۽
هاڻ شيخ اياز به ويو
زاهده حنا
ڪراچي ڪجهه ڏينهن کان سوڳوارن جو شهر بڻجي ويو
آهي.هن شهر ڪڏهن ڪڏهن ته 21 جنازا به گڏ کنيا آهن.
هاڻي ڪجهه ڏينهن کان ڪنهن حد تائين امن آهي،پر
موڪلائيندڙ ڊسمبر ڪراچي جا 3 اهم نالا اسان کان
کسي ويو.شهر جي علمي ۽ ادبي دنيا انهن ٽن جدائين
جي ڏک ۾ ٻڏل آهي.پهريون صدمو شهزاد منظر جو
هو،پوءِ ڊاڪٽر درشهوار سيد وئي ۽ هاڻي شيخ اياز
به اسان کان وڇڙي چڪو آهي. شهزاد منظر اردو جو هڪ
نهايت محنتي اديب ۽ نقاد هو،قلم جو هڪ محنتي
مزدور.....هن پنهنجي زندگي ڪلڪتي،ڍاڪا ۽ ڪراچي ۾
گذاري ۽ پنهنجي ڪم سان پنهنجو مقام بڻايو.اردو هن
جي مادري زبان هئي.پر گجراتي ڳالهائيندڙ سهزاد
محبت سان انهيءَ ٻوليءَ کي اختيار ڪيو،جو اردو جو
جديد ادبي منظر نامو سندس ذڪر بغير ناممڪن لڳي
ٿو.شهزاد منظر ڪراچيءَ جي ادبي دنيا جو هڪ اهم
نالو هو. زندگي جي آخري سالن ۾ هن سنڌ جي نسلي
مسئلن تي ڪم ڪيو هو. سندس اها ادا مون کي هميشه
ياد رهندي. 80ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن هن جي دوستن هن
لاءِ هڪ شاندار محفل سجائي ته شهزاد منظر جي چوڻ
تي ان جلسي ۾ شهزاد جي ذات يا ان جي فن تي ڳالهائڻ
بدران اردو افساني تي ڳالهايو ويو. هو ان رونق ڀري
۽ پرهجوم محفل جو گهوٽ هو پر ان ۾ به هن اسان سان
گڏ اسٽيج تي ويهڻ قبول نه ڪيو ۽ هڪ ٻڌندڙ طور شريڪ
ٿيو هو اسان کي سڄي عمر ياد رهندو.
سنڌ
مدرسته اسلام جي ٽن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿيڻ ۽ ”قيام پاڪستان ۾ سنڌي عورتن جو ڪردار“
جي موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ دعوت
ڏني ويئي ۽ مون ڪجهه اڳواٽ مصروفيتن ڪري ان شرڪت
کان لاچاري ڏيکاري. ان وقت انور ابڙي مون کي
ڳالهائڻ جي دعوت ڏيڻ سان گڏ ٻين انهن عورتن جا به
نالا ٻڌايا، جن کي ان سيمينار ۾ پنهنجا مقالا
پڙهڻا هئا. ڊاڪٽر درشهوار جو نالو انهن ۾ شامل نه
هو. مون کي ان ڳالهه تي حيرت به ٿي ته هن کي مقالو
پڙهڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو. ان وقت مون کي خبر نه
هئي ته هوءَ جيڪڏهن ادبي محفلن ۾ شريڪ نه ٿي رهي
آهي ته ان جو سبب ان جي تيزيءَ سان ڪرندڙ صحت آهي
۽ پوءِ آخرڪار درشهوار جي لاڏاڻي جي خبر آئي.
ڊاڪٽر درشهوار، سائين جي ايم سيد جهڙي پيءُ جي
ڌيءَ هئي ۽ پاڻ به وڏي عالم ۽ فاضل هئي. هوءَ انهن
سنڌي عورتن مان هئي. جن جو نالو ۽ ڪم سنڌ جي تاريخ
۾ امر رهندو. هوءَ پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن
1984ع ۾ غير ملڪي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي.
شاهه لطيف جي شاعري ۾ زنانن ڪردارن جي اهميت جي
باري ۾ جيڪو هن لکيو، اهو شاهه جي شاعري جي هڪ اهم
پاسي جو مطالعو هو. کيس ڊاڪٽر اين ميري شمل جي
شاگردياڻي جو اعزاز پڻ حاصل هو، شايد اهو ئي سبب
آهي جو هن جي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري ۽ فڪر“ ۾
ڪيترائي حوالا ڊاڪٽر شمل جا ملن ٿا. ڊاڪٽر درشهوار
سنڌ جي علمي ۽ ادبي خزاني جو هڪ ناياب موتي هئي.
هن جو موت جي اونداهي ۾ گم ٿيڻ سنڌ جو هڪ تمام وڏو
نقصان آهي.
سنڌي ادبي سنگت جي باني سيڪريٽري،عالم ۽ نفاد
پروفيسر اياز قادري جي موت جو صدمو به اڃا گهٽ نه
ٿيو ته جديد سنڌي ادب جو سڀ کان وڏو ٿنڀ ڪري پيو.
شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز سنڌي ادب جو ٻيو سڀ
کان وڏو نالو هو. هن اڌ صديءَ تائين ادب جي خدمت
ڪئي. ان اڌ صديءَ دوران اڪيلي شيخ اياز جيترو ڪم
ڪيو، ايترو ڪم سنڌ جا سوين اديب گڏجي به نه ڪري
سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز کي پنهنجي
زندگيءَ ۾ جيڪا عزت، شهرت ۽ محبت ملي، اها سنڌ جي
ڪنهن ٻئي اديب جي حصي ۾ نه آئي. هو گذريل ڪيترن
ئي سالن کان سخت بيمار هو ۽ بيماري دوران به هن
جنون وانگر ڪم ڪيو ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا.
ساهه جي ڏور ٽٽڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين سندن
اکين جو رشتو ڇپيل صفحن ۽ هن جي آڱرين جو رشتو قلم
کان نه ٽٽو هو. هو آخري ڏينهن به لکندو رهيو ۽
جڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيو ته کيس صرف ان ڳالهه جو ڏک
هو ته اڃا ڪيترائي ڪتاب اڻپورا آهن ۽ موت دروازي
تي بيٺو آهي. شيخ اياز سان گذريل 22 ورهين کان
واقفيت هئي. ساڻس پهرين ملاقات حسن حميدي ڪرائي
هئي. سکر ۾ ٿيل اها پهرين ملاقات ڪيترن ئي ملاقاتن
جو سبب بڻي. رام لال هندستان کان آيو ۽ منهنجي گهر
مهمان ٿيو ته شيخ اياز ان محفل ۾ خاص طور تي شريڪ
ٿيو. سنڌ ۾ نفرتن جو زهر پکيڙيو ويو ته ان جي ٽوڙ
ڳولڻ لاءِ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. ڪڏهن ڪنهن
نيم ادبي يا نيم سياسي محفل ۾، ڪڏهن منهنجي گهر
تي، ته ڪڏهن گورنرهائوس جي انهن گڏجاڻين جي
سربراهي، ڪڏهن ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪئي
۽ ڪڏهن ان وقت جي گورنر فخر الدين جي ابراهيم ڪئي.
هو جتي به مليو، محبت ۽ مروت سان مليو. جڏهن به
ڳالهايو ته اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ڳالهايو. هڪ اهڙي
پيءُ جو پٽ هو جنهن جي گهر ۾ ”نگار“، ”همايون“،
”ادبي دنيا“، ”عالمگير“، ۽ ”نيرنگ خيال“ جهڙا علمي
۽ ادبي رسالا پڙهيا ويندا هئا. هڪ اهڙو پيءُ جيڪو
اردو ادب جا ڪتاب خريد ڪرڻ حيدرآباد دکن تائين
ويندو هو. جيڪو اوندهه ٿيڻ مهل ديوان حافظ جي قرات
ڪندو هو، ۽ انهيءَ جو ئي پٽ شيخ اياز ٿي سگهيو ٿي.
جنهن 10 ورهين جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 74
سالن جي عمر کي پهچي آخري ساهه تائين به شعر چوندو
رهيو.
شيخ اياز کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ”شاهه جو
رسالو“ جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو. هن اردو ترجمي
جي مقدمي ۾ اردو، فارسي، سنسڪرٽ ۽ هندي شاعري جي
باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون آهن، جن فلسفيانا نقطن
تي بحث ڪيو آهي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته سندس
تنقيد ۽ فلسفي سان ڪيترو گهاٽو واسطو هو. سنڌ جي
مخصوص سياسي صورتحال شيخ اياز کي سنڌي زبان جو سڀ
کان وڏو مزاحمتي شاعر بڻائي ڇڏيو. هن جا گيت
انقلابي گيتن وانگر ڳايا ويا. هو جيل به ويو،
وائيس چانسلر به ٿيو، سنڌ جي نوجوان نسل جو هيرو
به بڻيو. هن سان محبت به ڪئي ويئي ته ان سان گڏوگڏ
ساڻس ساڙ به ڪيو ويو، هن سان اختلاف به ڪيو ويو.
سنڌي جي مشهور اديب بدر ابڙي جيڪڏهن اهو چيو ته
ڪجهه غلط نه چيو ته ”ڪجهه دانشورن جو اياز سان
جهيڙو هو، ڇو ته اياز جي تخليقن آڏو انهن جو سڪو
نه هلي سگهيو ۽ هن آڏو هو بيهي نٿي سگهيا. انهن
ماڻهن اڳيان وڌڻ لاءِ اياز جي خلاف ڄاڻي واڻي محاذ
بڻايو، اختلاف راءِ جو حق پنهنجي جاءِ تي، پر
اختلاف ڪهڙي ڳالهه تي؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ پيشيوراڻي
ساڙ جو سلسلو تمام ڊگهو آهي. غالب جي زندگي تي نظر
وجهون، مخدوم هاشم ٺٽوي جي همعصر عالمن جي زندگي
ڏسون، منصور حلاج جي زندگي تي غور ڪريون ته هميشه
اهو ئي سلسلو رهيو آهي.“ شيخ اياز انهن اديبن مان
نه هيو، جيڪي ٿوري شهرت ملڻ کانپوءِ ڪتابن جو
مطالعو پنهنجي شان جي گهٽتائي سمجهن ٿا. هو هڪ
نهايت وسيع مطالعي وارو شخص هو. سندس ذاتي ڪتب
خانو ان جي شاهدي ڏئي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ ٻولين جي
نالي تي جيڪا نفرت پکيڙي ويئي، ان جي زهر مان ٻنهي
پاسن جا تمام گهٽ ماڻهو بچي سگهيا. شيخ اياز ٻنهي
پاسن جي انهن ئي چند ماڻهن مان هڪ هو. هي اهو ئي
هو، جنهن هن انتهائي نازڪ مسئلي تي ”يه ميري زبان“
جهڙو نظم لکيو:
”اس
سمت ڀي ميرا گرم لهو،
اس
سمت ڀي ميرا گرم لهو
ڪيون پاني بن ڪر بهتا هي،
تاريخ ڪي خوني سفاڪو،
تم
ڪب تڪ خون بهائو گي،
اور
ڪب تڪ به بسرائو گي،
يه
ميري زبان، يه ان ڪي زبان،
هي
ايڪ هي لوري دونون ڪي مان،
شيخ
اياز 93 ۽ 94ع ۾ روزانه”برسات“ جو چيف ايڊيٽر
رهيو. ان زماني ۾ هن اُهي ايڊيٽوريل لکيا، جن جو
سنڌي ادب، دانشور ۽ عام پڙهندڙ بيچيني سان انتظار
ڪندو هو. اهي ايڊيٽوريل سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ
سرمايو آهن. ڪنهن به اخبار ۾ اهڙا ايڊيٽوريل نه اڳ
ڪڏهن لکيا ويا هئا ۽ نه آئينده ڪڏهن لکيا ويندا ۽
هاڻ ته ڪو ٻيو اياز به نه ايندو. جيڪو قرض منصور
کي ادا ڪري. سنڌ واقعي ئي غريب ٿي ويئي آهي.
(اردو مان ترجمو)
اياز
جي
موت تي پنجاب روئي ٿو
شفقت تنوير مرزا
ناز
سهتو
شفقت تنوير مرزا نه رڳو پنجابي علم ادب، ثقافت جو
ڄاڻو آهي
آهي
پر هو پاڪستان جي مختلف خطن ۽ ماڻهن جي ثقافت،
ٻولي ۽ ادب بابت تقابلي علم رکندڙ ليکڪ آهي. هو
همعصر
انگريزي اخبار”ڊان“ ۾ انهن ئي موضوعن تي لڳاتار
لکندو
رهندو آهي. سندس هي ليک 31 ڊسمبر 97ع واري ڊان جي
اشاعت ۾ شامل آهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ ترجمي جي
صورت
۾
پيش ڪجي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جو زنده عظيم شاعر شيخ اياز،شايد سنڌ
جو اڪيلو ستارو هيو، جيڪو ٻين علاقائي ۽ اردو
زبانن سان ويجها تعلقات چاهيندو هيو، جيئن اهي هڪ
ٻئي جي ويجهو اچن ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو عرصو اڳ شيخ اياز
سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ هڪ ئي وقت شاعري لکڻ شروع
ڪئي هئي. هو پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به ڪيترن ئي
سالن تائين اردوءَ ۾ شاعري لکندو رهيو ۽ اها ڪا
ننڍي ڪاميابي نه هئي. هن اردوءَ ۾ لکيل شاعري جا
ٻه مجموعا بوءِ گل نالئهءِ- دل ۽ نيل ڪٺ اور نيم
ڪي پتي آهن. سندن اردو زبان ۾ ڪيل پهريون شاهڪار
ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان اردوءَ
۾ ترجمو ڪرڻ هيو. 1940ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾
شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ جڏهن قانون جو شاگرد هيو، تڏهن
سنڌ ۾ ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم” انجمن ترقي پسند
مصنفين“ قائم ٿي. شيخ اياز ان ۾ وڏي دلچسپي ورتي.
اياز سوشلسٽ خيالن کان ڪافي متاثر ٿيو هيو، جيڪي
يورپي ڪالونيلزم جي مزاحمت طور ۽ آزادي جي تحريڪن
جي صورت ۾ اڳيان آيا هيا. اهوساڳيو دور ئي آهي،
جنهن جي شروعات اقبال مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا
ظفر علي خان جهڙا مسلمان به سوويت يونين ۾ سوشلسٽ
تبديلي جي حق ۾ هيا. آزادي جي نوجوان ويڙهاڪن ۾
اشفاق الله خان( ڪئو ڪوري سازش ڪيس) ۽ ڀڳت سنگهه
(لاهور سازش ڪيس) تمام گهڻو مقبول هيا. جليانوالا
باغ سانحي ۽ آزاديءَ جي مجاهدن جي تحريڪن ٻئي نسل
کي به اُتساهيو، جن ۾ سنڌ مان شيخ اياز به شامل
هيو.
شيخ
اياز،فيض، قاسمي، ساحر، مجاز، امرتا پريتم ۽ علي
سردار جعفري جو جونيئر همعصر هيو ۽ جيستائين هڪ
شاعر جي سماجي ذميوارين جو تعلق آهي، اياز پنهنجن
انهن همعصرن جي اثر هيٺ هيو، جيتوڻيڪ سنڌي غزل کي
اياز متعارف نه ڪرايو هيو،پر سندس همعصر عبدالرزاق
مطابق اياز غزل کي نئين اسلوب ۽ موسيقيت سان
مالامال ڪري ڇڏيو آهي. جيئن اقبال، مولانا ظفر علي
خان ۽ حسرت موهانيءَ سان لقاءُ هيو، بلڪل ائين ئي
اياز به پنجاب ۾ هليل آزاديءَ جي تحريڪ بابت
شاعري لکي. ان حوالي سان ڊگهي نظم ۾ اياز، انهن
نوجوانن جي جدوجهد کي واکاڻيو آهي، جن کي برطانوي
راڄ ۽ ڪانگريس غدار قرار ڏيئي رهيا هيا. ان نظم ۾
هڪ ڊائيلاگ آهي،
”جهٽ پٽ جو ڦانسي دا جهٽڪا
ڀن
ديندا، بندي دا منڪا،
ڪيه
تيري ڀينٽ اجائي اي؟
تون
جيهڙي ڊنگ لگائي اي
کائي مچ اوسي چون مچنا اي
اوه
ديهنه اخيري چڙهنا اي
بنده ڪيه کٽي هور کٽي
بهه
ڪر مان دي رسي وٽي
کائي اس وچ ڇڪ ڇپائي اي
ايهه تيري ڀينٽ سجائي اي.
هي
نظم، شيخ اياز جي چونڊ شاعري جي پنجابي ترجمي واري
مجموعي ”جو ٻيجل ني آکيا“۾ شامل آهي،جيڪو احمد
سليم ان وقت ترجمو ڪيو،جڏهن شيخ اياز چانسلر
هيو.اياز چاهيو پئي ته سندس شاعري جو اردو يا
پنجابي ترجمو فهميده رياض ڪري پر احمد سليم پنجابي
ترجمي وارو ڪم ڪيو هيو.(جڏهن ته فهميده رياض،شيخ
اياز جي شاعري جو هڪ مجموعو ”حلقه ميري زنجير ڪا“
جي عنوان سان اردو ۾ ترجمو ڪيو.۽ اهي ڪتاب
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ وارن شايع ڪرايا.ان مان
ظاهر ٿئي ٿو ته شيخ اياز، مختلف ثقافتي ۽ لساني
گروهن وچ ۾ بهتر ناتا قائم ڪرائڻ ۾ گهري دلچسپي
رکندڙ هيو.ٻولين جي مختلف انگن ۾ سندس دلچسپي کيس
ان نقطي تي آندو ته سنڌي ۽ پنجابي هڪ زماني ۾ سنڌو
ماٿريءَ جي هڪ ئي ٻوليءَ جو حصو هيون،هن سنڌ جي
انهن لوڪ داستانن جي نئين سر تشريح ڪئي،جيڪي شاهه
لطيف ۽ سچل سرمست جهڙن سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن کي بيحد
پسند هيون.انهن ڪهاڻين ۾ پنجاب جون ڪهاڻيون هير
رانجها ۽ سوهڻي ميهار آف ماهينوال شامل آهن.(ياد
رهي ته پنجاب جي دعويٰ آهي ته سهڻي واري ڪهاڻي
پنجاب ۾ ٿي هئي.ترجمي نگار)
شيخ
اياز جو به ٻين ترقي پسند ليکڪن وانگر اهو ويساهه
هيو ته غريب ماڻهو جو سيٺين ۽ وڏيرن هٿان،ايستائين
استحصال ختم نه ٿيندو جيستائين غير طبقاتي سماج
قائم نه ٿو ٿئي.اهو ئي خيال سندس ڪهاڻين جو مرڪزي
خيال هيو،انهن ڪهاڻين ۾ ”چار ايڪڙ زمين“۽ نظم
”ڳڀرو پٽ ڇو ٽڪرا ٽڪرا ٿيو“ شامل آهن.
شيخ
اياز جيتوڻيڪ زندگي ۾ ڪنهن به سياسي پارٽ سان ڪڏهن
به واڳيل نه رهيو،پر هنجي خيالن کي ڪڏهن به حڪمران
طبقن پسند نه ڪيو.هو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ شامل
هيو،ان ڪري کيس قيد ڪيو ويو ته هن جيل ۾ ڪيترائي
نظم لکيا،جيڪي فوجي راڄ جي خلاف هيا.انهن نظمن ۾
سڌو سنئون فيض احمد فيض جا نقش نظر اچن ٿا.شيخ
اياز جو هڪ نظم، پڙهي پڙهندڙن کي فيض جو جيل ۾
لکيل اهو نظم ياد اچي ٿو،جنهن ۾ فيض چوي ٿو:
چاند ڪو گل ڪرائين تو هم جانين
جڏهن ته شيخ اياز ”جيل وچ بليڪ آئوٽ“(پنجابي
ترجمو) ۾ لکي ٿو:
بمباري دي ڊر تون بجلي
روز
بجها دتي جاندي اي
چوڌوين دا پر چن کڙيا اي
رات
تي نهين ايهه دن لگدا اي
اوهنون نهين ٻجهاندا ڪوئي
اونهون ڪون بجها سڪدا اي؟
(پنجابي ترجمو:احمد سليم)
شيخ
اياز جي موت کان پوءِ سڄو پاڪستان هڪ عظيم علمي
شخصيت کان ۽ پنجاب، سنڌ ۾ موجود، سندس هڪ ان عظيم
همدرد کان محروم ٿي ويو،جنهن ٻنهي صوبن جي ادب ۽
ثقافت جي رشتن کي ڄاتو سڃاتو ٿي.
واپسي-ابديت ڏانهن
آصف
فرخي
مراد علي مرزا
اُن
ڏينهن ته ڪو به مري سگهيو ٿي.پارو اڳواٽ ئي ڪري
پيو هو.(سيءُ اڳواٽ ئي وڌي ويو هو)ڌنڌ جي ڪري شيون
لڙاٽجي ويون هيون ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوهيڙي جي ڪري هوائي
جهازن جي اُڏامن ۾ دير پئي ٿي.لڳو ٿي ته مسافر
ماندا هئا ۽ هوائي اڏن تي مايوسي پکڙجي وئي هئي.
منهنجي گهر جي دريءَ مان سج لڙاٽ م ورتل ٿي
ڏٺو.آسمان تي ڪڪرن جي ڪارونڀار هئي ۽ شهر جي ڪنهن
جصي تي ڪڻيون وسيون هيون.هر پاسي ۽ هر شيءِ تي
اداسي ۽ مايوسي پکڙيل هئي.’هنڌ مان ٻاهر نڪرڻ جهڙو
ڏينهن ئي ڪونهي،مون سوچيو،‘
آچر
جو ڏينهن هو.ٿڪائيندڙ هفتي جو آخري ڏينهن،جڏهن
جيڪڏهن دل چوي ها ته آئون ڪي به نه ڪريان ها.مون
ٽيليويزن جو بٽڻ کوليو،پر جلد ئي اهو بند ڪري
ڇڏيو،جو اهو اجايو لڳم.وري اڻ پڙهيل ڪتابن جي ڊڳ
ڏانهن هٿ وڌايم، جيڪي منهنجي خوشي ۽ لطف جو ڳجهو
ذريعو هوندا آهن ۽ جيڪو آئون پنهنجي هنڌ ويجهو
رکندو آهيان.سو اهو ويچاري مون ان ڍڳ مان هڪ ڪتاب
کنيو،اهو ڪيترائي ڀيرا هٿ ۾ کنيل ۽ صفحن جون ڪنڊو
وريل ڪتاب ڊبليو.ايڇ آڊين جي نظمن جو هو،جيڪي محبت
جي موضوع تي هئا:”پيار جي باري ۾ سچ ٻڌاءِ مون کي
“ مون اهو سنهڙو ڪتاب وچ مان کوليو ۽ مون کي جيڪو
پهريون نظم ڏسڻ ۾ آيو،اهو پڙهڻ لڳس:نيٺ ڳجهه ظاهر
ٿي ويو؟“ پر پوءِ مون اهو نه پڙهيو.ايڊس جي
بيماريءَ واري دنيا ۾ پڙهڻ لاءِ اهو عمدو نظم نه
هو. مون ٽي چار صفحا هڪدم اٿلايا ۽ اهو نظم ڏٺو
جيڪو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي.اهو جنهن جو عنوان آهي
ڏکارو دفن(چار شاديون ۽ هڪ دفن نالي فلم ۾، دل
ڏاريندڙ انداز ۾ پڙهيل) مون ان جون ٻه ٽي سٽون
پڙهيون ۽ پوءِ وهم جي ڪري بند ڪري ڇڏيم.ڊسمبر جي
جنوري جي مهينن ۾ موت جي وٺ پڪڙ هميشه گهڻي ٿي
ويندي آهي، جو شايد مٿي وارو حساب ڪتاب بند ڪرڻ
گهرندو آهي. مون وري ديوان غالب جو هڪ نئون ڇپيل
ڇاپو کنيو،جيڪو ٻه ڏينهن اڳ ان شاعر جي ڄم جي ٻن
سو سالن واري ورسيءَ جي موقعي تي شايع ٿيو هو.مون
سوچيو هو ته آئون اهو ۽ غالب جي فارسي غزلن جو
نئون ترجمو شيخ اياز کي سوکڙي ڪري ڏيندس،جنهن جي
انعام ۾ غالب جي باري ۾ هن جي زباني بي مثال
ڳالهيون ٻڌندس.ان گهڙيءَ ٽيليفون جي گهنٽي
وڳي،بلڪل ائين جيئن جذباتي فلمن ۽ اردو جي ناولن ۾
ٿيندو آهي.(پر ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي جي تمام گهٽ
ٿڌن ڏينهن تي زندگي اهڙي ئي هجي) اهو آواز منهنجو
ڄاتل سڃاتل هو ۽ خبر اهڙي ڏکاري هئي جهڙو ڪراچي ۾
سياري جو ڏينهن هوندو آهي.شيخ اياز پنهنجي لاڏاڻي
جي لاءِ اهڙي ئي ڏينهن جي چونڊ ڪئي هئي.مون هڪدم
اهو نظم کڻي پڙهڻ شروع ڪيو جيڪو مون اڌ ۾ ڇڏيو هو.
سڀئي گهڙيال بند ڪريو،فون جي تار ٽوڙي ڇڏيو،
ڪتن
کي رسدار هڏا ڏئي انهن جي ڀؤنڪ بند ڪريو،پيانو کي
خاموش رکو ۽ دهل جي گهٽيل وڄت سان،
ڏولي ٻاهر کڻي اچو، ماتامين کي اچڻ ڏيو،
هوائي جهازن کي سرن مٿان ڪنجهندي ڦيرون پائڻ ڏيو،
ڀل
ته اُمان تي اُهي اهو پيغام لکن ته هو مري ويو
آهي،
ڳيرن جي اڇي ڳچين ۾ ڪاريون بو ٻڌي ڇڏيو،
ٽرئفڪ پوليس واري کي ڇڏيو نه ڪارا دستانا پائي.
نه، هو نه منهنجو اتر هو، نه ڏکڻ،نه اوڀر نه
اولهه.نه وري منهنجو ڪم وارو هفتو نه آرام جو
ڏينهن آچر (هينئر آئون ڪيئن نه گهران ٿو ٻيءَ طرح
!)پر”مون سمجهيو ته پيار دائمي هوندو:آئون غلط
هوس.“ منهنجو ذهن ايترو ته ساڻو ٿي ويو هو جو ٻي
ڪا به ڳالهه سوچي نه سگهيو. پوءِ آئون شاعر جي گهر
ويس ۽ انهن اديبن سان ئي ويٺس جيڪي اتي اچي گڏ ٿيا
هئا،ڏک ۽پيڙا جي هڪ زوردار لهر مون کي وڪوڙي ويئي:
اياز هليو ويو.آئون ان گلم تي ٿي ويٺس جيڪو موٽر
گاڏين جي بيهڻ واري جاءِ ۾ وڇايل هو،جيڪا ان وڏي
عمارت ۾ آهي جتي شاعر جو گهر هو ۽جتان هو، لاتعداد
ماڻهن کي ايندي ويندي ڏسندو هو.لڳو ٿي ته موت هڪ
عام معلومات آهي.پر موت جي اها بهترين ڪاميابي
هئي.
شيخ
اياز جي هڪ نظم ۾ موت هڪ غضبناڪ شهسوار آهي.اهو
ڏاڙهن جي گونچن لاءِ انتظار ڪرڻ بدران تيزيءَ سان
حملو ڪري ٿو.شعر لاءِ موت اڄاتل نه هو،موت هن جو
دروازو ڪيترائي ڀيرا کڙڪايو هو ۽ هر ڀيري خالي
هٿين ماٽايو ويو هو.شاعره عطيه دائود جي چوڻ مطابق
هن دل جي ڪيترن ئي دورن مان هڪ دوري پوڻ کان پوءِ
هن چيو هو،”هن مقابلي ۾ آئون موت جي فرشتي کان کٽي
ويس،پر هڪڙي ڏينهن آخرڪار هو مون کي دسي ڇڏيندو.“
ان فيصلي واريءَ ويڙهاند ۾ هڪ ٻئي تي غالب ٿيڻ جي
ان احساس يا موت سان ملاکڙي کي سندس آخري ڏينهن ۾
هڪ اڻ ٽر حقيقت سمجهي قبول ڪيو ويو هو.هن ڪيترائي
ڀيرا ويجهي ٿيندڙ ان اُنت جو ذڪر اهڙيءَ طرح ڪيو
هو ڄڻ ته اهو پهچي ويو هو.ڪڏهن ڪڏهن اهو تاثر
ڏيندو هو ته پاڻ موت جي سايي کي پنهنجي ويجهو اچڻ
جي اوسيئڙي ۾ هو ته جيئن هڪ ٻئي شاعراڻي تجربي جو
سواد چکي سگهي، هڪ اهڙي تجربي جو جيڪو ان وقت
تائين هن کان گسي ويو هو.پنهنجي ويهڻ واري ڪمري ۾
سگريٽ کي پنهنجين آڱرين ۾ ڦيرائيندي،جيڪو هو دکائي
نه سگهندو هو،پر پنهنجي شاعري ٻڌائڻ ۾ ان وقت ذهن
۾ ايندڙ ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ وقت هڪ ڊگهي
عادت جي تسڪين خاطر پنهنجين آڱرين ۾ رکڻ گهرندو
هو،هو موت جي موضوع تي ٻه ٽي گفتا چئي ويندو هو.پر
ابدي ننڊ ڪرڻ کان اڳ جيڪي به کيس ڪرڻو هو ان بابت
پڻ کيس ڳڻتي هوندي هئي.”جڏهن موت جو فرشتو منهنجو
دروازو کڙڪائڻ ايندو،تڏهن آئون هن کي چوندس ته
منهنجي تيار ٿيڻ کان اڳ پروفن پڙهڻ ۾ منهنجي مدد
ڪر،“هن مون سان اها ڳالهه اسان جي آخري ملاقات ۾
ڪئي هئي.
موت
کان وڌيڪ هو انهن ڪتابن بابت ڳالهائيندو هو جن جي
ڇپجڻ جي هن کي ڏاڍي خواهش هوندي هئي. زندگي ۽ موت
جون سرحدون اُڪرندي، هو پنهنجي شاعري جي اڻ پوري
ڪم جي ڳالهه ڪندو هو،جيڪو هن جي زندگيءَ جو سهارو
هو ۽ جنهن کي هن ڪڏهن به ڇڏڻ نه گهريو هو.هن تازو
پنهنجي حياتيءَ جي احوال جي ٽئين جلد جا پروف پورا
ڪيا هئا، جيڪو اُنهن ڏينهن بابت هو جڏهن سکر ۾
وڪالت ڪندو هو ۽ چوٿين جلد جو پهريون مسودو لکي
پورو ڪيو هئائين. اهو ڪم شاعريءَ جي نه ختم ٿيندڙ
ان وهڪري کان علاوه هو، جيڪو هن جي اندر ۾
اُڀامندو هو ۽ لفظن جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو هو. ”مون
گذريل ساري رات لکيو آهي،“ هو مون کي هر ڀيري
ٻڌايئندو هو. هو اهو ٻڌائي مرڪندو هو، اهڙي ڌرتيءَ
وانگر جنهن تي ساريءَ رات مينهن وٺو هجي.
هن
۾ شاعريءَ جو امنگ تحرڪ ۾ اچي روشن ٿي چمڪڻ لڳندو
هو. ڪتابن ڇاپڻ وارا ۽ ايڊيٽر هن جي رفتار سان
پڄي نه سگهندا هئا ۽ هو اڪثر ڪري اها شڪايت ڪندو
هو، معلوم ٿئي ٿو ته هن کي محسوس ٿيندو هو ته وقت
نڪرندو پيو وڃي ۽ ان ڪري ئي هو ڪڏهن ڪڏهن مون سان
به ناراض ٿي ويندو هو. هن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي
ترجمن ۾ ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي، جن لاءِ گذريل ٽن
ورهين کان مون ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ جن ۾ هن جا به
ڪيترائي نظم شامل آهن. هن جي خواهش هئي ته ترجمن
جو اهو ڪتاب ڇپجي وڃي ۽ هن جو مهاڳ لکڻ لاءِ به
واعدو ڪيو هو ته جيئن اهو ڪتاب ناشرن لاءِ وڌيڪ
اهميت وارو ٿئي.
جيڪڏهن اهو ڪتاب شايع ٿئي ته به اهڙو ڪتاب منهنجي
لاءِ اڻ پورو هوندو. هن سان فون تي آخري ڀيرو
ڳالهه ٻولهه ۾ هن مون کي هڪ ناول جي باري ۾ ٻڌايو
جيڪو هن ڪنهن وقت شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ تي
لکڻ شروع ڪيو هو، پر ٻن بابن کان پوءِ لکڻ ڇڏي
ڏنو. ” تون هڪ اڻ پوري ناول ۾ دلچسپي ڇو ٿو وٺين؟“
هن پڇيو هو. پر پوءِ ان جي ڪن حصن جي اردو ۾
ترجمي لاءِ هائوڪار ڪئي هئائين. هن اهو خيال به
پسند ڪيو هو ته سندس آتم ڪهاڻي جي ڪتابن مان چونڊ
هڪ جلد ۾ ڪجي، هن جي افسانن کي پڻ گڏ ڪري شائع
ڪرڻ جو ارادو هو.“ منهنجي آتم ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ
ڏهن جلدن ۾ هوندي.“ هن ٻڌايو هو. ان ۾ واقعن جو
سلسلو تاريخوار ڪونهي، پر جيئن جيئن ڪا ڳالهه ياد
اچي ٿي ته مان اها لکندو وڃان ٿو.“ پنهنجي حياتيءَ
جي آخري ڏينهن تائين هو ڪتابن ۽ ادبي تصورات سان
ڀرپور هو ۽ هو ان وقت مري ويو جڏهن هو ڪي به نه
لکي سگهيو هو. دل جو ڏيئو گل ٿي ويو، ڊاڪٽرن اعلان
ڪيو.
شاعري، ان عظيم تخليقڪار جي حياتيءَ جو جياپو هئي،
آئون پنهنجي ذاتي نقصان تي ماتم ڪريان ٿو، پر جيڪا
زندگيءَ سان ڀرپور شاعري شيخ اياز ورثي ۾ ڏئي ويو
آهي ان تي ماتم نه پر ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي.
سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي، پاڪستان جي ڪنهن به ٻوليءَ
۾ شيخ اياز جهڙو عظيم شاعر موجود ڪونهي. منهنجي
لاءِ هو هڪ ثقافتي هيرو هو، هن جي شاعري ٽن واضح
روايتن جو سنگم هئي. هو ٿري گيتن ۽ لوڪ شاعريءَ جو
ماهر ڄاڻو هو ۽ ساڳئي وقت مغرب جي شعري روايتن کان
به واقف هو، جو هن ٽي. ايس. ايليٽ، پابلو نيرودا،
۽ لورڪا کي به پڙهيو هو. هن فارسي ۽ اردو ڪلاسيڪي
شاعرن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو ۽ غالب کي پنهنجي
هم خيال ڪري سمجهندو هو. (موت هڪ ڀيرو وري هن کي
غالب سان سلهاڙي ڇڏيو جو سندن ورسيون گڏ ٿينديون.)
انهن ٽنهي روايتن گڏجي شيخ اياز جي شاعريءَ کي هڪ
بي مثال خوبي عطا ڪئي آهي ۽ ان خوبيءَ جي ڪري ئي
سنڌي ادب جي ويهين صدي شيخ اياز جي صدي سمجهي
ويندي. هو پنهنجي ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان بيٺو هو
۽ اعتزاز احسن جي ”سنڌو جو ماڻهو“ جيان هن کي
پنهنجي نقلي سڃاڻپ لاءِ رستو ٺاهڻو نه پيو هو.
اسان جي ثقافت جي حالت ڪا لڪل ڪانهي. اهو سوچڻ
ڏاڍو مشڪل آهي ته هاڻي ڪو ٻيو شاعر اُٿندو جنهن
کي هن- فارسي روايت ۾ ايتري مهارت ۽ رواني حاصل
هوندي. اردو شاعرن ۾ به ڪلاسيڪي ادب جي ايتري
مهارت ۽ رواني حاصل هوندي. اردو شاعرن ۾ به
ڪلاسيڪي ادب جي اهڙي قسم جي اهليت ۽ بصيرت رکندڙ
شاعر نه ملندو جهڙي شيخ اياز وٽ هئي. هو هڪ غير
معمولي ذهانت جو مالڪ هو جنهن جي ٻولين، روايتن ۽
زمانن تي گرفت مضبوط هئي. اسان وٽ تنگ نظر، متعصب
۽ ڄامڙا شاعر عام آهن. اياز جي وڃڻ سان ذهانت ۽
بصيرت جو روشن دور ختم ٿي ويو.
هن
جو خيال ڪندي مون ۾ سمنڊ جي تمنا جاڳي اُٿي، آئون
اٿي ڪلفٽن جي سامونڊي ڪناري تي پسار ڪرڻ ويس.
سمنڊ ٿڌو هو جيڪو پري کان چلڪي رهيو هو۽ ان جي
لهرين جو تال ايترو ته پرجوش ۽ دائمي هو جيتري شيخ
اياز جي شاعري هئي. ’ ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون‘ هن
جي هڪ مجموعي جو عنوان هو، جيڪو هن جي عاليشان
فنڪاريءَ جو بهترين مثال آهي. سامونڊي ڪناري تي
ذري گهٽ سُڃ هئي. افق تي سج ٽٻي هڻن وارو هو.
ڪناري تي آئسٽر ٽڪريءَ جي سامهون مون گهريو هو ته
گوڏن ڀر جهُڪي دنيا وارن کي ٻڌايان ته: هو هليو
ويو آهي! هو اسان کي ڇڏي ابديت ڏانهن ويو آهي جتي
جو هو آهي. شيخ اياز علم جي دنيا جو بي تاج
بادشاهه هو. هو جنهن خراج جي لائق آهي اهو بادشاهه
کي ئي سونهين ٿو. شيخ اياز مري ويو آهي. شيخ اياز
پائنده باد- پر مون اهو نه چيو، آئون ويهي رهيس ۽
سمنڊ ويجهو واريءَ تي مون هن لاءِ الوداع ۽ آخري
سلام لکيو.
(انگريزي مان ترجمو ٿيل)
اياز کي غدار سمجهندڙ پنجاب جو
نسل، سنڌ جي درد کان اڻواقف آهي؟
قاضي جاويد
29- ڊسمبر تي جڏهن ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جي روضي جي ڀر ۾ چوهتر ورهين جي شيخ اياز جو مڙهه
قبر ۾ لاٿو پئي ويو ته سوين ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي
روئي رهيا هئا. انهن ۾ شاعر، اديب، دانشور، صحافي،
استاد، شاگرد، فنڪار ۽ سياسي ڪارڪن شامل هئا ۽
ڪيتيرائي ڳوٺاڻا پڻ ماتم ۾ شريڪ هئا. محبت ۽
عقيدت جو اهو اظهار پاڪستان جي ڪنهن ٻئي شاعر کي
نصيب نه ٿيو. شيخ اياز کي اهو اعزاز صرف واپسي
مهل ئي حاصل نه ٿيو، پر زندگي ۾ به سندس اهڙو ئي
قدر ڪيو ويندو هو. ان احترام جي هڪ جهلڪ مون پاڻ
ڏٺي هئي. ڪيترا ورهيه اڳ سنڌي ثقافت تي ٿيل هڪ
سيمينار ۾ شرڪت لاءِ سکر ۽ خيرپور ويو هئس، اتي
ڳالهين دوران منهنجي ميزبان ۽ سنڌ جي دانشور ڊاڪٽر
تنويز عباسي ٻڌايو هو ته روزانو ڪيترائي ماڻهو شيخ
اياز جي حويلي ٻاهران جمع ٿيندا آهن. جن جو مقصد
شيخ جو ڪلام ٻڌڻ هوندو آهي. مون اها ڳالهه هڪ شاعر
لاءِ ٻڌي هئي، ان لاءِ مون کي اها ڳالهه مبالغو
لڳي. شام جو آءُ شيخ صاحب جي گهٽي ۾ پهچي ويس،
اتي واقعي سٺ ستر ماڻهو جمع هئا، انهن ۾ اڪثريت
ڳوٺاڻن جي هئي. اهي ڏورانهن علائقن مان ڪهي آيا
هئا. گهٽي جي هڪ دڪاندار سان ڪچهري ڪرڻ لڳس. کائنس
اهو پڇيم ته ماڻهو هتي ڇا ڪري رهيا آهن؟ هن جواب
ڏنو ته روزانو ميڙو متل هوندو آهي ماڻهو سائين جو
ڪلام ٻڌڻ ٿا اچن. |