هئا ۽ اسان بابا جي
خاڪي جسم کي هٿ ڏئي سنڀالي رهيا هئاسين. سندس
ڄنگهن تي هٿ رکندي سگهه محسوس ٿيم، هو ته پاڻ
مسيحا هيو، هن کي ڪير اٿاريندو؟ مان ته پاڻ لازارس
(جنهن کي عيسى زنده ڪيو هيو)آهيان!
سامهون سنڌ يونيورسٽي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي، ٽول پلازه
تي ڪجهه گاڏيون بيٺيون هيون ۽ ماڻهو روڊ جهليو
بيٺا هئا. اياز جو پراڻو دوست مدد علي سنڌي،
مستانه وار ايمبولينس تي گل اڇلائي رهيو هو. مان
ڪنڌ جهڪائي ويٺو هئس. اوچتو ڪو هانو ڦاڙ رڙي ڪري
ٿو “شيخ اياز .... سنڌ جو آواز.... شيخ اياز کي
سرخ سلام.... ڳاءِ انقلاب... ڳاءِ انقلاب....“ ۽
هن کي نڙي پئجي وڃي ٿي. سندس رڙ ۾ جا لرزش هئي،
تنهن منهنجي سڪل اکين ۾ ڳوڙهن جو سمنڊ اٿلائي
ڇڏيو، هاڻي هي آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.
انقلاب مري چڪو آ ۽ ڪامريڊ لينن چواڻي ته پوءِ
ايمبولينس جو ڪم به اسان ڏينداسين.
جي مان مري وڃان،ته تون ايڏو نه روئجانءِ!
لاڙي ٻه چار لڙڪ ر ئُي هار پوئجانءِ! (اياز)
قافلو هلي ٿو، سنڌ يونيورسٽيءَ کي باءِ پاس ڪندي،
پر ڄامشوري جي هوا ڪنهن چرئي وانگيان تيزيءَ سان
آئي ۽ اياز کي حيرانيءَ مان ڏسي هلي وئي. سنڌ
يونيورسٽي جتي بابا وائيس چانسلر رهيو ۽ مان هڪ
شاگرد طور هاسٽل ۾ رهيم، اهو نفرتن ۽ محبتن جو دور
ڏٺو. بابا کي اهڙي عهدي سنڀالڻ لاءِ مون روڪيو هيو
پر بابا کي ٽئگور ۽ شانتي نڪيتن کان وڌيڪ خدمت جو
خواب هيو. سنڌ جا جهانگيئڙا، ماروئڙا ماڻهو اجرڪ ۽
پٽڪا نظر اچڻ لڳا. ننڍا وڏا حيرانيءَ سان ڏسي
رهيا هئا. ته هي ڪير وڃي رهيو آهي. اسان جي اڳيان
گاڏيءَ تي لائوڊ اسپيڪر تي، ڪجهه مسلسل چئي رهيو
هيو، جيڪو اندر اسان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو.
ڀٽ
شاهه اچي ويو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، مان نوجوان، اجڙيل
ڏکوئل چهرا، نعرا ۽ جوش! درگاهه تي نماز پڙهي،
پنهنجي ڪوي کي ڪلها ڏيندا ماڻهو هلندا رهيا، ڀاڪر
پائيندا روئندا رهيا. هي سڀ اياز جا صدين جا سوال
هئا، ان جا خواب ۽ جواب هئا، هن جا عاشق هئا. اياز
جيڪو عالمِ انسان جو ورثو هيو. هنن جو لازوال حصو
هيو.
زمين کوٽي پئي هئي. بابا جو منهن ماڻهن کي ڏيکاريو
ويو، هن جا ديسي سڏڪا ڀري روئي رهيا هئا، هو ڪيڏو
نه سڀني جو هيو. ان لاءِ ڪيئي ڳائي رهيا هئا. بابا
جو ٻيجل بيدل مسرور ڳائي رهيو هو. ” سنڌ ديس جي
ڌرتي، توتي پنهنجو سيس نوايان...“ بابا کي لحد ۾
لاٿو ويو. تاج جويو مٽي ڍوئڻ لڳو، ڪوڏر هلائڻ لڳو.
ڪيڏي عقيدت ۽ عشق مان هن جي اندر ۾ ڪو اڻ ٿڪ ٿري
اياز جو ٿاڪ ٺاهي رهيو هو. منهنجو جهڪيل ڪنڌ اهو
سڀ جهٽي نٿي سگهيو، ڪنڌ ڦيرائي ڏٺم، پريان وڻ
هيٺان ڪي سنڌ جون نياڻيون اٻاڻڪيون ويٺيون هيون.
هي سڀ اياز جا ديوانه هئا، هنن جو اياز تي حق آهي.
ايترو جيترو اياز هنن لاءِ لکيو ۽ توڙي جو پاڻ
لاءِ لکيائين، تنهن ۾ به هنن شايد پناهه ورتي.
مون ۾ ۽ هنن ۾ ايترو فرق آهي جو مان بابا جي آڱر
وٺي هليو هوندس. |